سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روشني

باب: --

صفحو :3

هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار سان جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو يا کيس ڪهاڻي ڇپرائڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ ڪيترا پاپڙ ويلڻا پون ٿا، ان جو تفصيل سان بيان آهي، ڪهاڻي ڇپائڻ لاءِ هڪ حساس ڪهاڻيڪار نه رڳو ايڊيٽر جي اڳيان پويان هلي ٿو ۽ خوشامد ڪري ٿو، پر ان ڪهاڻيءَ ۾ ايڊيٽر جو چڱو خاصو ۽ اهم ڪردار به تخليق ڪري ٿو، ايتري خوشامد کان پوءِ، ان رسالي جي ٿيندڙ جشن لاءِ ڊڪ ڊوڙ به ڪري ٿو. ايتري قدر جو کيس گهر جي ماني به نصيب ڪانه ٿي ٿئي. پر تڏهن به حالت اُها آهي، ته سندس ڪهاڻي نه فقط رسالي ۾ نٿي ڇپجي، بلڪ ايڊيٽر جي فائيل ۽ ذهن مان به گم ٿي وڃي ٿي پر اُهي سڀ ڳالهيون ڪهاڻيڪار کي مايوس نه ٿيون ڪري سگهن، ڇو ته کيس ڪهاڻي لکڻ سان عشق آهي ۽ ڪهاڻيڪار اهو خفت ٻين ڪهاڻيڪارن کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي پورو ڪري ٿو، توڙي جو وٽس ٻڌائڻ لاءِ ڪا ڪهاڻي ڪانهي، پر هو اُتي ئي ويهي پني ٽڪري تي هڪ نئين ڪهاڻي منتقل ڪري ٿو ۽ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ پيش ڪري ٿو.

 ان ڪهاڻيءَ ۾ سليم ڪهاڻي ڇپرائڻ جي مسئلي کي طنزيه انداز ۾ چڱيءَ ريت پيش ڪيو آهي. ۽ ايڊيٽرن ۽ چيف ايڊيٽرن جي من مانين کي ظاهر ڪيو آهي. ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جي بي وسيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي، جڏهن ته هزارين ڪچيون ڦڪيون شيون بنا ايڊٽ ڪرڻ جي، ايڊيٽر حضرات پنهنجي رسالن ۽ اخبارن ۾ عام جام پيا ڇپين.

سليم جي اڪثر ڪهاڻين ۾ مضمون، ڊائري، تاثر يا رپورتاز جو رنگ آهي، حالانڪه ڊائري يا خط کي ڪهاڻيءَ جو حصو بنائي سگهجي ٿو، پر ڪهاڻيءَ تي رپوتاز ۽ تاثر جو لبادو پارائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجيس، ڪهاڻين کي فني رچنائن يا شاهپارن ۾ تبدل ڪرڻ لاءِ کيس علامتن ۽ اشارن کان ڪم ڪڍڻ گهرجي، ڇو ته ڊائريڪٽ ڳالهه ڪرڻ جو پڙهندڙ تي اهو امپيڪٽ نٿو وهي، جيڪا ڪهاڻي جي گهرج آهي، سليم چنا جون هن مجموعي ”روشني“ ۾ موجود سڀ ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته اُهي ڪهاڻيون هڪٻئي جي ڪڍ مختصر وقفي کان پوءِ لکيون ويون آهن، تنهنڪري ڪنهن ڪنهن ڪهاڻيءَ کي مقرر معياد يا مدي کان اڳ جنم ڏنو ويو آهي. جيئن ڪو ستڙو ٻار جنم وٺي، هيمنگوي ان متعلق ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي آهي، ته توهان ڪهاڻيءَ متعلق هرو ڀرو گهڻو نه سوچيو ۽ تيستائين لکڻ واري ٽيبل تي نه وڃو، جيستائين اها توهان جي ذهن ۾ پچي راس نه ٿئي. ان جو بهترين مثال اهو آهي. جو هن ذهن ۾ مڪمل ٿيل ٻن ٽن ڪهاڻين کي هڪ ئي سٽنگ ۾ ويهي شاهڪار تخليق جو روپ ڏنو آهي.

سليم، موهن ڪلپنا وانگر رومانس نگار آهي ۽ انهيءَ جو وڏو سبب، شايد موهن ۽ شرت چندر جي ديوداس وانگر سندس گهڻي عرصي تائين غير شادي شده رهڻ آهي. (سليم خير سان 43 سالن جو ٿي ويو آهي ۽ اڃا اڪيلو آهي.)

ادب پنهنجي جهول ۾ ڪيترائي عالمگير جذبا ۽ موضوع سمائي ڇڏيا آهن، جهڙوڪ: نيڪي، بدي، پيار ۽ نفرت، محرومي، آس، نراس، جبر، استحصال، ميلاپ ۽ وڇوڙو، غم ۽ خوشي، خواهشون ۽ حسرتون، بيروزگاري ۽ بيماري، موت ۽ حيات، اوچ، نيچ،. هٿ ٺوڪيا اخلاقي قدر، پاپ ۽ پچ، دوکا ۽ دولاب، خود فريبي ۽ انا جو انڌ وغيره.

بنيادي طرح ادب جا ٻارنهن موضوع آهن، جيڪي اڪثر ڪهاڻين ۾ ڏٺا ويا آهن اهي بنيادي موضوع هي آهن:

 

1. ٻن پيار ڪندڙ دلين جي ڪامياب محبت جي ڪهاڻي.

