هن سلوٽ ڪيو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ايسوسيشن آفيس ۾
آيو ۽ اتان پئسن تي خريد ڪئي هئائين، هڪ خوبصورت
ڊائري ۽ صاحب جي ڪمري ۾ گهڙي هن سلوٽ ڪري ٻنهي هٿن
سان، ڊائري ان بدلي ٿي ويل چيف اڪائونٽنٽ کي ڏني
هئي. ۽ هي اٽينشن ٿي بيهي رهيو هو، هن جي صاحب
ڏاڍي شائستگي سان ان چيف اڪائونٽنٽ کي چيو هو.
This
is the gift for you not form my Side. But it is
by Mr. Irfan Ali.
۽ پوءِ هن جي آفيسر هن ڏانهن خوشي سان نهاريو هو
ان وقت کن پل لاءِ هن جي من ۾ آيو ته چيف
اڪائونٽنٽ کي هو به ڪجهه ياد ڏياري، پر پوءِ
سوچيائين ته مهربان آفيسر پهريون ڀيرو ڪم چيو آهي.
تنهن ڪري هن وري پنهنجي آفيسر ڏانهن ڏسي چيو ته
”سر ٻيو ڪو حڪم...!
”نه بس ٿينڪ يو، مسٽر عرفان...!“
۽ هن وري ڪمري ۾ هڪ زوردار سلوٽ هڻي، قالين جي
مٽيءَ کي ڪجهه انڄ مٿي ڪري پنهنجي بوٽ تي ڪيرايو ۽
ابائوٽ ٽرن ٿي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. هڪ طرف ته
هي خوش هو ته اهڙي مهربان آفيسر، سندس نالو وٺي،
سندس شڪريو ادا ڪيو، ٻئي پاسي ان چيف اڪائونٽنٽ کي
ڊائري ڏيندي ڳالهه ياد آئي هئس ته ڪئين نه انهيءَ
ساڳي چيف اڪائونٽنٽ سندس جائز هائوس پرچيز جي لون
جي رمائينڊر ليٽ واري درخواست جيڪا آفيس جا سڀ
مرحلا طئي ڪري چڪي هئي فقط هن وٽ آخري ۾ اي. جي.
پي. آر لاءِ فارفرڊ ٿيڻ لاءِ آئي هئي.
پر هن اها سائن نه ڪئي هئي، باوجود پرسنل پرابلم
ٻڌائڻ رڪيسٽ ڪرڻ جي ۽ ڪاغذن جي حوالي سان اهيو
ٻڌائڻ جي ته هن جي ايپليڪيشن 1985ع ۾ ڏنل آهي. ۽
هن سان گڏ ويل ۽ ان کان پوءِ هتان ويل درخواستن جي
موٽ ۾ ڪيترن ئي کي لون ملي چڪو آهي.
۽ هن جي ڏنل درخواست کي ڏهه سال ته ٿي چڪا آهن.
يقينن هن چيف اڪائونٽنٽ کي به اها ڳالهه ضرور ياد
هوندي...... ! پر پوءِ به هن خوشي جو اظهار ڪندي
هن جي هٿن مان اها ڊائري ورتي هئي...! هن جا خيال
ٽٽا جڏهن ڏاڪڻ تي وري ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌائين
هي وري اٽينشن ٿيو.
اهو هنن جو سيڪنڊ نمبر پاس هو، هن ان کي سلوٽ ڪيو
۽ هو وڏي باس جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. هاڻ ته بالا
آفيسر جا ڊرائيور به گهڙي گهڙي واچ ڏسندا رهيا ۽
ڪنڊون وٺي سگريٽ به ڇڪيندا رهيا. پر هن کي هاڻي
اتان چرڻو ڪونه هو، تنهن ڪري هي رڳو... .پير اڳتي
پوئتي ڪندو رهيو ۽ وري سوچڻ لڳو ته 1985ع کان
1995ع اچي چڪو آهي. هن جو هائوس پرچيز جو لؤن
الاءِ ڪهڙي فائيلن ۽ رجسٽرن ۾ گم آهي. هي ان لاءِ
پاڻ به اي. جي. پي، آر جا ڪيترائي چڪر ڪاٽي چڪو
آهي. پر ڪو به کڙ تيل ڪونه نڪتو، ۽ هيءَ گذريل ڏهن
سالن کان شاديءَ جا رڳو خواب ئي ڏسي خوش ٿيندو
رهيو آهي. پر دوستن ۽ مائٽن آڏو هميشه شرمسار،
ڪنهن کي ڪنهن کي پنهنجي مالي پوزيشن ٻڌائي ۽ شادي
نه ڪرڻ جا سبب ٻڌائي، جڏهن ته هن جي درخواست اسلام
آباد مان ٻه سال اڳ آئوٽ آف ٽرن ٿي اي جي پي آر به
پهچي چڪي آهي.
