باب ٽيون
حق جي واٽ جي طلب
• هڪ مخلص جو بيان آهي، ته: هڪڙي ڏينهن ميان
عبدالله سان گڏجي حضرت سيد صاحب جي خدمت ۾ ويس.
گهڻا ڏينهن سندس خدمت ۾ گذارڻ کان پوءِ، جڏهن هڪ
ڏينهن صبح جو موڪل گهريسون، تڏهن نصيحت ڪيائون، ته
ظاهر توڙي باطن ۾ هر وقت خدا کي ياد ڪندا رهجو، ۽
سندس محبت ۽ خوف دل ۾ ڌرجو. جيڪڏهن ياد نه ڪندا،
ته الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ شرمسار ٿيندا. خدا کي
جيڪڏهن سندس قرب ۽ محبت جي ڪري ياد نه ڪريو، ته
پوءِ اهو شرم ڪجو، ته ڪهڙيءَ ڪچهريءَ مان ٿي آيا
آهيون، ۽ ڪهڙي شخص سان ملي آيا آهيون. ائين چئي هي
بيت فرمايائون:
(1) تُن چوءُ[1]
الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سِکُ،
سچو[2]
اکر من ۾، سوئي لکئو لکُ.
• فرمايائون ته: فوت الانفاس قتل الانبياء (هڪ دم
خدا جي ياد کان غافل رهڻ ائين آهي، جيئن هڪ نبي
قتل ڪرڻ) ان مقولي جي سمجهاڻي ڏيندي فرمايائون، ته
جيڪو دم خدا جي ياد ۾ کڻجي ٿو، اهو رسول يعني
”پيغام پهچائيندڙ“ آهي، جيڪو ٻانهي جو پيغام ڌڻي
جي درٻار ۾ پهچائي ٿو. جيڪو دم الله تعاليٰ جي
يادگيريءَ کانسواءِ کڻجي ٿو، اهو رب جي بارگاهه ۾
نه ٿو وڃي. يعني هڪ رسول يا پيغام پهچائيندڙ ختم
ٿي ويو. انهيءَ ڪري پنهنجي دم جو خيال رکو، ۽ هرهڪ
دم سان الله جو نالو وٺو. دم ڄڻ ته اوهان وٽ الله
جي امانت آهي. جنهن هر دم سان الله جو نالو ورتو،
تنهن ڄڻ ته امانت سلامت رکي. پر جيڪڏهن ڪنهن ان ۾
غفلت ڪئي، ته ان امانت ۾ خيانت ڪئي.
• فرمايائون، ته: جيڪو چوي ٿو، ته هي ڪم ڪري، پوءِ
الله تعاليٰ جو ذڪر ڪندس، ته ان خطا ڪئي ۽ گمراهه
ٿيو، ڇاڪاڻ جو دنيا جا ڪم کٽڻ جا ئي نه آهن، هڪڙي
ڪم کان پوءِ ٻيو نڪرندو. دنيا جي ڪمن جو مثال ائين
آهي، جيئن واري جو پرڻ (گيچڻ) ڀري مٿي تي رکي
ڊوڙڻ. جيئن پيو ماڻهو ڊڪندو، تيئن واري پئي منهن ۾
پوندس.
• فرمايائون، ته: طالب کي ائين نه جڳائي، ته جڏهن
دنيا جو ڪاروبار هٿ ۾ هجيس، ته ان وقت الله تعاليٰ
جي ذڪر کان غافل رهي. طالب لاءِ ان ۾ وڏو نقصان
آهي، ته دنيا جي ڳالهين مان واندو ٿي، پوءِ خدا کي
ياد ڪري. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(3) ڌَڪين[3]
ڌاتِ[4]
پئو،[5]
هِينُڙو لُہَ سنداڻَ[6]
جِنءِ،
سنڀاري کي سَڄڻِين،[7]
وِرڄِي[8]
تان نه وئو.
• فرمايائون ته: انسان لاءِ ٻيو ڪو اهڙو شرف
ڪونهي. جهڙو الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي:
فَاذکُروني اَذکُر کُم. (مون کي ياد ڪر، ته مان
توکي ياد ڪريان.)
