سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روشني

باب: --

صفحو :7

مون آمريڪا جي مشهور شاعرن وارو ڪتاب بند ڪيو ۽ توکي پڙهائڻ لاءِ پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي منهنجي ڪيل شاعري جو پنو هٿ ۾ ڏنو هو. جنهن ۾ غزل جي بندن ۾ مون تنهنجي سونهن کي سمايو هو تو پڙهي مشڪيو هو، ۽ خوشي جا انيڪ رنگ تنهنجي چهري تي انڊلٺ ريکا ٿي جرڪيا هئا. توکي اُها غزل ڏاڍي وڻي هئي. اُها غزل منهنجن دوستن کي به ڏاڍي پسند آئي هئي. ۽ هو هن کي لاجواب غزل چوندا هئا. ۽ پوءِ تنهنجي هر ملاقات مون کان گيت ۽ غزل لکرائڻ لڳي. تون منهنجي شاعري پڙهندي رهئينءَ ۽ مان تنهنجي سونهن ۽ سندرتا کي شاعريءَ ۾ نوان روپ سروپ ۽ سينگار ڏيندو رهيس. تنهنجو مک موهيندڙ هو، محبوبيت ۽ معصوميت سان ٽمٽار هو، مجازي محبت جو مهندار هو تنهنجو مرڪندڙ ۽ مشڪندڙ مهانڊو.

ڪجهه ورهيه تنهنجي قرب جي قيدخاني جو مان پنهنجي روح جي گهراين سان قيدي ٿي رهيس. تو پوءِ منهنجي رچنائن ۾ رس اُوتڻ بدران، ٻين جي رباب تي رقص ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ توکي ڀرپور داد ملندي رهي. تنهنجو ناچ ڪنهن رقاصه جيان بدن جي چرپر جو ناچ نه هو، نه ئي توکي ناچ ڪرڻ اچي ٿو ۽ نه ئي تون ناچڻي آهين. پر جن محبت جي مئي ۾ مدهوش ٿي توکي ٿي ڏٺو. تڏهن انهن جي نظرن ۾ تنهنجو انگ انگ نچندو هو، ۽ هو توکي داد ڏيندا هئا. تون لفَظن جي انهيءَ داد جي هيراڪ ٿي پئي هئين ۽ مان دل جي ديوارن تي چٽيل تنهنجائي هزارين روپ سروپ تنهنجن ظاهري اکين سان توکي ڏيکاري نه سگهيس. ۽ آهستي آهستي تون انهن ڏانهن هلي وئين مون توسان ڏک اوريو توتي اثر نه ٿيو. مون تو کي پوءِ تنهنجو باغ ارم مڪمل سينگار ۽ بهار سان گڏ موٽائي ڏنو. تنهنجي محبت جون سڀ نشانيون توکي موٽائي ڏنيون. هاڻ تنهنجي ڪابه ته شيءِ مون وٽ باقي نه بچي آهي. سواءِ تنهنجي ڏنل بيوفائي جي، بي رخيءَ اڳي تنهنجا پير منهنجي ڳولا ۾ هوندا هئا. هاڻي تنهنجا ئي پير مون کي ٿڏا هڻي، ڌڪارين ٿا.

تنهنجا قرب ڀريا قدم ڪلهه منهنجي گهر جي رستي جا ڪرها هئا. اڄ اُهي ئي ساڳيا قدم تنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ جي اثر هيٺ اچي ٿڏا هڻندي، مون کي تنهنجي نظرن ۾ ڪيرائي ٿا وجهن، ۽ مان تنهنجي حقارت ڀريل نظرن سان نظرون به ملائي نٿو سگهان، مان ڇا ڪريان؟ توکي ته ڪجهه به نٿو ڪري سگهان!! دل جون آهون ۽ دانهون به توکي نٿو ٻڌائي سگهان. ڇو ته تنهنجي دل جو هاڻ مونسان نه رهي آهي. تنهنجو اعتماد جو مون تان کڄي ويو آهي. تنهنجو شڪ مون تي وڌي ويو آهي. ۽ مون کي ياد اچي رهي آهي. اُها نظم جيڪا پڻ توتي لکي توکي پڙهائي هئم ۽ اڄ مان ان تي عمل ڪندي، تو وٽان چوٽ کائي موٽي رهيو آهيان.

چاهتن ۾ شڪ جا پاڇا جڏهن،

پريت جي ريت مٿان ڪرندا،

جذبا جهُرندا، ٽهڪ نه ٽڙندا،

اعتماد ۽ اعتبار ٽٽي پيو ته پوءِ،

روح جا ريلا رلي ويندا.

پيڙائن ۾ جياپي جا،

سڀ جلترنگ جلي ويندا،

تڏهن سائنڻ، ها تڏهن سائنڻ،

مان تو وٽان هليو ايندس.

