هڪ ڏينهن سيد صاحب کي وظيفو ڏنائين، پر ٻئي کي
ٻڌائڻ جي منع ڪيائينس. ڪنهن ڏينهن اوچتو سيد صاحب
اها ڳالهه ظاهر ڪري ويٺو. ان کان پوءِ مسجد ۾ وڃي
ڏسي ته ٺهي ئي نه. اهو ڏسي حيران ۽ پريشان ٿيو.
ڳولهيندي اچي کيس ”ميران يوسف“ جي دائري ۾ ويٺل
ڏٺائين. هو سندس ذوق ۽ شوق کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
روح رهاڻ کان پوءِ کيس مانيون آڻڻ لاءِ چيائين.
سيد صاحب مانيون وٺي جڏهن دائري تي پهتو، ته بزرگ
وڃي چڪو هو. سيد صاحب کي ڏاڍي تشويش ٿي. ڳوليندي
اچي بندر جي شهر (شايد لاهري بندر) جي ڀيڙو ٿيو.
ڇا ڏسي، ته بزرگ ٻيڙيءُ ۾ چڙهي رهيو هو. تڪڙو وڃي
ادب سان مانيون اڳيان رکيائين. هن خوش ٿي کيس دعا
ڪئي، ۽ چيائينس: ”موٽي وڃي پنهنجي عيال جي خدمت
ڪر. اسان حج تي اسهيا آهيون.“ ائين چئي کائنس
موڪلايائين. ٻيڙي رواني ٿي ۽ اکين کان غائب ٿي
ويئي.
اتان ٿي پير پٺي جي زيارت لاءِ ويو، جتي چئن فقيرن
کي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏٺائين. روزي ڇوڙڻ جي وقت، انهن
فقيرن مان هڪ فقير وڃي گدائي ڪري آيو. گدائيءَ
واري کاڌي جا پنج حصا ڪري، چار پاڻ کاڌائون ۽
پنجون شاهه ڪريم کي ڏنائون. بيان العارفين ۾ شاهه
ڪريم جي زباني آيل آهي ته، کاڌي سندس اندر اجاري
ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪ بزرگ کيس لٺ ڏني، جيڪا کڻي
موڪلائي، گهر آيو.
مخدوم نوح جي مريدي
ان کان پوءِ سيد يوسف بکري، مخدوم آدم سميجي ۽
مخدوم نوح جي صحبتن مان فيض پرايائين. خاص طرح سان
مخدوم نوح کان گهڻو فيض ورتائين، ۽ ان جي چوڻ تي
اچي بلڙي وسايائين[1].
ان سلسلي ۾ دليل الذاڪرين ۾ وڌيڪ احوال هن طرح آيو
آهي:
”سيد صاحب فرمايو: جڏهن مون سلوڪ جي واديءَ ۾ قدم
رکيو، تڏهن مون تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي، جو
چوندو هوس، ته اُگهاڙو رهان ۽ گودڙي به لاهي
ڇڏيان، پر جڏهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيس، ته اهو
خيال منهنجي دل مان نڪري ويو، شريعت جي اتباع تي
پختو ٿي ويس.“[2]
”سيد صاحب فرمايو: هڪ ڀيري اسان ٽي ڄڻا جدا جدا هڪ
تمنا دل ۾ رکي حضرت مخدوم نوح جي خدمت ۾ وياسون.