2. ماءُ جي محبت عظيم آهي ۽ ٻين سڀني جذبن کان سگهاري آهي.

3. وطن جي حُب ۽ وطن لاءِ سر ۽ مال سڀ قربان ڪرڻ.

4. گهر ۽ خاندان جي عزت ۽ لڄ بچائڻ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو پئي، ته به نه ڪيٻائجي.

5. حسن ۽ عشق جو مڪمل وصال ٻين سڀني شين کان قيمتي آهي.

6. بلند همت، حوصلي، عزم  استقلال ۽ تيز فهمي ۽ ڏاهپ کان ڪم وٺندي ماڻهو، غربت کي نه رڳو قابل برداشت ۽ خوشگوار بڻائي سگهي ٿو، پر دنيا لاءِ مثال به قائم ڪري سگهي ٿو.

7. ڪنهن اعليٰ آدرش ۽ نظريي تان ماڻهو پنهنجو پيار، دوستي، گهر، ٻار، مڏيون مال، سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿو، ڇو ته آدرش ۽ اعليٰ خيال ٻين سڀني شين کان گهڻو مٿانهان آهن.

8. هڪ ننڍڙو ٻار  به وڏن جي رهنمائي ڪندڙ ۽ کين راءِ ڏيکاريندڙ ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ٻار پنهنجي پيدائش ڏاهپ سبب، نه رڳو پنهنجن وڏڙن کي مونجهاري کان بچائيندا آهن. پر سندن مسئلن ۽ مونجهارن جو حل به ٻڌائيندا آهن.

9. دنيا ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ، فقط مذهب ئي زندگيءَ جي ٽريجڊي مان نڪرڻ جي واٽ آهي.

10. جرئتمندانه طور تي ذاتي خواهشون قربان ڪرڻ وارو جذبو، امر ۽ لازوال آهي. انسان کي ان جو اجر زندگيءَ ۾ ضرور ملندو آهي.

11. خوشنصيبي، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون آخر ڪار انهن ماڻهن جا قدم چمنديون آهن، جيڪي ڌيرج، عقل ۽ فهم، استقامت، همت ۽ جرئت کان ڪم وٺندا آهن، بشرطيڪه انهن صاف سٿري ۽ بي عيب زندگي گذاري هجي ۽ عدل ۽ انصاف کان ڪم ورتو هجي.

12. پيرسني ۽ وڏي عمر زندگيءَ جي ڄاڻ ۽ دنياوي ڏاهپ لاءِ تمام قيمتي شي آهي، جيڪا اڪثر چوڻين ۽ پهاڪن مان ظاهر آهي.

سليم تمام گهڻو ۽ تڪڙو لکيو آهي، هو بنيادي طور هڪ سماجي رڪن ۽ ادبي ڪارڪن هجڻ جي ناتي سدائين سڙڪن تي ڏٺو ويو آهي، تنهن ڪري نه رڳو مان پر سڀ دوست حيران آهن ته هو لکندو ڪهڙو وقت آهي ۽ ايترو جلد ڪيئن ٿو لکي، جڏهن ته هڪ سٽ لکڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هڏن جي سڄي مکِ کپائڻي پوندي آهي، تڏهن وڃي هڪ سٽ سرجندي آهي. سندس گهڻيون ڪهاڻيو تڙ تڪڙ ۾ لکيل لڳن ٿيون ۽ انهن ۾ يڪسانيت نمايان آهي. اهو شايد هڪ ئي وقت گهڻيون ڪهاڻيون لکڻ جو نتيجو هجي، لڳي ٿو ته سليم هڪ وار ڪهاڻي لکي، ٻيهر ان کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ جي تڪليف نه ڪندو آهي. ان جو مکيه سبب شايد ڪهاڻين جي تڪڙي سينچري پوري ڪرڻ لاءِ سندس ڇڪا هڻڻ آهي، بهر حال هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ٿوريون پر معياري لکڻيون ادب جي آسمان تي وهائو تاري وانگر سدائين جهرمر جهرمر چمڪنديون آهن.

چيخوف جي سوانح حيات پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته هو پنهنجين ڇپيل ڪهاڻين کي به ورائي ورائي لکندو هو ۽ انهن ۾ ضروري ردوبدل ڪندو رهندو هو ۽ انهن کي پنهنجن ٻچن/اولاد وانگر مڪمل ڏسڻ چاهيندوهو ۽ انهن جون ڪچايون دور ڪندو رهندو هو. جيتوڻيڪ، هو پيشي جي لحاظ کان ته ڊاڪٽر هو، پر هن پنهنجو سمورو وقت ڪهاڻين کي ارپي ڇڏيو هو. اهوئي سبب آهي جو سندس ڪهاڻيون سڄي دنيا ۾ مڃتا ماڻي چڪيون آهن ۽ مختصر ڪهاڻي لکندڙن لاءِ نشان راهه آهن ۽ راهه مختصر ڪهاڻي جو سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار تصور ڪيو وڃي ٿو.

سليم جي ڪجهه ڪهاڻين ۾ Sence of humors به ملي ٿو. سندس ڪهاڻين جا اڪثر موضوع روماني آهن ۽ گهڻين ڪهاڻين جو نائڪ هو خود پاڻ آهي ۽ اڪثر ڪهاڻيون سندس آتم ڪٿا آهن.

