عيد ميلادالنبي 2- عيدالفطر، 3- عيدالاضحيٰ،
ڪرستانن جي جشن جو ڏينهن. ڪرستانن جون مکيه عيدون
هي آهن:
عيد الفصح يا عيد القيامه، جنهن کي ايسٽر به چئبو
آهي. هن ڏينهن تي حضرت عيسيٰ کي صليبِ تي چاڙهيو
ويو هو. 2- عيدالففي، 3- عيدالميلاد، جنهن کي
ڪرسمس ڊي
CHIRSTMAS DAY) به چئبو آهي. هن ڏينهن تي حضرت عيسيٰ جي ولادت ٿي هئي). يهودين
جي جشن جو ڏينهن، خوشيءَ جو ڏينهن، خوشيءَ وارو
وقت.
فڪر=
(ع) سوچ، ويچار، خيال، غور، ڳڻتي.
ڪارين ڪنين= ڪارن ڪنن وارا.
ڪاميا= مست درياهه.
ڪانيرو= پکيءَ جو قسم جو ڪارسرو ٿيندو آهي، ۽ مڇي کائيندو آهي.
هتي ڪانيري مان مراد آهي، دنيا جو طالب.
ڪاڻياريون= ڪاڻ واريون، غرض واريون- ڪاڻ= مطلب، غرض.
ڪبرياءُ= (ع)، وڏائي، عظمت، بزرگي.
ڪڏا=
ڪوڏ مان، خوشيءَ مان، شوق مان.
ڪر=
(سن. ڪَلا. ڪَل=
ڳڻڻ)، خبر، سنڀال، سڌ.
ڪر=
سنڌو، ليڪو، تائين.
ڪَرِهَڻُ= (پرا. ڪَلَهَه. سن. ڪَلَهُه. ڪَلّ=
آواز ڪرڻ.) وڙهڻ، لڙڻ، جهيڙو ڪرڻ.
ڪرهيندي قرب ٿئي= وڙهڻ کان پوءِ قرب حاصل ٿئي ٿو. يعني پنهنجو نفس مارڻ
کان پوءِ رب جي رضا حاصل ٿئي ٿي.
ڪُماڙو= (ڪُ=
خراب+ ماڙو=
ماڻهو)، خراب ماڻهو.
ڪرهو=
(پرا. ڪَرَهَه. سن. ڪَرَڀَ)، جوان اُٺ، ڪرهو.
ڪلين=
ڪلهن کان
ڪڪڙا=
ڪڪي رنگ وارا. ڀوري رنگ وارا.
ڪُنِرَ= (سن. ڪُنڊل)
ڪُنڊل= ڪنڍو، جوڳيءَ جي ڪنن جو والو) والي وارو، درويش، فقير.
ڪوڏ=
خوشي، شوق.
ڪهاڙ=
ڪهاڙي، ڪهاڙو.
ڪينرو= (سن. ڪَنُرَ) ساز جو قسم.
قرب=
(ع)، پيار، محبت، ويجهڙائي.
قضيو=
(ع)، حڪم، قضا، انسان جو فوت ٿيڻ.
کانءِ= م. کائڻ، ساڙي ڇڏ، جلائي ڇڏ.
کِجي=
م- کجڻ (پرا. ڪَيئڻَ، سن. کيدَنَ، کِدُ=
دک ڏيڻ)، بي حال ٿيڻ، چڙڻ، خفي ٿيڻ.
کُڏيون= حجرا، ڪوٺيون، اوطاقون.
کَروَتون= مسجديون.
گَرٿ=
(سن: گِڙُ=
ڳنڍ ڏيڻ)، ڳنڍ، ناڻي جي ڳنڍ، دولت، پيسا، ناڻو.
شاهه لطيف به ساڳيءَ ئي معنيٰ ۾ اهو لفظ ڪم آندو
آهي: ”ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو هڻجي سور جو“
گمان=
(ف)، شڪ، انومان اندازو، خيال.
ڳِڀَرُو= (سن. گِرّٿَ= روپَ). اڀرندڙ جواني وارو، پٺو، ٻار، ڇوڪر، نينگر،
نوجوان.
ڳوي=
ٽ.
ڳوري=
طالبو، عاشق، مشتاق زال.
گهٽ=
گهٽ ۾، نڙيءَ ۾.
گَهوٽَئين= گهوٽن جي.
