بدنصيب بختاور
ڏهاڙا، هفته، مهينا گذري ويا. مندون مٽجي ويون.
بارشون تمام گهڻيون ٿينديون، سنڌو۾ وڏي ٻوڏ آئي،
هن جي گهر وارا ڳوٺان اچي هن وٽ رهيا. گذريل ٻن
مهينن کان رهيل ئي آهن. ۽ هن جي شاديءَ جو ڪاڄ گڏ
ڪري رهيا آهن. هن جا ننڍڙا ننڍڙا مٺڙا مٺڙا پيارا
پيارا ٻه ڀائر ٻاراڻا ٻول ٻوليندا آهن، هن جي پيرن
تي پينگهه لڏندا خوش ٿيندا ڳوٺ به وساري ويٺا آهن.
ڀلا سڄو گهر جو هاڻ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويو ته ٻار ڳوٺ
ڪيئن ياد ڪن، رڳو موٽرون ڏسي به پيا خوش ٿين ۽
مائٽن سان شهر گهمن، هوءَ جيڪا اڳي ٻن وڏن ڀائرن
سان گڏ رهندي هئي، تنهن وٽ ٻن مهينن کان ماءُ پيءُ
ننڍيون ڀيڻيون ۽ ٻه ننڍڙا ڀائر اچي وڃن ته ڪيڏي نه
خوشي وڌي وڃي. مٿان وري ٿيڻ وارو گهوٽ ماروٽ به
هجي ته من جو مشتاق به هجي، ته پوءِ ڪنهن لاءِ هاڻ
دعا لاءِ هٿ کڄن، هن کي مون آفيس ۾ ٻڌايو هو ته
“مان نماز پڙهي دعا نه گهرندي آهيان. چيو مانس خوش
قسمتي خوش بختي ۽ خوش اخلاقي تون ڳوٺان ئي کڻي آئي
هئين، گهر جي ڀرسان نوڪري مامي جي جاءِ، ڀائر گڏ،
پاڙي ۾ مٽ مائٽ، تون آسمان تان ئي سينگار جي
سنوارجي سفر جي سامان سوڌي هيٺ لٿي آهين ۽ ملائڪن
تنهنجي مورت کان متاثر ٿي، تنهنجن ننگن ۾ نصيبن جو
ننگ به گڏي ڇڏيو آهي. تنهنجي منزل ڪهڙي به هجي،
تنهنجي ريل گاڏي ڪهڙي به هجي، تنهنجي اسٽيشن ڪهڙي
به هجي، ڪهڙو به قلي تنهنجا ننگ کڻي، ننگ ڳڻي،
انهن ننگن ۾ تنهنجي نصيبن وارو ننگ نمايان ئي
هوندو.
منهنجا دوست سڀئي مون کي بدنصيب جي نالي سان
سڏيندا آهن. جڏهن ته مائيٽن منهنجو نالو بختاور
رکيو آهي. ۽ اسڪول جي حاضريءَ جي رجسٽر کان وٺي
آفيس جي حاضري رجسٽر ۾ آءٌ بختاور ئي آهيان.
پر هاڻي مون به دوستن جي انهيءَ نالي کي قبولي
ورتو آهي. ۽ مون پنهنجي پيءُ آڏو اهيو انگل رکيو
آهي. ته اڄ وري چاليهن سالن کانپوءِ هو منهنجي ڪنن
۾ نئين سر ٻانگ ڏيئي منهنجو نئون نالو بدنصيب مون
تي رکي ڇڏي، پر منهنجو پيءُ اسي مت کسي واري وڪڙ ۾
اچڻ وارو ڪونهي ۽ مون کي چاليهن سالن واري چڱي
خاصي عمر ۾ هو گدو اسپتال اُماڻي خلق کلائڻ ڪونه
ٿو چاهي ۽ منهنجي تڪڙ ۾ شادي ڪرائي هو گهرجي ٻين
ڀاتين جو گذر سفر تنگ ڪرڻ نٿو چاهي.
