ارپنا
سچ جو زهر
سڪ کان سواءِ
ساري سوچ تنهنجي،
آهي بي معنيٰ...!!
تو پنهنجن،
نرم نازڪ چپن کي...!
زهر پيئڻ تي...!
هيرايو نه آهي،
ڪؤڙا ڍڪ ڀرڻ،
تولاءِ سؤلو نه آهي...!
تون مون کان،
هيءُ پيالو...!
اَمرت سمجهي نه گهر...!
هن ۾،
سچ جو زهر آهي...
۽ تون اڃان تائين.
سچ کي سمجهيو نه آهي...!!!.
سٽاءُ
ٻه اکر |
سليم چنا |
|
فن ۽ شخصيت تي تبصرو |
رفيق سومرو |
|
مهاڳ |
اڪبر ساگر |
|
ڀنل اکين سان رٺل ٻار...! |
اڪبر سومرو |
|
سماجي ورڪر ۽ اديب |
ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ |
|
سچ جهڙو سندر سليم چنا |
خليل عارف سومرو |
|
ادب جو پانڌيئڙو |
بخت عابد |
|
* * *
اڃ نه ملي آب |
|
ست رپيا ڏهاڙي |
|
هوائن منجهه هڳاءُ |
|
پيچري تي پهتل پير |
|
شڪ جا پاڇا |
|
من جا مينهن ڦڙا |
|
جيون جر ۾ گهليل هوا |
|
روشني |
|
بدنصيب بختاور |
|
ساڃاهه سجاڳي جي |
|
آکيري مان اڏام |
|
مسافر جي موٽ |
|
مهان ڪهاڻيڪار |
|
شاعري، عورت ۽ ايڊيٽر |
|
عشق جو آواز |
|
وڃائجي ويل ڪهاڻي |
|
جدوجهد |
|
اکرن جي معنيٰ |
|
ٻه اکر
اڄ کان ڪئي سال اڳي پنهنجي نوجواني جي نينهن ۾
ناپاس ٿي، هي هڪ ننڍڙو نظم ”تنهنجي ياد“ لکيو هئم،
زندگي...!
انهن سان ئي گذار،
جن جي چهرن تي،
سدا شگفتگي،
گلاب مثل آهي،
خوشبوءِ... !
عطر، عنبير وانگر آهي... !
حُسن، سُونهن، سوڀيا،
جي هٻڪار آهي،
سُڳند ڀريو، جن لاءِ هي سنسار آهي،
مون وٽ مِٺي... !
ڪجهه ڀي ته ناهي،
سواءِ...!
تنهنجي ياد جي...!
مان يادن جي اهڙن ئي انيڪ لمحن مان ماضيءَ جي ڪيل
محبتن جا گذري ويل پل گڏ ڪندو ڪانه ڪا، ڪوتا يا
ڪهاڻي لکندو رهندو آهيا.
مان پنهنجي ڊائري جي ڍيرن مٿان جڏهن بيهي رهان ٿو،
ته ڪاغذ، اڏرند منهنجي قلب جي ڪوڪ کي هيئن به ظاهر
ڪن ٿا.
مان توکي...!
قائل ڪري سگهان نٿو،
پيار ڏانهن،
مائل ڪري سگهان نٿو،
منهنجي اها شڪست...!!
جي توکي،
سڪون بخشي ٿي،
ته مونکي...!
قبول آهي،
اها تنهنجي،
خوشنصيبي...!!
۽ منهنجي،
بدنصيبيي...!!
ان ساڳي ڪاغذ تي هيٺ مون لکيو آهي،
محبت جو ٻيو نالو...!
ناڪامي،
محرومي،
مايوسي...!!
جڏهن جيون جي جهان ۾ رڳو يادون هجن، ڪينجهر جي ڍنڍ
هجي، چانڊوڪي رات هجي، چليا پيپرمل جي آفيسرز ۾
خوشبوءِ دار کاڌا، رنگين ٽيليويزن، تاس جا پتا،
ڪيرم بورڊ ۽ وي سي پي جي سهوليت موجود هجي، آفيسر
روز چوندا هجن، تون اسان سان ڪمپني ڇو نٿو ڪرين؟
مان اداسين سان ڪمپني ڪندو آهيان، ويرانا منهنجا
دڳ آهن ۽ تنهائي مون سان گڏ هوندي آهي، مان اڪيلو
ٿورئي هوندو آهيان، منهنجي شاعري جو مون سان گڏ
هوندي آهي.“منهنجو اهو جواب ٻڌي هو منهن ڦٽائي
ڇڏيندا هئا.