گهور=
نظر، ديد.
لا=
(ع- حرف نفي)، نه، ناڪار. هي حرف صوفين جي مسئلي
نفي ۽ اثبات لاءِ به ڪم ايندو آهي. مطلب آهي، ته
پهريائين دنيا جي سڀني شين جي نفي ڪجي، يعني ائين
اعتبار ڪجي، ته دنيا ۾ ڪنهن شيءِ کي حقيقي وجود
ڪونهي. ان کي ”لا“ جي منزل چوندا آهن. ”لا“ يا
نفيءَ کان پوءِ ٻي منزل آهي ”اثبات“ جي. يعني نفي
ڪرڻ کان پوءِ چئجي، ته فقط هڪ ذات مطلق هرهنڌ جاري
۽ ساري آهي.
لاهه=
هيٺاهون حصو، لاڙ، لاڙو، لاهي، (ضد چاڙهيءَ جو)
وڻن ۽ ٻوڙن جون پاڙون.
لتاءِ= م- لتڻ. بند ڪَيءِ
لِڌو=
وسپت، هڪ تاري جو نالو، لکيو، نصيب.
لِکَ=
(سن. لَڪشا)، ذرو، ٿورو.
لَکَڻُ= (پرا. لَڇَڻ، سن. لَڪّشَڻَ- لَڪَشُ=
نشان ڪرڻ.) گڻ، لڇڻ، خصلت
لُہُ=
لوهه.
لياڪا= جهاتيون، ليوپائڻ، ٽنگ مان نِهارڻ، ٽنگ، سوراخ.
مانَ=
شل.
ماڪرياڙي= ڪنڍي.
مت=
سمجهه، هدايت.
مَتارڪا= (سن. مَتُ- مد= مستي ڪرڻ+ ”رو“ پڇاڙي)، متل، رطوبت وارو، پهلوان، خوش
مجازي= (ع. مجاز=
رستو، حقيقت جو ضد، دنياوي شيءِ، خاص طرح سان
انسان سان محبت.
مرئان= مرن کان- مرو= جانور.
مجا ڪئا= (مجا=
مزاڪيا)، سرها ٿيا، خوش ٿيا.
مڇڻ=
متان، مبادا.
مظهر=
(ع)، ظاهر شيءِ، ظاهر وجود.
معنيٰ= (ع). مطلب، مراد، ارٿ، سمجهاڻي.
ملاقي= (ع)، ملاقات ڪرڻ وارو.
منڌ=
(سن. مَگڌا. مُہُ=
بي سڌ ٿيڻ) جوان عورت.
مور=
(سن. مولَ)، موڙي، پاڙ، اصل.
ميين=
(پرا. مَيَه. سن. مَيه)، اٺن تي.
نابودي= (ف- نا=
نه+ بود=
هجڻ)، جنهن جو وجود نه هجي.
ناديدي= (ف، نا=
نه+ ديد=
ڏسڻ)، اهو ماڻهو جنهن نه ڏٺو هجي يا ٿورو ڏٺو هجي.
نِڱيا= م- نڱڻ (پرا. نِگَمَنَ، سن. نَرّ گَمَنَ- نر=
ٻاهر+ گِمّ=
وڃڻ)، نڪرڻ، ڀرڻ، پيدا ٿيڻ، نڪري ٻاهر ٿيڻ.
نور=
(ع)، روشني، روشنيءَ جو ڪرڻو جو شين کي ظاهري، ذات
بابرڪات آنحضرت ﷺ.
واچا=
واچان=
واچ مان- واچ=
سڪ، محبت، قرب.
واهڻ=
وهڻ، وهڪرو، واهه، درياهه.
والله خيرالماڪرين= (قرآن حڪيم جي آيت جو حصو)، (الله بهترين تدبير ڪندڙ
آهي.)
وَٿُ=
(پرا. وَٿُ، سن. وَستَ- خود. ”وست“ به اسان وٽ
شيءَ جي معنيٰ ۾ مروج آهي. عام گفتگوءَ ۾ چئبو
آهي: ”شيءِ وست آندي آٿم.“)، شيءِ، چيز.
واءُ=
واءُ وانگر هرهڪ تي ظاهر ٿي وڃي، ظاهر.
وَرُ=
وڌيڪ چڱي.