• فرمايائون ته: فوت کان موت ڀلو آهي، ڇاڪاڻ جو
فوت معنيٰ خدا کان غافل رهڻ، ۽ موت معنيٰ انسان
کان غائب ٿيڻ.
• فرمايائون ته: کير ۾ سنڀائڻ وجهي ٿانءُ کڻي
هلبو، ته ڌونرو نه ڄمندو. پر جيڪڏهن ٿانءَ کي ٿورو
وقت هڪ هنڌ رکي ڇڏبو، ته ڌونرو ڄمندو، ۽ ولوڙڻ کان
پوءِ ان مان مکڻ نڪرندو. فڪر کان پوءِ ذڪر به
انهيءَ مثال وانگر آهي. ”اَلذِکُرُ بِلا فِکُرِ
کَالّشجّرُ بِلا ثمر“ (فڪر کانسواءِ ذڪر ائين آهي،
جيئن ميوي کانسواءِ وڻ.)
• هڪ ڀيري فرمايائون ته: ٻيا فڪر ڇڏي الله الله
چئو. دنيا جون ڳالهيون، ۽ فلاڻو فلاڻو چوڻ ڇڏي
ڏيو. پوءِ هي بيت فرمايائون:
(4) چَرِئَنِ[9]
جِنءَ چِتُ ڪري، سڱ سڀيئي[10]
ڇِنُ،
جي ڀائيين پرِيءَ مِڙان،[11]
ته مَتِ موجِي ڳِنُ.
• ٻي موقعي تي ساڳيو بيت ٿوري ڦيرڦار سان هن طرح
چيائون:
اٿي ڄُلُ چرئن جِنءَ، سڱ سڀئي ڇِنُ،
جي ڀائين پريءَ مڙان، ته مت موجي ڳِنُ.
• فرمايائون ته: جيڪڏهن ڪنهن طالب کان ڪو گناهه ٿي
پوي، ته کيس افسوس ڪرڻ نه گهرجي. پر انهيءَ وقت يا
غفار، يا غافر، يا غفور چئي. گهڻو افسوس ڪرڻ نه
لڳي، پر الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول ٿي وڃي. پوءِ
هي بيت فرمايائون:
(5) پريان سَندي ڳالَڙي،[12]
جيڪو ٻِئي ڪري،
مَتِ موجِي ڪَنِ ڪري، تي کي[13]
جَابُ[14]
مَ ڏي.
فرمايائون ته: اجوري يا ثواب جو خيال رکي عبادت نه
ڪريو. ڌڻي تعاليٰ فرمايو آهي، ته مون کي ڪشف ۽
ڪرامت لاءِ ياد نه ڪجو، پر شوق، محبت ۽ لقا پسڻ
لاءِ ياد ڪجو. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(6) وائي ٻي مَ ڀُلَ، مروئان[15]
موران[16]
پکڻان،
بلا سندو سَڄڻين،[17]
هُو[18]
هُلاچو هُلُ.
• فرمايائون ته: ذڪر جلي (ظاهري ۽ بلند آواز سان)
تمام گهڻو ڪريو. اهڙي زور سان ضرب هڻو جو پهرينءَ
ئي ضرب سان دل ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوي. پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(7) متيون ميڙي کانءِ، واچا[19]
کجي[20]
وچ پَوءُ،
جو تو سائِرُ ڀائيو، سو هُرُ ٻوئِي ناهِه.
• فرمايائون ته: دل جي گهراين سان ماڻهن سان ملي
جلي نه رهو. حرص و هوا ختم ڪري، پنهنجي مالڪ سان
لَنو لڳايو. پوءِ هي بيت فرمايائون:
(8) هنيو ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن[21]
لوڪَ،
کُڏيون[22]
۽ کَروتون،[23]
اي پڻ سڳر[24]
ٿوڪَ.