باقي رهيس مان سو ته اڃان پيار جي پڪڙ ۾ پڪڙجي نه
سگهيو آهيان، يا وري ڪنهن کي به پڪڙي نه سگهيو
آهيان
اسڪول ۾ ڇوڪريون گڏهيون، ٽيوشن سينٽرن ۾ ڇوڪريون
گڏهيون، آفيس ۾ ڇوڪرين جو چڱو خاصو تعداد آهي
ڪلارڪ، ٽائيپسٽ اسٽينو، اسٽنٽ، آفيسر، پي، آر، او،
پي اي، ٽيليفون آپريٽر وغيره.
سڀني ڇوڪرين سان سٺي سلام دعا آهي، سڀني سان نياز
مندي آهي. سڀ سٺيون آهن. ڪوڪا ڪولا به سٺي آهي. پر
ڪرسچن هجڻ جي ڪري پنهنجي هم مذهب جي ور چڙهي ويئي،
۽ اسان پاڪولا جي پيار ۾ پيپسي تان به هٿ کڻي
وياسون، پٽيوالو ته مبارڪ ڏيندي چيو هو ته سانوري
ڪوڪا ڪولا تي هٿ رک نه ته ٻيو کنڀي ويندس. چيم
چاچا جمعه مس مس ته منهنجي معيار جي ڪا شيءِ آئي
آهي. تون فڪر نه ڪر اڄ کان ئي اک ۾ ٿو رکانس، بس
تون ٿورو مون سان فري نه ٿجانءِ، هن جي سامهون بس
پُوءِ ته مون به چاچي جمعي جي خوشامد شروع ڪري
ڏني، ڪوڪا ڪولا کي چانهن، پاڻي يا فائيل ڏيڻ وقت
منهنجي ڪلارڪي جي تجربي ۽ شرافت ۽ پرسنلٽيءَ جو
ڪنهن بهاني سان ذڪر ڪندو رهي، ۽ مون کي رپورٽ
ڏيندو رهي.
هئڙي قسمت هئي حيف هجنيئي ڙي بدنصيب بختاور هو
جيڪا هئي نه پرستان جي پرين جهڙي، ٿڌي آئسڪريم
سوڊا کير جهڙي اڇي ملائي جهڙي ملائم، مون ته نالو
ئي رکيو هئو مانس کير ملائي، ”سابه پرڻجي ويئي، پر
هي چاچو جمعو جنهن جوانيءَ ۾ سينمائن تي رڳو ٿڌي
جو ٻالٽيون کپايون سو نالائي رکي پنهنجا، اسٽينو
الفت جو نالو رکيائين ايپل سڊرا، هؤن به الفت جا
ڳاڙهسرا گول گول ڳل مون کي ڳاڙها صوف لڳندا آهن.
چاچي جمعي هڪ ڏينهن رازداريءَ ۾ مون کي ٻڌايو ته
الفت به هٿن مان ويئي...... ؟ڪيئن؟
هو گنجو زيدي ننڍو مئنيجر آهي نه...؟ اهو هاڻي لنچ
کانپوءِ الفت ڏانهن منهنجي هٿان ئي ٻه ٻه صوف ٽن
ڏينهن کان موڪلي پيو
هڪ آءٌ رکندو آهيان کيسي ۾ ۽ هڪ ڏيندو آهيانس.
بختاور هن ايپل ۾ وڏو ڪمال اٿئي، توکي خبر ڪانهي،
اسان جي وقت ۾ ايپل سڊرا ٻاٽلي اصلي ايندي هئي. ۽
پوءِ اسان جهڙا غريب اُن ۾ وجهندا هئا ايسپرو جي
گوري، پوءِ ته سائين پيگن جا نشا چڙهي ويندا هئا
هاڻي ته ايسپرو اها آهي نه ئي ايپل سڊرا، جمعو بنا
مون کي صوف جي صلاح ڪندي، صوف به کائي ويو ۽ بنا
وقفي جي ڳالهه به ٻڌائي ويو.