۽ مان ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري چليا پيپر مل مان نڪري
حُسن ازل کي جمالِ يار ۾ ڳوليندو، هيٺيون سٽون
84-8-15- تي دل جي پٽي تي اتاري ڇڏيان ٿو.
تون ڇڏي وئينءَ...!
هوءَ ڇڏي وئي...!!
ڳالهه پراڻي،
ڏاڍي ٿي ويئي،
ڪاغذ جي،
ٽڪرن تي لکيل
تنهنجا منهنجا،
وچن ۽ وعدا،
اڄ ڀي مون کي،
ڏنڀ هڻن ٿا،
ڏسڻ ڏين ٿا،
تنهنجا منهنجا ڇڏيل پيرا،
راه ڏسين ٿا،
واهه ڏسين ٿا،
جيسين تائين آهه
ساهه بدن ۾،
سوچ مون کي،
سڏيندي رهندي،
ڏات ڏيارڻ جا،
ڏنڀ ۽ ڏنگ
هڻندي رهندي،
هڻندي رهندي...!!
اهڙا ئي ڏنگ سهي مان لکندو رهيو آهيان، ڊائريءَ جي
صورت ۾، شاعريءَ جي صورت ۾ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ ۽
تاثرن جي صورت ۾. هر ڀيري محبت جي شڪست مون ۾ هڪ
نيئن شڪتي وڌي آهي، مون آتم هتيا ڪرڻ بدران پنهنجن
ارادن، عزمن کي وڌيڪ سگهارو ڪيو آهي ۽ پنهنجي آدرش
کي هميشه اوليت ڏني آهي، مان اهيا ساڳي همت جرئت ۽
جدوجهد مختلف روپن ۾ پنهنجن انهن ماڻهن کي ڏيڻ
چاهيان ٿو، جيڪي پنهنجين ناڪامين تي تمام گهڻو
مايوس ٿي، دل برادشت ٿي، پنهنجي مقصد حيات کي ماڻڻ
بدران، فراريت چاهيندا آهن. خاموشي ۽ جمود چاهيندا
آهن، چيڙاڪ يا ڏکارا ٿي پوندا آهن، يا شديد ذهني
بيمارين جا شڪار ٿي پوندا آهن ۽ ڪي وري آپگهات
جهڙو عمل ڪري، هڪ وڏو خال ڇڏي ويندا آهن.
مون پنهنجي ڪهاڻين جي هن ٽئين ڪتاب ”روشني“ ۾
محبت، دوستي، الفت، ڏک، غم، مايوسي، محرومي،
جدوجهد، رسڻ، پرچڻ، اکرن کي ڪا معنيٰ ڏيڻ، سماجي
تنظيمن ۽ اين جي اوز جي اهيمت، بدنصيبي، خوش نصيبي
۽ پيار جي پوتر جذبي جي پانڌيئڙن جا اڌما احساس،
امنگ، ارمان ڏنا آهن. سال 1975ع ۾ مون پنهنجي نظم
”آدرش“ ۾ هيٺيون سٽون لکيون هيون.
اندر جو اڌمو،
پيار جو
پڙلاءُ بنجي
هر ڪنهن کي،
منهنجي دشمن جا،
دک درد، مون... !!
دوست بنجي کنيا،
مان اهوئي آهيان،
پيار ۽ پريت...!!
جو پانڌي،
دوست توڙي دشمن،
جو ڏنل دوکو،
مٽائي نه سگهيو،
منهنجون ڪجهه ڪهاڻيون ته منهنجي شاعريءَ جو ڦهلاؤ
آهن.
منهجي هن بيت جيان،
پيڙا مان پيڙجي، آئي آهي ڏات،
زورآور هن ذات، ڏک کنيا ڏاج ۾.
سليم چنا
قاسم آباد حيدرآباد
رات جا پوڻا ٻارنهن
12-3-1997
مهاڳ
سليم چنا جي ڪهاڻين جو جائزو
رفيق سومرو
My mother bore me in the southern wild
And I am black, but oh! My soul is while.
White as an angel is the English child
But I am black, as if bereaved of light.
مٿيون گيت دنيا جي عظيم شاعر وليم بليڪ يقينن
سليم چنا جهڙن ماڻهن جي ننڍپڻ بابت ئي لکيو هوندو،
جن جو رنگ ته سانورو آهي، پر سندن من اجرو آهي،
ڪنهن فرشتي وانگر، جيئن ڪارا ٻار انگريز ٻار کي
فرشتو سمجهندا آهن.