وِرڄِي= م- ورڄڻ (سن. وِرو چَنَ. و= نه+ رُچُ=
چاهڻ)، ڀڄڻ، ڀرڻ، ڦٿڪڻ، اٿلڻ پٿلڻ، بي آرام ٿيڻ،
پگهارجڻ، ڳرڻ، ڪڪ ٿيڻ.
وِرونهيو= (سن. ونودَنَ. وِ= گهڻو+ نن=
تاڪيد ڪرڻ) وروهه ڪئي، صحبت ڪئي، ملاقات ڪئي.
ولاڙ=
(سن. وِلول- وِ=
گهڻو+ لَلّ=
لُڏڻ)، سَٽَ، لُرَ، تڪڙا، تکا، تيز.
وسا=
وس ۾.
وِنگائي= (سن، وَڪرَ. بَڪِ= ڏنگو ٿيڻ)، نگو، مڙيل، ڏنگا پيچ.
وهائي= (سن. وِڀاتَنَ، وِ= گهڻو+ ڀا=
چمڪڻ)، سڄي رات، پرهه ڦٽي، باک ڦٽي، صبح جو سوير،
وهِي=
(سن، وَيَس=
عمر) جواني، عمر، مند
وهرو=
وهلو، تڪڙو تڪڙو، جلدي، تيزيءَ سان.
وِير=
(پرا. وِيَر، سن. وير، وِيرّ=
طاقت)، ٻلوان، پهلوان، بهادر، سياڻو.
ويڙ=
(سن، ويشٽَ)، جهنگ جهڳٽو، گاهه جي جاءِ، گهر،
جاءِ، گهرن جو مجموعو
ويلو=
وقت
ويڻ=
(پرا، وَيَڻَ، سن. وَچَنَ، وچ=
چوڻ)، سخن، ٻول، مهڻو، طعنو.
هاري=
(سن. هارِتّ- ’هر‘=
وٺڻ) هار کاڌل، نڀاڳي، نادان زال، محبياڻي.
هاڙو=
جبل جو نالو.
هل=
گو گاءُ (غوغاءُ) آواز، ڏس، پتو.
هلاچو= هلچو، هل هنگامو، گوڙ.
هربو=
(ع، حرب)، ڊوڙ، چال، ٽپو، وک، قد.
هنجهه= پکيءَ جو قسم، جنهن جو قوت موتي آهي. هتي هنجهه مان
مراد آهي: حق جو طالب.
هور=
(ع- هول). ڊپ، خوف، فڪر، ڳڻتي، انتظار، الڪو،
ڪاهه، هيٺ، کپت، هلاڪي.
هينئڙو يا هنيو= دل.
شاهه ڪريم جي بيتن جي شرح
بيت 3- جهڙيءَ طرح سان لوهه کي سنداڻ تي ڌڪ لڳندا
آهن، تهڙيءَ طرح سان منهنجي دل کي ڌڪن کائڻ جي
عادت پئجي وئي آهي. يعني منهنجي دل تي هر وقت
دنيوي شين جا ڌڪ لڳندا رهن ٿا، پر جيئن ته آءٌ
پنهنجي مالڪ کي ياد ڪندو رهان ٿو، انڪري ان تي
انهن ڌڪن جو ڪوبه اثر نه ٿو ٿئي.
بيت 4- جيڪڏهن محبوب سان ملڻ چاهين، ته منهنجي هن
نصيحت تي عمل ڪر: دل ديوانن جيان ڪري، دنيا جا
لاڳاپا لاهي ڇڏ ۽ ظاهري عقل جي پابندي ڇڏي ڏي.
ڀٽ ڌڻيءَ به فرمايو آهي:
”جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ڇڏ.“
انهيءَ نظريي جي مدنظر ڀٽ ڌڻيءَ سهڻيءَ لاءِ چيو
آهي، ته گهڙو جيتوڻيڪ محبوب سان ملڻ جو وسيلو هوس،
پر جڏهن هو موٽائي آڻيندو هوس، تڏهن فراق جو سبب
بڻبو هوس. پر جڏهن گهڙو ڀڳس، وسيلو ويس، تڏهن ئي
وڃي هميشہ لاءِ محبوب سان ملي:
”گهڙو ڀڳو گهوريو، پاڻان هو حجاب.“
ٻي هنڌ فرمائي ٿو:
جڏهن وسيلن، لوڙهي ڇڏي لڙ ۾،
پارارا پرين، تڏهه پڇي سوهڻي.