جيئن ئي سندس منهن مبارڪ ڏٺوسون، ته اسان ٽنهي
(شاهه ڪريم، ميرڻ ڪاتيار ۽ هڪ بلوچ) جون تمنائون
پوريون ٿي ويون.“[3]
”دليل الذاڪرين“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته مخدوم نوح
کي باقاعدي مرشد ڪري ورتو هئائين، ۽ سندس عزت ۽
اطاعت تمام گهڻي ڪندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڏينهن
ڪنهن اچي کيس چيو، ته مخدوم صاحب اوهان کي ياد ڪري
رهيو هو. ٻڌڻ سان هر- ڦار وارو ڪارائتو ڏاند الله
جي راهه ۾ ذبح ڪري فرمايائين: ”الحمد لله اِها
ڳالهه ڪيڏي نه شڪر ۽ فخر جي آهي، جو مخدوم صاحب جن
مون کي ياد ڪري رهيا آهن، حالانڪه سندس ڪيفيت اها
آهي، جو ڪڏهن ته پنهنجي فرزندن کي به نه سڃاڻندا
آهن.“[4]
مرشد جي اطاعت بابت هڪ ٻي روايت خود شاهه ڪريم جي
زباني هن طرح آئي آهي:
شاهه ڪريم فرمايو: ”انهيءَ خيال کان ته حق جي
طالبن کي کائڻ نه گهرجي، مون کائڻ بلڪل ڇڏي ڏنو
هو. جڏهن اها خبر حضرت مخدوم صاحب کي پيئي، تڏهن
فرمايائون: خدا تعاليٰ فرمايو آهي: ”کلوا واشربوا“
انهيءَ کان پوءِ ٿورو گهڻو کائڻ لڳس.“[5]
پير ڀائن جي محبت
سيد صاحب کي پنهنجي پير ڀائن سان ڏاڍي محبت هوندي
هئي، ۽ انهن جو ڏاڍو احترام ڪندو هو. سيد جعفر
بکريءَ جو بيان آهي، ته:
”حضرت مرشد سيد عبدالڪريم پنهنجي مريدن سان حضرت
بهاؤالدين گودڙئي جو وعظ پڻ ويا. جڏهن وعظ ختم
ٿيو، ته حضرت سيد صاحب پنهنجي چادر کڻي حضرت
گودڙئي جي پيرن هيٺان پٿاري، ۽ جتي کڻي صاف ڪري
ڏني. حضرت جن سان جيڪي مريد هئا، انهن کي اها
ڳالهه ناگوار لڳي. آخر انهن مان هڪ مريد سيد
عبدالقدوس نالي عرض ڪيو: سائين اول حضرت گودڙئي جي
جتي کڻي رکي، تعجب آهي، جو هن صاحب ڪنهن به قسم جي
معذرت به ڪانه ڪئي؟ پاڻ فرمايائون: ”معذرت جو تعلق
بيگانگي سان آهي. پر اسان ٻئي ته هڪ وجود آهيون.
انهيءَ کان سواءِ ٻنهي جهانن جي سردار جي ڪچهريءَ
۾ آءٌ گهڻو پري ٽينءَ صف ۾ بيهندو آهيان ۽ حضرت
گودڙئو بلڪل ويجهو هوندو آهي. هينئر اوهين انصاف
ڪريو، ته منهنجو اهو عمل ڪيتري قدر درست آهي.“[6]
جواني ۽ وچين وهي
بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جي وڏن يارن جي زباني
آيو آهي، ته پاڻ جواني جو گهڻو عرصو هن طرح
گذاريائون:
”صبح جو وڏي اسر مهل بانگ ڏيئي، ويهي ذڪر ڪندا
هئا، جماعت سان نماز پڙهي مراقبي ۾ ويهندا هئا.
اشراق پڙهڻ کان پوءِ مسجد مان نڪرندا هئا، ۽ گهر
وڃي عورتن وارو سمورو ڪم ڪار جهڙو: ٿانو ڌوئڻ، رڌڻ
پچائڻ وغيره پاڻ ڪندا هئا. چانور رنڌي ٻارن کي
کارائي، ڪاسو هٿ ۾ کڻي گدائيءَ تي نڪرندا هئا.
گدائيءَ تان آندل کاڌو فقيرن کي کارائي، ڏاند ڪاهي
ٻنيءَ تي ويندا هئا. ڳچ زمين کيڙي، هر بند ڪندا
هئا، ۽ وڃي گاهه ڪندا هئا. سج لڙي گهر موٽندا هئا،
۽ وڃي گاهه ڏاندن کي وجهي، اتي ئي ٻه رڪعتون نفل
پڙهي وڃي، ٽپهريءَ جي بانگ ڏيندا هئا. جماعت سان
نماز پڙهي، وري ڏاند ڪاهي هر تي ويندا هئا، ۽
سانجهيءَ سومهاڻي جي نماز پڙهي، گهر ايندا هئا.
کارائڻ کان پوءِ وري سنڀال ڪندا هئا، ته متان ڪو
بکيو رهجي وڃي. جيڪڏهن ڪو بکيو رهجي ويندو هو، ته
پنهنجو کاڌو ان کي ڏيئي ڇڏيندا هئا.