هن سوچيو اڄ هن کي گهر به جلدي وڃڻو هو، ماءُ ۽
پيءُ لاءِ ۽ شام جو هن کي سول لائين ۾ هڪ وڏي
بنگلي ۾ رهندڙ دوست پاران ڏنل چانهه پارٽي ۾ به
وڃڻو هو ۽ هن کي ان دوست کي پنهنجي تنظيم ”سماجي
دنيا فلاحي تنظيم“ پاران لڳايل مفت طبي ڪئمپ جا
فوٽا به ڏيکارڻا هئا. رات ان ئي دوست فون تي چانهه
پارٽي جي دعوت ڏيڻ وقت پڇيو هئس ته ”بمبئي بيڪريءَ
تان ڪهڙو ڪيڪ گهرايان“؟
هن وراڻيو هو ته ”ميڪران ڪيڪ کائڻ جو موڊ آهي.“
”ڀلا بسڪوٽ ڪهڙا هلندا...؟
”ڪريم وارا بسڪوٽ وڻندا اٿم. پر ٽي ٽائيم به هلي
ويندا.“
اڏامي ويس وري سوچون موٽي ٿو اچي پنهنجي حال ۾،
هڪڙي هنڌ بيهي، بيهي هيءَ ڏاڍو ٿڪجي به پئي ٿو، پر
ڇا ڪري اڄ نئين بالا آفيسر جو پهريون ڏينهن هو. ٻي
شفٽ جو ڊيوٽي آفيسر اڄ کڻي ٽائيم تي ئي اچي ها، ڇو
ته هاڻي آفيس وارو ٽائيم به پورو ٿي چڪو آهي، ۽ هو
اڃان نه پهتو آهي. بس اڄوڪي، هن سان اهيا ويڌن
ٿيڻي هئي، اڄ کيس خير سان ڊيوٽي جو ايڪيهون ڏينهن
به هو. باقي هئس ڏهه ڏينهن ٻيا. وري ڪو ٻيو سندس
اهيا جاءِ اچي والاريندو ۽ هي واپس پنهنجي پوسٽنگ
پليس تي پهچي ويندو. وري سال ڏيڍ کانپوءِ جڏهن
وارو اچيس، تيسين هيڊڪوارٽر ۾ رڳو ڪنهن ڪم ڪار سان
ايندو، ها هن کي ياد آيو. اڄ شام جو ته هن کي ادبي
سنگت جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ به ڪونه ڪو اسم پڙهڻو
هو. ۽ ان لاءِ هن اڄ صبح ئي گهران هڪ ”تاثر“ اتي
پڙهڻ لاءِ کنيو هو. پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي ان جي
هجڻ جي پڪ ڪيائين ۽ وري اکيون ڳاڙهي بتي ۽ دروازي
۾ کپائي ڇڏيائين، نيٺ آفيس ٽائيم کان ڏيڍ ڪلاڪ
پوءِ ڳاڙهي بتي بند ٿي، بيل وڳي، ڊائيورن هوشياري
ورتي، در تي بيٺل سپاهي بالا آفيسر هن جي ويجهو
پهتا. ٽي بالا آفيسر گڏ ڏسي هن به پير مٿي کنيو ۽
زور سا هيٺ ڪيرائي سلوٽ هنيو. ٽنهي آفيسرن هن کي
ڏٺو ۽ هٿ مٿي کڻي سلوٽ جو جواب ڏنو. گاڏين جا
پويان دروازا کليا، ٽيئي آفيسر پنهنجن پنهنجن
سرڪاري گاڏين ۾ ويٺا ۽ ٽن حوالدارن پنهنجي پنهنجي
صاحب جي ڪار جي پاسي ۾ بيهي زوردار سلوٽ هنيا. مين
گيٽ تي بيٺل حوالدار هوشياري ڏٺي، رائيفلون کڄيون
۽ الوداعي سلوٽ ٿيو. باقي رهيل اسٽاف ۽ سپاهين
شڪرانا ادا ڪيا. هن به جلدي جلدي وڃي پنهنجي وردي
تبديل ڪئي، ۽ سول ڪپڙا پائي گهر ڏانهن روانو ٿي
ويو. گهر پهچي ماءُ کي دوائون کارائي ڊراپس اکين ۾
وجهي، هيءُ پيءُ کي پاڙي جي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو.