من جا مينهن ڦڙا

من جو آشائون، ٿري ناري جي وسڪاري لاءِ سڪ کي سيني ۾ سانڍيو اچ. ها آلا!... وسڪاري... تيز ڦڙين سان وسندڙ مينهن، وڏي گجگوڙ ۽ بجلين جي چمڪاٽ کان پوءِ ٿرجي سڪل واري تي زوردار بارش، مٽيءَ جي لڪل تهن تائين، لُڪ ۽ اُس ۾ سڙي ويل، سڪي ويل وڻن جي پاڙن، تائين ۽ ها...ها...  ۽ ها... پيار جي پوتر جذبن جي پاتال ۾ پيهي ويندڙ ڪارن ڪار گهاٽن ۽ ڀريل ڪڪر جي برسات پر ڪيڏي مونجهه آ... ڪيڏي ڪدورت آ... ، ڪيڏي نفرت آ، ڪيڏي باهه آ، ٽانڊا ڏسين ٿي، ڪئين نه ٻري رهيا آهن. ڳاڙها باهه جا ٽانڊا، جئين ڪنهن ڪوڙي پير جا گهڻو چرس پيئڻ جي ڪري ڳاڙها نڪري آيل دوڏا جنهن کي ڏسي غريب ۽ اٻوجهه کيس جلالي ۽ ڪرامتي سمجهندي آهن. جڏهن ته ٺڳ ۽ زاني پير جي تپيل اکين ۾ حرص حوس، لالچ لوڀ ۽ لچائي جا سڀ نفساني ارادا، مريد جي ملڪيت کان وٺي هن جي جوان جماڻ گهر واري، ۽ سامائينجندڙ نينگرين ۾ هوندا آهن، پوءِ به سنڌ ۾ شرابي، موالي، چرسي، هيروئني، زاني، ڪوڙي، ۽ دوکي بازي پير وٽ جاهل، ڄٽ، ۽ بي غيرت قسم جي ماڻهن جي اچ وڃ انهيءَ ڪري جاري آهي، ته هو هنن کي تعويذ لکي ڏي ۽ کين دعا ڪري اهڙي ريت دنيا جو ڪامياب ترين ۽ ذليل ترين بزنس مين سنڌ جو موالي جاهل زاني، پاٿاريدار ۽ نفساني خواهشن جو غلام اهو ڪوڙو پير آهي. جنهن هر واپار ۾ اٻوجهه ماڻهن کي نقصان رسايو آهي.

اهڙن ئي ٺڳ، لالچي ۽ موالي نقلي ۽ ڪوڙن پيرن جي ٻاريل انهيءَ باهه کي ٿڌو ڪرڻو آهي. اهڙن ٽانڊن جي گرمائش ۽ انهن جي تپش کي ٺارڻو آهي.

ها من جون آشائون چون ٿيون ته فقط وسڪارو وسي، پر ڳڙا به پون، آسماني برسات جا ٿڌا ٿڌا ڳڙا ۽ سڪي ويل سڀئي نيئون! وهڻ شروع ٿي وڃن. ۽ لوڙهي وڃن انهن سڀني خرابين کي جيڪي معاشري جي وجود کي ڪنهن اونهي ڪُن ۾ ڪيرائي رهيون آهن. سجني! تنهنجو ۽ منهنجو ميلاپ ٿيندو ۽ صرف ۽ صرف ٻه دليون ئي جهومنديون ۽ جرڪنديون ۽ موٽ ۾ اسان جي انڱڻ ۾ ڪي پتڪڙا پير، پنڌڙو سکي، اسان جي مسقتبل جي آسن، اميدن، جاجر ڏيئا ٿي جرڪندا، ۽ اسان جا مورثي وارث هوندا. پر ڇا انهن وٽ دماغ ۽ دليون جذبا ۽ جولان اسان جهڙا هوندا.؟؟

ڇا اسان جي ڇڏيل وراثت، کي هوائين ڏانءِ، ڏک، سک کل، خوشي، هوند اڻ هوند سڪل ماني، ست رڇين کي ننڍڙن نوٽن کي وٺي وڏڙن نوٽن کي، وقت جي قيمتي قدرن کي، ڀاڱن، ڀاڱن ۾ ورهائي، انسانيت جي پيچري تي ماڻهپي جو هڪ مثال ڇڏيندا... ؟ ڇا اسان جي حياتي جا ڪئي قرب جا کڙا ڪيل مينار ۽ يادن جا يگانه يادگار اسان جو پنهنجو رت سنڀالي رکندو؟ برقرار رکندو؟؟ ڇا جيترو رت ست ڌن، دولت، پئسو پيار ۽ پنهنجائپ اسان پنهجي اولاد کي ڏينداسين. انهن جي موٽ ۾ هو اسان کي ڪهڙيون ازلي خوشيون ارپيندو؟؟؟

سجني...! تو سوچيو آهي، ڪڏهن انهيءَ تي؟ سکي...! سوچ جائين ضرور سوچ جائين.

گهُٽ جڏهن تمام گهڻو وڌي ويندو آهي. ٻوسٽ ۽ گرمي، جڏهن جسمن سان گڏ اندر جي ساهن کي به اهنج ڏيڻ لڳندي آهي. تڏهن ”الست بربڪم“ جو وعدو وٺندڙ ڪنهن هستيءَ کي به پنهنجي جوڙيل تخليق ڀڄندي، ڀرندي نظر ايندي آهي. ۽ هو بهشت جو دروازو کولي، ڇڏيندو آهي. تيز ۽ ٿڌيون هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن. وسڪارو وسي پوندو آهي. سڄو وايو منڊل ٺري پوندو آهي.