مولانا جلال الدين روميءَ به فرمايو آهي:
من چه غم دارم که ويراني بود-
زيرِ ويران گنجِ سلطاني بود
بيت 6- شاهه ڪريم پنهنجي بيان کي زوردار ڪرڻ لاءِ
قسم کڻي چوي ٿو، ته جٿي ڪٿي منهنجي پياري دوست جو
جلوو جاري ۽ ساري آهي. هي وحدت الوجود جو نظريو
آهي، جنهن موجب واجب الوجود فقط اها ذات آهي، هيءَ
سموري ڪثرت انهيءَ جا پروا آهن. يعني ڪثرت ۾ وحدت
جلوه گر آهي. ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي:
”ٻرن ٻيلاين جا چوڌاري چڙا“
ٻئي هنڌ فرمايو اٿس:
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ناهه ٻيو.
سچل سرمست ساڳيو خيال هن طرح آندو آهي:
”ڪنهن طرف ڪاهيا، جو طرف مڙيئي تم ٿيا.“
حديث شريف ۾ به آيو آهي: ما رايت شيئا و رايت الله
فيہ“ (ڪابه اهڙي شيءِ نه ٿو ڏسان، جنهن ۾ خدا جو
پرتوو نه آهي).
فريد الدين عطار منطق الطير ۾ آندو آهي، ته ٽيهه
پکي مسافري ڪندي جڏهن سيمرغ جي آستاني تي اچن ٿا،
ته ڏسن ٿا ته رڳو سيمرغ ئي آهي، ٻيو ڪجهه به
ڪينهي، يعني اهي ٽيہ پکي سيمرغ ۾ سمائجي هڪ ٿي وڃن
ٿا.
بيت 7- ظاهري عقل کي ڇڏي، سڪ ۽ محبت مان عشق جي
درياهه ۾ ٽپو ڏي. ظاهري عقل توکي احساس ڏياريندو،
ته اها واٽ ڏاڍي ڏکي اٿئي، پر حقيقت ۾ جنهن کي تو
درياهه سمجهيو آهي، اهو وک جي برابر به نه آهي،
يعني جڏهن لوڪ جا لاڳاپا لاهي، معرفت جي واٽ تي وک
وڌائبي، ته اها ڏکي نظر نه ايندي، ڀٽ ڌڻي ظاهري
عقل کي هن طرح ٿو نندي:
”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“
حڪيم سنائيءَ فرمايو آهي:
علم کز تو ترا نه بستاند- جهل ازان علم به بود
بسيار.
مولانا روميءَ فرمايو آهي:
فهم خاطر تيز کردن نيست راه-
جزشکسته مي نگيرد فضل شاهه
شاهه ڪريم وارو مذڪور خيال، ڀٽائيءَ صاحب جي هيٺين
بيت مان به واضح ٿئي ٿو:
”ڀيلو ڀيري ڀڃ، اڪنڊ کڻ عميق ۾.“
بيت 10- فطرت جو قانون آهي، ته جنهن شيءِ کي
جاڳندي گهڻو ياد ڪبو آهي، ته اها ننڊ ۾ به پيئي
ياد ايندي آهي. ان موجب، شاهه ڪريم پنهنجي دل جي
ڪيفيت بيان ڪئي آهي، ته جيئن ته منهنجي دل منهنجي
محبوب پاڻ وٽ سوگهي ڪئي آهي، تنهنڪري جاڳڻ وقت به
ان جو ذڪر آهي، ته ننڊ ۾ به ان جو ورد جاري ۽ ساري
آهي. شاهه لطيف به اهڙين ئي هستين لاءِ فرمايو
آهي:
”سي ستائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.“
حضرت خواجه محمد زمان لنواريءَ واري فرمايو آهي:
”سمهڻ تن ثواب، ڪتڻ تن کي ڪيميا.“
بيت 11- راز جڏهن ظاهر ٿيندو آهي، تڏهن منجهائنس
اهو مزو ڇڏائي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح طالب کي به
گهرجي، ته معرفت جو مَنجُهه عام ماڻهن کي نه ڏي،
ڇاڪاڻ جو هو انهن ڳالهين سمجهڻ جا اهل نه آهن.
شاهه لطيف به ور ور ڪري اهو خيال ظاهر ڪيو آهي.