جنهن تپاس انجيڪشن هنئي ۽ دوا ڏني پيءُ کي گهر ڇڏي
هي گهران نڪري، سوچڻ لڳو ڪا به هڪ شيءِ مس ٿي سگهي
ٿي. يا چانهن پارٽي يا ادبي ڪلاس پوءِ سوچيائين
چڱو ٻنهي کي ڪور ڪري وٺبو. سول لائين جي دوست وٽ
ٿورو ليٽ پهچبو. پوءِ هو هڪ ادبي اداري ۾ پهچي ٿو.
جتان ڪارڊ ورهائڻ لاءِ ملن ٿا. وري هن لاءِ فيصلي
جو مسئلو ڪارڊ ٿو ورهائي ته نه ادبي ڪلاس نه ئي
دوست جي چانهن پارٽي...!
پوءِ هو آخري فيصلو ڪندي ٻين شين کي اهميت ڏيئي
ٿو، هڪ ادبي ڪلاس ٻيو ادبي پروگرام جا ڪارڊ
ورهائڻ، هو سج لهڻ کان پهرين ادبي ڪلاس ۾ پهچي وڃي
ٿو پنڌرنهن منٽن کانپوءِ دستوري ادبي گڏجاڻي شروع
ٿئي ٿي. هي ٻين جا اسم ٻڌي ٿو، رايا ٻڌي ٿو،
پنهنجا رايا ڏيئي ٿو واري اچڻ تي پنهنجو ”تاثر“
پڙهي ٿو، جيڪو پسند ڪيو وڃي ٿو، هن کي سڪون ملي ٿو
۽ منجهند آفيس واري ڊيوٽيءَ جي تڪليف وسري ٿي
وڃيس. ادبي ڪلاس مان ٿي هو ڪارڊ شهر ۾ ورهائيندو
ورهائيندو اڌ کان مٿي ڪارڊ ورهائي ٿو ڇڏي ۽ ان
ادبي اداري جي چيئرمين کي اچي ٻڌائي ٿو ته هو
ڪيترا ڪارڊ ورهائي چڪو آهي. اهو چيئرمين ڏاڍو خوش
ٿئي ٿو، اتي ويٺل هڪ اهم قوم پرست رهنما ۽ ٻيا
نوجوان اديب هن جي اهڙي تڪڙي ڊسٽري بيوشن تي خوش
به ٿين ٿا ۽ حيران به، ته بنا گاڏيءَ جي هن ڪم
جلدي ڇڏائي ورتو. هيءُ به هنن کي خوش ڏسي خوش ٿئي
ٿو ۽ کين ٻڌائي ٿو ته اڄوڪي ادبي ڪلاس ۾ پڙهيل
تاثر هو جنرل پوسٽ آفيس ۾ وڃي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ
هڪ رسالي کي پوسٽ به ڪري آيو آهي. ايتري ۾ اتي
اديبن پاران گهرايل ٻه چانهيون اچن ٿيون. جنهن کي
اڌ اڌ ڪوپ ڪري ڇهه کن اديب ۽ هڪ ادبي دڪان تي ڪم
ڪندڙ نوجوان پئي ڇڏين ٿا. هي ادبي پروگرام جا رهيل
ڪارڊ پنهنجي هٿن ۾ کڻي، اديبن کان موڪلائي ادبي
اداري جي آفيس مان ٻاهر نڪري ٿو. رات جا 9 ٿي چڪا
هئا. وري خيال اچيس ٿو. چانهه پارٽي واري دوست جو.
”ان ڏانهن وڃڻ گهرجي هن کي فون ڪرڻ گهرجي. پوءِ
سوچيائين ته فون ڪرڻو هو ته اڳي ئي ڪيان هان، ته
بهتر هو هينئر وڃانس ٿو، سڄي صورتحال ٻڌايانس ٿو.