هن جي ڪهاڻين ۾ طنز ليکڪ پاران ڪئي نٿي وڃي، پر ڪهاڻي خود طنز بنجي وڃي ٿي، جهڙوڪ، وڃائجي ويل ڪهاڻي ”شاعري، عورت، ۽ ايڊيٽر.“

سليم جي اڪثر ڪهاڻين جو موضوع پيار جي محرومي، غربت ۽ انسان جي معصوم جذبن جو بي دردانه قتل آهي، هو سماج کان محبت، شفقت ۽ مهربانيءَ جو طلبگار آهي، پر کيس موٽ ۾ مليون آهن، مايوسيون ۽ محروميون، ڌڪا ۽ ٺيلها، مڪاريون، منافقتون ۽ ڪوڙيون تعريفون جن کي نهايت سادگي، تحمل ۽ بردباريءَ سان پنهنجي جهول ۾ جهليو آهي ۽ اهي محروميون ۽ ناڪاميون هُن، سماج کي سهڻي اخلاق ۽ بنا احتجاج جي موٽائي ڏنيون آهن، هو انهن جو ذڪر ته ڪري ٿو، پر شڪايت نٿو ڪري ڄڻ ته چوندو هجي:

دشمنن جا ته وار سهبا پر،

دوستن جو خلوص ماري ٿو.

هو جنهن سان به پيار ڪري ٿو ۽ موٽ ۾ کيس مايوسي لئه پلئه پوڻ تي، هو ان جي بيوفائي جو واقعاتي اظهار ته ڪري ٿو، پر نه ساڻس شڪايت ڪري ٿو ۽ نه وري کيس رسوا ڪري ٿو، جيئن اسان وٽ اڪثر ڪهاڻين ۾ ڪيو ويندو آهي.

سليم جو اسلوب ٿڌو نرمائي وارو ۽ بيانيه آهي. سندس ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو انداز آهي، هو رواجي انداز ۾ جتان کيس وڻي ٿو، ڪهاڻي شروع ڪري ٿو ۽ جتي سندس مرضي ٿئي ٿي، ڪهاڻي ختم ڪريو ڇڏي، جنهن ڪري ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي يا مرڪزي نقطو ڪڏهن ڪڏهن پڙهندڙن کي ڳولڻو پوي ٿو.

هو ڪٿي ڪٿي، ڪهاڻيءَ جي فن جي بنيادي عنصرن ۽ موضوع جي بنيادي نقطي کي نظر انداز ڪيو ڇڏي ۽ ڪهاڻيءَ جي ڊمانڊ کان اکيون ٻوٽيو ڇڏي، اهو ان ڪري ته شايد کيس ڪهاڻي هڪ ئي ويهڪ ۾ پوري ڪرڻي آهي ۽ باقي وقت سندس سوشل ورڪ لاءِ وقف آهي. (ڏسو ڪهاڻي ”جدوجهد“ ۽ ”مهان ڪهاڻيڪار“) دراصل سوشل ورڪ سنگت سان ڪچهريون ۽ ادبي ميڙ ئي سندس مشغلو ۽ سندس ڪهاڻين جو موضوع ۽ مواد آهي.

سليم هڪ Tough Minded Hard Headed Optimist آهي.

هن جو انسانيت ۾ ايمان آهي. اهو سندس پختو ايمان آهي ته پينڊورا باڪس (پيتي) ۾ هاڻي رڳو اميد ئي باقي رهي آهي. ڇو ته سماج جي ارڏاين، لالچن ۽ طمع سبب پينڊورا باڪس کلي چڪي آهي ۽ ان ۾ موجود نانگ بلائون ٻاهر نڪري ماڻهوءَ جي من ۾ گهري ڪري ويون آهن، پر سليم ان پيتيءَ کي بند ڪيو آهي ۽ کيس پڪو يقين آهي ته ان پيتيءَ ۾ هاڻ ”اميد“ ئي باقي رهي آهي. زندگيءَ ڏانهن سندس رويو مثبت آهي ۽ اها ئي خوبي سندس شخصيت مان ليئا پائيندي نظر ايندي آهي.

رفيق سومرو

نديم جو گهر

   بي 63. فيز1، قاسم آباد،                             حيدرآباد

آواره بادلن جيان رلندڙ،

رومانٽڪ ڪهاڻيڪار،

سليم چنا.

سليم هڪ پيارو ۽ وڻندڙ نالو آهي، جنهن ۾ قدرتي سونهن ۽ پيار سمايل آهي. ان ڪري اهو نالو هونئن به مون کي پاڻ ڏي تمام گهڻو ڇڪيندو آهي. اهوئي سبب آهي ته منهنجي سليم سان دوستي ٿي وئي آهي هن جي پنهنجائپ، پيار، پاٻوهه ۽ سچائي پڻ هُن جي ويجهو ٿيڻ جو سبب آهي.

ڪو وقت هو ته آءٌ سليم کي حيدرآباد جي هوائن ۾ مختلف رستن تي رلندي  ڏسندو هوس، ان وقت اڪثر پينٽ شرٽ پائيندو هو ۽ سندس هٿ ۾ ڊائري، ڪتاب يا ڪو فائيل وغيره اڪثر هوندو هو. واٽ ويندي ملاقات ٿيندي هئي. ته مان کيس يا هو مون کي چانهه جي ڪوٺ ڏيندو هو. پوءِ اسان ڪنهن اسپاٽ علي بابا رسٽورينٽ يا چائينز ڪينٽان يا ڪنهن ٻي جڳهه تي ڪچهريون ڪندا هئاسون. هي همراهه ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ سڄي ادبي دنيا جون خبرون چارون کڻي ٻڌائيندو هو ۽ دل چوندي هئي ته ٻيو ٻڌائي.

