سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روشني

باب: --

صفحو :6

ڄام شوري جي پُل اچي وئي، درياهه گجگوڙ ڪندو وهندو رهيو، هُوءَ درياهه جون مست ۽ جوشيليون ڇوليون ڏسڻ لاءِ، مون ڏانهن منهن ڪندي، دري مان نهارڻ لاءِ، مون کي اڃان به ويجهو ٿي وڃي ٿي. منهنجو سڄو جسم انساني قرب جي ڪرنٽ ۾ قابو ٿي وڃي ٿو.

مان پنڊ پهڻ ٿيو، پيو رڳو هِن جا مکڻ جهڙا ملائم، کير جهڙا سفيد ڳل ۽ ڳاڙهسرا چپ ڏسان، هِن جي اکين جا سمورا ڪنوارا سپنا منهنجي سيني جا سپنا ٿي پيا هُئا.

درياهه ڏسڻ مهل هُن ڪجهه ڳالهايو به هو، پر مان هن جي سحرانگيز حُسن ۾ حوصلا ئي خطا ڪري ويٺس. پُل ختم ٿي، ته هُن چيو تريل پلن جي خوشبوءِ جو هڪ پنهنجو مخصوص مسالي دار سواد آهي مون هن ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺم ته بي خيالي ۾ هن جي رکيل منهنجي گوڏي تي ٻانهن کڄي ۽ هُوءَ سيٽ کي ٽيڪ ڏئي، سڌو ٿي ويٺي، پر صفا مون سان لڳي وئي.

منهنجون هاڻي هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي، متيون ئي منهنجي ويون، چڱو ٿيو دروازي ڀرسان ٻن ڄڻن واري سيٽ تي ويٺل هئاسون،

ٻاهران آيل گوڙ، تيز هوا ۽ بس ۾ وڄندڙ گانن ۾ اسان جون ڳالهيون آهستي آهستي جاري هيون،

وري هُن سوال ڪيو،

توهان نظر ڇو ڪونه ٿا اچو،؟

بي اي پارٽ ون پاس ڪئي اٿم، شهر ۾ پرائيوٽ نوڪري آهي،

ڪڏهن شهر ۾ وڏي ڀاءُ وٽ به رهي پوندو آهيان،

 ”اسان وٽ ڇو ڪونه ٿا اچو.“

”مصروفيت وڌي وئي آهي.“

توهان اديب آهيو، وڏا ماڻهو آهيو، شاعر آهيو، ڪهاڻيڪار آهيو. تڏهن نٿا اچو،

دل ۾ چيم جنهن لاءِ ايندو هوس اُها ته توهان پرڻائي ڇڏي،

ظاهري چيم هن جمعي تي ايندس، تون هوندئين؟

ها ڇو نه پر ٽافيون وٺي اچجو،

هاڻي نوڪري ۾ آهيان مٺائي وٺي ايندس،

اُها گهر وارن کي ڏجو، مون کي ٽافيون ڏجو،

 پر ٻين کان لڪائي، هاڻي مان وڏي ٿي وئي آهيان نه...؟!!!

”ها ڇوڪريون يڪدم وڏيون ٿي وينديون آهن“

ائين جيئن گلستان ۾ مکڙيون ٽڙي گلاب ٿي وينديون آهن.“

توهان اڄڪلهه ڪنهن تي پيا ڪهاڻي لکو؟

فل حال ڪنهن تي به نه...!

پوءِ توهان مون تي ڪهاڻي لکو،

ها اُن جي شروعات هن جمعي تي توهان وٽ اچي ڪندس،

”وعدو ڪريو.“

”ها وعدو آهي،“

توهان جمعي ڏينهن پينٽ شرٽ پائي اچجو، اُن ۾ توهان وڌيڪ سمارٽ لڳندا آهيو.