پر پوءِ ياد اچيس ٿو. هن جو هڪ ڪلارڪ دوست جي
بيماريءَ جو. فيصلو ڪري ٿو. بيمار دوست جي
تيمارداري ڪري، جلدي گهر موٽڻ جو. پوءِ هيءُ ان
بيمار دوست لاءِ فروٽ وٺي اچي کيس ڏيئي ٿو. دلاسا
ڏيئي ٿو. دوا درمل جو پڇي ٿو. کيس سندس چوڻ تي
بازار مان کير وٺي اچي ڏيئي ٿو. ۽ پوءِ کيس آٿت
ڏيندي آرام ۽ پرهيز جو تاڪيد ڪندي اُتان موڪلائي
رات جو ساڍي ڏهين بجي پنهنجي گهر پهچي ٿو. هن جي
ماءُ دوائون کائي ننڊ ۾ هئي ۽ هن جي پيءُ هن کي
ٻڌايو ته تنهنجي سول لائين واري آفيسر دوست ٻه
دفعا فون ڪئي هئي. فون تي ڳالهايس. هن پيءُ سان ها
ڪئي. ۽ بورچيخاني مان ماني کڻي اچي کائڻ لڳو ۽
سوچڻ لڳو هينئر فون تي ايڪسڪيوز ڪرڻ ڪيڏو نه عجيب
ٿو لڳي. پوڻا يارنهن ٿيڻ وارا آهن. هن جا ننڍڙا
معصوم ٻارڙا سمهي رهيا هوندا. فون جي گهنٽيءَ تي
انهن جي ننڊ نه ڦٽي وڃي. ڀاڀي ڇا سوچيندي شام
چانهه پارٽيءَ ۾ آيو ڪونه ۽ هينئر پيو بيگاهه وقت
۾ فون ڪري ٻارڙن جون ننڊون ڦٽائي، فون ڪرڻ جو
ارادو بدلائي ڇڏيائين. ۽ سڪون سان ماني کائيندي
سوچي رهيو هو. دل جي خوشي هر ڪنهن جي پنهنجي
پنهنجي هوندي آهي. شايد هن کي اڄ شام ميڪرون جو
ڪيڪ، ڪريم وارا بسڪوٽ، کائيندي، ملڪ ڪافي يا گرم
چانهه پي آفيسر دوست جي وڏي بنگلي ۾ ايڏو سڪون ۽
راحت نه ملي ها. جيترو اڄوڪي سڄي جدوجهد ۾ آيو
هوس.
اکرن جي معنيٰ
پوڙهو اسٽنٽ ڪميسٽ هن کي سيرپ ٽينڪ مٿان اچي،
بيهاري ٿو، پائوڊر ۽ ليڪوڊ جا ڪنسنٽيٽ هن کي
ڏيکاري، چيڪ ڪرائي ٽينڪ ۾ ٺهيل چاشني واري پاڻي جا
ڦڙا هن جي چوڻ تي هن جي تري تي رکي ٿو ۽ اُهي هي
زبان سان چکي تسلي ڪري ٿو ته واقعي اهيا کنڊ جي
چاشني آهي. پوءِ پوڙهو اسسٽنٽ ڪيمسٽ، پلاسٽڪ جي
وڏي بالٽي کي ڊسٽل واٽر پائيپ سان صاف ڪري، صاف
پاڻيءَ سان اُن کي اڌ کان مٿي ڀري ٿو، ۽ پوءِ واري
واري سان اُن ۾ پائوڊر ڪيميڪل جون ٿيليون وجهندو
ان کي چڱي طرح پاڻيءَ ۾ ڳاريندو چاشنئي جي باٽلي
کي صاف ڪري، اُن مٿان صاف ڪپڙو رکي، انهيءَ سيرپ
ٽينڪ ۾ لٽڪائي، ان ۾ اوتيندو رهي ٿو. ائين هو ٻه
ٽي گهمرا ڪري پائوڊر ڪيميڪل جي گهربل مقدار کي
سيرپ ٽينڪ ۾ منتقل ڪري ٿو. ۽ وارو اچي ٿو ڪنسنٽيٽ
لڪيوڊ جو هيءَ واري واري سان انهن جون بوتلون
کوليندو سيرپ ٽينڪ ۾ اوتي ٿو ڇڏي.