• روايت آهي، ته هڪڙو پير مرد حضرت سيد صاحب جي
خدمت ۾ آيو، ۽ چيائينس: ”ڪراڙو ۽ ڪمزور ٿي ويو
آهيان، ۽ هينئر عبادت نه ٿو ڪري سگهان. اهڙي ڪا
عبادت ڏسيوم جنهن ۾ تڪليف گهٽ ۽ اجر گهڻو هجي.“
تنهن تي حضرت سيد صاحب چيس، ته ”وڃي الله الله ڪر
۽ ٻيون ڳالهيون ڇڏي ڏي. هن کان وڌيڪ سٺي شيءِ نه
ملندءِ.“ پوءِ هي بيت فرمايائون:
(9) وهاڻِيءَ ئِي وَڃُ، تو نه سَرَندِي[25]
تَن رِي،
تان[26]
سا وَڃِي ڀَڃُ[27]،
پيئي جا ڪاڻِ[28]
پرين سين.
• فرمايائون ته: نبي ڪريم ﷺ وسلم فرمايو آهي، ته
مُنّ اَحَبّ شَيئاً فَاکثَرَ ذِکُرَہَ“ (جنهن
ماڻهو جي جنهن شيءِ سان محبت هوندي آهي، اهو اڪثر
ان جوئي ذڪر ڪندو رهندو آهي.) پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(10) جي جاڳندي مَنَ ۾، سُتي پڻ سيئي،
مَنُ[29]
پريان نيئي،[30]
پڳهِيو پاڻ ڳري.[31]
• حضرت سيد صاحب جي هڪ مريد ٻڌايو، ته هڪ ڀيري آءٌ
سيد صاحب سان گڏ ڪنهن طرف ٿي ويس. ٻيا مريد به
اسان سان گڏ هئا. هلندي مون ”هو“ جي ضرب هنئين.
اهو آواز ٻڌي ڏاڍي بڇان لڳس، ۽ مون کي مخاطب ٿي
چيائون: ”ان جي معنيٰ ته ٻيا ذڪر نه ٿا ڪن، جو
انهن کي ٿو ٻڌائين.“ پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(11) مُٺِ ڀِيڙِيائي ڀَلي، جُہِ[32]
اَپٽي[33]
ته واءُ.
جُہِ[34]
پَڌَرِ وِڌِي[35]
ڳالَڙِي، ته ڇڏي وڃي[36]
ساءُ.
• فرمايائون ته: پنهنجي خالق کان اها اميد رکڻ نه
گهرجي، ته آءٌ سندس عبادت ڪريان، ته ڪشف ۽ ڪرامت
حاصل ٿئي. نه فقط ايترو، پر خدا جو ذڪر، مشاهدي ۽
معرفت ماڻڻ يا غوث ۽ قطب ٿيڻ لاءِ به نه ڪجي. پر
محض خدا ڪارڻ (لوجہ الله) ذڪر ڪجي. پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(12) پاڻيهاري[37]
سڀ ڪا، جا سِرِ گهڙو ڌَري،[38]
ڪا ليءِ سَندي[39]
سَڄِڻي، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
• هڪ ڀيري مريدن کي نصيحت ڪندي فرمايائون، ته
اوهان مان جيڪڏهن ڪو گهڻو پري مشرق ۾ رهندڙ هجي،
پر خدا جو ذڪر ڪندڙ هجي، ته اهو ڄڻ منهنجي ويجهو
آهي. پر جيڪو ماڻهو اوڏو هجي، پر هڪ گهڙي به خدا
جي ياد کان غافل ٿئي، ته اهو مون کان ڏور آهي.