بس جي رڪارڊنگ جي شور ۾ هي مطمئن هو ته هنن جون ڳالهيون، هر ڀرو ڪن لائي ڪير ڪونه ٻڌندو هوندو،

پوءِ به هن تمام آهستي چيو،

”ها پائي ايندس،“

بس ڪالونيءَ جي اسٽاپ تي اچي بيٺي ڪجهه ماڻهو لٿا ۽ هي ٻئي به لٿا، ۽ ڄام شوري جون تيز هوائون کائيندا، من ئي من ۾ مرڪندا ۽ مشڪندا، پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن ويا هليا ۽ هوائن منجهه هڪ نئين هڳاءُ ۽ هٻڪاءُ جو واڌارو ٿيو.

پيچري تي پهتل پير!

اڄ جڏهن هيڊ آفيس پگهار وٺڻ ويو ته خبر پيس، دعوت طعام به آهي، انهيءَ دعوت جا سارا سامان هن لان ۾ لڳل ٽينٽن اندر به ڏٺا هئا، بالا آفيسر پنهنجي محڪمي پاران مليل ٽارگيٽ ڪراس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ سڀني کي لنچ پارٽي ڏني هئي، انهيءَ پارٽي ۾ سندس آفيس جا ڪيترائي ٻين شهرن کان آيل دوست به مليس، ڏاڍو خوش ٿيو، کيسي ۾ پگهار، دوستن سان ڪچهريون، اک ٽيڏ سان، ٻئي پاسي لان ۾ ويٺل ڪچهريون ڪندڙ گلن ڦلن جي ڀر ۾ ويٺل سندس ئي هيڊ آفيس جون پوپريون... ڪنواريون ڇوڪريون...!!

ڍؤ ڪري اکين اُڃ اجهايائين. دوستن سان گڏجي اچي ٽينٽ ۾ اُها ٽيبل ولاري ويٺو، جتان سندس نگاهه، نازنين جي نشيلن نيڻن سان اٽڪي الجهي، گلن ڦلن کان ٿيندي موٽي اچي.

گهڙي کان کانپوءِ سڀ آفيسر توڙي ماتحت اچي گڏ ٿيا. مانيءَ جو دور شروع ٿيو، ماني هلي ته اٽڪل سان هيءُ آفيسرن واري پاسي وڃي بيٺو، واروبه جلدي مليس، پليٽ ۾ پهرئين وڌائين قورمو، پوءِ کنيائين نان جا ٻه ٽڪر، نظر جو پيس، چڪن بريانيءَ تي ته سوچيائين، اهو ڌڪ به نه وڃائبو، پوءِ الاءِ بچي، الاءِ نه سو، برياني جا ٻه ننڍا چمچاءِ ٻه ننڍا چڪن پيس پليٽ ۾ وڌائين. اڃا ٻه ٽي گرهه مس کنيائي ته ڏٺائين، ڪجهه آفيسر ٿڌيون بوتلون به پي رهيا آهن ۽ گرهه به ڳڙڪائي رهيا آهن. بوتلن جو ڪريٽ به سامهون پيو هو، پهاڪو ذهن ۾ آيس.

While in Rome

Do as romans do

جهڙو ديس تهڙو ويس،

پاڻ به کڻي ٿڌي بوتل کنيائين ۽ اچي دوستن واري ساڳي ٽيبل تي ويٺو. هن کي ڏسي وري ٻين کي ريس ٿي اهي به ٿڌيون بوتلون کڻي آيا. هڪڙو ڄڻو ته فل پليٽ سوئٽ ڊش جي ڀري کڻي آيو. ٽيبل تي رکندي چيائين. پاڻ سڀني لاءِ اها کوڙ آهي. سڀني هاڪار ڪئي. هن جو به هانءُ ٺريو. باقي هو وات مٺو ڪرڻو، سو سامان به سامهون هئس، شروع ۾ سوچيو هئائين ته ڪجهه سلاد به کڻي، پرپوءِ سوچيائين بصرن ۽ ٽماٽن سان پليٽ وڌيڪ ڀريل نظر ايندي، ماڻهو ٽوڪيندا ته هٻڇي آهي. هؤن به بصر ۽ ٽماٽا روز پياکائون.