هيءُ اڌ ڪلاڪ جي انهيءَ ڪم دوران ڪيڏي مهل پوڙهي
ڪيمسٽ جنهن جي سونهاري به صفا سفيد هئي. ۽ هن جي
نرڙ تي سجدن جو ڪارو نشان هن جي شفاف چهري تي، هن
جي ڪيل عبادتن جو خوبصورت ۽ خوشنما دليل هو. هيءُ
پوڙهو صاف سٿرو ۽ هڪ سلجهيل پٺاڻ هو، هيءَ رکي
رکي، شيشن جي پورشنن جي آرپار سامهون هلندڙ پلانٽ
۾ بوتلن کي ڀرجندو ۽ انهن مٿان مشين وسيلي ڍڪن کي
لڳندو ڏسندو رهي ٿو. ۽ انهن ٻن ڇوڪرين کي ڏسي به
اکيون ٺاريندو رهي ٿو. جيڪي بوتلن واري چين جي پٽي
تان چيڪ ڪندڙ لائيٽ نسپيڪشن گلاس تي خراب بوتلن کي
ڪڍي هڪ پاسي ڪن ٿيون، پاڻ ۾ ڪچهري ڪن ٿيون، هڪ ٻئي
سان کلي ڳالهائين ٿيون ۽ نظرون کڻي کڻي هن ڏانهن
نهاري، هن جي دل جي ڌڙڪن به تيز ڪنديون رهن ٿيون.
انهن مان هڪ ڇوڪريءَ کي نارنگي رنگ جي چولي تي
سفيد گل چٽيل آهن. نارنگي رئو ۽ نارنگي جي شلوار
پاتل اٿس. بدن جي سنهڙي آهي پر اکيون ڪجليون
ڪٽاريون اٿس.
ٻي ڇوڪري جا وري گول گول ڀريل ڳل، لسا، ترڪڻا، تن
جي وچ ۾ چتون جي چهنب جهڙو نڪ، پيشاني وڏي ۽ گول
ٻانهن ۾ پاتل ڳاڙهيون چهچ چوڙيون، ٻئي هڪ ٻئي جي
آمهون سامهون اسنپيڪشن گلاس تي ايندڙ بوتلن جي
چڪاس تي ويٺل هيون ۽ هن کي نظرن سان تير تفنگ هڻي
رهيون هيون.
ايتري ۾ ٿورو پر ڀرو ڪم ڪندڙ ٻه ٻيون ڇوڪريون به
اچي هنن جي مٿان بيٺيون، هاڻي ته چارئي چلوليون ٿي
پيون. خوشيءَ جا جذبا سندن ٻهڪندڙ منهن تي سجيل
هئا، ۽ هو پاڻ کي ڏاڍو رليڪس محسوس ڪري رهيون
هيون. لنچ بريڪ لا هنن کي هاڻ ڪم تان ٿوري دير
لاءِ اٿڻو هو، اها جاءِ پوءِ مرد ڪم ڪندڙن اچي
والاري ۽ هو پلانٽ ۾ بيهي ڪنهن ڳالهه تي تبصرو ڪرڻ
لڳيون. پوءِ چئني گڏجي جو هن ڏانهن نهاريو ته هن
سوچيو ڪاش هي هنن چئن ڄڻين يعني کنڊ جي چاشني،
ڪوڪا ڪولا، اسپرائيٽ بوتل، ۽ فانٽا جو باس هجي
هان، چئني کي ايئرڪنديشن آفيس ۾ ويهاري سندن ٽهڪڙا
ٻڌي سندن سونهن پسي پوءِ کين پلانٽ ۾ ڪم لاءِ
موڪلي هان.
پر هيءُ به ڪو شيخ چلي جو چاچو آهي. ۽ هر وقت پيار
جا. پهه پچائيندو رهندو آهي. تنهن ڪري اندر ۾ آنڌ
مانڌ ڏاڍي هوندي اٿس ۽ پيو شاعري ڪندو آهي.
اڌ مني ڪلاڪ ۾ پوڙهي ڪيمسٽ جو ڪم ختم ٿئي ٿو. ۽ هي
پنهنجي آفيس ۾ وڃڻ لاءِ پلانٽ جي اندر اچي ٿو.
چارئي ڇوڪريون ويجهو کان گڏجي هن کي ڏسن ٿيون ۽
هيءُ به نظرن جي عنايت ڪندو، هنن جي ڀرسان لنگهي،
وڃي پنهنجي آفيس ۾ ويهي ٿو ۽ ڪجهه سرڪاري ڪاغذن تي
صحيحون ڪري ٿو.
شام جو هو ڪرسي ٻاهر رکرائي تازي هوا کائڻ لاءِ
اچي ويهي ٿو.