جڏهن سڀ فرزند ۽ مريد خادم کائي ڍو ڪري سمهندا
هئا، ته وضو ساري نفل پڙهندا هئا. ان کان پوءِ
ٻاهر نڪري ”راهوٽ“ شهر جو رخ ڪندا هئا. واٽ تي
ننڍن ڳوٺن جي مسجدن ۾ وڃي پاڻي ڀريندا هئا ۽ وٽ
لاءِ ڀتر رکندا هئا. جيڪڏهن ڪو ستل هوندو هو، ته
ان کي زور ڏيندا هئا. واٽ تي جهنڊي پاتڻي ۽ ٻين
بزرگن جون زيارتون ڪندا ويندا هئا. ٺٽي جي هرهڪ
مسجد جو پاڻي ڀريندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪو ستل هوندو
هو، ته ان کي زور ڏيندا هئا. ٺٽو ڇڏي، پير پٺي ۽
ٻين بزرگن جون زيارتون ڪري، ڳوٺ موٽي اچي صبح جي
بانگ ڏيندا هئا. ماڻهو چوندا هئا، ته شاهه ڪريم کي
ننڊ ئي نه ٿي اچي، جو هميشہ ههڙو ساجهر اچي ٿو
بانگ ڏئي. پوءِ نماز پڙهي اهڙيءَ طرح ڏينهن
گذاريندا هئا، جيئن مٿي بيان ٿي آيو.“[7]
عبادت ۽ رياضت
مٿين بيان مان معلوم ٿيندو، ته حضرت شاهه ڪريم
شريعت جو اتباع ڪندي، باقاعدي نماز پڙهندو هو، ۽
محنت ڪري پنهنجي آل اولاد جا حق باقاعدگيءَ سان
پورا ڪندو هو. ان سان گڏ فقيرن جي به پوري پوري
خدمت ڪندو هو. ۽ هر لحاظ کان انهن جي سارسنڀال
لهندو هو. ايتري قدر جو گداءُ ڪري، ۽ پاڻ نه کائي
به انهن کي کارائيندو هو. پنهنجي اولاد کي وري
پنهنجي پگهر جو پورهيو کارائيندو هو. پر جيئن ته
مسڪين هو، فقيرن کي پنهنجي طرفان کارائي نه سگهندو
هو، انهيءَ ڪري انهن کي کارائڻ لاءِ گداء ڪرڻ کان
به حجاب نه ڪندو هو.
ان مان واضح ٿيندو ته، هن عبادت ۽ رياضت کي گڏوگڏ
هلايو، ۽ هر حال ۾ شريعت جي اتباع کي ضروري
سمجهيو. شريعت جي پابندي ڪندي، نه فقط فرضي نماز
ادا ڪندو هو، پر نفلي نمازون به باقاعدگيءَ سان
پڙهندو هو. اشراق ته نه گسائيندو هو، پر تهجد به
پڙهندو هو. تهجد جي نماز پڙهندي پهرين رڪعت ۾ ايڏو
ته گريو ڪندو هو، جو مٿس بيخوديءَ جي حالت طاري ٿي
ويندي هئي، ۽ پره ڦٽيءَ تائين سامت ۾ نه ايندو هو.
اهڙيءَ طرح کيس ٻي رڪعت هٿ نه ايندي هئي. عجب
کائيندو هو، ته ماڻهو تهجد ڪيئن ٿا ادا ڪن.[8]
سير و سفر
جيتوڻيڪ گهر جو سمورو ڪاروبار سندس سر تي هو، تڏهن
به ڪڏهن ڪڏهن وقت ڪڍي سير سفر ڪيائين. سنڌ ۾ لاڙ ۽
وچولي ۾ گهڻو گهميو. سري جي سير جو پتو نه ٿو پوي.
البته سندس هيٺين بيت مان اهڃاڻ ملي ٿو، ته سري جو
سير به ڪجهه قدر ڪيو هئائين:
”جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا،
ري پاجي کٽئي، سڀر ٻري نه ٻاهه.“
بيان العارفين مان معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ کان ٻاهر
گجرات تائين به ويو هو، ڇاڪاڻ جو هڪ هنڌ احمد آباد
جو ذڪر آيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ هندي دوهو به سندس
زباني آيل آهي. سندس ارد گرد جيڪي بزرگ سندس همعصر
هئا، تن سڀني سان صحبت ڪئي هئائين، ۽ جيڪي درگاهون
هيون، سي سڀ ڏٺيون هئائين.
ڪسب معاش
سهروردي سلسلي جي باني حضرت ابوانجيب عبدالقاهر
سهروردي (وفات 563 هجري) پنهنجي مشهور ڪتاب ”آداب
المريدين“ ۾ ”صوفي ۽ ڪسب معاش“ تحت لکيو آهي:
”صوفين کي ڪسب معاش ۽ حلال رزق جي تلاش ڪرڻ گهرجي.