اچ ته مدپڻي! انهن ڪارن ڪارن ڪڪرن سان ملي وسون، جيڪي پورن هڪ جهڙائي ۽ هڪ جيترائي سان ڌرتيءَ جي ذري ذري جي اڃ اُجهائيندا آهن. اچ سجني! اُها ٿڌي هير ٿي پؤن، جيڪا هر ساهه واري  جي سرير ۾ سک جون گهڙيون ٿي پيدا ڪري. اچ ته سائنڻ! چنڊ  جي اُها چانڊوڪي ٿي پؤن، جيڪا رات جي تجليءَ کي وڌائي ٿي، ٺاري ٿڌو ڪري ٿي، ۽ ها اچ ته سجني اُها بک ٿي پؤن، جيڪا اونڌاهه کي الوداع ڪري اسان جي اکڙين جي سوجهري جو آڌر ڀاءُ ٿي ڪري.، اڃ ته سوڍي! اهو صبح ٿي پؤن، جيڪي اسان لاءِ انساني عظمتن جا سڀئي سبب کنيو اسان کي ننڊ جي واديءَ مان سجاڳ ڪرڻ لاءِ اڀريو آهي. سجني... او سکي...! اچ ته اهو سج ٿي پؤن جنهن جا ڪرڻا  ڪائنات جي ذري ذري کي روشني ڏيئي حيات جاودان بخشي رهيا آهن. اڄ ته اهو مانجهاندو ٿي پؤن جنهن ۾ اسان ڪجهه اناج کائي، پنهنجي اڌ ٿڪل وجود کي وري نئين شڪتي بخشيندا آهيون. ڇو نه اُها ٽپهري ٿي پؤن جڏهن ٿڌن وڻن جون ڇائون پنهنجا پاڇا وڌائينديون آهن. ۽ اها سهائي شام ٿي پؤن جڏهن اسان جي زندگيءَ جو وهنوار، ڪم ڪار اسان ۾ ٿڪاوٽ پيدا ڪري، اسان کي شام جو شدت سان پنهنجو گهر ياد ڏياريندو آهي. ۽ سمهڻي جو اسان پنهنجي ٿڪل وجود کي ڪي گهڙيون آرام ته وري بکايل پيٽ کي، ماني ڳڀو ڏيئي رت جي گهٽجي ويل گردش کي تيز ڪيون. ۽ جڏهن اسان جو هڏ هڏ، آرام جي طلب ڪري، تڏهن ٺرندڙ رات جو اسان پنهنجون اکيون پوري، عضون کي ڍرو ڇڏي، جسم کي ننڊ جي سوکڙي ارپيون.

سکي! ننڍ نينڻ کي اچي ڪيڏي نه وڏي نعمت ٿيندي. ۽ اهيا نعمت اسان کي جيئڻ کان مرڻ تائين بخشي ويئي آهي. جنهن مان زندگيءَ ڀرجي مليل ننڍ مان ڪنهن هڪڙي...  هڪڙي... فقط ۽ فقط هڪڙي رات!! جي ڀرپور ڪيل ننڊ ۽ ڏٺل ڪنهن خوبصورت خواب جو شڪريو يا مهرباني به اسان ڪڏهن ادا ڪئي آهي.؟؟؟ ته پوءِ هيترين سارين ننڊن ۽ خوابن جو ٿورو اسان ڪڏهن ۽ ڪيئن لاهي سگهون ٿا؟؟؟

بس اسان رڳو ساراهه ڪري سگهون ٿا. پر ڇا اسان اُها ساراهه ڪئي به آهي؟؟؟

روح  جي راڻي! محبتون، سڪون الفتون، سچايون، وفائون، همدرديون، ورهائڻيون پونديون، پيار جي پاڻيءَ سان گلن ڦلن جي آبياري ڪبي. جي دوستن لاءِ دليون دلپسند شيون ۽ ڳالهيون پسند ڪن ٿيون، ته دشمنن لاءِ دماغ درياهه جهڙا ۽ سوچون سمنڊ جهڙيون هجن.

ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي. ته دشمن کي دشمن بنائڻ ۾ اسان جو پنهنجو ڪيترو ڪردار آهي. اسان کي سوچڻ گهرجي ته اسان جو ڪردار منفي مان ڦري مثبتي ٿي پوي ته ڇا اهيوساڳيو بدترين دشمن اسان جو بهترين دوست نٿو بنجي سگهي ڇا؟؟؟

سپنن جي روپ سروپ کي ساڀيان ڏيئي سگهندڙ دلربا! مٿيون سڀ ڳالهيون، منهنجي مٿي ۾ محبت جون ميخون کوڙي بيٺيون آهن ۽ توسان جسماني ڳانڍاپي کان پهريائين، تنهنجي جسم مان نڪرندڙ ڪنهن معصوم تخليق جو، مذهبي، قانوني، اخلاقي ۽ انساني وارث سڏائڻ جو مان به حق رکڻ کان پهرئين، اسان هڪٻئي کي ويجهڙائي کان، دلين جي سچائي سان، دماغ جي دليلن سان، عقل جي اختيار سان ۽ پنهنجين پنهنجين داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کان ڪيترو هڪٻئي کان آگاهه ڪيو آهي...؟؟؟

ها... سجني! تنهنجي آيل فون تي، تنهنجي ٻڏندڙ آواز ۾ رڳو ۽ رڳو دل ئي ته موجود هئي، ۽ تون نه پر تنهنجي دل ڳالهائي رهي هئي، ۽ مون کي دلين جا ڪيل فيصلا هميشه موٽ ۾ درد ڏيندا آهن. ۽ درد جا هينئر مون وٽ درياهه وهي رهيا آهن. ڇا مان توکي به ڪو درد ڏيان؟ اکين ۾ آيل ڳوڙها ڏيان، يا سڏڪن جون سوکڙيون ڏيان؟؟ مون توکان تنهنجي دل وٺڻ کان پهرئين، توکي پنهنجي دل ۽ دماغ جي سموري  ڪيفيت ٻڌائي آهي.

هينئر آسمان تي ڪڪر ڪارونڀار ٿي منهنجي مٿان اچي بيٺا آهن. سجني! هاڻي ڪجهه دير موڪل ڏي ته مان انهن گهاٽن گجگوڙ ڪندڙ ڪڪرن سان گڏ وڃان. ۽ وڃي ڪنهن وارياسي پٽ تي زور سان وسڪارو ٿي وسان، ڌرٿي کي سائو، سهڻو ۽ سکيو ڪيان.

جيون جَرَ ۾ گهُليل هوا

صبح ساجهر فون جي گهنٽي وڳي.

هن به ان وقت ئي شيو Shave ڪري بس ڪئي هئي. دل ۾ خيال آيس، ٿي سگهي ٿو، ماسات مٺي ذات ماريه عرف ملوڪان جو فون هجي.

هن رسيور کڻي هيلو ڪيو،

موٽ ۾ بدليل آواز ۾ ٻڌو.

ڪارا... !