هڪ ڪتو هن ڀر سان لنگهي وڃي سامهون پر ڀرو بيهي
ٿو، هن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ سڌو سڌو هن ڏانهن هليو اچي
ٿو. هي به سمجهي وڃي ٿو ته ڪتو شناخت ڪرڻ آيو آهي.
ڪتو هن کي سونگهي پنهنجو مٿو هن جي مٿي ڪيل هڪ پير
جي بوٽ سان کندو رهي ٿو. دل ۾ اچيس ٿو ته هن ڪتي
کي پيار جي، گهرج آهي. جيڪر مان کيس پيار سان،
سندس مٿي تي ۽ پٺي تي هٿ ڦيريان. سندس مٿو کنهي
کيس پنهنجي انسان هجڻ جو ثبوت ڏيان. ايتري ۾
پٽيوالو کيس چئي ٿو ته صاحب! ڪتو ڪسيءَ جي پاڻيءَ
سان ڀريو پيو آهي. توهان جا ڪپڙا ناپاڪ ڪندو. نه
مٿو پٺي سڪل اٿس هن جواب ۾ چيو پٽيوالو پوءِ
پنهنجي منهن هڪلون ڪري ٿو، پر ڪتو ڌيان ئي ڪونه ٿو
ڏيس. هيءُ به پٽيوالي کي روڪيندو چوي ٿو ته ڇڏيس
ڀلي راند ڪري، گهڙي کن کانپوءِ ڪتو، اُتان روٽين
مطابق لنگهندڙ فيڪٽريءَ جي ئي مخصوص گاڏي ڏسي
ڀونڪندو، ڀونڪندو، ان کي مين گيٽ تي ڇڏي. اتي ئي
بيهي رهي ٿو، ۽ پوڙهو ڪيمسٽ وري اچي هن کي سيرپ
ٽينڪ ڏانهن هلي، وري ٻئي ٺهندڙ سيرپ لاءِ چڪاس ۽
نظر داريءَ ڪاڻ چئي ٿو.، هيءَ چئي ٿو، توهان
فليور، ڪنسنٽيٽ ۽ پائوڊر ڪيمڪل ڪڍي رکو مان اجهو
آيس. هو ڪتي ڏانهن نهاري ٿو.
ڪتو هن ڏانهن دوستانه انداز سان نهاريندو رهي ٿو.
انهيءَ تان هن کي هڪ ٻيو واقعو ياد اچي ٿو. ته
جڏهن ست اٺ سال پهرئين هو ڪوٽڙي ۾ هڪ وڏي ڊيٽرجين
فيڪٽري اين، ڊي، ايل ۾ سرڪاري اهم عهدي تي ڪم ڪري
رهيو هو، سندس آفيس مين گيٽ جي ڀرسان هئي، ماتحت
ملازم پڻ مليا هئا ۽ آفيس جا پٽيوالا جدا سندس
حاضري ڀريندا هئا، تڏهن هڪ ٿلو متارو ۽ قد آور ڪتو
پنهنجي خاموش رعبدار جسامت سان هن جي آفيس جي آڏو
اچي هن ۾ نهاريندو بيهي رهيو هو، ڪتو ڪافي دير
ائين بيٺو رهيو. آفيس جي ڪنهن به ماڻهو توجه ڪونه
ڏني. ڇو ته انهن لاءِ ڪتي تي سوچڻ اجايو هو ۽ ڪتو
پنهنجي روز مرهه جي معمول مطابق اتي بيٺو هو، ۽
مين گيٽ يا سائيڊ وارو ننڍڙو گيٽ کلڻ جي انتظار ۾
هو، جڏهن به ڪا ٽرڪ، ڪار يا ٻي گاڏي اندر ايندي
هئي يا ٻاهر ويندي هئي ته در کلڻ تي ڪتو پاڻهي
ٻاهر نڪري ويندو هو. ۽ پنهنجي مرضي سان ائين
فيڪٽري اندر اچي به ويندو هو، پر اُن ڏينهن ڪتو هن
۾ نهاري رهيو هو. کيس شايد تڪڙ هئي ۽ مين گيٽ يا
سائيڊ وارو گيٽ ڪافي دير کان کليو ئي نه هو، هن
شايد ڪتي جو ارادو سمجهي ورتو هو، ۽ پنهنجي ڪرسي
تان اٿي، بنا ڪنهن کي چوڻ آکڻ جي چوڪيدارن پٽيوالن
گيٽ ڪيپرن ۽ پنهنجن ٻن ماتحتن جي سامهون، هن سائيڊ
وارو گيٽ سڄو پاڻ ئي کوليو، ۽ پاڻ پر ڀرو ٿي بيهي
رهيو، ڪتو به پنهنجي انهيءَ سنجيدگيءَ ۽ خاموشيءَ
سان رعبدار حيثيت کي برقرار رکندو، هن جي پيرن کي
سونگهندو ڄڻ ته شڪريو ادا ڪندو ٻاهر هليو ويو هو.