جمعو ڳالهه ٻڌائي ڳڻتيون ڏئي ويو هليو، مون کي
آفيس جو ڪم ئي نه پئي وڻيو، سو پنهنجي ٽيبل ڇڏي
وڃي دلشاد عرف درپن جو پاسو ورتم. همراهه يڪدم
چانهن گهرائي ۽ مون حيدرآباد جي ختم ٿي ويل هرا
سينما يعني ڪيپيٽل سينما ۾ ڏٺل ڇه آنا، ڏهه آنا،
ٻارنهن آنا، رپيوءِ سوا رپيو ٽڪيٽ واري دور جون
ڪجهه ڏٺل فلمون ڳڻي ٻڌايون مانس، همراهه ڏاڍو خوش
ٿيو ڇو ته اها سينما شهاب ۽ نشاط سينما (هاڻ اها
به مارڪيٽ) کانپوءِ سندس گهر جي ويجهو هئي، وري
مٿان جو ٻڌايو مانس مرحوم درپن جي فلمن جو انگ ته
همراهه يڪدم کڻي آفيس جو ڪم مان هٿ ڪڍيا، چيائين
مون کي خبر ڪونه هئي ته تون به ڪو جهونو آهين. يار
لڳين قسم سان جوان پيو.
ڀلا ڏي خبر هي هيتريون ساريون شمن گڏيون پپن گڏيون
اچي گڏ ٿيون آهن. سڄي سوزڪيءَ ٿي لطيف آباد مان
ڀرجي اچي. ”يار انهن مان مون کي ڪرڻي ڪانهي ٻاهتر
جي ٻولي وارن هنگامن هاڻوڪي ”دهشتگردي مارا، ماري
سنڌ دشمنيءَ کانپوءِ منهنجي سوچ ۾ وڏي تبديلي آئي
آهي. جهڙي تهڙي پنهنجي ڀلي.“ اي اهئي چار پنج
پنهنجيون به ته توکي ويجهو ويٺيون آهن. آمهون
سامهون ته آهيو هيءَ ٽائيپنگ سيڪشن ۽ هيءَ تنهنجو
ڊسپيج سيڪيشن ”لڳي ٿو ته تون ڪٿي ٻاهر پيو مار
مارين.“ تڏهن ته گهرجي ديسي ڪڪڙ دال برابر پئي
لڳنئي.“
نه دلشاد...! اها ڳالهه ڪانهي، منهنجي اندر ۾ عشق
جو اونهو کوهه آهي. جنهن جو پاڻي مٺو ۽ شفاف آهي.
پر اڄڪلهه ماڻهو ميونسپالٽي ۽ هٿرادو واٽر جا عادي
ٿي ويا آهن، هاڻي ته منرل واٽر جون فيڪٽريون پيون
هلن، اسان انهن آڏو پراڻا کوهه آهيون، جيڪي هاڻي،
ڳوٺن مان به ميساربا وڃن. هاڻي ته ماڻهن کي به کبڙ
جي ڇانو ٿي وڻي نه ئي نم جي ڇانو. اڳي سينمائون
سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ هيون، پوءِ آفيسون ۽ هاڻي وڏن
ماڻهن جا گهر به سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ ٿيندا.
يار بدنصيب بختاور! تون همت نه هار...
ٽراءِ ڪندو رهه، هاڻي هل ته هلي لنچ ڪيون، ٽائيم
ٿي ويو آهي. تون پروموشن جيان لنچ ۾ به ليٽ آهين.
