سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روشني

باب: --

صفحو :2

هڪ هزار کان پندرهن سؤ لفظن تي مشتمل ڪهاڻين کي اڪثر ليکڪن ترجيح ڏني آهي، جن ۾ چيخوف، هينري، موڇسان ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ڪهاڻيڪار شامل آهن، پر اڪثر ڪهاڻيڪارن جي ڊيگهه پنج هزار لفظن تي ٻڌل آهي ۽ اها ڊيگهه عام طور تي گهڻين ڪهاڻين ۾ ڏٺي ويئي آهي، مروج آهي، پر ڪوشش ڪري ڪهاڻيءَ ۾ اجائي ڊيگهه ۽ لٻاڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، مختصر نموني رڳو ڪهاڻيءَ سان ٺهڪي ايندڙ تشبيهون ۽ محاورا ڪتب آڻڻ گهرجن ۽ غير ضروري واقعن، گفتگو ۽ بيان کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

مثال طور عظيم ڪهاڻيڪار موپسان جو واقعو هيٺ ڏجي ٿو: هڪ ڀيري موپسان پنهنجي مربي ۽ استاد ۽ فرانس جي مشهور ڪهاڻيڪار ناول نگار ۽ دنيا جي شاهڪار ناول مادام بووري جي خالق ”گستاؤ فلابير“ وٽ ويو، جيڪو ان وقت پنهنجي مشهور ناول لکڻ ۾ مصروف هو، کيس لڳو ته فلابير ڄڻ ته ڪجهه لکڻ بدران لفظن سان وڙهي رهيو هجي. هن کائنس ان ماجرا بابت پڇيو، ته ان تي فلابير ٻڌايس ته گهڻائي غير ضروري جملا سندس ناول ۾ زبردستي آيا هئا ۽ هُن انهن کي هڪالي ڪڍڻ ٿي چاهيو.

عظيم ناول نگار هيمنگوري پنهنجي ناولن جا ٻه سئو کن صفحا لکي، پوءِ ايڊٽ ڪرڻ وقت سؤ صفحا کن خارج ڪري ڇڏيندو هو، جنهن جو بهترين مثال جڳ مشهور ناول The old man and the sea  ۽ ٻين عظيم اعليٰ درجي جي ناولن جهڙوڪ:

(1) For whom the bell tolls

(2) A fare well to Arms

 (3) Death in the Afternoon

جي ڀيٽ ۾ کيس نوبل پرائز مليو.

سليم چنا، اعليٰ ادب جي منزل واري واٽ جو پانڌيئڙو آهي ۽ ان قطار ۾ صفا پويان نه پر وچ ۾ آهي ۽ اڳتي وڌي رهيو آهي. وٽس ڪهاڻي هڪ اسٽائيل يا اسلوب جي پابند ناهي، سندس فن متحرڪ آهي. ڪهاڻي کيس مڇيءَ وانگر وڏي پاڻيءَ ۾ ڇڪي وڃي ٿي، هو ڪڏهن ڪڏهن ڍل ته ڏئي ٿو پر ڏور پنهنجي هٿ ۾ مضبوط ٿو رکي ۽ نتيجو ڪڏهن ننڍي مڇي ته ڪڏهن وڏي ۽ مثالي مڇي.“ هو جيڪڏهن ڪهاڻيءَ جي فن جو اولڊ مين (هيمنگوي) ناهي ته ڪُراڙي جو پيارو دوست ننڍڙو سانتياگو  ضرور آهي.

سليم چنا سوَ ڪهاڻيون تخليق ڪري چڪو آهي ۽ هيءُ سندس ڪهاڻين جو ٽيون مجموعو ”روشني“ آهي، هو ڏيڍ سال اڳ، 25 ڊسمبر 1995ع تائين هڪ سو ڪهاڻيو لکي چڪو هو، جنهن جو اعلان ڪينجهر جي سالياني جشن واري فنڪشن ۾ ڪيو ويو هو. لڳي ٿو ته نقاد سڳورا رڳو گل ڪونڌر جو پيڇو ڪندا رهيا آهن ۽ هي همراهه سندن نظرن تان ترڪي ويو آهي، نه ته سندس خير خيريت ضرور پڇن ها ۽ کيس سندس ڪهاڻين جي پلاٽينم جوبلي ۽ پوءِ وري ٽرپل گولڊن جوبليءَ تي سچن موتين جي سوغات (رت جا ڳوڙها) ضرور پلئه پائن ها، ان سلسلي ۾ هڪ انگريز ليکڪا سان پيش آيل واردات هت پيش ڪجي ٿي، جيڪا دلچسپيءَ کان خالي ناهي ۽ ويچارن اسان جهڙن اديبن جي حالتن تي روشني وجهي ٿي:

شارلٽ برانٽي ۽ سندس ڀيڻ پنهنجي يونيورسٽيءَ واري زمان ۾ ئي پنهنجا مشهور انگريزي ناول ”جين آئر“ ۽ ”ودرنگ هائٽس“ لکي پورا ڪيا، ۽ کين کٽيءَ کنيو جو پنهنجي دور جي هڪ مشهور نقاد کي وڃي ”جين آئر“ ناول پڙهڻ ۽ تنقيد لاءِ ڏنائون. فاضل نقاد سڳورو پهرين ته ناول پڙهي صفا وائڙو ٿي ويو ۽ کيس يقين ئي نٿي آيو ته اهو ناول هن وات ڳاڙهي انڊر گريجوئيٽ ڇوڪريءَ لکيو هو، پوءِ کيس ڏاڍي ڇنڀ ڪڍيائين ۽ ڇڙٻون ڏيندي چيائين، ”اوهان اڄڪلهه جون ڇوڪريون آخر پاڻ کي سمجهو ڇا ٿيون. ناول ڪا معمولي شي ناهي، جو توهان جهڙيون ڇوڪريون جڏهن چاهين بنا ڪنهن استاد کان پڇڻ ۽ اصلاح وٺڻ جي لکي وٺن. اديب ٿيڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي، ان لاءِ وڏي عمر ۽ تجربي جي ضرورت آهي.“

ان هچا نقاد جي غير ادبي رويي ۽ ڌمڪين ويچاري شارلٽ کي ايترو ته مايوس ڪيو، جو هوءَ نه رڳو ناول ڇپرائڻ تان هٿ کڻي وئي، پر مورڳو ناول ساڙڻ لاءِ تيار ٿي وئي.

سخت جدوجهد ۽ مشڪلاتن کان پوءِ سندس ڀيڻ (ودرنگ هائيٽس جي خالق) کيس ان مايوسيءَ مان ٻاهر ڪڍي آئي ۽ کيس ان نام نهاد نقاد جي پرواهه نه ڪرڻ ۽ ناول ڇپائڻ لاءِ راضي ڪيو. ناول ڇپجڻ شرط سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو ۽ سڄاڻ نقادن نه رڳو يورپ ۾، پر سڄي هنڌ پاڪ، ۾ ان ناول کي ڊگريءَ ليول تي انگريزي نصاب ۾ شامل ڪرايو.

اڄڪلهه هر نئون ڪهاڻيڪار مظهر الاسلام جي اسٽائيل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ تقريباً ڇپجندڙ هر ڪهاڻي ۽ مضمون جو عنوان مظهر الاسلام جي عنوان جهڙو هوندو آهي، ان کي ادبي فيشن جو نالو ته ڏيئي سگهجي ٿو، پر فن جو هر گز نه فن هر گهڙيءَ ترقي ڪندڙ شي جو نالو آهي. وقت ۽ حالتن سان گڏ ان ۾ ترقي ٿيندي آهي. درحقيقت، هر فنڪار سخت محنت ۽ گهري مشاهدي ۽ گهڻي مشق کان پوءِ پنهنجي منفرد اظهار جو هڪ ذريعو ڳولي لهندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هر اديب ۽ ڪهاڻيڪار جو اسلوب پنهنجو هوندو آهي. سٺي ٻولي لکڻ يا رڳو تشبيهون ڪم آڻڻ ئي افسانه نگار ڪونهي. ڪهاڻيءَ ۾ شاعري شروع ڪري ڇڏيندا آهن. ڪهاڻيءَ ۾ شاعري ڪرڻ ڪهاڻيءَ جي روح کي مجروح ڪرڻ آهي، ڇو ته اها مڃيل حقيقت آهي ته ڪهاڻي نظم ۾ نه پر نثر ۾ لکي ويندي آهي. سمٰرسيٽ ماهم پڻ ان نظريي جو حامي آهي، ته هروڀرو هٿرادو ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هر مواد پاڻ سان پنهنجي ٻولي ۽ لهجو آڻيندو آهي. اڪثر ڪهاڻيڪار هڪ جملو لکي پوءِ ٻڙيون (ڊيش) ڏيئي ڇڏيندا آهن. ياد رکڻ گهرجي ته اڄڪلهه جي اسپيس ايج ۾ ايتري اسپيس ڇڏڻ جي ضرورت هرگز ناهي.