پوءِ هي سنڌي بيت پڙهيائون:
(13) وَرَ[40]
وِسَرِي ته ڪوهُه، پر وَرُ نه وِسَرِئوِس،[41]
ڪو نَه چُوُندو ڪَڏِهين،[42]
ته اَڱڻُ اُونداهوسِ،[43]
• احمد فقير رونجهي ٻڌايو، ته هڪ ڏينهن مون حضرت
سيد صاحب کان پڇيو، ته ”قوت گذران لاءِ اوهان ڪهڙو
ڪم ڪندا آهيو؟“ جواب ۾ فرمايائون، ته: ”ڪوڏر هڻندو
آهيان ۽ هر ڏيندو آهيان.“ ان تي وري عرض ڪيم، ته:
”اهي ڪم ڪندي اوهان خدا کي ڪيئن ياد ڪندا هوندا؟“
تڏهن مرڪي جواب ڏنائون، ”الله تعاليٰ اسان کان
ڪڏهن به وسرڻ جو نه آهي. ان لاءِ هي مثال خيال ۾
رکڻ گهرجي: جڏهن ڪا عورت دلا ڀري مٿي تي رکي هلندي
ويندي آهي، ان وقت اهي گهڙا کيس هلڻ ۽ ڪڇڻ کان
روڪيندا آهن ڇا؟“ پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(14) پاڻيهارِي[44]سِرِ
ٻَهڙِو، جَرَ[45]
تي پَکِي جِنءَ،[46]
اسان سَڄَڻُ[47]
تِنءَ، رهيو آهي روح ۾.[48]
فقير جو کاڌو
• هڪ ڏينهن هڪ مريد سيد صاحب وٽ آيو. کيس کائڻ
لاءِ چانور آڻي ڏنائون، جي کائي سيد صاحب کي
چيائين: ”سائين، مون اهڙو کاڌو اڳي ته ڪڏهن نه
کاڌو آهي.“ پڇيائونس: ”تڏهن واٽ تي ڇا ٿي کاڌءِ؟“
وراڻيائين: جَون جو اٽو ساڻ کنيو هوم، ان مان ماني
پچائي ٿي کاڌم.“ اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. هي بيت
پڙهيائين:
(15) اسِين تِئان آئِيون،[49]
جِتِ کُونبو ناهِه،
وَڃَهُون جي وِياهِه،[50]
ته پُڻُ مَٿَهُون[51]
لوئِيون.
• جيڪڏهن ڪو فقير ڪنهن وٽ اچي مهمان ٿئي، ته ان کي
جڳائي ته ان کي قرض کڻي به کارائي، توڙي جو کيس هڪ
درم جي بدران لک درم ڏيڻا پون. ان هوندي به سندس
فائدو آهي. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(16) پَنجين ڊَرمين[52]
ڊَرّمُ، ڪَڍِ جي کي[53]
سَڄڻَين،
ته پُڻُ توهِين[54]
کَٽِئو، جي سو سَرَءِ[55]
ڪَمُ.
فقير جي رهڻي ڪهڻي
• فرمايائون، ته: طالب کي گهرجي، ته هو ٺڪر جي
ڪُني جهڙو ٿئي، جنهن ۾ پاڻي وجهي باهه تي رکبو
آهي. پوءِ جيڪڏهن ڏاڍي تَوَ تي هڪ دم ڀڄي پيو، ته
باهه جي عذاب کان ڇٽي پوندو، پر جيڪڏهن سڄو نه ڀڳو
۽ ٽنگ ٿيس، ته پوءِ گهڻا ڏينهن پيو عذاب سهندو.
پوءِ هي بيت فرمايائون:
(17) جي مُنّ سَڏَ ڪِئا، ڀنڀوران ٻَهار[56]
ٿي،
جي سي[57]
پِرِيَ سُئا، ته هُونَد نه ويا نِڪَري.
• فرمايائون ته: طالب کي گهرجي، ته جتي رات پويس
اتي رهي پوي، پر سفر ۾ ڪنهن جو مهمان نه ٿئي.
جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ وٽ رات پويس، ته ايستائين شهر کان
ٻاهر ترسي پوي، جيستائين ماڻهو سمهي پون. جڏهن
سمجهي ته ماڻهو سمهي چڪا هوندا، تڏهن شهر ۾ وڃي.