دلشاد سان لنچ ڪري مان پنهنجي ٽيبل تي اچي ڪم ۾
مصروف ٿي ويس ڪلاڪ کن ڪم ڪيم ته تنگ ٿي پيس اڃان
ڪلاڪ پورو گذارڻو هئم آفيس ۾ ڪا ٽل ذهن ۾ آيم
فائيل کڻي صاحب جي ڪمري ۾ ويس. ”ميٽر موسٽ ارجنٽ
جا نوٽ هڻرائي وڃي ان ٽائيپسٽ جي ٽيبل تي پهتس
جنهن کي پهرئين ڏينهن چاچي جمعي نالي ڏنو هو ببل
اپ پر مون يڪدم کيس روڪيندي چيو اهيو نالو آئوٽ نه
ٿئي، هن حور پري تي نالو مان رکندس، تنهن ڪري تون
پنهنجو ببل اپ نالو واپس وٺ اهيو ڪنهن شوخ چنچل
ڇوڪريءَ تي رکجانءِ، هيءَ ته سراپا حسن ۽ مجسمه
معصوميت آهي، بس هن جو نالو مون رکي ڇڏيو آ، حور
پري، چاچو جمعو راضي ٿي ويو ۽ منهنجي کاتي ۾ دودهه
پتي چانهه پي ۽ باقر خاني بسڪوٽ کائي ڪلاڪ کن ۾
اسان جي انٽيليجينس يعني سيون اپ جيڪا ايڊمنسٽريشن
سيڪشن ۾ اسٽنٽ آهي کان هن جو نالو پڇي آيو ۽ مون
کي اچڻ شرط چيو هئائين بختاور ڀاڳ ڀلا ٿين تنهنجا
هن جو ته نالو ئي حورانساءَ آهي. مون به چيو لڳي
ته ڪا بغداد ڪي حور ٿي، ڏس ڏس چاچا وري فلمي نالي
تي آئين نه.
”توهان گم سم آهيو“ حور مون ڏانهن نهاري سوال ڪري
رهي هئي، ها بس هي ٻه ليٽر ٽائيپ ڪري ڏيو، ارجنٽ
آهن.“ توهان ڪرسيءَ تي ويهو ته سهي... ..!
بختاور... .!
جي...... ؟
منهنجي شادي تي ايندؤ نه... ..؟
نه...... ؟
ڇو...... ؟
سڀ ڪجهه توهان کي خبر آهي.
۽ اهيا توهان کي به خبر هئي ته منهنجو منڱڻو ٿيل
آهي. ۽ اهيو به مون توهان کي شروع ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو
هو ته مان توهان جو هڪ امانت هجڻ جي ناتي سان ڪوبه
ارپيل نينهن
جو ناتو، دوستيءَ جو رشتو، قبول ڪونه ڪنديس، آءٌ
اڳي ئي ڪنهن جي محبت ۾ ميخن ۾ قابو آهيان. ۽
منهنجي جان ۽ جذبو ان لاءِ ئي آهي. تون هن آفيس جو
سينئر ڪلارڪ آهين، هرڪو توکي سٺو ٿو سمجهي، تون
محبت جي منزل ماڻڻ لاءِ ائي ڇوڪونه ٿو ڪرين جيئن
سماج ۾ ڪيو ويندو آهي. رشتا ڏبا ۽ وٺبا آهن پسند ۽
ناپسند کي مدنظر رکي تون به ڪو فيصلو ڪري سگهين
ٿو.
پر حور... ..!مون کي محبت جي شادي ڪرڻي آهي.
ان لاءِ ڪنهن کي متاثر ڪري سگهيو آهين
نه... ..!
ڇا ڪنهن جي دل ۾ درد جيان تڙپندو آهين؟
نه حور... .نه... .!
ته پوءِ ڇا ڪيو اٿئي... ..؟
حور..! مون رنو آهي ڏاڍو رنو آهي.
ها...! مون ڏٺو آهي، تون روئڻ جو چيمپيئن ٿي سگهين
ٿو.
مان ڏاڍو تڙپيو آهيان، مون ڏاڍو درد ڀوڳيو آهي.
مان پيار جي پيڙائن ۾ ڀڄي ۽ ڀري پيو آهيان.