ان کان سواءِ اڪثر حيدرآباد جي ادبي فنڪشنس ۾ کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو، هي فنڪشنس ۾ سڀني کان اڳڀرو نظر ايندو هو، هڪ ادبي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪنهن به فنڪشن جا ڪارڊ  ورهائڻ، ڪو ادبي بيان جاري ڪرڻ، ڪو سماجي ڪم ڪرڻ، مطلب ته هر چڱي ڳالهه ۾ سرگرم هوندو هو. سندس اهي ادبي ۽ سماجي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، مان کيس هر اديب ۽ شاعر سان گڏجي ڪم ڪندي به ڏٺو آهي. جيتوڻيڪ هو پاڻ به گهڻو ڪري هلندڙ، ڦرندڙ اهو شخص آهي، جيڪو قدرت جي فطرتي، شين، حسين نظارن، جوان جذبن، سهڻن خيالن ۽ سندر سوچن ۾ محو رهندڙ آهي. سندس لکيل اڪثر ڪهاڻين ۾ قدرت جي فطرتي حُسن ۽ جذبن جو سڌو سنئون دخل آهي. ان ڪري سندس ڪهاڻين کي فطرتي ۽ پيار ڀريون ڪهاڻيون سمجهڻ گهرجي، وڏي ڳالهه ته سندس ڪهاڻيون هن جون پنهنجون ڪهاڻيون آهن، هن جي ڪهاڻين جو مزاج ۽ مزو به پنهنجو آهي. هن ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جو اثر ناهي ورتو، پر هن پنهنجي اندر جي لڪل جذبن کي پاڻ ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو آهي. تڏهن ئي سندس لکيل ڪهاڻي، سهڻي، مون موهڻي، ۽ سندس صورت وٺي بيٺي آهي. هو ڪهاڻيءَ کي لفظن جي روپ ۾ خوبصورت ۽ حسين بنائي ٿو دراصل سليم هڪ رومانٽڪ ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻي جا ڪردار به رومانٽڪ ۽ حسين آهن، جن ۾ عشق محبت دک، درد، خوشي وصل، وڇوڙي، ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جا مليل جُليل جذبا شامل آهن، پيار جنهن لاءِ هر هڪ ماڻهو دل ۾ آس رکندڙ هوندو آهي. سليم چنا جي ڪهاڻيڪار واري تصوير سندس ڪهاڻين مان صاف ۽ چٽي نظر اچي ٿي. هو بذات خود پنهنجي ڪهاڻين ۾ سئو سيڪڙو موجود رهي ٿو، سندس ڪهاڻين جي ٻن مجموعن ”سج منهنجي هٿن ۾“ ۽ ”زندگي“ ۽ هن ٽيئين مجموعي... ”روشني“...!

کانسواءِ سندس مختلف رسالن ۾ ڇپيل ڪهاڻيون پڙهي مان حيرت ۾ اچي ويو آهيان، ڇو ته سليم چنا هڪ ئي وقت هڪ بهترين ڪهاڻيڪار پيارو شاعر. سيبتو صحافي، جاکوڙي قومي ۽ سماجي ڪارڪن آهي، هن جي سنڌي ادب ۾ هڪ جداگانه حيثيت آهي. هڪ انوکي حيثيت آهي، جيڪو ادب به تخليق ڪري ٿو. جاکوڙي به ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف پليٽ فارمن تان سماجي ۽ ادبي خذمتون سرانجام ڏئي ٿو.

سليم چنا جي پرسنلٽي ٺيڪ ٺاڪ آهي، هو سينٽرل ايڪسائيز سيلزٽئڪس اينڊ لينڊ ڪسٽم ۾ انسپيڪٽر آهي، پر هو پنهنجي پرسنلٽي تي ڌيان ڏيڻ بدران گڏيل سوچ رکي، سڀني لاءِ سوچي ٿو. جاکوڙي ٿو ۽ خدمت جو جذبو رکي ٿو. شايد ان ۾ ئي هن جي زندگي جو راز لڪل آهي. جنهن لاءِ هو هميشہ اڳيان اڳيان رهيو آهي. هن جي من ۾ هڪ قسم جي ڪاولوڙ آهي. جا جستجو يا وري ڪا تڙپ آهي. هلچل آهي جيڪا هن جي اندر جي جذبن کي ڀڙڪائيندي رهي ٿي ۽ هو هڪ هنڌ ويهي رهڻ يا خاموش ٿيڻ بدران پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي پنهنجي شاعريءَ ۽ ڪهاڻين ۾ ظاهر ڪري ٿو. هو لکي ٿو، دل جي ڀرپور جذبي سان لکي ٿو. پوءِ ان مان ڪڏهن ڪو پيارو گيت جنم وٺي ٿو ته ڪڏهن ڪا خوبصورت ڪهاڻي سر جي ٿي. سليم چنا جي شاعري به پنهنجي اندر ۾ نفيس ۽ نازڪ جذبا، احساس ۽ رکي ٿي. جيڪا مون پڙهي آهي، ته ڪيئي ڀيرا کائنس بذات خود ٻڌي به آهي. جيڪا مون کي ڏاڍي وڻي به آهي. پر سندس ڪهاڻين جي ڳالهه ئي ٻي آهي. هن جون لکيل ڪهاڻيون هن جا پنهنجا سچا، جذبا ۽ اهي احساس آهن. اهي ارمان آهن جيڪي هن نه ڄاڻ ڪيتري وقت کان پنهنجي اندر ۾ سانڍيا آهن ۽ هاڻ انهن کي لفظن جي خوبصورت روپ ۾ ڪاڳرن تي وکيريو آهي. هن پنهنجي من جي لڪل جذبن کي امر ڪرڻ لاءِ ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو آهي.