ڪو شرم اچئي ٿو.

حق تي ڪو ڪنوار ڪونه ٿو ڏيئي نه... !

هڪڙو ڪارو، ٻيو بدافعالو،

ڪيترا فون ڪيا اٿم توکي...!

هي... ٿورو هيسجي... !

ڪهڙا حال آهن تنهنجا... !

ٻه دفعا گهران خبر پئي هئي، تنهنجي فون جي، ٿورا ڪم ڪار هئا.

سڃاڻي ورتئي نيٺ آواز... !!!

تون آواز کي ڪيترو به ڦٽائين، پوءِ به ان ۾ سُر ۽ ساز تنهنجو ئي هوندو نه، سو مون کان ڪٿي لڪندو.

ڇا پئي ڪيئي مهينو سوا... !؟

ڪم ڪار.

اهي تنهنجا وري ڪهڙا ڪم ڪار، سدائين هوندا آهين، ٻين لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾، ڪڏهن تو وٽ سماجي تنظيمن جا ڪم ڪار، ڪڏهن ادبي رسالن ۽ ڪتابن جا ڪم ڪار، ڏٺا اٿئي پنهنجا پرڪار...!؟

اُس ۾ ڪوٽڙي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو ۽ سڄي، حيدرآباد رلي رلي ڪارو ڏامر جو دٻو ٿي ويو آهين.

هَش... هش... هش آهستي چئو، روڊ کاتي يا ميونسپالٽيءَ وارا ٻڌاندا، ته مون کي گهران کنڀي کڻي ويندا. ”ٻنهي پاسي ٽهڪڙا“

پوءِ يڪدم پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسي،

چيائين ٻڌا... !! منهنجي مون کان ڦرجي ويل ماسات ماريا عرف ملوڪان، ”ٽڪ کي ڪيترا به ٽڪا ڏئين، پر ڏيک اهوئي ڏيکاريندي آهي. جيڪو سامهون هوندو اٿس.

هيءُ آئينو به جيڪو انتهائي صاف ۽ شفاف آهي. جنهن جي پٺيان لڳل، جوهي چاولا جي مرڪندڙ رنگين تصوير آهي، جنهن جا ڪاغذي، ڳل چمي چمي مون گسائي سندن رنگ ئي ڦٽائي ڇڏيو آهي. سا ساڳي آرسي روز شيو ڪرڻ مهل مون کي منهنجو هيءُ ڪارو ٻوٿ ڏيکاريندي آهي، تنهن ڪري مان تنهنجي اها ڳالهه ڪونه مڃندس ته ڪو مان، اُس ۾ ڪارو ٿيو آهيان مان ته پئدائشي ڪارو آهيان، اها ڳالهه مون پنهنجي ڀوري ڊاڪٽرياڻي مس محمد علي ۽ ڪاري ڪرسچن نرس روزيءَ کان به پڇي هئي، هروڀرو تون امان جي چوڻ ۾ نه اچ، ته مان ڀورو ڄائو هئس. ماءُ لاءِ ته سڀ ٻار ڪوهه ڪاف جا شهزادا هوندا آهن مان ته ڪارڙو ڪمارڙو آهيان ۽ انهيءَ تي ڪابه احساس ڪمتري ڪونه اٿم.

”هم ڪالي هين تو کيا هوا دل والي هين.“

هن جو اهو جواب ٻڌي هوءَ فون تي ٽهڪڙن ۾ پئجي وئي ۽ جڏهن کلي کلي بس ڪيائين، تڏهن ٿڌا ساهه کڻي چيائين.

پر اچين ڇو ڪونه ٿو؟ ڪٿي هوندو آهين؟

”ڪٿي به هجان، پر تنهنجي بادشاهي کان، ٻاهر ته ڪونه نڪرندس! تون حڪم ڪر، تنهنجي سلطنت حُسن ۾ ڪڏهن حاضر ٿيان... !

اڄ شام جو ضرور اچجانءِ... !

ها ضرور ايندس، تون انتظار ڪجان!

چڱو خدا حافظ،

خدا حافظ.

فون رکي، هيءُ آرسيءَ ۾ پنهنجو منهن ڏسي ٿو. تازو رکيل مُڇون مُنهن ڦٽايو، ڦودڻي جهڙو ڪيو بيٺيون هئس. بس پوءِ انهن تي بليڊ ڦيري لم ليٽ ڪري ڇڏيائين.

وري ياد ڪري مشڪيو...

”هم کالين هين تو کيا هوا دل والي هين.“

شام جو هيءُ وهنجي سهنجي صاف سٿرا ڪپڙا پائي، تڙ تڪڙ ۾ گنجيءُ مٿان ٻُڪ پائوڊر جو هاري، چيو گم وات ۾ چِٻاڙي، گهران نڪري پيو، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هو ۽ ماريا. پڌ ۾ رکيل ڪرسين تي ويٺا هئا. گهر ۾ موجود سندن ماروٽ ۽ سوٽ جا ٻارڙا به کيڏي رهيا هئا. هنن جو مامو ڪار پارڪ ڪري اچي هنن سان مليو هو ۽ حالي احوالي ٿي وڃي، ٻين گهر وارن سان ٽي وي آڏو ويهي رهيو هو. گهر جو ننڍڙو نوڪر ٽري ۾ رکيل ٻه گلاس شربت جا کڻي پهتو. هي ٻئي شربت جا ڍُڪ ڀرڻ لڳا. هن وٽ کٽمٺڙا، چيوگم ۽ سوپاريون موجود هيون، هو جڏهن به سگريٽ ڇڪڻ بند ڪندو آهي. تڏهن، هفتو ٻه انهن تي گذارو ڪندو آهي. پوءِ انهن مان به هٿ ڪڍي ڇڏيندو آهي.  لان ۾ ٿڌي ٿڌي هوا لڳي رهي هئي. هي ٻئي گهڻي ڀاڱي خاموش هئا. سامهون ٻئي بنگلي ۾ لڳل بيد مشڪ جي وڻ جي ٽارين مان نظر ايندڙ ٽئين تاريخ جو چنڊ هو ڏسي رهيا هئا. آسمان تي هلڪا هلڪا ڪڪر هئا. ماريا چيو ”توهان مون کي وڳو ڪونه وٺي ڏنو.“