وڌيڪ فرمايائون، ته فقير کي گهرجي، ته اڪيلو رهي ۽
ماڻهن سان ميل جول نه رکي. ڪنهن اهڙي هنڌ سڃ ۾ وڃي
رهي، جي ٻيو ڪوبه نه ڏسيس. هميشہ اڪيلو رهڻ سٺو
آهي، جيئن ماڻهو پنهنجو خزانو جهنگ ۾ وڃي رکندا
آهن. محبوب به اڪيلائيءَ ۾ ئي ملندو. پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(18) وَرُسا سُڃِي[58]
ويڙِ،[59]
جتي سَڄَڻُ هيڪَلو،[60]
سو ماڳوئي ڦيرِ،[61]
جتي ڪوڙِ[62]
ڪُماڙُوئين.[63]
• فرمايائون ته: فقير کي گهرجي ته خلق کان پري
اڪيلو رهي. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(19) جي تَجريدا نِڱئِا،[64]
پيٺا ۾[65]
تَفرِيدَ،
ڪِنِين[66]
ڪَڏَهين،[67]
ٿِئي،[68]
هِنِين[69]
ڏِياڙي[70]
عِيدَ.
• فرمايائون، ته فقير کي گهرجي، ته پهريائين تجريد
(ڇڙائي) جا حق پورا ڪري. ان کان پوءِ تفريد (خدا
سان هڪ ٿيڻ) جي معنيٰ معلوم ڪري.
• فرمايائون، ته: تجريد جي معنيٰ آهي: جهان کان
جدا ٿي، جهان وارن کان لاڳاپا ڇنڻ، ۽ تفريد جي
معنيٰ آهي: فاني في الله ٿيڻ، ۽ پنهنجو وجود
وڃائڻ.
• فرمايائون، ته جيڪو چوي ٿو، ته مان فقير آهيان،
۽ ائين به چوي ٿو، ته خلق سان ميل جول رکڻ ۾ فائدو
آهي، ۽ نقصان ڪونهي، ته اهو فقير نه آهي، ڪوڙي
دعويٰ ٿو ڪري. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(20) ڀَنڀوران ٻه ٿوڪَ، ڪِہِ[71]
نه نِئا پاڻَ سين،
سِڪَڻُ[72]
سُپيريَنِ سين،[73]
ٻِئو لاڳاپو سين لوڪَ.
• فرمايائون، اَلشّهَرَہُ اًفَہ وَلا کِنّ النّاسَ
يُحِبُو نَها وَالّخُمُولُ راحة وَلا کِنّ النّاس
لايَرضيٰ (شهرت هڪ آفت آهي، پر ماڻهو ان کي پسند
ڪن ٿا، گمنام رهڻ ۾ راحت آهي، پر ماڻهو ان کي پسند
نه ٿا ڪن.)
• فرمايائون، ته: مَنَ مَدُ حَڪَ فَقَدُ ذَبِحَڪَ
(جنهن تنهنجي تعريف ڪئي، تنهن ڄڻ ته توکي ڪٺو.)
• فرمايائون ته: فقير کي ڪرامت ۽ مرتبي تي مرڪڻ نه
گهرجي، پر هو بلند همت هجڻ گهرجي. پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(21) وِنگا وَرَ پاڳَنِ،[74]
گَهور اُبَتي گهوٽيين،[75]
سنيگِڙِيِن ڀَرُ ڏِئو، وِئا[76]
ڪَچُ[77]
چَرَنِ.
• فرمايائون ته: روئڻ جا ويهه قسم آهن، جن مان فقط
هڪ الله واسطي آهي، ۽ باقي 19 غير جي لاءِ آهن.
پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(22) نِيہُ نياپي نه ٿئي، سَڌين[78]
سيڻَ نه هُونِ،
ڪارِيِن راتِين،[79]
رُتُ ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُونِ.
• فرمايائون ته: طالب کي انهيءَ دل مان ڇا حاصل
ٿيندو، جنهن ۾ حرص ۽ هوا جا خطرا آهن. پوءِ قاضي
قاضن جو هي بيت پڙهيائون:
* سَڄَڻ مَنجِ هئامِ،[80]
مُنّ اٿي وِئا او ٺِئا[81]
هيڏانہ هوڏانہ[82]
هٿڙا،[83]
هُنئِين جاڙ[84]
وِڌامِ.
• فرمايائون ته: عمل کانسواءِ علم اجايو آهي.