سليم چنا، هڪ سادو سٻاجهو شخص آهي، ڇا سينئر، ڇا
جونيئر سڀئي اديب کيس ساديءَ سڀاءَ ۽ سچي رويي سبب
گهڻو ڀائيندا آهن. اهڙا نصيب ڪن ٿورڙن اديبن جي
حصي ۾ ايندا آهن. هو سڀني جي عزت ڪري ڄاڻي، ڪنهن
جي گلا ڪرڻ بدران توهان کي ان شخص جا سلام ڏيندو،
سليم، هڪ اهڙي کاتي ۾ ملازم اهي، جنهن جا پٽيوالا
به سوني چين واري واچ پائيندا آهن.
پر هي همراهه پنهنجي ڌن ۾ مست هوندو آهي، سندس
جاءِ تي ڪو ٻيو! ڪسٽم انسپيڪٽر هجي ها ته سندس
سامونڊي جهاز جيڏو وڏو گهر هجي ها، پر هي شخص
ڪتابن جي سنگت ۾ مست آهي.
سليم، هڪ جاکوڙي جيؤ آهي، ادبي ميڙن جو شوقين، هر
ادبي ميڙ ۾ توهان کي حاضر ملندو، گهمندي ڦرندي،
شهر ۾، چوواٽي تي بس ۽ سوزوڪي جي اسٽاپ تي، يا
رستي تي، جيڪڏهن اوهان کي ڪو اديب ملي ته پڪ اهو
سليم چنا ئي هوندو.
کيس جڏهن به گهر فون ڪبو، ته سليم اڻ لڀ، مان اڪثر
کيس فون ڪندو هوس، ته سندس مرحوم والد صاحب فون
کڻندو هو. پڇبو هو، ”سائين سليم آهي؟“ ”نه بابا“ ،
”اي سائين ڪيڏانهن ويو؟“
”بابا رول آهي. گهر ۾ کيس آرام ئي ڪونه اچي.“
حساس وري اهڙو آهي، جو ڏک جو منظر ته ٺهيو، پر
ڪنهن جي ڏک جي خبر به کيس جهوري وجهندي آهي. اصل
صفا سڏڪن ۾ پئجي ويندو آهي.
سليم پنهنجي ناڪامين کان گهٻرائي نٿو، هو نهايت
سادگيءَ سان پنهنجي ناڪامين جو سڄو رڪارڊ اوهان
اڳيان رکي چئي ٿو:
”مقابله تو دلِ ناتوان ني خوب کيا،
پر شکسته دل هي کسي نه ليا، ليا نه ليا.“
سليم جي آتم ڪٿان مان مون کي ته گهٽ ۾ گهٽ ائين ٿو
لڳي ته سندس ادبي ڪاميابين ۽ پيشه ورانه ناڪامين ۾
سندس مائٽن ۽ جگري دوستن جو وڏو هٿ آهي.
سيلم ڏيڍ سَوَ کن ڪهاڻيون لکيون آهن.
”روشني“ سندس ڪهاڻين جو ٽيون مجموعو آهي.
آفاقي ادب جذباتيت جو، نه پر سچن جذبن جو عڪاسي
هوندو آهي، اعليٰ ادب جو اظهار ڀرپور ۽ اثرائتو
هوندو آهي، ادبي شاهپارن جي طنز ٿڌي ۽ ذهانت ڀري
ٿيندي آهي ۽ نياپو يا مقصد پڻ واضح ۽ چٽو هوندو
آهي، رڳو پڙهندڙ جي ذهن جو پردو ۽ دل جي آرسي
اعليٰ قسم جا تخليقي تجربا ۽ اجرا عڪس جهٽڻ لاءِ
صاف ۽ شفاف هئڻ گهرجي، ڇو ته جيئن ڊش جو رسيور
خراب يا ناقص هوندو ته تصوير ڌنڌلي نظر ايندي ۽
سُجهاءَ رس اڻپورو هوندو.
اهڙي ادب جو مثال، ٽالسٽاءِ جو ناول ايننا
ڪيرينينا، هيمنگوي جو ناول اولڊمين ايند سي (ڪراڙو
۽ سمنڊ)، چيخوف جي ڪهاڻي وارڊ نمبر 6، بالزاڪ جو
اولڊ گوريو، وڪٽرهيو گوجو ناول هنج بئڪ آف
نارٽريڊم (ڪٻڙو عاشق) ۽ دکي انسان، اسٽائن بڪ جو
”دي پرل“ ۽ وليم ميڪپپس ٿيڪري جو عِظيم ناول
”وينٽي فيئر“ آهن. آخري ليکڪ جي مذڪوره ناول جو
هڪڙو طنزيه جملو مثال طور هت ڏجي ٿو، جيڪو اعليٰ
درجي جي ذهانت ۽ طنز جو بهترين مثال آهي.