”تون بيوفا آهين.“

هن مختصر جواب ڏنو ۽ هوءَ چپ ٿي ويئي، هن سوچيو ته  جيترو چلولائيءَ سان هنن فون تي ڳالهايو هو، شام جو هو انهيءَ کان به وڌيڪ فري ٿي هڪٻئي سان ڳالهائيندا. ڏاڍا ٽهڪ ڏيندا. هڪٻئي کي کلي کلي طعنا ڏيندا، پر ائين ڪو نه ٿيو.

مهيني سوا جي وقفي ٻنهي کي مايوس ۽ سنجيده ڪري ڇڏيو هو، ماريا جو گهر وارن ۽ هن جو ماروٽ ماجد ٽن هفتن کان ٽرينگ تي ويل هو. ماريا کي ان جي به ڏاڍي ياد ستائي رهي هئي. ٻار کيڏندي هنن جي ويجهو اچن ٿا. ۽ هيءُ کيسي مان کٽمٺڙا ڪڍي انهن کي ڏيئي ٿو. اهي خوش ٿي وڃن ٿا سونف سوپاري، ماريا جي هٿ ۾ ڏيئي پاڻ وري چيوگم چٻاڙڻ لڳي ٿو.

”تو صوفه سيٽ ۽ ٽيبل اڃان به کنئي“؟

”مون کي نه کپن“

ڇو...  ؟

”بيوفائن جي ڪا به شيءِ نه کپي“

”ماجد کي ”ها“ ڇو ڪئي هئي؟“

”منهنجي مرضي...!“

 وري خاموشي...  !

ٻئي چپ... !

ٻار کيڏندا، گوڙ ڪندا، وري هنن کي ورائي وڃن ٿا. هي هن ڏانهن نهاري ٿي ۽ هي کيسي ۾ باقي بچيل کٽمٺڙا، سوُنف سوپاريون ۽ چيوگم  ماريا کي ڏيئي ٿو، هوءَ ٻارن ۾ اهي ورهائي کين پيار ڪري ڊرامو وڃي ڏسڻ جو چئي، گهر اندر اماڻي ٿي ڇڏي.

”مون کي فقط هڪ ٻار کپي.“

هوءَ پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري ٿي.

هي هن کي ڪوبه جواب ڪونه ٿو ڏئي.

رڳو دل ۾ اچيس ٿو ته چئي،

”شل! تُنهنجي  پڌر ۾ ٻارڙن پنڌڙو ڪن ۽ پنگهون لڏن... “

توهان ڪجهه خبرون ٻڌايو؟“

”مان ريڊيو ناهيان!“

مطلب ته ڪجهه ڳالهايو.

گهرايو تو آهي گهر تنهنجو آهي.

ميزبان تون آهين.

مان مهمان...  !

”مهمان ته اچي وري موٽي ويندا آهن.“

”مان به ته ڪيئي ڀيرا تو وٽ اچي وري، موٽي ويو آهيان.“

جڏهن ته درخواست مون هميشه هميشه رهڻ لاءِ ڏني هئي. اها درخواست رَدَ ڪانه ٿي آهي.

”دل جون درخواستون دليون ئي سانڍي رکنديون آهن. جسمن تي پابنديون مڙهيون وينديون آهن دليون هميشه آزاد هونديون آهن، جنهن کي چاهينديون آهن. انهن جي راهه جا ڪک پن به چمنديون آهن.“

”ڇا توکي خبر آهي ته تنهنجي وڃڻ کانپوءِ مان تنهنجي قدمن هيٺ آيل، مٽيءَ کي به چمندي آهيان.“

۽ ڇا توکي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ ضروري آهي؟ رشتا ڀلي آسمان تي ٿيندا هجن، يا مائٽن جي مرضيءَ سان ٿيندا هجن.

پر محبتون هميشه مٽيءَ جي مٿان ٿينديون آهن ۽ مٽيءَ منجهان ئي هونديون آهن. روح ته مسافر آهن. مٽي ۽ محبت ته هتي جون آهن. جيستائين هن ڌرتيءَ تي هن روءِ زمين تي مٽي موجود آهي. هر من محبت لاءِ واجهائيندو رهندو.

ائين جيئن مان تولاءِ واجهائي رهي آهيان. باوجود ڪنهن پنهنجي جي ئي نڪاح ۾ اچي به... !!

ڌاريو ته مان به نه آهيان.

چيم نه... !!

”منهنجو اختيار صرف منهنجي دل تي هو.

سا، مون وٽ تنهنجي محبت سميت سالم آهي، انهيءَ تي ڪنهن ٻئي جو حق نه آهي. ۽ نه ئي رهندو.“

ٻئي هڪ ٻئي ۾ نهاري پيسل نيڻن سان ماٺ ٿي وڃن ٿا. هوا تيز ٿي لان ۾ پوکيل ٻوٽن ۽ وڻن کي جهومائيندي رهي ٿي. ٽيئين تاريخ جو چنڊ بيدمشڪ جي ٽارين مان، ليئو پائي ٿو. رات جا ساڍانو ٿي چڪا هئا. هوءَ وري خاموشيءَ کي ٽوڙي چئي ٿي. بک لڳي هوندؤ، ماني لڳرايان.

نه هاڻ مان هلان ٿو،

”سڀاڻي ايندؤ نه... !!؟

هن کي لڳو ڄڻ ڪا مريضه جهيڻي آواز ۾ هن کي اچڻ جو چئي رهي هجي.