آخر ۾ وري خيال آيس، مٺو کائڻ کان پهريائين ڀلا کڻي سلاد جو سواد ئي وٺجي. پر سائين بصر بادشاهه کي سندس رعايا ڪونه بخشيو ۽ ٽماٽا هٿن جي ٽيڪم هڻڻ سان به ڪونه لڌا.

خير مٺو کائي وات ميوات جهڙو مٺو ڪري، شڪر ڪيائين رب جو ۽ دعائون ڏنائين بالا آفيسر کي جنهن سڀني کي هڪ جهڙي ۽ هڪئي هنڌ سٺي ماني کارائي هئي. ڪجهه دير آفيس ۾ سنگتين ساٿين سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري شهر آيو. چڪر ڏيندو شام ڌاري ڪوارٽر تي پهتو. وهنجي سهنجي تازو توانو ٿيو ياد آيس ته اڄ هن بالما سان ملاقات جو وقت آهي پگهار به کيسي ۾ آهي. اصل ۾ دير نه ڪر،  ڪپڙا بدلائي پينٽ شرٽ پائي، باٽا جي فڪس ريٽ وارو ڪارو سيلپر پائي، آلي ڪپڙي سان ان کي چمڪائي، پالش جي بچت ڪندي پنهنجي منهن جهڙو موچارو ڪيائينس. الاءِ منهن موچارو هئس يا موچڙو موچارو هئس. پر مون کي ته ٺاٺ باٺ هوندي به هو ويچارو پئي لڳو. ڇو ته خبر اٿم ته انهيءَ ڌاريءَ مان ورندس ڪجهه به ڪونه، هروڀرو اندر پتو، ساڙي، بغض جي باهه اندر ۾ ٻاري، حسد جي هوا هلائي، ساڙ جي سگري، پنهنجي ئي سيني ۾ دکائي، موٽي ايندو ۽ پوءِ ڊائريءَ ۾ اچي وري اهو ساڳيو پهاڪو لکندو ته:

If the Wishes were horses beggar must ride on.

پر مون کيس ڪونه جهليو ڊپ به هئم ته ڪٿي پگهار نه پُڙي ڪري اچي. سو رڳو مهيني جي شيڊول واري ڊسڪ سندس ذهن واري ڪمپيوٽر تي آڻي کيس مجبور ڪيم. ته هو رڳو پاڇي بچيل پئسه کيسي ۾ کڻي. پر اهي به گهٽ ڪونه هئس، سڄي مهيني جي خرچ ڪڍڻ کانپوءِ به بچيل هئس. ٻه ساوا نوٽ ۽ ڪجهه پنجاهه سٺ رپيا کليا، يعني هڪ هزار سٺ رپيا...!!

سو تڪڙ ۾ کڻي گيدي ۾ وڌائين، ته متان وري ذهن جي ڪمپيوٽر تي ڪو ٻيو ڌڪ نه لڳيس.

خير همراهه کي پڪو ڪيم. هن به اهو پهه ڪيو ته ڪُسبو ته قرب جي ڪاتيءَ سان باقي رقيبن هوندي رُکي ها به نه ڪبي ۽ جڏهن شهر جا وڏا رستا لتاڙي ثريا لاءِ چيو گم ۽ کٽمٺڙا ۽ پنهنجي لاءِ ڦودني جون ٽڪيون وٺندو هو، هن جي شام واري پرائيويٽ آفيس ۾ پهتو هو، ته ڏاڍو خوش ٿيو هو. ڏٺائين، ته ثريا اڪيلي هئي، پٽيوالو صاحبن جي چانهه ٺاهڻ ۾ رڌل هو. پاڻ کائو عينڪي ڪلارڪ نوشاد جيڪو هاڻ وري مين پوري تي هريو هو، سو به آفيس کان ٻاهر ويندي ڏٺو هئائين، شايد جنرل پوسٽ آفيس پئي ويو، گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ لڳندس. پهريون تاريخون آهن. جنرل پوسٽ آفيس ۾ رش ضرور هوندي، الله ڪري سڀ ليٽر رجسٽر A/D هجنس، ته ڪو من ڪجهه دير ڪري.