فرمائي ٿو:
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
ٻي هنڌ فرمايو اٿس:
”واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.“
بيت 12- سيد صاحب جو مطلب آهي، ته ڪي ماڻهو الله
تعاليٰ جو ذڪر انهيءَ ڪري ٿا ڪن، ته دنياوي فائدو
ٿئي، يا آخرت ۾ بهشت عطا ٿئي. اهي ڄڻ هڪ قسم جا
مزور آهن، جي پنهنجي محنت جو معاوضو طلب ڪن ٿا. ڪي
وري سواءِ ڪنهن طمع جي، فقط انهيءَ لاءِ انهيءَ کي
ياد ڪن ٿا. صوفين جي اصطلاح ۾ جيڪي دنيا جا طالبو
آهن، انهن کي ”طالب الدنيا مونث“ (دنيا جو طالب
عورت آهي)، آخرت ۾ بهشت ملڻ جي خواهش ڪندڙن کي
”طالب العقبيٰ مخنث“ (آخرت جو طالبو کدڙو آهي)، ۽
فقط الله لاءِ الله کي ياد ڪندڙن کي ”طاب الموليٰ
مذڪر“ (موليٰ جو طالب نر آهي) سڏيو ويو آهي. حضرت
خواجه محمد زمان فرمايو آهي، ته جنت جي طلب ڪندڙ
اڃا هيٺاهينءَ منزل تي آهن:
”جنت جا مشتاق، اڃا اورانهان ٿيا.“
ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو:
گهڙو ڀڳو، ته گهوريو، مَرُ چور ٿئي چوڙو،
طالب الموليٰ مذَڪر، اي ٻڌندڙن ٻوڙو،
ڪوڙهئو ڏم ڪوڙو، مون مهار من ۾.
بيت 17- هندي ۽ قديم سنڌي شاعريءَ جي روايت آهي،
ته عاشق پنهنجي محبوب تي ڏوهه نه ڏيندو آهي، پر
پنهنجي ئي ڪوتاهي ڪڍندو آهي. انهيءَ روايت موجب
سيد صاحب به سسئيءَ جي واتان چوائي ٿو: جيڪي مون
ڀنڀور کان ٻاهر نڪري پنهنجي پنهون، کي سڏ ڪيا، اهي
جيڪڏهن منهنجو پيارو دوست ٻڌي ها، ته جيڪر ايترو
جلد نڪري نه وڃي ها. يعني پنهنجي پياري تي ڪو ڏوهه
نه ٿي ڏئي.
بيت 23- سيد صاحب طالب کي تلقين ٿو ڪري، ته
”پهريائين پنهنجو پاڻ فنا ڪر ته محبوب جو مشاهدو
ماڻيين. جانب توکان جدا نه آهي، فقط حقيقي اکيون
ڌاري پنهنجو پاڻ کي پس.“ ٻين صوفي شاعرن به اهو
خيال نهايت وضاحت سان بيان ڪيو آهي. هو چون ٿا، ته
جڏهن پنهنجو پاڻ فنا ڪبو، تڏهن ئي محبوب جو مشاهدو
ماڻبو. ان کي هو ”موتوا قبل ان تموتوا“ (مرڻ کان
اڳي مرڻ) سڏيندا آهن. شاهه صاحب فرمايو آهي:
”مِري جيءُ ته ماڻيين، جانب جو جمال.“
بيت 24- سيد صاحب مجازي عشق کي ننديندي طالب کي
تلقين ٿو ڪري، ته مجازي عشق کي پنهنجو مائٽ نه ڪر
(يعني مجازي عشق سان لڳ لاڳاپو نه رک) ۽ نه ان
پاسي ڌيان ئي ڏي. اي ڀوري! حقيقي عشق جي واٽ معلوم
ڪري ان تي ڇونه ٿي هلين؟
بيت 27- اي شهوت جا شڪار ٿيل اٿو! اوهان پاڻ الائي
ڇونه پيتو؟ مون ته اوهان کي گهڻوئي سيکاريو
سمجهايو، پر اوهان انهيءَ ڪري نه پيتو، ڇاڪاڻ جو
اوهان جي نصيب ۾ لکيل نه هو.“
هيءَ آهي لفظي معنيٰ. ڀائنجي ٿو، ته شاهه ڪريم
پنهنجي عام مريدن ۽ معتقدن جي حالت تي افسوس جو
اظهار ڪندي فرمايو آهي، ته مون ته اوهان جي روحاني
تربيت جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر جيئن ته اهو روحاني
فيض اوهان جي نصيب ۾ لکيل نه هو، تنهنڪري اوهان ان
مان پوريءَ طرح مستفيض ٿي نه سگهيا.