انهيءَ ڪري علم سان عمل به ضروري آهي. طالب کي
گهرجي، ته پنهنجو وجود وڃائي. ائين ڪرڻ سان اهي
الاهي راز هٿ ايندس، جيڪي فصوص ۽ لمعات ۾ به نه
ملندس، جيڪي سلوڪ جا مشهور ڪتاب آهن:
بيت
اونفي وجود کن که دريابي
سر که نيابي نه فصوص لمعات.
• فرمايائون ته: جيستائين طالب پنهنجو پاڻ قربان
نه ڪندو، تيستائين خدا جي معرفت حاصل نه ٿيندس.
پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(23) پيرِين[85]
پاڻ وڃاءِ،[86]
پاڻ وڃائي هوءُ لَہُ،[87]
تُهان[88]
ڌارَ نه سُپرين، مُہُ[89]
مَنجهيين پاءِ.
• سندس هڪ مريد مجازي عشق ۾ گرفتار هو. ان ڏانهن
هي بيت چوائي موڪليائون:
(24) مجازي مَ مِٽَ ڪر، اَکِيُون اِيَ مَ ڦير،[90]
هارِيَ[91]
حقيقتن[92]
جي، پڇي ٿيين نه پيرِ.[93]
(25) اي مجازي ماءِ،[94]
جي تو ڀائيا سُپرين،[95]
هاري[96]
حقيقي پَري،[97]
ڪَچو[98]
ڪوهُه[99]
ٿِئاءِ.
• فرمايائون ته: طالب کي گهرجي، ته جڏهن به ڪنهن
بزرگ کان ڪو خدائي سخن سڻي، تڏهن ماٺ ڪري ويهي دل
۾ گهرائيءَ سان اهو گفتو ٻڌي. جيڪڏهن اها ساڳي
ڳالهه اڳ ٻڌل هجيس، تڏهن به ائين نه چوي، ته مون
کي انهيءَ ڳالهه جي خبر آهي. اها دل جي ڏاڍائيءَ
جي نشاني آهي. پوءِ هي ٻه بيت پڙهيائون:
(26) هِي ڪَنَ[100]
گاڏِهان[101]
وڪڻي، ڪَنَ ڪي ٻيا ڳِنيج[102]
سَندي پِريان ڳالڙَي، تِنين سِين[103]
سُڻيج[104]
(27) ڪَرَها ڪاميَا، جَرُ اَلِئو ڇو نَه پِيوءِ،[105]
مُنّ[106]
آن گهڻو سِکارِئو، وَسا لَڌو[107]
نه هوءِ.
• فرمايائون، ته: طالب کي گهرجي، ته انهي ماڻهوءَ
جيان ٿئي، جيڪو ماکهڻ لاءِ ڦرندو وتندو آهي، ۽ وڻ
وڻ ۾ نهاريندو وتندو آهي. ائين ڪرڻ سان اهڙي وڻ ۾
ماکي ملي ويندي اٿس، جنهن ۾ پهرائين گمان ئي نه
هوندو اٿس. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(28) مُنڌ مَ مَنَہِ ويُہ، اڀي اوسَڙَڪُ[108]
اس ۾،
تو سيئي سيڻَ ڪِئا، ڏور جَنين جو ڏيہُ.
• فرمايائون، ته: طالب کي گهرجي، ته هيڪلائيءَ ۾
رهي، جيئن جيڪي ڏسڻو اٿس، سو ڏسي وٺي. ان جو مثال
هن طرح آهي، ته جڏهن درياهه زور سان پيو وهندو، ۽
ان ۾ نهاربو، ته پنهنجي صورت پاڻيءَ ۾ ڪڏهن به نظر
نه ايندي. پر جڏهن پاڻيءَ جو ٿانءُ ڀري ٻاهر رکبو،
ته پاڻي آٺرڻ کان پوءِ ان ۾ پنهنجي صورت ڏسڻ ۾
ايندي. پوءِ فرمايائون:
(29) جي لياڪا لوڪَ ڏُون،[109]
جان جان سي نه لِتاءِ،[110]
تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پسڻ[111]
پِرِيَ سين.