ثريا هن کي ڏسي مرڪي ڏنو. ڀلا ڪير به ته ڪونه هو. هنن ٻنهي جي ويجهو ۽ جڏهن هيءَ هن جي ٽيبل وٽ پهتو ته پرفيوم جي خوشبو سان واسيل ثريا جي مشڪندڙ چپن چيو پليز ويهو...!

اهي آڌرڀاءُ وارا لفظ مختصر پر مٺا مٺا هن جي اندر منجهه ٻه کڙڪيون کولي ويا، هڪ باد نسيم، ٻي باد سحر جي ۽ هيءُ مٿي کان پيرن تائين ٺري پارو ٿي يو ۽ ثريا جي چهري جا رنگ ڏسڻ لڳو. گلدستي، جيان ٻهڪندڙ ٻهڪندڙ ۽ مشڪندڙ هن جو چهرو ڪنهن گلستان جي گلڙن جا رنگ پسائي رهيو هو. انيڪ خوشبؤن هيون ۽ هو انهن جو واس وٺي، گرانڊ کان بلئڪ ليبل، بليو ليبل، وائيٽ هارس، وُڊڪا جو ڪاڪ ٽيل ڄڻ ته هڪ ئي ڳيت ۾ ڳڙڪائي ويو هو. هاڻ جڏهن ته هن جو انگ انگ نشي ۾ چور هو ۽ هيءُ مڪمل طور تي هن جي جوانيءَ جي نشي ۾ مخمور هو.، هو ثريا کي مڌ ڀريل اکڙين سان ڏسندو رهيو ۽ پنهنجن انهن دوستن کي ياد ڪندو رهيو. جيڪي شراب جا پيگ ٺاهي ٺاهي هن جي آڏو رکندي چوندا هئا. اڙي بدنصيب! هي ولائيتون آيل بوتلون ڪڏهن ڪڏهن کلنديون آهن ۽ اليڪٽرانڪ موسيقي جي سازن تي توکي مڪيش، مهدي حسن، جگديش ۽ غلام عليءَ جا غزل ٻڌائيندڙ ڪو پيشه ور راڳي به پر شوقيه پڪو ۽ پختو فنڪار آهي ۽ هڪ اهم اداري ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. ۽ هيءَ محفل سڄي آفيسرن جي آهي. پر هيءَ اهي پيگ دوستن کي موٽائي چوندو هو ته منهنجي اندر منجهه نينهن جو نشو ايترو ته گهڻو موجود آهي. جو آءٌ ان منجهان ئي هوش ۾ نٿو اچان ته توهين هي پيگ پياري منهنجي محبت جي مڌ جو نشو ڇو ٿا لاهڻ چاهيو...!؟؟ مون ڪلال جي شراب جي ساري مستي پنهنجي پرئينءَ جي هستيءَ ۾ ڏٺي آهي. منهنجي اکين ۾ دلبري ديد جو خمار آهي. مون وٽ مڌ بيشمار آهي تنهائين جي اهڙن ئي ڪجهه لمحن ۽ ۾ هو ثريا جي سونهن جي سموري سنڌرتا کي سيني ۾ سانڍي ڇڏيندو هو ۽ هيئنر به هو ائين ئي ڪري رهيو هو. پل پل سيڪنڊ سيڪنڊ. منٽ منٽ هن جي من جي موؤي ڪئمرا ۾ محفوظ ٿي رهيو هو.

اوچتو صاحب جي ڪمري جي بيل وڄي ٿي، ٻئي ڇرڪن ٿا. اکيون ڇهنبن ٿا. پٽيوالو ڪچن مان نڪري اندر ڪمري ۾ وڃي ٿو.

”آلا ڪيڏو نه خوبصورت خواب هو، جيڪو مون تنهنجين اکڙين ۾ پئي ڏٺو“ ثريا چيو.