ها مون کي خبر آهي تون درد جو دريا ۽ سورن سمنڊ
ٿيڻ ٿو چاهين، تو جيڪا شاعري ڪئي آ، ڪهاڻيون لکيون
آهن، سي مون کي به پڙهايون اٿئي، پر مون کي رئڻ نه
آيو، تنهنجا اُهي سچن جذبن سان ڀريل ڏکن ۾ ٻڏل
احساس پڙهي ۽ اُن ڏينهن جنهن ڏينهن تو پهريون ڀيرو
لنچ ٽائيم ۾ آفيس ۾ رش ۽ اسٽاف تمام گهٽ هجڻ جو
فائدو وٺي مون سان اظهار محبت ڪندي تمام گهڻو رنو
هو. ان ڏينهن به مان تنهنجي رئڻ تي نه رني هئس. پر
مون کي سمجهايو ضرور هو. مون کي تولاءِ احترام هو،
تنهن ڪري مان ڪنهن سان ڳالهه به نه ڪئي هئي، محبت
ته ٻن دلين جو ميلاپ آهي. تون به جنهن ڏينهن ڪنهن
جي دل جو دوازو پاڻ لاءِ کليل ڏسين ته اُن دل ۾
هميشه هميشه لاءِ وڃي رهجان ۽ اُهي اکيون جڏهن
تنهنجي لاءِ ڳوڙها ڳاڙين اُها دل جڏهن تولاءِ تڙپي
تون به سمجهه جائين ته توکي به محبت جي منزل ملي
ويئي آهي.
حور، ٽائپ جي تکي آواز ۾ پنهنجي سنهڙي آواز سان
اهيو محبت جو پنهنجو نظريو منهنجي دل ۽ دماغ تي
ٽائيپ جي اکرن جيان ڇاپي، ٽائيپ ٿيل ليٽر مون آڏو
رکي، آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ تي اُٿي ويئي هلي هئي، ها
هن ويندي مهل پوتي سان سڄو پنهنجو پاڻ کي ڍڪيو هو
۽ ڪاري پرس مان هڪ لفافو ڪڍي منهنجن هٿن ۾ ڏيندي
ايترو چيو هو بختاور صاحب آءٌ پنهنجي شادي جو
پهريون ڪارڊ توهان کي ڏيئي رهي آهيان.
اڃان اسان مان ڪنهن به ڌر ڪا ڌر ڪارڊ نه ورهايا
آهن. ۽ مان هيءَ هڪ ڪارڊ صرف توهان لاءِ کڻي آئي
هيس. ايترو ضرور ياد رکجو، سڄي آفيس شاديءَ ۾ شرڪت
ڪري، پر توهان نه آيا ته سمجهندس منهنجي آفيس مان
ڪو به نه آيو.
مان خالي خالي نظرن سان لفافي کي ڏسي رهيو هئس،
چاچو جمعو آفيس جا پکا بند ڪندو مون تائين پهچي
چڪو هو، لڙڪ منهنجي اکين کي آلو ڪندا، هيٺ ڪري
رهيا هئا ۽ حور جا آخري لفظ منهنجن ڪنن ۾ گونجي
رهيا هئا.
”بختاور... ..! چالهين سالن جو ٿي ويو آهين.، هاڻي
ڪنهن به چڱي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏ ۽ پوءِ محبت
به اُن سان ڪجانءِ“
چاچي جمعي جا ٻئي هٿ منهنجي ڪلهن تي پون ٿا، مان
قميص سان ڳوڙها اگها ٿو، ۽ خاموش سڏڪن سان آفيس
مان نڪري اچان ٿو.
ساڃاهه سجاڳي جي.
گفٽ ۾ مليل نوان جوراب پائڻ لاءِ ڪڍيائين، هلڪي
گلابي رنگ، ان تي اڇي رنگ سان هلڪين ليڪن، واري
شرٽ ۽ جاگر پينٽ، گهري ناسي ڪلر جي، پائي ڊريسنگ
ٽيبل جي شيشي ۾ پاڻ ڏسڻ لڳو. سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، پر
بوٽ پالش ٿيل ڪونهي. خاص خراب به ڪونهي، هلي ويندو
۽ ميرو ڪپڙو ٿورو آلو ڪري ان تي رهڙي ڇڏيائين.
گهران هڪ قيمتي پرفيوم جي شيشي هڪ ٻاهر جو صابڻ به
ٿيليءَ ۾ وجهي کنيائين. شهر ۾ هڪ دوست مليس، جنهن
پنهنجو نئون نڪور ڪتاب هن کي گفٽ ڪيو. هن پرفيوم
جي شيشي ۽ صابڻ گفٽ پيڪٽ ۾ پيڪ ڪرايا. دعوت واري
شامياني ۾ پهتو ته دعوت ۾ اڃان ٽي ڪلاڪ پيا هئا.