ها...  ضرور ايندس،

ڪيڏي مهل... ؟

شام جو 7 بجي... !

۽ هيءُ موڪلائڻ لاءِ اٿي ٿو هوءَ هن کي در تي ڇڏي، ڀنل نيڻن سان اوستائين در تي بيٺي رهي، جيسين هيءُ گهٽي پار ڪري نه ويو.

روشني

 جڏهن لوڊ شڊنگ لڳاتار ڏهه ٻارنهن ڏينهن رات جو ستين بجي کان اٺين بجي تائين ٿيندي هئي. سياري جا ڏينهن هوندا هئا. هوءَ منهنجي گهر جي ويجهو ته نه رهندي هئي پر ڏهن منٽن جي پنڌ جي مفاصلي تي شهر جي وچ واري هنڌ تي هن جو گهر هو مان اڪثر سج لٿي کانپوءِ ئي هن جي گهر ويندو هوس. سڄو ڏينهن هُو. به آفيس ۾ ڪم ڪار ڪري ٿڪجي منجهند جو ٿورو آرام ڪري، شام جو وهنجي سهنجي، تيار ٿي  ويهندي هئي. گهر وارن جي دادلي هئي. تنهن ڪري شام جو هوءَ گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ بدران، پنهنجي اسٽيڊي واري ڪمري ۾ پڙهائي به ڪندي هئي. ۽ پنهنجي سهيليءَ ساجده سان وڙهندي پرچندي، کلندي، کيڏندي ۽ کيس ٻارن جيان چمندي هئي، ڄڻ ساجده سندس سهيلي نه پر سندس ننڍڙي پياري ڀيڻ هجي، جنهن جا ڪڏهن پيار ۾ هوءَ ڪن پٽي، هن کي چيڙائي پوءِ پرچائي، پيار ڪندي هئي، ۽ ڪڏهن هن جو نڪ پٽيندي هئي ڪڏهن ڳلن تي هٿ ڦيري ڦيري هلڪي چماٽ ته ڪڏهن سندس ٻانهن جي هلڪا چڪ وجهي موٽ ۾ ساجده جا ٿڦڙ دڙڪا ۽ داٻا کائي، هوءَ پئي خوش ٿيندي هئي، پوءِ ساجده جي موڪلائڻ مهل اُن کي ايڏو ته اڻ ميو پيار ڏيندي هئي، جو ساجده جو سڄو غصو ٿڌو ٿي ويندو هو ۽ هُو مرڪندي مرڪندي پنهنجي گهر جي ڏاڪڻن تي چڙهندي چڙهندي ورائي ورائي هن کي ڏسندي هئي. ٻنهي جي گهر جي وچ ۾ هڪ مختصر گهٽي هئي. هو ٻئي دريءَ ۾ بيهي هڪ ٻئي کي ڏسي به سگهنديون هيون. هو ٻئي گهر جا دروازا ٻيڪڙي به دل جا دروازا کليل رکنديون هيون ۽ اڪثر شرارتون ڪندڙ ساجده هن کي صبح جو سوير ننڊ مان اٿارڻ ايندي هئي، ته گهنٽي تي هٿ رکي بيهي رهندي هئي. سندس بيڊروم ۾ ايندي هئي ته بنا سڏ ڪرڻ جي مٿس ڪري پوندي هئي. ۽ ڌڪ هڻي هن کي ننڊ مان اٿاريندي هئي. پر رضيه  ڪڏهن به انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙ نه ڏيکاري هئي، ۽ نه ئي وري سندس گهر وارن کيس ڪڏهن ايئن ڪرڻ کان جهليو هو. ٻنهي جي گهر وارن کي خبر هئي ته هي سهيلون نه پر ڀيڻون آهن. پر منهنجي نظر ۾ نه هو ڀيڻون هيون نه سهيليون هيون، پر هو ته روحن جي راڄ جون راڻيون هيون. اُهي راڻيون جن جا قلب هڪ ٻئي وٽ قيد هئا ۽ ٻئي هڪ ٻئي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون. ها روحن جو راڄ جتي دل منجهه رڳو تات جي تنوار هجي، جت جسم جي ضرورتن کان وڌيڪ روح جي رمز جي ڳالهه هجي. اُتي بظاهر نظر ايندڙ ٻه خوبصورت جسم جن وٽ ڀرپور سونهن هجي سندن بلوري بدن مان برهه جي باهه ڀڙڪا ڏئي اٿندي هجي. جن وٽ دوائون بيشمار هجن. جن وٽ ڪشش جا انبار هجن، جن وٽ حسن  جا جلوه هزار هجن. جن جي جسم جي سڄي جوت جرڪندي هجي.، جن وٽ محبت جي مئي جي مستي هجي جن وٽ شراب انهن جو شرم ۽ شباب انهن جي شرافت هجي اُهي روح جي رهه گذر تي جڏهن راهه سفر ٿيندا ته عالم سڄو انهن جي الفت جو آرزو مند رهندو.