گن مين گيٽ ڪيپرن کان وٺي، پٽيوالن. هن جي ماتحتن
۽ ٽائيم آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪن ۽ هڪ ليبر آفيسر
انهيءَ عمل کي تعجب سان ڏٺو هو. سوال ضرور انهن وٽ
به اڀريا هوندا، پر هن جي پوزيشن فيڪٽريءَ ۾ انهن
سڀني کان مٿائين هئي ۽ هو ماٺ ۾ ئي رهيا. پاڻ ۾
سسس پس ڪندا رهيا. ۽ هيءَ اچي پنهنجي آفيس ۾ ويهي
رهيو هو، پوءِ ڪيتروئي عرصو ڪتو انهي معمول تي، ۽
هي پاڻ اٿي در کولڻ جي معمول تي عمل ڪندو رهيو، ۽
آفيس جو پورو عملو پهرئين وائڙو پوءِ انهيءَ عمل
تي هري مري ويو هو،
”سر! سڀ شيون سيٽ ڪري رکي آيو آهيان ”پوڙهي ڪيمسٽ
جي آواز تي ڇرڪيو ۽ پوءِ ساڻس گڏ وڃي، سيرپ ٺهڻ جا
سڀ مرحلا ڏسي، چيڪ ڪري اتان موٽي اچي آفيس ۾ ويٺو
۽ سوچيندو رهيو ته هن کان اڳئين بيوريجز فيڪٽري
جنهن ۾ پنجن قسمن جون بوتلون ٺهنديون هيون، جتي هي
منجهند جو ٽئين بجي کان وٺي رات جو ٻئين، ٽئين بجي
تائين به ڊيوٽي ڪري چڪو هو. جتي هن فقط پوڻن ٻن
مهينن جي پوسٽننگ دوران پنهنجي حصي ۾ آيل سوا
مهيني جي ڊيوٽي ۾ هن گورنمينٽ جي خزاني کي سٺو
ريونيو ڏياريو هو. ۽ پوريءَ ايمانداري ۽ محنت سان
سرڪاري ڪم کي اڪلايو هو. انهيءَ پيرڊ ۾ بچيل وقت ۾
هن ڊان اخبار جون اهم تصويرون ڪٽي، مختلف موضوئن
تي ٽي البم به تيار ڪري ورتا هئا. ادبي گڏجاڻين
جون هڪ ٻه رپورٽون لکيون ۽ هڪ ڪهاڻي لکي پوري ڪئي
هئي.
اڄ هن جي ڊيوٽي جو هڪ ٻي بيورجيز فيڪٽري ۾ ڊيوتي
جو پهريون ڏينهن آهي. ۽ اڄ هن ٻه ڪهاڻيون ويٺي
ويٺي لکي ورتيون آهن.
جڏهن ٻه هفتا پهرئين اڳئين بيوريجز مان بدلي ٿيڻ
کانپوءِ هن پنهنجي سرڪل آفيسر کان بدلي جو سبب
پڇيو هو،. ته ان چيو هوس ته مون تنهنجي بدلي ڪونه
ڪئي آهي. مو کي توسان ڪا شڪايت ڪانهي، ڊويزن آفيسر
چيو ته هن کي هٽايو. هن کي آفيس جو ڪم نٿو اچي.