Amelia was as loyal to her husband, as were the
troops to napoleon.
نه ئي اميليا پنهنجي مڙس سان وفادار هئي ۽ نه وري
نيپولين جا فوجي.
هي جملو ان پس منظر ۾ اڃا به وڌيڪ معنيٰ خيز ٿي
وڃي ٿو، جڏهن نيپولين سان پيش آيل هي واقعو مٿين
جملي پڙهڻ سان ذهن تي اتري اچي ٿو:
نيپولين جي فوج جو هڪ آفيسر عين ان وقت سندس گهر ۾
گهڙيو هو، جنهن وقت هو ملڪ بچائڻ لاءِ جنگ جي
ميدان ۾ جنگ جوٽي رهيو هو.
مختصر ڪهاڻي افسانوي ادب جي مختلف گهاڙيٽن
(Forms)
مان هڪ آهي، پر سڀني کان مشڪل ۽ گهري شي آهي.
افسانوي نثر جي ٻين گهاڙيٽن سان ڪافي حد تائين
ٺهڪندڙ هوندي به هيءَ صنف ڪافي حد تائين مختلف
آهي، مختصر افسانا ناول ۽ ناولٽ وانگر، جيڪي
افسانوي گهاڙيٽا آهن، ڪن عنصرن
(Elements)
جي گڏيل رابطي ۽ باهمي ميل سبب، جن جو دارومدار
هڪٻئي تي ٿئي ٿو، جنم وٺي ٿو.
انهن مان اهم جزا آهن.
(1). موضوع يا خيال جيڪو ڪهاڻيءَ جو مرڪزي حصو
ٿئي ٿو.
(2). پلاٽ يا منصوبي مطابق ترتيب وار عمل
(3). ڪردار يا فرد جيڪي ڪهاڻيءَ ۾ (ايڪشن) عمل جي
تڪميل ڪن ٿا.
(4). منظر نگاري.
(5). ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ ۽ بيهڪ، ماحول ۽ زمان مڪان،
ٻين لفظن ۾ افسانو ڪن خاص واقعن يا خيالن کي ڪردار
جي گڏيل عمل ذريعي ڪنهن خاص وقت ۽ جاءِ تي ظاهر
ڪري ٿو. ڪردارن جي پاڻ ۾ ٽڪراءِ يا حالتن پٽاندڙ
تصادم
(Confect)
جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ سبب، ڪهاڻي هڪ نئون رخ اختيار
ڪري ٿي، جنهن سبب پڙهندڙ جي ذهن ۾ اڻ تڻ يا تجسس
پيدا ٿئي ٿو. ته اڳتي ڇا ٿيندو ۽ ڪهاڻي ڪهڙي نتيجي
تي پهچندي، انهيءَ ڪشمڪش جي نتيجي ۾ هڪ فڪري جذبو
پڙهندڙ جي ذهن ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ اها ڇڪتاڻ
ڪهاڻيءَ لاءِ ڪلائيميڪس يا نقطهءِ عروج تي
پهچائيندي آهي.
اوچتو ڪنهن اڻ وسرندڙ ڪردار جو ظهور، ليکڪ جي نظرن
سان ڪائنات جو خيالي نظارو حقيقت جو جلوو پسڻ،
ڪنهن ساعت يا لمحي کي لفظن جي تصوير ۾ قيد ڪرڻ.
انهن سڀني ڳالهين کي بهترين انداز ۾ پيش ڪرڻ جي
صلاحيت مختصر افساني ڪهاڻيءَ ۾ بدرجہ اتم آهي.
مختصر ڪهاڻي ڪن اتفاقي لفظن يا عملن ذريعي زندگيءَ
جو گوناگون معنائن جو انڪشاف ڪري ٿي. ڪهاڻي هڪ
صفحي ۾ اهو سڀ ڪجهه سمائي ۽ سمجهائي سگهي ٿي، جيڪي
هوند ٻي صورت ۾ هزار صفحن ۾ به نه سمجهائي سگهجي.