انساني التجائون انهن جي ئي، محبت ماڻڻ لاءِ هونديون، ۽ دعائون دلين جا دروازا ڀڃي انهن لاءِ عرش جو سفر ڪنديون آهن. ها ڪي اهڙيون به صورتون هونديون آهن. جن جي خوبصورتي تي سندن سچائي جو سون چڙهيل هوندو آهي. ۽ سون اهو ڳهه آهي. جيڪو عورت جو سينگار آهي. اهڙائي امر ساجده ۽ رضيه جي وچ ۾ به روح جا رشتا هئا. جن جي ڪري هو پنهنجن مائٽن ۽ سهلين وٽ قابل احترام هيون ۽ هنن ٻنهي جي روحن آڏو ڪا به رڪاوٽ نه هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ آءٌ ساجده جي سفارش ڪرڻ سان رضيه کي ٽيوشن پڙهائڻ ويندو هئس اهو وقت رات جو ستين بجي کان اٺين بجي جو هوندو هؤ ۽ هن کي آرٽس جي سبجيڪٽس کي پڙهائڻو پوندو هوم. پر هُوءَ آرٽس پڙهڻ کان پهرئين ئي مون کي آرٽسٽ بنائي چڪي هئي. ڇو ته هوءَ مون کان پڙهندي پڙهندي به مون کي پڙهائيندي رهندي هئي. ها هوءَ مون کي بنا ٽيوشن ڏيڻ جي مون کان بنا معاوضو وٺڻ جي، ۽ ها مون کي بنا اڳوٽ اطلاع ڪرڻ جي هوءَ پنهنجن عملن سان چيل جملن سان، لکيل اکرن سان، مون کي پيار جو لفظ وٺڻ بنا پيار ڪرڻ سيکاريندي هئي جيڪو سکندي سکندي مان هن جي سڪ ۾ سوگهو ٿي ويس ۽ هن جي قرب جي ڪوڙڪي ۾ قابو ٿي ويس.

اُنهن لوڊ شيڊنگ وارن ڏينهن ۾ جڏهن لائيٽ هلي وڃڻ تي، ساجده پنهنجي گهران مٽيءَ جا ڏيئا کڻي آئي هئي. جيڪي هوءَ ٻاري روشني ڪندي هئي ۽ ڏيئن جي اُن روشني جي سهاري مان رضيه کي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. رضيه ڪو پڙهڻ ۾ جڏي ڪانه هئي، بس فقط لاپرواهه هئي رضيه جا اکر سنڌي توڙي انگريزي جا موتيءَ جا داڻا هئا. پر هڪ ته رضيه دلچسپي سان ڪونه پڙهندي هئي، ٻيو مٿان وري ساجده اچي انگل ڪندي هيس، ۽ پوءِ رضيه ويچاري مون کان معذرت ۽ معافيون گهرندي، ساجده جي صورت جي صورتخطي پڙهڻ شروع ٿي ويندي هئي. ۽ سندس پنهنجي پڙهائي اتي ئي رهجي ويندي هئي. ۽ پوءِ هوندا هئا ساجده جا شرارتي ٽهڪ ۽ رضيه جا لاپرواهي وارا ٽهڪ. ٽهڪن ڏيڻ کان پهرئين ٻنهي جا وات بند مکڙين جهڙا گلاب لڳندا هئا. ۽ کلڻ دوران ڄڻ ته اُهي ڪنوارا نوخيز گلاب مکڙين مان ٽڙي ٻهڪندڙ گلاب لڳندا هئا. ۽ آخر ۾ سندن چاهه ڀريل چپن تي مرڪ ڦليل رهندي هئي. اهڙن موقعن تي جڏهن ڏيئا روشني ڏئي رهيا هجن، ۽ ٻن ڪنوارين ڇوڪرين جا چمڪندڙ چهرا، اکين جي تجلن سان چپن تي تبسم ڦلائي هڪ ٻئي جي ڀريل صاف سفيد ڳٽن تي چاهتن جا چپ، چُمين جا ڪي محبتي منظر ڏيکاري وجهن، ته منهنجي نوجواني تي نينهن جا سمورا نشان ڇونه چڙهي وڃن، مئي جي ساري مدهوشي منجهي من جي پاتال ۾ پلٿي ماري ڇونه ويهي رهي ۽ پوءِ ساجده جي اُٿي پنهنجي گهر وڃڻ کانپوءِ هوءِ ڪتابن کي سوري پاڻ ڏانهن ڪري، ۽ اکين ۽ اکين ۾ چوي هاڻ پڙهون... ؟؟؟ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن پڙهندي ڪو اهڙو پور پوندو هئس جو اُمالڪ سڀئي ڏيئا ڦوڪ ڏيئي، وسائي ڇڏيندي هئي. ۽ يڪدم چوندي هئي، توهان وٽ ماچيس آهي...؟ جلدي ڏيو نه...؟“ نه مون وٽ ڪونهي ماچيس.“ سگريٽ پيئندا ڪريو نه...! پوءِ هوءِ اوندهه ۾ اٿندي هئي پنهنجي ڪمري ۾ ئي ڪي هٿوراڙيون ڏئي ماچيس هٿ ڪندي هئي ۽ تيلي دکائڻ کان پهرئين چپ چپات ڪري پويان بيهي ڪلهن تي هٿ رکي ڊيڄارڻ جهڙو آواز ڪڍي، پوءِ پاڻ ئي کل ۾ ٻڏي ويندي هئي. ۽ مان اونڌهه ۾ ڪيل انهيءَ حجت کي محبت جي مشڪري سمجهڻ لڳو هئس، هڪ ڀيري رضيه ائين ڪيو جو ڏيئا وسائي، اوندهه ۾ ماٺ ماٺ ڪري وڃي، صوفه سيٽ تي چڙهي بيهي رهي، مون کي سڏ ڪيائين، ”سر! هيڏانهن اورتي اچو ماچيس ڳولرايو.“ مان آواز جي پاسي ويس ته اُن جاءِ تي پاڻ نه هئي ۽ پوءِ اوچتو هلڪي رڙ ڪري هوءِ منهنجي مٿان ڪري، مان ڇرڪجي پوئتي هٽيس ته ڀرسان بيٺل پلنگ تي وڃي ڪريس ۽ هيءَ سڄي ساري 440 وولٽ واري بجلي بنجي منهنجي مٿان ڪريل هئي منهنجو ساهه مٺ ۾ اچي ويو.