تون وڃ ۽ وڃي ڊويزن آفيسر کي ٻڌائي ته سائين! مان
بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ڪم ڪري رهيو هوس. مهرباني ڪري پنهنجي
فيصلي تي نظرثاني ڪريو. هن ها ڪئي، اتان اٿيو ۽
سوچيائين، نئين ڊويزن آفيسر سان ملي کيس ٻڌائي، ته
سائين مون کي نوڪري ڪندي ۽ فيڪٽرين جو سرڪاري ڪم
ڪندي ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. ۽ مان هن کان اڳ
سرڪاري توڙي پرائيوٽ، ست اٺ نوڪريون ڪري چڪو
آهيان. ۽ پنهنجي ڪم جو جيڪڏهن ماهر ناهيان ته اڻ
ڄاڻ به ناهيان، مون کي هلڪيون، ڦلڪيون غير حاضر
هجڻ جون ايڪسپلينيشن ڪالون مليون آهن، جن جا تسلي
بخش جواب مان ڏيئي چڪو آهيان. پر پوءِ سوچيائين ته
نئين ڊويزن آفيسر سان ملڻ کان پهرئين چٽ ڏياري
موڪلبي، پوءِ به الاءِ گهرائي الاءِ نه، جي گهرائي
ته کيس سلوٽ ڪرڻو پوندو، نماڻو ٿي کيس عرض ڪبو،
عرض اگهيو ته واهه نه ته دڙڪن جو تحفو وٺي ٻاهر
منهن ڀيلو ڪري نڪربو، ڪير وري پيو اهڙن آفيسرن کي
منٿون ڪندو، تنهن کان بهتر آهي. ڇو نه اهڙي ٻئي
آفيسر وٽ وڃان، جيڪو مون کي سڃاڻيندو هجي ۽ منهنجي
ڳالهه ته ٻڌي جنهن کي مان ڪجهه سمجهائي ته سگهان؟
ايتري ۾ پنهنجي هڪ مهربان آفيسر جو خيال اچي ويس،
جيڪو کيس آساني سان پوسٽنگ ڏياري سگهيو پئي، ته
پاڻ به پوسٽنگ ڏيئي سگهيو پئي، هي اُن وٽ پهتو ۽
پنهنجي پريشاني بيان ڪيائين، هن آفيسر وعده ڪيس ته
هو هفتي کن ۾ کيس پوسٽنگ ڏيندو، پر پوءِ ڪجهه
ڏينهن هڙتال ۽ عيد جي موڪلن جي ڪري هن کي ٻن هفتن
کانپوءِ آرڊر مليو، ڪوڪو ڪولا فيڪٽري ۾ جوائن ڪرڻ
جو.
پر اڄ پنهنجي پهرئين ڏينهن تي هو وري سوچي رهيو هو
ته جڏهن تصويري آلبم جيان اها خبر وري بالا آفيسرن
کي، پوندي ته هيءُ ڪوڪا ڪولا فيڪٽري ۾ به ڪهاڻيون
ويٺو لکي ته پوءِ وري کيس بدلي ڪري آفيس ۾ گهرائي
وٺندا. پر اهيو ڪونه سوچيندا ته هن جيڪا سرڪاري
ڊيوٽي ڏني، ڪيترن سرڪاري اهم ڪاغذن تي صحيحون
ڪيون، ڪيتريون رپورٽون سرڪل آفيس ڏانهن موڪليون
ڪيترو وقت جنهن ۾ جمعي جي موڪل جا ڏينهن به اچي
وڃن ٿا. هن ڊيوٽي ڪئي، ۽ سرڪار جي خزاني ۾ اضافو
ڪرايو.
سرڪاري ڪم جي معاملي ۾ نه ڪو فيڪٽري وارن نڪو آفيس
وارن کي شڪايت جو وقعو ڏنو، ته پوءِ هن جي بدلي ڇو
پيا ڪيون...؟؟
پر هن کي انهن ڳالهين جي ڪا خاص پرواهه به ڪانهي،
هي اهڙيون سزائون کائي به لکندو رهيو آهي. هي هڪ
حساب اديب آهي. ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي، هو سوچين ٿا
ته ائين بدليون ڪرڻ سان آفيس ۾ ويهارڻ سان هو لکڻ
ڇڏي ڏيندو. پر هو ته جي رهيو هو ته فقط ۽ فقط لکڻ
ڪاڻ، هن کي خبر هئي ته ڦٿڪندي ڦٿڪندي تڙپندي،
تڙپندي، درد، عذاب، ڀوڳيندي، زمين تي، ڌڪجي، ڦٽجي،
ليٿڙيون پائيندي به جيڪڏهن هن جي جسم ساهه ڇڏي ڏنو
ته به اُن مٽيءَ تي ٺهي آيل هن جي لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ جا
نشان، ڪن اکرن جهڙا هوندا.
۽ اکرن کي وڏي معنيٰ هوندي آهي. |