هن گفٽ ميزبان جي حوالي ڪئي ۽ واپس اچڻ جو چئي
آفيس هليو ويو. ڊيوٽي دوران هو پنهنجي ڪمري مان
نڪري کلي ميدان ۾ اچي بيهي رهيو. جهڙ لڳو پيو هو.
هن کان ڪجهه پرڀرو ڪبوتر ردي جي ڪاغذن جي ڍير وٽ
اُڇلايل داڻن کي چڱي رهيا هئا. هن ڪنڌ ورائي پويان
ڏٺو. سندس ڪمري سان لڳ ڀت ۽ ڍڪيل ڇت سان ڪبوترن
لاءِ جڳهه رکيل هئي. جنهن ۾ ڪيترائي کوکا ڪاٺ جا
ڀت ۾ ٽنگيل هئا. جن ۾ اڃان به ڪي ڪبوتر ويٺل هئا.
هيءُ اتان هلندو فيڪٽريءَ جي ان مٿائين هنڌ تي
پهچي ٿو. جتي گتو ٺاهڻ لاءِ رامٽيريل طور خالي ردي
ڪاغذ ۽ پاٺا، پلپر مشين ۾ وجهي ان کي پاڻيءَ سان
مڪس ڪري هلايو وڃي ٿو. ان هنڌ تي بيهي هو اوڀر
پاسي ڏسندو رهي ٿو. ها اوڀر پاسي هو جڏهن به اتان
بيهي ڏسندو آهي، تڏهن کيس پنهنجو ڳوٺ ياد ايندو
آهي. اتي جو وهندڙ وڏي پيٽ سان گجگوڙون ڪندڙ
درياهه ياد ايندو آهي. ڳوٺ جون اهي وهندڙ شاخون ۽
واهه ياد ايندا آهن. جن جي ميري وهندڙ پاڻيءَ جون
هزارين تصويرون هن هڪ آٽوميٽڪ ڪئمرا جيان اندر ۾
فوڪس ڪري ڇڏيون هيون.
هينئر به هو پاڻ کان چند گزن جي مفاصلي تي وهندڙ
واهه کي ڏسي، ميري پاڻيءَ کي ڏسي، سامهون تڙن
ڏانهن ڏسي ٿو. غريب گهرن جون غريب مايون. معمول
موجب اتان پاڻي ڀرين ٿيون. ڪپڙا ڌوئن ٿيون ته لوڪن
کان لڪي، وهنجڻ جي ڪوشش به ڪن ٿيون. پر واهه جي هن
ڪپ تي غريبن جا گهرڙا آهن ۽ واهه جي هن ڪپ تي
اميرن جون ٺاهيل فيڪٽريون آهن. جن ۾ ڪم ڪن ٿا.
اهڙا ماڻهو جن جو رشتو رڳو هتي جي زر سان آهي. هتي
جي زمين ۽ زن هنن لاءِ دشمن جو محاذ آهي. جتي جنگ
جو هر حربو جائز سمجهيو وڃي ٿو. تڏهن ئي ته هن ڪپر
کان کڄندڙ جنسي اکيون رڳو جسمن جو پيڇو ڪن ٿيون.
دلين ۽ روحن جا مسافر هنن کان دور آهن. ۽ اڄڪلهه
ٻهراڙين ۾ اهي ڌاڙيلن جي هٿان ۽ شهرن ۾ دهشتگردن
جي هٿان جام اجل پي رهيا آهن. ۽ جيڪي هن جهڙا دلين
جا درد رکندڙ جيئرا بچيا آهن. اهي قدرتي حسن،
فطرتي سونهن، کي سدا حيات جاودان بخشڻ لاءِ، گيت
لکي رهيا آهن. هن کي ياد آيو ته کيس واپس دعوت ۾
وڃڻو آهي سو واهه تي، واهه جي تڙن تي، دلن،
گهاگهرن ۽ سانورين ڪڪرين کي ڏسي موٽ کائي ٿو. |