• فرمايائون ته: جيستائين طالب حرص هوا ۾ گرفتار
آهي، تيستائين هو خدا کان پري آهي. اها ڳالهه هن
مثال مان سمجهڻ گهرجي: ڪو ڏاند هَر جو هِريل آهي،
پر مالڪ کيس ان ڪم مان ڪڍي ٻي ڪم ۾ لڳائڻ گهري ٿو.
ان لاءِ جيستائين هو ان کي بک اُڃ نه ڏيندو، ۽ هَر
کان پري نه رکندو، تيستائين ٻيو ڪم ڪڏهن به نه
ڪندو. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(30) اَمَڙِ[112]
کوءِ گهروءِ، مُنهان[113]
ساٿَڙو وڃي نِڱِئو،[114]
هِنَيڙو[115]
ڏيئي[116]
وَٽِ جَنءَ، مُنُ جِنءَ[117]
تانه ٻَروءِ.
• فرمايائون ته: عام خلق جون ٻيڙيون هڪ طرف ٿيون
هلن، ۽ حق جي طالبن جون ٻيڙيون ان جي ابتڙ هلنديون
آهن. عالمن جي هڪڙي واٽ آهي، ته طالبن جي ٻي. پوءِ
هي بيت پڙهيائون:
(31) چورِيءَ پاهَتُ[118]
ڳَجَهه سين، پَڌَرِ ناهِه اَرَٿُ،
پِيرين[119]
پاڻُ لَڪائين، تِهان پوءِ وَٿُ[120]
• نقل آهي ته: هڪ ڀيري هڪ مريد سندس خدمت ۾ آيو.
ان کي نصيحت ڪيائون، ته جيڪو ماڻهو پاڻي نه پئندو
۽ اڪيلو گذاريندو، اهو خدا کي جلد پهچندو. اهو ٻڌي
اهو مريد وڃي اڪيلو رهڻ لڳو، ۽ پاڻي پيئڻ به ڇڏي
ڏنائين. تان جو ڏاڍو ضعيف ٿي ويو. پوءِ هڪ ڏينهن
ڏاند تي چڙهي سيد صاحب جي خدمت ۾ آيو، ڇاڪاڻ جو
اڳي وانگر پنڌ هلي نه ٿي سگهيو. خدمت ۾ اچي افسوس
ظاهر ڪيائين، ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن اڳي
وانگر پيادل اچي سگهان ها. سيد صاحب فرمايو: جنهن
پنهنجو نفس ماريو، ان کي سواريءَ تي چڙهڻ روا آهي.
پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(32) سِڪان[121]
جي نه سُڻين، پاراڀا[122]
پِريءَ[123]
جا،
سي[124]
ساٿِي نه ٻُجهَڻا،[125]
جي تِنيين کي ڏين.[126]
• فرمايائون ته: خلوت ۾ ويهڻ ان کي جڳائي، جنهن
پاڻ کي پنهنجي پاڻ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو هجي. ان کان
پوءِ ئي کيس حجري ۾ وهڻ جڳائي. پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(33) ڳالِ اُو[127]
هَيڪَڙي، جا مُنُ ڪالَ ڪِئي،[128]
ڀينَر ڪيمَ ڀَڪُٽِئو[129]
ٿيندي تان نه ٻئي.
• جيڪڏهن ڪو اوهان کي نالي سان سڏي، ته ان کي ٻيڻي
مروت سان جواب ڏيو. پر جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي سڏ
ڪيو، ته پهريائين ”ميان“ چئي، پوءِ سندس نالو وٺو.
پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(34) تُندُ مَ ٿاءِ ڪُٿاءِ،[130]
ٻوڏُ چُوني[131]
جيُ چوءُ،
جي ڀائين پِرِيَ مڙان، ته ڏوهنُون[132]
ڳن پاءِ.
فقير جو لباس
• فرمايائون ته: هڪ ڀيري دل ۾ خيال آيو، ته سٺي
پوشاڪ پهريان، پر انهيءَ خيال کان نه پاتم، ته
متان مريد حجت ڪن، ته پير اوچو لباس پهريو هو.