بيت 28- ”اي عورت منهه ۾ ويهي نه رهه، پر اُٿي اس
۾ انتظار ڪڍ، ڇاڪاڻ جو انهن کي پنهنجو مائٽ ڪيو
آهي، جن جو ڏيهه ڏور آهي.“ يعني طالب کي جڳائي، ته
مالڪ سان ملڻ جي ڪوشش وٺي، ڇاڪاڻ جو ڪوشش ۽ مجاهدي
کان سواءِ ڪجهه ٿيڻو نه آهي. سيد صاحب ساڳيو ئي
خيال ٻي هڪ بيت ۾ سمجهائيندي فرمائي ٿو ته نه
سَڌُنِ سان سيڻ ٿيندا آهن، ۽ نه نياپي سان ئي
نينهن ٿيندو آهي. پر جيستائين سڄيون سڄيون راتيون
انتظار ۽ اوسيڙي ۾ رت ڦڙا نه روئبو، تيستائين
محبوب جي ملاقات نصيب نه ٿيندي:
نيہ نياپي نه ٿيي، سڌين سيڻ نه هون،
ڪاريين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون.
شاهه لطيف به ڪيترائي ڀيرا انهيءَ خيال جو اظهار
ڪيو آهي، ته واحد جي وصال لاءِ مجاهدا ۽ رياضتون
ڪرڻ گهرجن، ۽ منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ هر حيلو
هلائڻ گهرجي. هڪ هنڌ فرمائي ٿو:
ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين،
سي مر رويون رون، جن مسافر سپرين.
بيت 31- صوفين جي سمجهاڻي آهي، ته الاهي اسرارن کي
عام آڏو پڌرو نه ڪجي. شاهه ڪريم انهيءَ خيال کي
سمجهائڻ لاءِ هن بيت ۾ چور ۽ چوريءَ جي تمثيل بيان
ڪئي آهي. سندن مطلب آهي، ته جهڙيءَ طرح چور ۽
چوريءَ جي مصلحت ڳجهه ڳوهه ۾ آهي، تهڙيءَ طرح سان
معرفت ۽ معرفت جي صاحب جو مرڪ به مخفي هجڻ ۾ آهي.
جهڙيءَ طرح سان چور پهرين پاڻ لڪائيندو آهي، ۽
پوءِ شيءِ کي، اهڙيءَ طرح مڻيادار مرد کي به جڳائي
ته لوڪ ۾ لڪو رهي.
بيت 34- ڪنهن کي به اجايو سجايو ڇينڀ نه. جيڪڏهن
ڪو ٻوڏ چوئي، تڏهن به تون ان کي جيءُ چوءُ. جيڪڏهن
محبوب سان ملڻ گهرين ٿو، ته ٻين جي ڏاڍاين ۽
زيادتين کي به گڻ ۽ چڱايون ڪري سمجهه. ”يعني طالب
کي هر ڪنهن سان نهٺائيءَ سان پيش اچڻ گهرجي. ايتري
قدر جو ٻين جي زيادتين تي به ڪاوڙجڻ نه گهرجي.
شاهه لطيف به چيو آهي:
”هو چوني تون مَ چُو، واتان ورائي.“
بيت 35- ”چتين لڳل ڪپڙا پاءِ، پٽڪن کي ڏنگا پيچ نه
ڏي. اهائي ڳالهه هٿ ڪر، جيڪا تنهنجي مالڪ جي منشا
مطابق هجي.“ يعني فقير لاءِ سادگي ۽ سادي پوشاڪ
ضروري آهي.
بيت 37- مست جوان چيلهه سان پيسا نه ٻڌندا آهن.
يعني سچا فقير دنيا سان دل نه رکندا آهن، پر ڪلال
جي اڱڻ اچي، سر جي هوڏ هڻي، شراب پيئندا آهن. يعني
پنهنجو پاڻ فنا ڪرڻ کان پوءِ معرفت جي مئي پيئندا
آهن.