سليم چنا جي لکيل ڪهاڻي سچ پچ ته اها ڪا سهڻي، من مهڻي ۽ ملوڪ ڇوڪري آهي. جيڪا هن جي من اندر ۾ رهي ٿي. يا وري سندس خيالن ۽ خوابن ۾ سندس چوگرد ڦري ٿي، ۽ سليم هن جا سڀئي ناز کڻي ٿو ۽ هن کي خوبصورت کان خوبصورت بنائڻ لاءِ هن کي ريشم ۽ اطلس جا ويس پهرائي، کيس قيمتي زيورن سان جنهنجي ٿو ڇڏي ۽ پنهنجي من جا انيڪ جذبا هن جي سونهن سندرتا ۽ خوبصورتيءَ سان ڳنڍي ٿو ڇڏي. اهو سندس فن جو ڪمال آهي.

 سليم دراصل هڪ پيار ڪندڙ حساس دل رکندڙ، هڪ رومانٽڪ ڪهاڻيڪار آهي. ان ڪري سندس ڪهاڻي ۽ ان جا ڪردار به رومانٽڪ ۽ حسين آهن. جن سان هن جي هنڊريڊ /100 انوالمينٽ موجود آهي. هي پنهنجي ڪهاڻي جي حسين ڪردار سان گڏوگڏ رهي ٿو. جنهن سان پيار ڀريون گهڙيون گذاري ٿو. اهي سڀ پيار ڀريا لمحا هن جي ڪهاڻين ۾ ڪنهن شاهڪار ناول جي سين وانگر هڪ هڪ ٿي نظر اچن ٿا ۽ پڙهندڙن جي ذهن ۽ خيالن ۾ لطيف احساس ۽ سوچون اڀارين ٿا.

سليم جون ڪهاڻيون سندس طبيعت ۽ فطرت موجب ئي لکيل آهن. جيئن ته سليم فطري طور تي هڪ پيار ڪندڙ ۽ پيار جا جذبات ۽ احساسات رکندڙ پاڻ به هڪ رومانٽڪ نوجوان آهي. ان ڪري هو پنهنجي پيار واري فطرت موجب پنهنجي ڪهاڻي ۾ به پاڻ ئي هڪ ڪردار جيان موجود رهي ٿو ۽ سڄي ڪهاڻي سندس ئي فطرت جي اڳيان پٺيان ڦرندي رهي ٿي.

هڪ حساس ۽ پيار ڪندڙ نوجوان ڪهاڻيڪار جا جذبا، احساسات، امن ۽ انسانيت جا شعوري ۽ لاشعوري اظهار سندس ڪهاڻين ۾ نمايان رنگ ڀرين ٿا. پڙهندڙ کي هڪ اهڙي دنيا ۾ پهچائن ٿا، جتي پيار ۽ محبت کانسواءِ ڪجهه به ناهي. پيار ئي زندگي آهي. پيار ئي بندگي آهي، پيار ئي تڙپ ۽ ڀوڳنا آهي. پيار ئي سڀ ڪجهه آهي.

مطلب ته هن جي لکيل ڪهاڻين ۾ پيار جي انيڪ جذبن ڏکن، دردن پيڙائن ۽ وڇوڙن، ڪاميابين ۽ ناڪامين جا مليل جليل ڪيئي اولڙا نظر اچن ٿا. جيڪي قدرتي طور ۽ فطرتي طور تي اسان سڀني ۾ موجود هجن ٿا. پيار جنهن لاءِ اسان سڀ جيئون پيا ۽ ان لاءِ هر ماڻهو پنهنجي من ۾ هڪ آس ۽ اُميد رکي ٿو. ذهن ۾ حسين خيال ۽ خواب آڻي ٿو. اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندو. ڪي خوش نصيب ماڻهو پنهنجي آئيڊيل کي حاصل ڪري ۽ ماڻي سگهندا آهن. پر ٽرئجڊي اها آهي ته پنهنجي آئيڊيل کي حاصل ڪرڻ ۽ ماڻڻ کان پوءِ اهو سڀ پيار، پيڙا، ڀوڳنا ۽ تڙپ سڀ ختم ٿي ويندا آهن. ڄڻ ته آئيڊيل ئي چڪنا چور ٿي ويندو آهي. ڇا ڪاڻ ته حاصلات برابر وڏي شيءِ آهي، پر سچ پچ ته حاصلات اڃان به گهڻي ۽ وڏي شيءِ آهي. ڪنهن به آئيڊيل کي حاصل ڪري ماڻي ختم ڪري سگهي ٿو. پر ڪنهن حاصلات کي وڃائي به حاصل ڪري سگهجي ٿو. پائي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ هڪ وڏي دل گردي جي ضرورت آهي، وڏي جذبي ۽ حوصلي جي ضرورت آهي.