• هڪڙي ڏينهن سيد صاحب سوار ٿي، مريدن سان گڏجي
سير تي نڪتو. اوچتو هڪ شخص واٽ تي مليس، جيڪو
درويشي، مجاهدي ۽ ترڪ لباس کان مشهور هو. ان وقت
اڇي چادر، اڇي دستار، وڏا ۽ اڇا ڪپڙا پيل هيس.
حضرت سيد صاحب سان اچي مليو. سيد صاحب ڏانهس نهاري
فرمايو: ”تون اهوئي آهين، جيڪو اڳي هوندو هئين.“
هو مطلب سمجهي ويو، ۽ هي بيت پڙهيائين:
• ڦِٽِيون[133]
ڪر ڦَڙَڪيون،[134]
وَرَ وِنگائي پاءِ،[135]
جا تنَ[136]
اندرِ کاءِ،[137]
سا[138]
معلوم محبوب کي.
اهو بيت سيد صاحب کي نه وڻيو، ۽ بڇان لڳس. پوءِ هي
بيت پڙهيائون:
(35) فڪر ڪر ڦَڙَ ڪِييِن،[139]
وَرَ وِنگائِي[140]
لاهه،[141]
سائي ساري هٿ ڪر،(10) سيڻَنِ جا سُهاءِ.
اهو ٻڌي ان شخص کي ماٺ وٺي وئي، ۽ ڪن ٻوساٽيون
هليو ويو.
• جيڪو گودڙي پائيندو، ۽ جلال کائيندو، اهو جيڪا
دعا گهرندو، اها مستجاب ٿيندي.
• پرهيزگاريءَ جو لباس اهڙو آهي، جهڙو قرآن شريف
جو حرف.
• هڪڙي ڏينهن سيد صاحب جي گودڙي فقير تڙ تي ڌوئڻ
لاءِ کڻي ويا، ۽ پاڻ تيستائين لڱين اگهاڙو ويٺو
رهيو. ائين ڪندي سندس فرزند ميان حسين اچي اتي
نڪتو، ۽ پنهنجي والد صاحب کي لڱين اگهاڙو ڏسي
پنهنجي چادر لاهي کڻي، سندس ڪلهن تي وڌائين. سيد
صاحب کي اها ڳالهه نه وڻي، ۽ چادر لاهي زمين تي
رکي فرمائڻ لڳو: ”سفيد چادر انهن کي ڍڪڻ گهرجي، جن
جي دل به اڇي هجي. اسان کي اها اوڍڻ واجب نه آهي.“
ان وقت هي بيت پڙهيائون:
(36) ڪاڻياريون ڪِيَ[142]
ڪَنِ، عمر اڇا ڪَپڙَا؟[143]
جني جا ٿرن ۾، وَرَ ٿا ويڻ سَهَنِ.
• فقير جو قوت اهو آهي، جيڪو وقت تي موجود ٿيو،
لباس اهو آهي، جيڪو فرض وارا انگ ڍڪي، ۽ سندس
اوتارو اهو آهي، جتي رات پويس: ”قوت الفقير ما وجد
و مالباسہ ماستر، وسکنہ حيث در لَہ“
• گودڙي پهرڻ سندس عادت هوندي هئي. هڪ ڏينهن اها
گودڙي اوڍي سيد جلال شيرازي وٽ ويو، جنهن اها
گودڙي ڏسي کيس چيو، ”اها گودڙي لاهي نه ٿا ڇڏيو،
ان مان ڪهڙو مرتبو ۽ ڪرامت حاصل ٿئي ٿي؟“ سيد صاحب
کيس جواب ۾ چيو: ان جو ”جُبو“ نالو مشهور آهي.
قرآن شريف ۾ آيت آهي: ”يا بَنِي آدَمَ قَدّ
اَنُزَلنا عَلَيکُمُ لَباسَا يُوارِي سَوّ
اَتِڪُمُ وَرِيشاً (الاعراف-26)“
(اي آدم جا اولاد، اسان اوهان تي پوشاڪ لاٿي آهي،
جيڪا اوهان جي اوگهڙ ڍڪي ۽ زينت ٿئي ٿي.)
|