ها ثريا! سپنا منهنجي نيڻن منجهه محبت جي محلات اڏي رهيا آهن. اها محلات جنهن ۾ هميشه هميشه لاءِ توکي اچي رهڻو آهي.

”سماج کي اهو محل نه ڏيکارجانءِ شهزاد“

”ها شهزادي ثريا، اسان جي سلطنت عشق ۾ رڳو محبتي جوڙا هوندا، ڪوبه اڪيلو نه هوندو، جو هن کي پنهنجي ساٿي جي سڪ ستائي، پيار جا پنڇي جوڙا جوڙا ٺاهي اڏرندا، مست هوا ۾ پرڙا پيار جا لهرائيندا، پيار پيار پيا ڳائيندا.“

صاحب  جي ڪمري جي در کلڻ جي آواز سان گڏ پٽيوالو اندران اچي ڪجهه فائيل، ثريا کي ڏيندي چئي ٿو. هنن کي جلدي ڏسو. Matter Most urgent  لکيل اٿن مان توهان لاءِ ۽ شهزاد صاحب لاءِ چانهه اجهو کڻي آيس. ثريا فائيل کولي پڙهي ٿي. پٽيوالو چانهه اچي هنن وٽ رکي وڃي ٿو. ڪلارڪ نوشاد به جنرل پوسٽ آفيس مان ڪم ڪار لاهي اچي پنهنجي ٽيبل تي ويهي ٿو. ان کي به چانهه ڏئي ٿو. هيءُ چانهه جا چُسڪا ڀري دماغ کي طراوت ۽ تازگي پهچائي ٿو. ثريا آفيس جو ڪم ڪندي چانهه به پيئندي رهي ٿي. مين پوري کائو ڪلارڪ نوشاد اکيون ڦونڊاري هن کي ائين ڏسندو رهيو. جيئن اڄڪلهه شهري دشتگرد اصل ڌرتيءَ واسيءَ کي اک ۾ رکندا آهن.

ثريا هن کي چئي ٿي، هي مهينو سڄو تون ڪونه آئين. توکي فونون به ڪيم، تو پرفيوم وٺي ڏيڻ لاءِ چيو هو، اها به ڪونه وٺي ڏنئي؟ ”وٺي رکي اٿم. گهر پئي آهي، سڀاڻي کڻي ايندس.“

ثريا ٽيبل جو خانو کوليندي، ان مان نئون ورتل ميڪپ باڪس هن کي ڏيکاري ٿي.

ڏس ڪيئن آهي؟

آهي ته ڏاڍو سٺو، پر اڄڪلهه تون پاڻ تي خرچ گهڻو پئي ڪرين، گهر پئسه ڪونه ٿي ڏين ڇا؟

نه ڀاڙي جا پئسا بچي پيا هئا، انهن مان هي ورتم.

ڪيئن... ؟

نوشاد موٽر سائيڪل قسطن تي ورتي آهي نه... ! روز مون کي اهو گهران پڪ ڪري وري ڊراپ ڪندو آهي، هن جو گهر به ساڳي ايريا ۾ آهي.

اهو ٻڌي هيءُ واريءَ جي محل جيان سمنڊ جي تيز لهر اچڻ تي اتي ئي ڀڄي ۽ ڀري پيو. سندس وجود آلي واريءَ ۾ دٻجندو ويو ۽ هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. نرڙ تي پگهر اچي ويس.

صاحب جي ڪمري جي گهنٽي وڳي. پٽيوالو اندر ويو ۽ موٽي اچي ثريا کان فائيل وٺي ويو. هن نرڙ تان پگهر اگهيو، ثريا هن کي چيو ”توهان جي طبعيت کي ڇا ٿي ويو آهي.؟“

ڪجهه به نه... !

ٿڌو شوڪارو ڀري، ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين.

صاحب جي ڪمري جو در کليو، صاحب کلندو پاڻ ڪمري مان نڪتو ۽ کلندي خوش ٿيندي چيو ”نوشاد... ! توهان ۽ ثريا جو ايڊوانس منظور ٿي ويو آهي. هيڊ آفيس مان فيڪس آيو آهي.