صوفين جو ان اصول تي اجماع آهي، ته حلال رزق لاءِ
پورهيو ڪرڻ گهرجي. سڀ متفق آهن، ته پورهيو ۽
واپار، ۽ هنر ۽ ڪاريگريءَ جو ڌنڌو مباح ۽ عمدو ڪم
آهي. البت رزق جي طلب ۾ پاڻ کي صفا گم ڪري ڇڏڻ،
لالچ ۾ منهن وجهڻ، ۽ مال گڏ ڪري رکڻ کي صوفي خراب
سمجهن ٿا.“[9]
حضرت شاهه عبدالڪريم، انهيءَ اصول جو عملي نمونو
پيش ڪيو آهي. حلال رزق جي حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جو
پورهيو ڪيائين، جهڙوڪ: جهنگ وڍڻ، کاٽي کڻڻ، هر
ڪاهڻ، پوکي راهي ڪرڻ وغيره. پورهيو ڪندي به الله
جي ياد کان غافل نه رهيو، ۽ شريعت جي اتباع ۾ به
ڪمي نه آندائين. يعني رزق جي طلب ۾ گم نه ٿيو، ۽
نه ڪجهه ميڙي رکيائين. بيان العارفين ۾ هڪ روايت
آئي آهي:
”هڪ ڀيري احمد فقير کائنس پڇيو، ته قوت گذران لاءِ
ڪهڙو ڪم ٿا ڪريو؟ فرمايائونس: ڪوڏر هڻندو آهيان ۽
کيڙڻ جو ڌنڌو ڪندو آهيان.“ تنهن تي وري چيائينس:
”ڪوڏر هڻندي ۽ هر کيڙيندي اوهان خدا کي ڪيئن
ساريندا هوندا؟“ تڏهن سيد صاحب مشڪي فرمايو: ”اسان
کان موليٰ سائين ڪڏهن به وسرڻ جو نه آهي. اي احمد
فقير، ان لاءِ مثال وٺ، ته جڏهن ڪا عورت دلا ڀري
مٿي تي رکي هلندي آهي، ته اهي دلا کيس هلڻ ۽ ڪڇڻ
کان روڪيندا آهن ڇا؟“
هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته سيد صاحب ڪيئن
نه صحيح عملي زندگي گذاري. سندس هڪ بيت جي هيءَ
مصرع سندس عملي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿي:
”هنيون ڏجي حبيب کي، لـڱ گڏجن لوڪ.“
مسڪيني
پورهيو ڪرڻ جي باوجود مال ميڙي نه رکيائين، ۽
”الفقر فخري“ کي پنهنجو اصول بنايائين. شروعات ۾
ته مالي حالت ڏاڍي تنگ هيس. ايتري قدر جو سندس
فرزند پورهئي ۽ بک سبب ماندا ٿي ويندا هئا. هڪ
ڀيري ته مالي حالت اهڙي خراب ٿي وين، جو لڏي وڃي
ٻيءَ ديهه ۾ ويٺا. لڏي وڃڻ کان 25 ڏينهن پوءِ جهنگ
۾ شيخن سندن مينهن ماري وڌي، جنهن ڪري سندس اهل
عيال کي اڃا به وڌيڪ مصيبت پيش آئي، ڇاڪاڻ جو
گذاري لاءِ ٻي ڪابه شيءِ نه بچن. انهيءَ زماني ۾
سندن هڪ فرزند پورهئي سانگي ڪنهن کري تي پهتو، جتي
جو پئي ڪٽيائون. ديري جي ٻاهران پٽڪو ۽ چادر رکي.
جڏهن جو ڪٽڻ ويٺو. انهيءَ وچ ۾ ڪو شاهينگ سندس
پٽڪو ۽ چادر چورائي ويو. جڏهن جو ڪٽڻ کان واندو
ٿيو، تڏهن ٻه ٽويا ڪميت جا اجورو مليس. اهي وٺي
ڪپڙن ڏانهن جو ڏسي، ته اهي ٺهن ئي ڪونه. لاچار
جهڙي تهڙي حال گهر پهتو.
بيان العارفين ۾ هڪ ٻي روايت آهي، ته انهيءَ
مسڪينيءَ واري حالت ۾ هڪ ڀيري پنهنجن فرزندن سان
گڏجي پنهنجي ٻنيءَ ۾ کِرُ چونڊڻ ويو. سنگ
چونڊيندي، سندس هڪ فرزند ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو.
گهڻي وقت کان پوءِ سامت ۾ آيو ۽ ٻڌايائين، ته: بک
جي غلبي ۽ هيڻائيءَ جي ڪري. اهو حال ٿيو. پوءِ
ڪجهه سنگ مهٽي کيس کارايائون، تڏهن وڃي هلڻ چلڻ
جهڙو ٿيو.