ڏڪڻي چڙهي ويئي ته اجهو ٿي مون تي ڪاوڙ جي ۽ رڙيون ڪري مائٽن کي سڏي، پر پوءِ هن جو جهيڻو آواز چپڙن منجهان چريو، سَرَ! ڌڪ ته ڪونه لڳو“؟ ۽ ان سان گڏ هن جو بلوري بند پنهنجي سموري سرهاڻ مون ۾ اوتي مون کان جدا ٿيو. پر سندس هٿ منهنجي مٿي تي ڌڪ جو ڪو نشان ڳوليندا منهنجي ڳلن تان ترڪندا منهنجي چپن تي پهتا. ۽ مون پهريون ڀيرو ايڏو ته سرور حاصل ڪيو، جو مان نٿو محسوس ڪيان ته ڪنهن ڪلال جي سموري شراب ۾ به ايڏو نشو هوندو. جيڏو هن جي نازڪ آنڱرين جو منهنجي چپن تي اچي بيهي رهڻ مهل مون حاصل ڪيو. اهيو لمحو ڪجهه سينڪنڊن تي محيط هو، پر سڪ جا سمورا سال انهي سيڪنڊن تي قربان ڪري سگهجن ٿا. ٽوٽل پنجن ڇهن منٽن جي انهيءَ منظر جنهن ۾ هن جو هلڪي رڙي ڪري صوفه سيٽ تان مون مٿان ڪرڻ ۽ منهنجو پلنگ تي ڦهڪو ڪرڻ ۽ هن جو انگ انگ منهنجي انگ انگ سان اڙجي وڃڻ ۽ پوءِ هن  جو اُٿي بيهي هٿ وڌائي منهنجي هٿ کي ڏيئي، وري اهيو چوڻ ”سر! آئينده اهيا غلطي نه ٿيندي.“ مان موٽ م ڪوبه اکر ڳالهائي نه سگهيس، هن ڏيئا ٻارڻ بنائي مون کي چيو سر! هو اڳتي ٿي، مان پوئتي ٿيس. ڊرائينگ روم جو در ٻاهرئين گهٽي ۾ کلندو هو، هن در کوليو، ۽ ماچيس منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو ”سر گهٽيءَ ۾ اونڌهه آهي، روشني ڪندا وڃجو.“ ۽ مان ماچيس هن جي هٿ مان وٺي هليو آيو هوس.

ٻئي ڏينهن تي مون کي آفيس مان هڪ ارجنٽ ٽريننگ ليٽر ملي ٿو، ۽ مان هڪ مهيني لاءِ هي شهر ڇڏي هليو ٿو وڃان. مون کي ايترو موقعو به نٿو ملي ته مان شام تائين ترسي رضيه کي اطلاع ڪريان، مون وٽ رضيه جو فون نمبر به هو. پر مون ڪڏهن به هن سان فون تي ڳالهايو نه هو، ۽ ڪالهوڪي واقعي کانپوءِ ته مان پاڻ به همت نه ساري رهيو هوس. گهر تي وڃي اطلاع ڪرڻ جي يا فون تي اطلاع ڪرڻ جي، ۽ مان پوءِ رضه کي ٻڌائڻ بنا ئي ٽريننگ تي هليو ويو هئس، ٽريننگ دوران مان هن جي يادن ۾ گم رهيس ۽ رضيه کي خط لکي گڏ ڪندو رهيس، پنهنجي اندر جون آسون ۽ اُميدون مان ڪورن ڪاغذن تي اتاريندو رهيس. ٽريننگ پوري ڪري آخر ڪار موٽي آيس. شام جو مان پنهنجي گهر ۾ چانهه پي رهيو هوس. ته گهر وارن مون کي ڪجهه آيل خط ۽ ڪارڊ ڏنا، جن کي مان پڙهندو رهيس. هڪ ڪارڊ کي کولي حيران ٿي، غم ۾ غرق ٿي ويس اُن ڪارڊ جي تاريخ موجب فقط ٽي ڏينهن اڳ رضيه جي شادي جي دعوت هئي. مان گهران نڪري ٻاهر اچان ٿو، سگريٽن جو هڪ پاڪيٽ خريد ڪري، پنهنجو ڪمرو بند ڪري، الماري مان رضيه جو ڏنل ماچيس ڳولي ڪڍان ٿو، ۽ منهنجي ذهن ۾ لفظ گونجن ٿا، ”سگريٽ پيئندا ڪريو نه؟“ ائين مان پنهنجي زندگي جو پرهيون سگريٽ اُن ئي ماچيس سان دکائيان ٿو، پر ڦوڪ ڏيڻ شرط کنگهه ۾ ويڙهجي وڃان ٿو. مان سگريٽ اُجهائي ٿو ڇڏيان ۽ چوان ٿو ”رضيه! مان خود ئي ته اهو جلندڙ سگريٽ آهيان جنهن کي تو دکايو هو ته شايد توکي به نه وڻيو هو ۽ پوءِ تو ٺلهو ماچيس منهنجي هٿن ۾ ڏيئي چيو هو ته ”گهٽي ۾ اونڌهه آهي، روشني ڪندا وڃجو.“ رضيه مان تنهنجي پرهين خواهشن مطابق سگريٽ ته ڪونه ٿو ڇڪيان، پر نه فقط گهٽيءَ ۾ هن سڄي معاشري ۾ اونڌهه آهي ۽ مان ماچيس مان ڏيئا ٻاريندو ٻار پاڙهيندو، روشني ڦلائيندو، اونڌهه کي مٽائيندو وڃان ٿو، رضيه مان تنهنجي ٻي خواهش جو بيحد احترام ڪيان ٿو. تون مون لاءِ دعا ڪجاءِ ته مان هڪ مثالي استاد بنجي پنهنجو فرض پورو ڪيان ۽ ڏات ڏاهپ ۽ ڏانءَ جا ڏيئا روشن ڪندو رهان. آءَ گهٽين ۾ روشني ڪندو وڃان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com