بيت 38- اي مڇڙا! جيڪا ڪنڍي تو پنهنجي نڙيءَ ۾ وڌي
آهي، ان ڪيترن ئي تو جهڙن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو
آهي. يعني، اي انسان! جنهن دنيا سان تو دل رکي
آهي، ان ڪيترن کي الله تعاليٰ جي رستي کان پري ڪري
ڇڏيو آهي.
بيت 39- جيڪڏهن ڏور کي پري کان ئي ڏسي، تڪڙو تڪڙو
هليو وڃي ها، ته اي مڇڙا! جيڪر توکي ڪنڍي ڳڻتيءَ ۾
نه وجهي ها. يعني، جيڪڏهن اي انسان، دنيا جي دولاب
کي منڍ ۾ ئي محسوس ڪري، ان سان دل نه لڳائين ها،
ته توکي هينئر ڪنڊا ڪڍڻا نه پون ها.
بيت 41- اي سهڻي يا ته گهر کان ٻاهر نه نڪرين ها،
يا وري هينئر موٽڻ جو خيال ڇڏي ڏي. فقط هيڪڙائيءَ،
کي هٿ ڪر، ۽ دوئيءَ کي ڀڳلين شين جيان ڀڃي ڦٽو
ڪر.“ مطلب آهي، ته طالب جيڪڏهن حق جي واٽ وٺڻ
گهري، ته دنيا جا لڳ لاڳاپا ڇڏي، هڪ منو ٿي،
هيڪڙائيءَ کي هٿ ڪري.
بيت 44- ”پهلوان گهاتن کي ننڍو پاڻي نظر ۾ نه ٿو
اچي. انهن جون اکيون، پاڻ وڃي انهي پاڻيءَ جون
خبرون لهن ٿيون.“ يعني معرفت جا صاحب دنيا جي
مٿاڇري (ظاهري شين) تي نه موهبا آهن، پر ان ۾
اونهو وڃي حقيقي هستيءَ کي هٿ ڪندا آهن.
بيت 45- ”هنجهه پکي جيئن ته موتي چڳيندو آهي،
تنهنڪري اهو اونهي پاڻيءَ ۾ نظر ايندو، ڇاڪاڻ جو
موتي اونهي پاڻيءَ جي تري ۾ هوندا آهن. اها ڪانيري
جي عادت آهي، جو ننڍي پاڻيءَ جي مٿان لامارا ڏئي،
ڇاڪاڻ جو ڪانيري جو قت ننڍي مڇي هوندي آهي.“ هتي
هنجهه مان مراد آهي الله جو طالب ۽ ڪانيري مان
مراد آهي دنيا جو طالب.
بيت 46- ”اتر ۽ لاڙ ۾ جيڪي به دوست هئا، انهن سڀني
کي آزمايوسون. آزمودي مان معلوم ٿيو، ته پنهنجي
پورهئي کانسواءِ ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿو ٿئي.“
يعني ٻي جي آسري تي نه لڳجي، پر پنهنجو ٻوٽو
ٻارجي.
بيت 47- ”اي امڙ محبت ۽ وڏائي هڪ هنڌ گڏ ٿي نه ٿا
سگهن. صوفين جو انهيءَ ڳالهه تي پورو پورو اتفاق
آهي.“ شاهه لطيف انهيءَ خيال کي هن طرح بيان ڪيو
آهي:
”ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.“
بيت 49- دوست لاءِ پنهنجي پر يا پنهنجي ليکي سڙي
پچي، پرڏيهه کي پسجي. يعني محبوب جي ملاقات لاءِ
پنهنجي ليکي ڏونگر ڏورجن، پر ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍجي.
ائين ڪرڻ سان ئي انهيءَ ملڪ ۾ وڃي پهچبو، جتي هوت
حاصل ٿيندو، ۽ اهوئي حقيقي ساڻيهه يا وطن آهي.
بيت 51- ”پاڻيءَ تي ويٺا آهن، تڏهن به بيوقوف پيا
اڃ مرن. مٺلن وانگر دانهون ته ڪن ٿا، پر دم نه ٿا
سڃاڻن.“ يعني: انسان ڪيڏا نه بيوقوف آهن، جو الله
تعاليٰ سندن ويجهو به آهي، تڏهن به ان جي رحمت کي
حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن. اجايون دانهون ته پيا
ڪن ٿا، پر پنهنجو پاڻ نه ٿا سڃاڻن. الله تعاليٰ جي
هن فرمان ڏانهن اشارو آهي: ”نحن اقرب اليہ من حبل
الوريد“ (اسان توکي ساهه جي رڳن کان به ويجها
آهيون). ڀٽائي صاحب فرمايو آهي:
”نحن اقرب اليہ من حبل الوريد، تنهنجو توهي ساڻ.“
بيت 53- ”اوٺين، ڪاڪ کي وڻن سميت اورانگهي نه
سگهيو. جيتوڻيڪ راڻا گهڻن ئي گڻن وارا هئا، تڏهن
به رئندا ويا.“ يعني: معرفت جي واٽ ڏاڍي ڏکي آهي،
ڪيترائي پانڌيئڙا منزل مقصود تائين پهچي نه سگهيا.