اهڙيءَ تنگيءَ ۽ بک ۾ گذاريندي به ڪنهن کي پنهنجي
حال جي خبر نه ڏيندا هئا. سڀ ڪو ائين پيو سمجهندو
هو، ته خوش پيا گذارين. اهڙي حال ۾ به فقيرن جي
خدمت ڪندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪو بکيو ڏسندا هئا، ته
پنهنجو کاڌو به کڻي ان کي ڏيندا هئا. بلڪ پنهنجو
رات جو کاڌو ته ڪيترو وقت رکي ڇڏيندا هئا، ته متان
ڪو اويلو مهمان يا فقير اچي نڪري. جيڪڏهن ڪو اچي
ويندو هو، ته پنهنجو کاڌو ان کي کارائي ڇڏيندا
هئا. تمام دير تائين ڏسي ڏسي، جڏهن ڪنهن مهمان يا
فقير جو آسرو لاهيندا هئا، ته پوءِ پاڻ کائيندا
هئا.
پڇاڙي ۽ وفات
پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ رياضتن، فاقن، اوجاڳن ۽
عبادتن جي ڪري، سندس فاني جسم جهري پيو. ان هوندي
به جيڪڏهن ڪو سوالي ايندو هو، ته ان سان گڏجي
گهوڙي تي چڙهي حاڪمن ڏانهن ويندو هو، جيتوڻيڪ پاڻ
کي جهلي به ڏاڍي ڏکيائيءَ سان سگهندو هو. بيان
العارفين ۾ سندس زباني آيل آهي:
”چوويهه سال ٿي ويا آهن جو چار پنج مرض گهر ڪري
ويا آهن.“
زندگيءَ جا پويان ڏينهن حجري ۾ گذاريائون، جتي اڌ
رات جو اٿي سنڌي بيت ڳائيندا هئا. اهڙيءَ طرح محنت
۽ مشقت جي زندگي گذاري، سرزمين سنڌ کي، روحانيت جي
فيض سان مالامال ڪري، ۽ تصوف جي خوشبوءِ پکيڙي سنه
1032هه (1622) ۾ 88 سالن جي عمر ۾ تاريخ 7 ذوالقعد
آچر رات، سانجهيءَ نماز مهل لاڏاڻو ڪيائيون.[10]
ولادت ۽ وفات جون تاريخون هن طرح آهن.
شاهه عبدالڪريم سيد ما، بود از هاديان راه خدا
از نبي و علي نزادش دان، وز حسين و بتول اصلش خوان
بود از اولاد حيدري هروي، زاده شد اولاً منتلوي
سال نه صدو چهل و چهار دگر، بود از هجرت شفيع بشر
چونکه سي و هزار سال گذشت، شدلقايش نصيب و صلش گش
شهر ذي قعده هفتمين از ماه، شب يڪ شنبه آن خدا
آگاه
وقت شام از جهان برضوان رفت، قد بلغ قد بلغ ز
جانها رفت
سال تاريخش از ره- ابجد، جز بلغ نيست در حساب شرد
رحمت- حق براو و مريدانش، وز خدا باد عفو و غفانش.[11]
سندس مقبرو سندس ڳوٺ ”سيد پور“ (هاڻي بلڙي) ۾ آهي،
جيڪو سندس پڙ پوٽي، سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ، ملتان مان ڪاشيءَ جون سرون
آڻي، ٺهرايو. وصال جي تاريخ تي ميلو لڳندو آهي، ۽
هر ڪنهن ماه پهرين سومر تي سندس درگاهه تي سماع
ٿيندو آهي.
اولاد
سيد صاحب کي يارهن ٻار ٿيا، اٺ پٽ ۽ ٽي نياڻيون،
جن جا نالا هي آهن:
سيد لعل شاهه يا لعل محمد شاهه عرف لله شاهه- ننڍي
هوندي گذاري ويو.
سيد عبدالرحيم- هن به پنهنجي والد جي زندگيءَ ۾
وفات ڪئي.
سيد جمال شاهه[12]
پيءُ جي حياتيءَ ۾ هالن کان ٿي آيو، ته واٽ تي
چورن شهيد ڪري ڇڏيس. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هن
ڀلاري جو پڙ پوٽو هو.
سيد برهان، 5- سيد مبشر، 6- سيد دين محمد، 7- سيد
محمد حسن، 8- سيد عبدالقدوس.
|