سليم چنا جي لکيل ڪهاڻين ۾ اهڙي قسم جي ٽريئجڊي سمايل آهي. هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ جن ڪردارن کي چاهي ٿو، پيار ڪري ٿو، انهن کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪري ٿو، پر اڪثر ڪري اُهي ڪردار هن سان بيوفائي ڪن ٿا، هن کي ٺڪرائن ٿا، يا وري حالات جي ورچڙهي هن کي وڇوڙي جو ورلاپ ڏئي هن کان ظاهري طور تي دور ٿي وڃن ٿا. پر فطري طور پيار جي داخلي ۽ خارجي اڌمن ۽ جذبن سان هن کي ياد رهن ٿا، يا هن سان گڏ رهن ٿا. اهڙي طرح هي لاحاصلات کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ رنگ ڀري حاصلات ۾ تبديل ڪري ٿو، ان موضوع تي سندس تمام گهڻيون ڪهاڻيون سندس هن ڪتاب ”روشني“ ۾ شامل آهن. جن ۾ هن جا ڪردار ته هن کان دور ٿي وڃن ٿا، پر هو انهن کي اڃان به ياد ڪري پيو، ڇا ڪاڻ ته اُهي خيالن ۽ خوابن ۾ ساڻس گڏئي آهن.

سليم چنا پنهنجي ڪهاڻين ۾ پاڻ ئي خود هيرو آهي. سندس هيروئنون هن سان ڪردار ته بهترين ادا ڪن ٿيون، پر حالات ۽ واقعات جي گردو غبار ۾ هن کان الڳ ٿي وڃن ٿيون، يا وري هن جي سچي پيار ۽ محبت کي فقط ۽ فقط هڪ وندر هڪ راند سمجهي بعد ۾ هن کي نظر انداز ڪري ڇڏين ٿيون. پر پوءِ به اُهي سڀ هيروئنون هن جي مَنَ پاتال ۾ رهن ٿيون، هن کي جنجهوڙن ٿيون، هن ۾ پيار جي جذبي کي اڀارين ٿيون، ايستائين جو اُهي ئي هن کان ڪهاڻيون لکرائن ٿيون، ۽ هن کي ڪا امرتا بخشين ٿيون. جيڪا هن کي ڪهاڻين لکڻ سبب حاصل ٿئي ٿي.

مان کيس هڪ رومانٽڪ آواره ڪهاڻيڪار به چوندس، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زندگي ۾ به فطري طور تي هڪ آواره ماڻهو آهي. ڪنهن آواره بادل وانگر ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪٿي، پر هن جي آوارگي ۾ به هڪ حُسن ۽ هڪ عِظيم مقصد سمايل آهي، هي هڪ سيلاني فقير هڪ سيلاني سوداگر يا هڪ ڀڪشو يا هڪ جوڳي ۽ اهڙي مسافري جيان زندگيءَ جي سفر ۾ محو سفر آهي، جنهن جي منزل فقط هڪ انسان نه پر پوري انسان ذات لاءِ ساڳي آهي، تڏهن ئي ته هن جي آوارگيءَ ۾ لطيف جذبا اُتسائيندڙ پيار، انسانيت، اَمَنَ ۽ ماڻهپي جي اعليٰ قدرن جا پيغام هوندا آهن،

هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪيترين ئي ڇوڪرين سان محبت ڪئي آهي، سندس ڪهاڻين مان ته بلڪل ائين ئي نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جون احساساتي ڪهاڻيون سچا پچا ڪردار آهن.

حيدرآباد جي هن دلفريب ۽ حسين شهر ۾ سندس محبتن جا ميلا مچن ٿا. حسين لمحا گذرن ٿا، ان ڪري ئي سندس ڪهاڻين ۾ حيدرآباد شهر جو مڪمل فطرتي حُسن مزاج ماضي ۽ حال نظر اچي ٿو، حيدرآباد جيڪو حُسن جو شهر آهي،. هوائن، خوشبوئن ۽ سرهاڻن جو شهر آهي. نينهن جو نگر آهي، جتي سليم پنهنجي ڪهاڻين جي هيرو نئين سان مختلف هنڌن تي پيار جا حسين پل گهاريا آهن، محبت جا مزا ماڻيا آهن، ۽ هن ئي شهر ۾ وڇوڙي جا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا اٿس.

دراصل هي آواره ڪهاڻيڪار الائي ڪيترين ئي هيرونئين جو هيرو آهي. جيڪي ڪهاڻين پڙهڻ سان محسوس ڪري سگهجن ٿيون. پر پوءِ به هيءُ پاڻ بيوفا نه آهي، هن جون هيرونئون بي وفا آهن، هي انهن سان ايترو ته وفادار آهي. جو هن انهن تي ايتريون خوبصورت ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ انهن خوبصورت هيروئين کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ڪري ڇڏيو آهي. امر ڪري ڇڏيو آهي.

”روشني“ ڪهاڻي جي هيروئن اونڌهه ۾ کيس ماچيس ڏيندي چئي ٿي ”سر! روشني ڪندا وڃجو.“ ٻئي پاسي هوءَ ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي ٿي، ۽ هن کي صرف ان جي شاديءَ جو ڪارڊ ملي ٿو، پر پوءِ به هيءَ ان کي وساري نٿو. ياد ڪري ٿو ۽ ڪهاڻيءَ ۾ امر ڪري ٿو. اُهائي هن جي پيار جي حاصلات آهي، ڪنهن کي دل جي سچي جذبي سان ياد ڪرڻ، ۽ ان کي هر وقت پاڻ سان گڏ محسوس ڪرڻ پيار جي حاصلات نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟...!!