اسان وٽ نئين ڪهاڻيءَ جا ڪهاڻيڪار نه ئي ڪنهن فڪري سلسلي سان تعلق رکن ٿا ۽ نه ئي وري اجتماعي يا انفرادي فڪر جو ڪو سلسلو ڏيئي سگهيا آهن. هو رڳو بس ڪهاڻين جي انگن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. اهوئي سبب آهي ته اسان وٽ ڪهاڻين جو تعداد ۾ ته چڱو اضافو ٿيو آهي، پر ڪي ٿورا ڪهاڻيڪار ان ميدان ۾ نالو ڪڍي سگهيا آهن.

جيئن هيمنگوي (Passion) جو ڪهاڻيڪار آهي ۽ ڪردارن جي جذبن کي سهڻي گفتگوءِ جي ذريعي ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪندو آهي. جيئن موپسان انسان جي ڪمزورين کي نهايت فنڪاريءَ سان پنهنجي ڪهاڻين جو مواد بنيائيندو آهي، جيئن اوهينري تجسس واري پڄاڻيءَ جي ذريعي، پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن کي پڙهندڙن سان متعارف ڪرائيندو آهي. سندن چهرن تان ماسڪ لاهي، سندن اصلي روپ ڏيکاريندو آهي.

جيئن ٽالسٽاءِ انساني اخلاقي ڪمزورينءَ ۽ لالچن کي پنهنجي آفاقي انداز ۾ ڪهاڻين ۾ ظاهر ڪيو آهي، جيئن تر گنيف پنهنجي لازوال ناولن/ ڪهاڻين ۾ وڇوڙي ذريعي محبت جي جذبي کي امر ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيئن خليل جبران پنهنجي دردن، وڇڙي ويل محبوبن ۽ اڻ پورين خواهشن ۽ خوابن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي؛ اهڙي ريت ئي سليم چنا پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڻ پورين خواهشن ۽ خوابن کي سچائيءَ ۽ خلوص سان بيان ڪيو آهي. اهڙو احساس هن جي ڪهاڻين ”عشق جو آواز“ ۽ ”شڪ جا پاڇا“ مان ظاهر آهي.

عشق جو آواز جو جنم هڪ اتفاقي فون ٻڌڻ مان، جيڪو ڪنهن ڇوڪريءَ جو آهي، شروع ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ مهناز نالي ڇوڪريءَ کي هو (نائيڪـ) ڪونه سڃاڻي، پر ليکڪ جي من ۾ ويٺل موناليزا، جيڪا صدين جو سوداءُ بنجي، سندن من تڙپائيندي رهي آهي، اُها هن ڪهاڻيءَ ذريعي ليکڪ جي خوابن جي دنيا مان نڪري ڄڻ ته هن ڪهاڻيءَ جو ويس ڍڪي آئي آهي، دراصل جنهن ”موناليزا“ جو اميج ليکڪ پنهنجي ذهن ۽ خوابن ۾ ٺاهيو آهي، فون تي ٻڌندڙ مٺڙو آواز ان ڪري ئي کيس پيارو لڳي ٿو، ڇا ڪاڻ ته اهو آواز سندس من مندر ۾ ٻرندڙ لاٽ جو پرتوو آهي، اها ڳالهه ڪهاڻين جي هن پيرا مان ظاهر آهي.

(1). ”ڇوڪريون پاڻ پڏائڻ کان وٺي پاڻ وڻائڻ تائين، لفظن جي جادو ۽ سنهڙي زناني آواز جي سحر سان ٻئي کي متاثر ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوششون ڪنديون رهن ٿيون. پر هيءَ ڪا آسماني اپسرا ته نه هئي؟ هي ڪا بهشت جي حور ته نه هئي؟ ڪنهن ڪوهه ڪاف جي پري ته نه هئي؟ يا ڪنهن مئي خاني ۾ ساقي گيري ڪندڙ حسينه هئي؟ جنهن جي حسن جا سڀئي جلوا جلترنگ هئا. جنهن جي اکين ۾ انداز محبت بي پناهه هو. جنهن جي آواز ۾ رڳو انگوري شراب جو نشو ئي نشو هو؟

هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪلال جي ساقي گيري جا، مڌ جي مستيءَ جا، بي انداز نشان ته نه هئا؟ هن جي لفظن ۾ مصري ماکي ۽ کنڊ جا مٺياج ڀريا اثرات ته نه هئا؟

(2). جيستائين روح هن خاڪي جسم مان ۽ نفس جي قيد مان آزاد ٿي نڪري نروار نه ٿو ٿئي، ۽ نينهن نڪورو تڏهن ٿيندو آهي، مهناز! جڏهن روح ڪندا روحن سان رهاڻيون، باقي ته آهن رڳو جسمن جي ميلاپ جون ڪهاڻيون يا نه ملندڙ دلين، جي درد جون سدا حيات ڪهاڻيون، وڇوڙي جستجو، يا ناڪام آرزوئن ۽ ارمانن جون پيڙا ڏيندڙ ڪهاڻيون... مهناز! مان پيار جي پنڌ جون انيڪ پيڙائون ڀوڳي ڀوڳي، هاڻ صفا ڀڄي ۽ ڀري ڪڏهن ڪو، پنهنجو هيءُ وجود وڃائي چڪو آهيان ۽ هاڻ مون وٽ رڳو روح جي اها رڙ وڃي رهي آهي، جيڪا پڙاڏو بنجي منهنجي تن ۽ من ۾ گونجي رهي آهي ته:

”ڳوليا ڳوليا مَ لهان، شام مَ ملان هوت،

من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.“

ليکڪ پنهنجي اڻ پورين خواهشن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ ئي پورو ڪري ٿو ۽ سندس من ۾ سرجندڙ ۽ اُتپن ٿيندڙ نازڪ، نفيس ۽ ملائم احساس، محبت جا لطيف جذبا ۽ محرومين جو اظهار پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪري ٿو، ڇو ته حقيقي زندگيءَ جون تلخيون، انسان جون خود غرضيون، مطلب پرستيون ۽ رڳو پاڻ کي چاهڻ واري جذبي ۽ عورتن جي مصنوعي ۽ مٺڙي انداز ۾ ٺڳري ڪرڻ ۽ ڍؤنگ رچائڻ وارن روين، معاشي افراتفري، سماجي پريشانيون، دولت جون حرفتون ۽ چمڪ، غربت جي ناسور ۽ انسان جي حسد واري جذبي، دراصل انسان جي اعليٰ آدرشن، لطيف جذبي ۽ محبت جو قدر وڃائي ڇڏيو آهي.

هڪ فنڪار پنهنجي سچي محبت ۽ پوتر جذبن کي ڪنهن هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، جيڪا هڪ حساس من کي ڇهي سگهي؛ جيڪا روحاني جذبن ۽ وارداتن کي مجازي لباس پارائي سگهي؛ جيڪا هڪ آدرشي فنڪار سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي، خيال جي هم آهنگي ۽ دمسازيءَ سان سندس روحاني پيڙا کي گهٽائي سگهي؛ سندس زندگيءَ کي آسان بنائي سگهي ۽ کيس اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي، جتي سونهن، سندرتا، سڳنڌ، سرهاڻ ۽ نوان رنگ روپ سروپ هجن. جتي مايوسين ۽ حسد جو ڪو دخل نه هجي، جتي شڪ جي ٻاٻري ڪنڊن بدران، گلن جي هٻڪار، ۽ هڳاءُ ۽ سرهاڻ هجي ۽ رنگن جي چٽساليءَ هجي، اکين کي فرحت اچي، روح کي راحت اچي، جتي شڪ جي چمڙن بدران سهڻا پکي، چهڪندا نظر اچن ۽ مڌر گيت آلاپن، پر، جڏهن انسان جي اک کلي ٿي ته سندس زندگي شڪ جي ٿوهر سان ڀريل آهي، اهڙيون ئي ڪيفيتون آهن، جيڪي سليم چنا پنهنجي هر ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جيڪا ڳالهه هن سندس فني طور تي رچيل ڪهاڻي ”شڪ جا پاڇا“ ۾ نهايت ئي سهڻي پيرائي ۾ پيش ڪئي آهي.