”شاديءَ جي ڊيٽ پندرنهن ڏينهن جي اندر هجڻ گهرجي، آءٌ پوءِ ٽارگيٽ جي سلسلي ۾ هيڊ آفيس جي چڪرن ۾ پورو هوندس. ثريا. ڪوبه جواب نه ٿي ڏئي. رڳو نوشاد وڏي واڪي يس سر، چئي ٿو. ”ها ته سوچي مون کي جلدي ڊيٽ ٻڌايو.“ اهو چوندو هو واپس پنهنجي ڪمري ۾ هليو ٿو وڃي ۽ هي ثريا جو ڪنڌ هيٺ ۽ خاموش ڏسي، ماٺ، ماٺ ڪري سندس آفيس مان نڪري اچي، چوسول تي بيهي ٿو. ٽرئفڪ جا ڪيترائي هارن، گاڏين جا آواز، ماڻهن جو روڊ ڪراس ڪرڻ، دونهون، ماحول ۾ دونهون ۽ اکين آڏو ٿيندو ٿو وڃيس ڌنڌلو ڌنڌلو ماحول، هن جي آڱرين ۾ جهليل سگريٽ هن جي انهن چپن تي اچي ٿو، جن چپن کان سگريٽ هميشه پري ڪندي، هي دوستن کي چوندو هو ته

Lips are only for kissing

Not for Smoking

پر هينئر هو ڪش مٿان ڪش هڻي رهيو هو ۽ پاڻ کي تسلي ڏيڻ لاءِ لفظن جا سهارا ڳولڻ لڳو.

The last Puff of the cigarette is better than the hundred kisses of virgin girl

گهڙي کن کانپوءِ روشنين جي چمڪاٽن ۾ هن ڏٺو، چوسول جي سگنل تي انتظار ۾ بيٺل هن جي بلڪل ويجهو موٽر سائيڪل تي نوشاد جي چيلهه ۾ ثريا مضبوط ڀاڪر. سنگل جي بتي ٻري ٿي،. پويان ويٺل ثريا جي هيٺان موٽر سائيڪل تي لڳل نمبر پليٽ تي نمبرن مٿان لکيل.

Don`t kiss me.

دل ۾ اچيس ٿو تمام تيز ڊوڙي ڊُوڙي وڃي، موٽر سائيڪل جي پويان ويٺل ثريا جي جهوليءَ ۾ هي به ڪا نينهن جي نمبر پليٽ رکي اچي ۽ جنهن تي لکيل هجي ته:

Don`t miss me...!!

پر ائين هو ڪري نه سگهيو، ۽ نوشاد ۽ ثريا موٽرن جي هجوم ۾ روڊ ٿي گم ٿي وڃن ٿا.

سگريٽ هن جي آنڱرين کي ساڙي ٿو ته هيءُ ڇرڪ ڀري، ڪنڌ کي زور سان جهٽڪو ڏئي ٿو، ٻرندڙ سگريٽ کي اڇلائي، پنهنجي ڪوارٽر تي وڃڻ بدران ڳوٺ واري اسٽاپ ڏانهن وڌندو وڃي ٿو. موٽرن جي دونهين کان وٺي سندس وات مان نڪتل دونهون، هن کي ثريا جيان اوپرو ڌاريو ايذاءُ رسائيندڙ محسوس ٿئي ٿو. ڳوٺ جي بس ۾ چڙهي، سگريٽن جو ڀريل پاڪيٽ مروڙي، سروڙي ماچيس سوڌو دريءُ مان ٻاهر ڦٽو ڪري، اکيون پوري ٿو ڇڏي ۽ کيس منڱ ٿي مليل چاچي جي ڌيءَ سان کليل فضائن ۽ خوشبودار هوائن ۾ لائن لهڻ جا پڪا ارادا ڪري هو سوچي ٿو، پنجن سالن کان منهن جي منڱ منهنجو انتظار ڪري رهي آهي. ۽ آءٌ ڌاريءَ کي پنهنجي ڌڻ ۾ شامل ڪرڻ جا سڀ جتن هارائي ويس. چڱو ٿيو، چڱو ٿيو، جو مون کي جيت نه ملي، نه ته منهنجو نسل به ماءُ ڏانهن ۽ مامن ڏانهن ڇڪ ڪري ها. آءٌ ولر کان وڇڙي هنجون هاريان ها.