هاڻي سليم ماچيس مان تيلي ٻاري روشني ڪندو، زندگيءَ جي راهه ۾ هلندو وڃي ٿو، هڪ نئين روشنيءَ سان، هڪ نئين سوچ سان هڪ نئين جذبي سان، سليم هيترو سارو لکيو آهي، ۽ لکي رهيو آهي. سچ پچ اهائي سليم جي فتح آهي، جو هن پنهنجي درد کي وڇوڙي کي حسين احساس ۽ جذبي سان پوئي ان کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو آهي. سندس ڪهاڻيون هن سان گڏوگڏ اسان پڙهندڙن جي احساسن، جذبن امنگن ۽ آسن جي ترجماني به ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ اسان سڀني جا پيار جا پنڌ ۽ الفت جا آکيرا ساڳيا آهن.

”مهان ڪهاڻيڪار“ ڪهاڻي هُن سنڌ جي ارڏي ڪهاڻيڪار سائين نجم عباسي تي لکي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي عظيم ڪهاڻيڪار سان گهاريل عقيدت ۽ احترام وارين گهڙين ۾ ادب سياست ۽ سماجي مسئلن تي ويچار ڪيل آهن.

”بدنصيب بختاور“ ۾ سليم هڪ اهڙي نوجوان جي وارتا بيان ڪئي آهي، جيڪو آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين بابت پنهنجون سوچون ۽ جذبات رکي ٿو، پيار جي تمنا ڪري ٿو، پر جنهن ڇوڪري سان سندس محبت شروع ٿئي ٿي، ان جا آخر ۾ هي لفظ ۾ ٻڌڻا پونس ٿا،

”بختاور!... چاليهن سالن جو ٿي ويو آهين، هاڻي ڪنهن به ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏ ۽ پوءِ محبت به ان سان ڪجانءِ...!“ ڇا اها وڏي ٽرئجڊي ناهي ته ڪنهن کي دل جي گهراين سان پيار ڪجي، اُها ٻئي سان پرڻجي وڃي ۽ هن کي ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي صلاح ڏيئي، ان هوندي به هن ڪهاڻي لکي اُن بيوفا يا مجبور ڇوڪريءَ کي امر ڪري ڇڏيو آهي، ”من جا مينهن ڦڙا“ ڪهاڻيءَ ۾ هن پنهنجي محبوبا سان روح جي رهاڻ جون ڳالهيون ڪيون آهن. سانوڻ جي مينهن جيان وسڻ جي آس ڪئي آهي، ڇا ڪاڻ ته هن جي اندر ۾ اُساٽ آهي. ازلي اُڃ آهي. جنهن لاءِ دل ۾ سوچي ٿو ته ”ها مُنَ جون آشائون چون ٿيون ته نه فقط وسڪارو وسي پر ڳڙا به پون، آسماني برسات جا ٿڌا ٿڌا ڳڙا به پون، سڪي ويل سڀئي نيئون وهڻ شروع ٿي وڃن.“ هن ڪهاڻي ۾ هن پيار جي پالوٽ ڪرڻ گهري آهي. ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي هلي لکي ٿو. ”اچ پدمئي! انهن ڪارن ڪارن ڪڪرن سان ملي وسون، جيڪي پوري هڪ جهڙائي ۽ هڪ جيترائي سان ڌرتيءَ جي ذري ذري جي اُڃ اُجهائيندا آهن. اچ سجني...! اُها ٿڌي هير ٿي پؤن.. جيڪا هر ساهه واري جي سرير ۾ سک جون گهڙيون ٿي پيدا ڪري!! اهي سڀ هڪ پيار ڪندڙ ڪهاڻي ڪار جا لڪل دلي جذبا ۽ ارمان آهن. جن جو هن ڪهاڻيءَ ۾ اظهار ڪيو آهي. سندس اهو اظهار ڪيڏو نه پيار ڀريو ۽ آس ڀريو آهي. سليم چنا جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”شڪ جا پاڇا“ به هڪ بي وفا محبوبه جي نانءُ ڪيل آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي پيار جي سچائي سان پنهنجي محبوبه کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن کي ساڻس بي انتها محبت ۽ پيار آهي. ليڪن هن جي محبوبه هن جي انهن سچن جذبن کي ٺڪرائي هن تي شڪ ڪري، نظر انداز ڪندي رهي ٿي ۽ هي ان جي بي رخي ۽ بيوفائيءَ تي شڪ جي بنياد تي نظم لکي هن جي نانءَ ڪري ٿو،