دراصل ڪو حادثو ۽ واردات ئي ڪهاڻيءَ کي جنم ڏئي ٿي
۽ اهڙيءَ طرح ڪنهن واقعي يا حادثي کي مختصر پر،
اثرائتي انداز ۾ بيان ڪرڻ يا پنهنجي تجربي ۽
مشاهدي کي ادبي ٻوليءَ ۾ افسانوي انداز ۾ ٻين ذهنن
ڏانهن منتقل ڪرڻ جو نالو ئي ڪهاڻي، سچ پچ ته ڪهاڻي
زندگيءَ جي عڪاسي آهي ۽ اديب ڪهاڻيڪار زندگيءَ جي
واقعن کان متاثر ٿي، انهن واقعن کي هوبهو ساڳيءَ
ريت يا پنهنجي ذهن جي پروجيڪٽر ذريعي، جيئن
ڪهاڻيڪار چاهي ٿو، ساڳيو واقعو هڪ نئين واقعي ،
تجربي جي صورت ۾ پڙهندڙ تائين پهچائي ٿو، جيڪڏهن
اثرائتي انداز ۾ ڪو شخص لکي ته بوسنيا ۾ هڪ لک
ماڻهو مارجي ويا، ته اها لکڻي پڙهندڙ کي بنهه
متاثر ڪونه ڪندي، ڇا ڪاڻ ته اها ڳالهه رڳو رکي ۽
صحافتي انداز ۾ لکيل هڪ خبر ته ٿي سگهي ٿي پر
ڪهاڻي بنهه نه. ڇو ته اها ڳالهه هر قسم جي اثرائتي
سُجهاءُ رس (ڪميونيڪشن) کان وانجهيل آهي، ان جي
ابتڙ جيڪڏهن هڪ ڪهاڻيڪار هڪ ڪتي جو موت اثرائتي ۽
فني لحاظ کان مضبوط ۽ متاثر انداز ۾ ڏيکاري ته
هوند ڪيترن ئي ماڻهن جون دليون ڪهل يا قدمي وچان،
اَڇلون کائي اٿن ۽ گهڻن ئي ڪٺور ماڻهن کي ٿڌا
شوڪارا نڪري وڃن ۽ ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ۾ ان واقعي
کي پڙهندڙ سڀ ماڻهو، ڪار جي ڦيٿن هيٺان اچي
چچرجندڙ ڪتي جون ڪيڪڙاٽيون ۽ سندس ٺينڊيون ڪري
وهندڙ، گهٽ ۾ گهٽ ڪوڀ وچان پڙهندڙ ٿڪ ضرور
اڇلائيندا ۽ کين دل ۾ ضرور قياس ايندو.
اهو سڀ ڪجهه ڪهاڻيڪار جو واقعي کي اثرائتي انداز ۾
بيان ڪرڻ ۽ فنڪارانه منظر نگاريءَ جو نتيجو آهي ۽
انهيءَ جو ئي نالو ڪهاڻي آهي.
ڪهاڻي رڳو واقعن جي بيان جو نالو ناهي، پر انهن
واقعن کي ڪنهن انجام تائين پهچائڻ جو نالو ڪهاڻي
آهي، جيڪو پڙهندڙ جي ذهن تي هڪ ڀرپور تاثر ڇڏين ۽
کيس انهن واقعن جي اڳ پٺ بابت سوچڻ تي مجبور ڪن؛ ۽
اُهي پڙهندڙ جي ذهن جي مختلف سوال پڻ پيدا ڪن ۽ ان
تي غور فڪر ڪرڻ لاءِ کيس آماده ڪن، دراصل ان جو
نالو ڪهاڻي آهي.
ڪهاڻي نه رڳو مختصر لفظن ۾ زندگيءَ جي عڪاسي آهي،
پر ليکڪ جي زندگيءَ متعلق نظرين جو مثبت اظهار پڻ
آهي. حقيقت ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪارج پڙهندڙ جي محسوساتي
حسن کي تيز ڪرڻ آهي، ان جو بنيادي واسطو پڙهندڙن
جي جذبن سان آهي ۽ ڪهاڻي تجربن ۽ واقعن کي محسوس
ڪرائڻ جو نالو آهي، اهو سچ آهي ته فن جو معجزو
تڏهن ظاهر ٿيندو، جڏهن ليکڪ پنهنجي خون جگر سان ان
جي آبياري ڪندو. مختصر ڪهاڻيءَ جو ڦهلاءُ ڪيترو
هجي، ان لاءِ ڪي خاص اصول يا پيمانا مقرر ناهن،
مختصر ڪهاڻي پنج سَوَ لفظن کان وٺي ويندي، ۽ چار
هزار لفظن تي مشتمل ٿي سگهي ٿي، ڪيترائي مختصر
ناول دراصل طويل مختصر ڪهاڻيون هونديون آهن. |