ڪيترن حق جي طالبن ۾ جيتوڻيڪ گهڻيون ئي خوبيون
هيون، تڏهن به منزل ماڻڻ لاءِ رت رئندا ويا.
بيت 55- ”بيوقوف ماڻهو اصل کي نه سمجهندا آهن، ۽
پوءِ اجايو هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا آهن. جن اکين
۾ دوئي آهي، اهي پرين ڪيئن پسنديون.“ يعني: طالب
کي گهرجي ته دوئيءَ کي دور ڪري پاڻ کي پسي، ته
مشاهدو ماڻي. حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه جو قول
آهي: ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“ (جنهن پنهنجي نفس
کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو). صوفين، حضرت
علي رضي الله تعاليٰ عنه جي انهيءَ قول تي گهڻو
زور ڏنو آهي. شاهه ڪريم به انهيءَ ئي قول جي تشريح
ڪئي آهي.
بيت 57- ”پرين سان پنندي، پنهنجي حياتي گذار. ڪو
مانيون پائيندوءِ ته ڪو ڀت پائيندوءِ.“ يعني:
معرفت جي واٽ وٺي هلندو هل. ان مان توکي سڀ ڪجهه
حاصل ٿيندو.
بيت 58- ”جيڪڏهن اوهان ڏاتار جو منهن ڏٺو هجي، ته
جيڪر ائين ڪڏهن به نه سمجهو ته هو ڪو ڪنهن جي ڏوهه
کان ڏمريو آهي، هو ته پاڻ ماڻڪن جون مٺيون ڀري،
اسان جي آڏو پيو آڇي، يعني هو ته پاڻ اسان کي هر
طرح پيو نوازي. شاهه لطيف فرمايو آهي:
”پرچي، ته پل ڀري، ڏمرجي ته به ڏي.“
مراد آهي: ٻنهي جهانن جي سردار، عالمن جي آڌار
محمد مصطفيٰ ﷺ جي ذات بابرڪات سراپا رحمت آهي.
بيت 59- درياه موج ۾ اچي پيو ڪن هڻي، سنبوهيون به
ان ۾ موجود آهن. گهڻائي واجهه وڌم، پر پرين ان ۾
نه پيا. يعني: گهڻيون ئي ڪوششون ڪيم، ۽ حيلا
هلايم، پر محبوب جو وصال حاصل نه ٿيو.
بيت 61- ”اي داسڙا! جن جي جگر تي تنهنجو داغ آهي،
تن تان تون ڪيئن ٿو دل کڻين.“ يعني: اي منهنجا
محبوب! جن کي تو پنهنجي عشق جي لنو لڳائي آهي،
انهن کي پاڻ کان پاسي نه ڪر.
بيت 62- ”ڪلاچيءَ جي ڪن مان ڪوبه واپس نه وريو، ڪن
پنهنجا رڇ وڃائي ڇڏيا، ۽ ڪي توبهه تائب ٿيا.“
يعني: الله تعاليٰ جي سرڪار ڏاڍي آهي، اتي ڪابه
حيل حجت نه ٿي هلي. لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
”حجت هوت پنهوءَ سين، مون ڪمينيءَ ڪيهي.“
بيت 64- ”ڪلاچيءَ جي ڪن جي پرئين پاسي کان ساٿين
جو سڏ ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. انهن گهاتن جا مڪڙا، ڪنهن
تڙ تي وڃي ڏسي.“ يعني: جيڪي هن جهان مان لڏي
لاڏاڻو ڪري ويا، انهن جو احوال اسان وٽ ڪونه ٿو
اچي. انهن جو ماڳ ۽ مڪان توکي هن جهان مان وڃڻ کان
پوءِ ئي معلوم ٿيندو. |