سليم چنا جي جذبن جا اهي ريلا ائين وهندا رهن ٿا، ۽ هي پنهنجي هر ڪهاڻيءَ ۾ بيوفا محبوبه کان چُوٽ کائي به اڳتي وڌندو رهي ٿو، ۽ محبت جي ناڪاميءَ کان پوءِ انتهائي مايوس حالتن ۾ به هو نه ڪنهن کان بدلو وٺي ٿو. نه ڪنهن کي بد دعا ڏئي ٿو، نه ئي هو هٿيار ڦٽا ڪري خودڪشي جو سوچي ٿو، هو ته وڇوڙي کي به ميلاپ جو حصو بنايو ڇڏي. ”عشق جو آواز“ هڪ پيار ڀريل مٺڙن مٺڙن ٻولن جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ محبوبه پنهنجي دل گهريئي دوست سان ڪجهه گهڙين لاءِ ٽيلفون تي ڳالهايو آهي. ۽ پنهنجي ڪيفيت جو اظهار ڪيو آهي. اهو اظهار آواز جي وسيلي پنهنجي اندر ۾ پيار جا اهڙا ته جلترنگ رکي ٿو، جنهن سان سندس دوست موهجي، پوي ٿو ۽ سندس آواز جي سحر ۾ کوئجي وڃي ٿو، انهيءَ ڪهاڻيءَ جو هڪ مختصر جملو هئين آهي ”ها هن انهيءَ ڇوڪريءَ جي گفتگو مان محسوس ڪيو ته هن وٽ پياس هئي پيار جي اُڃ هئي اُلفت جي هو. مو کي هئي محبت جي مَٽَ جي، هن وٽ مدهوشي هئي، مَن جي ڀريل محبتي مڌجي، هن وٽ نينهن جي اونهي نادي هُئي، هوءَ ڪينجهر ڍنڍ جي نوري جو نعمل بدل ته نه هئي... ؟؟

اهو سڀ هڪ آواز جي جادو ئي اثر ۾ پيار جي پيڙا مان هيو جيڪو محبوبه ۽ سندس دوست جي عشق جو سبب بڻيون. ۽ ان مان عشق جي آڳ دکي پئي. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ اهو تاثر ڏنل آهي ته روح جو روح سان ميلاپ ئي عشق جو اصل محرڪ آهي. پيڙائون ڀوڳنائون ئي عشق جي آڳ کي مچائن ٿيون.

انهن ڪهاڻين کان سواءِ ٻيون به اهم ڪهاڻيون هن مجموعي ۾ شامل آهن. پر باقي ڪهاڻين جو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن ته بهتر آهي. هتي ته مون کي سندس هر هڪ ڪهاڻي ڪجهه لکڻ لاءِ اُتسائي رهي آهي. پر ڪجهه ته پڙهندڙن جو به حق آهي ڏسون ته اُهي انهن باقي ۽ مٿي ذڪر ڪيل ڪهاڻين تي ڪهڙا ڪهڙا رايا ٿا ڏين.

بهر حال هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوعن جي لحاظ کان به منفرد آهن، ته وڻندڙ به آهن. معاشري جي ڳالهه به آهي ته دک درد به آهي. زندگيءَ جي ڪيترن ئي حقيقي واقعن کي سامهون آندو ويو آهي، سليم چنا جون ڪهاڻيون سندس ئي آپ بتيون ۽ وارتائون آهن، جن کي هن پنهنجي انداز ۽ فڪر سان لکيو آهي. سندس اُٿاريل سماجي مسئلا يا پيار جي جستجو ۽ ڳولا اسان جي معاشري جو حصو آهن ۽ اسان کي پنهنجي ئي ارد گرد اهوئي سڀ ڪجهه نظر اچي ٿو، ۽ اسين انهن کي محسوس به ڪيون ٿا.

ان ڪري اهي سڀ ڪهاڻيون اسان کي پنهنجيون لڳن ٿيون پنهنجي ماحول جون لڳن ٿيون، جيڪي جيئريون جاڳنديون حقيقت ئي آهن، بهر حال هي سليم چنا جي ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب پنهنجي جاءِ تي، هڪ الڳ ۽ انوکي جاءِ ولاري ٿو. سنڌي ادب ۾ سندس ڪهاڻيون پنهنجي وقت جون بهترين ڪهاڻيون چئي سگهجن ٿيون. ڇاڪاڻ ته هن جا جذبا سچا، سادا ۽ حقيقي آهن،. وڌيڪ توهان پڙهندڙن کي فيصلو ڪرڻو آهي. ته اهي ڪيتري قدر هن سماج ماحول ۽ معاشري جو حصو آهن. ۽ سندس ڪهاڻين جي سنڌي ادب ۾ ڪهڙي حيثيت آهي.

آخر ۾ اهو ضرور چوندس ته هيءَ ڪهاڻين جو ڪتاب سنڌي ادب لاءِ هڪ بهترين واڌارو ثابت ٿيندو.

اڪبر ساگر

حيدرآباد

97-2-8

ڀنل اکين سان رٺل ٻار... !

اڪبر سومرو

سليم چنا، سندس زندگي جا ٽي ڏهاڪا ادب ۾ گذاريا آهن. سو سنڌي ادب جي ميدان ۾ گهڙڻ سان گڏ ٻين شوقن ۾ به ملوث رهيو آهي! جنهن منجهان فوٽو گرافي، مصوري، اداڪاري، آٽوگراف وٺڻ ۽ سياسي ڪارڪن ٿيڻ جا شوق سندس ٻين شوقين جهڙائي اهم آهن. مفت ميڊيڪل ڪئمپون هئڻ کان وٺي سنڌي رسالن ۽ اخبارن لاءِ مفت ۾ سروي رپورٽون گڏ ڪرڻ به سندس هڪڙو شوق رهيو آهي. ٽڪليون گڏ ڪرڻ، اخبارن ۽ رسالن مان تصويرون ۽ خبرون ڪڍي پيسٽ ڪرڻ جا شوق هو اڃان به ڪندو آهي. ماچيسن جا خالي کوکا گڏ ڪرڻ جو شوق به هو ڪري چڪو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com