۽ منهنجو اولاد باهه، بارود ۽ شعلن جي شمشان ۾ گوليءَ جي ٻولي ڳالهائي ها ۽ روز منهنجي سيني ۾ هڪ گولي لڳي ها.

۽ روز مان تڙپي تڙپي مران ها.

شڪ جا پاڇا...!

مون توسان پيار جو اظهار پهرئين ئي ڏينهن نظرن سان ڪيو هو. ان پهرئين ئي ڏينهن تنهنجي نينهن جو نشتر اندر ۾ کپي ويو هو. توسان ملاقات جي طلب وڌي وئي هئي. ۽ توسان روز ملاقات ٿي ويندي هئي. تنهنجي به اهيا خواهش هوندي هئي، ته مان توسان روز ملان. روز ٽهڪن جي تون بارش ڪندي هُئين ۽ روز منهنجي دل ۾ انيڪ گلاب ٽڙندا هئا. گونچ گلن جا ڦٽندا هئا. تنهنجي برهه جي بارش، اندر اُجاري، نينهن جياري، ساوڪ سان سينگاري ڇڏيو هو. اڃان اسان جي ملاقاتن کي هڪ مهينو به نه ٿيو هو. مان تنهنجي بنگلي نما آفيس ۾ موجود هيس. تون پنهنجي باس جي نه هجڻ سبب سندس ضروري ڪاغذ فائيل ۾ سيٽ ڪري، آيل تازي ٽپال سندس ميز تي رکرائي سندس ڪمرو بند ڪرائي، مون کي ساڻ ڪري، پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويهڻ بدران اچي تو مون کي ريسٽ روم ۾ ويهاريو هو، جنهن ۾ هڪ ڊبل بيڊ هڪ صوفه سيٽ، ٻه ڪرسيون، هڪ ٽيبل ۽ ٻيو ضروري سامان رکيل هو. تون ڪمري ۾ ڊاخل ٿيندي ئي، بيڊ تي ويهي رهي هئين ۽ مان ڀر سان پيل صوفه سيٽ تي ويهي رهيو هئس. تنهنجين ڳالهين ۾ ڪنهن ڪلال جي اهڙي ته ڪاريگري شامل هئي جو تنهنجا ڌيمي لهجي ۾ ڳالهايل لفظ مون لاءِ مڌ جا ڍڪ هئا، جيڪي منهنجي اندر ۾ اوتجي رهيا هئا ۽ مون تي خوابن جا حسين لمحا خمار بنجي طاري ٿي رهيا هئا. مون سوچيو هو. تون جو ايڏي عنايت ڪري رهي آهين. ته مان موٽ ۾ توکي ڇا ارپيان؟

مان پوءِ توکي محويت واري عالم ۾ اُتي ڇڏيو ۽ آفيس جيڪا هڪ عاليشان نبگلي ۾ هئي، تنهنجي لان ۾ پوکيل رنگ برنگي گلن ۽ ڪونڊين ۾ لڳل گلن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيم، ۽ نازبوءِ جا گل انهن سان گڏي، هڪ وڏو رنگ برنگي خوشبودار گلن جو گلدستو ٺاهي اچي تنهنجي حضور ۾ پيش ڪيو هئوم ڪيڏو نه دلڪش منظر هو جڏهن تو پنهنجون خماريل اکيون کوليندي کوليندي، مون کان پڇيو هو.

”توهان ڪيڏانهن ويا هئا؟

مون کي هلڪي ننڊ اچي ويئي هئي!“

۽ پوءِ تو مشڪي مون کي چيو هو، هيڏانهن منهنجي ڀرسان ٿي ويهو، من به بيڊ تي ويهندي تنهنجن پدم جهڙن پيارن پيارن پيرن کي ڇهندي تنهنجي نازڪ نفيس ۽ سفيد ڪپهه جي گلن جهڙن ملائم هٿن کي ڇهندي، دل جي انيڪ اڌمن، ۽ آسن سان گلدستو تنهنجي هٿن ۾ ڏنو هو، تو اهو گلدستو قبول ڪري پنهنجي صوف جهڙن خوبصورت ڳلن، ۽ گلابي پنکڙين جهڙن چپڙن تي آڻي، انهن گلن جي خوشبوءِ کي سونگهيو هو، ۽ تنهنجي منهن تي لازوال مرڪ ڦهلجي ويئي هئي، تنهنجو شفاف چهرو چنڊ جيان چمڪي پيو هو. روشنيءَ جا تروارا ڪمري ۾ جهرمر ڪرڻ لڳا هئا ۽ تو مون کي چيو هو تنهنجو ڏنل هيءَ پهريون تحفو منهنجي دل جي دنيا ۾ برهه جو باغيچو پوکي ويو آهي. هاڻي انهيءَ باغ جي آبياري ڪرڻ اُن جو مالهي بنجڻ جو حق به فقط توکي ٿي ڏيان.

مون چيو هو تنهنجي باغ جي آبياري ڪندي منهجي نصيب ۾ جيترا به ڪنڊا ايندا جيترا به ڏک ايندا، خزان جا جيترا به واءُ لڳندا اُهي سڀ آءٌ کلندي خوش ٿيندي قبول ڪندس، پر تنهنجو گلستان آباد رکندس. تنهنجي باغ ارم کي املتاس جي خوشبودار وڻڻ سان سينگاريندس. تنهنجي باغ عدن کي عشق جي عرق سان ونهنجاريندس. تون مون تي رڳو اعتماد ڪجانءِ. تو وعدو ڪيو هو. وچن ڪيو هو. ۽ پنهنجا نازڪ هٿ منهنجي هٿن ۾ ڏيندي چيو هو. منهنجا سائين! هاڻي هلو ته هلون آفيس ٽائيم ختم ٿي ويو آهي. شام جو ٽيوشن تا ٿي آمريڪن سينٽر لائبريري ۾ هلنداسون. توهان پؤٽري کي پڙهجو، مان ڪجهه نوان مئگزين ڏسي وٺندس، پوءِ گڏجي ڪجهه ڪتاب به اشو ڪرائينداسين. من ٿڌو ساهه ڀري ها ڪئي، تون رڪشا ۾ ويهي مون کي خدا حافظ چئي، تاڪيد ڪيو ته ٽيوشن مس نه ڪجانءِ دل ۾ چيم، داخلائي تنهنجي ڪري ورتي اٿم، سو مس وري ڪيئين ڪندس. رڪشا ويئي هلي ته مان بنگلي نما آفيس جي پٺيان پنهنجي گهر هليو ويو هئس.

شام جو ٽيوشن پڙهي، پاڻ لائيبريري ۾ هلياسون تون مئگزين ڏسڻ بدران مون سان گڏ اچي ويٺي هئين. مون پؤٽري پئي پڙهي، تو وري فڪشن جو ڪو ڪتاب کوليو هو. تنهنجي ۽ منهنجي پٺيان ايئرڪنڊيشن جي ٿڌي هوا اچي رهي هئي اي، سي جي ٿڌي هوا ۾ تنهنجي بدن جي خوشبوءِ مون کي اچي رهي هئي. تنهنجي سونهن ڏاڍي سندرتا پکيڙي رهي هئي. تنهنجا چپ مون سان ڳالهائڻ لاءِ آهستي آهستي چري رهيا هئا. يا ڪي چاهتن جا چنگ وڄي رهيا هئا. اُن مهل تو مون منجهه نهاريندي چيو هو سدائين اچي هي پؤٽري پڙهندو آهين ڪڏهن مون کي به ته پنهنجي پسند جي پؤٽري پڙهائي نه.؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com