انسان پنهجي جذبن جي تسڪين ۽ محرومين جي پورائيءَ لاءِ هر دم ڪوشان رهي ٿو ۽ روح جي راڻيءَ تائين رسائيءَ لاءِ ڪيترائي جتن ڪري ٿو، پر گهڻيءَ جدوجهد کان پوءِ جڏهن ڪنهن جي ويجهڙائيءَ ۽ قرب جا لمحا حاصل ڪري ٿو، ته هڪدم کائنس اهي موقعا حاسد سماج ۽ دولت جي روشنيءَ جو چمڪو، هڪ ڌڪ سان کسي وٺي ٿو ۽ کيس خوشيءَ کان محروم ڪريو ڇڏي. اهڙين حالتن جو ذڪر سليم جي ڪهاڻيءَ ”شاعري، عورت ۽ ايڊيٽر“ ۾ به ملي ٿو، جنهن ۾ هڪ اهڙي ايڊيٽر جي واردات آهي، جيڪو پنهنجي مئگزين لاءِ شاعري وٺڻ لاءِ مشڪل سان ان شاعر عورت تائين رسائي حاصل ڪري ٿو. فنڪاره پنهنجي شاعريءَ جو ٻڌي سرهي ٿئي ٿي ۽ شعر سان گڏ مخزن ۽ رنگين تصوير هلرائڻ لاءِ به چئي ٿي. ايڊيٽر سندس تصويرون ڏسي ڏاڍو سرهو ٿئي ٿو ۽ کيس فن جي ديوي سڏي ٿو ۽ سندس ڪجهه وڌيڪ تصويرون شوبزنس وارن صفحن تي ڇاپڻ جي آڇ به ڪري ٿو، پر فون تي اوچتي نياپي ٻڌڻ کان پوءِ فنڪاره شاعري ۽ تصويرون ڏيڻ وارو ڪم ملتوي ڪري ٿي ڇڏي ۽ کائنس معذرت ڪندي، موڪلائي ٿي؛ ڇو ته آيل فون هڪ ٽي. وري پروڊيوسر جو هو، جنهن کيس ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سندس شاعريءَ ٽي. وي تي ڳارائڻ جي آفر ڪئي هئي. ڏٺو وڃي ته ساميج اڻ برابريون ۽ چانديءَ جو چمڪو ماڻهن جون چالاڪيون ۽ ٺوڳيءَ رويو، هڪ حساس من کي سدائين آن ٿانيڪو ڪري مايوسين جي سوغات ڏئي ٿو، ڇا ڪاڻ ته هن سماج ۾ سخت چٽا ڀيٽي، ظالم روايتن ۽ ٻيائيءَ سبب هڪ حساس من کي سدائين ڀوڳڻو پوي ٿو ۽ اها ئي سليم جي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي آهي.

انساني زندگيءَ ۾ هڪ اهڙا موقعا پيش اچن ٿا، جن ته پهرين ته ماڻهوءَ کي يقين ئي نه ايندو آهي، يا وري هو پاڻ کي ان خوش قسمتيءَ جي لائق ئي نه سمجهندو آهي، پر اُهي واقعا اهڙا ته نقش انساني من تي چٽين ٿا، ۽ اهڙو ته گهرو اثر انساني دلين تي ڇڏين ٿا، جو جن جا نشان انسان سان مرڻ گهڙيءَ تائين گڏ رهن ٿا، بلڪه روح جي جسم کان ڌار ٿيڻ وقت اُهي روح سان گڏ سلامت رهن ٿا. جيستائين انسان جيئرو رهي ٿو. انهن نشانن، خوابن ۽ لطيف جذبن جي آسري، زندگيءَ جي تلخيءَ کي مٽائيندو رهي ٿو، ماضيءَ جون خوشگوار گهڙيون سندس سهارو بنجن ٿيون عظيم ڪهاڻيڪار چيخوف جي ڪهاڻي ”چمي“ به هڪ اهڙي واقعي جي عڪاسي آهي، جنهن ۾ فوجي پلٽون هڪ نواب جي گهر ۾ رات جي طعام جي دعوت لاءِ ڪجهه گهڙيون ترسي ٿي، انهن فوجين ۾ هڪ عام سپاهي جڏهن هال مان ورانڊي ۾ اچي ٿو ۽ ٻاهر نڪرڻ لڳي ٿو، ته اوچتو هڪ خوبصورت عورت اچي کيس ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي پنهنجي نازڪ چپن سان چمي ڏيئي ٿي ۽ پيار ڀريا ڪجهه لفظ چئي ٿي، دراصل اها چمي ڪنهن ٻئي انسان جي انتظار ۾ هئي پر اونداهه ۽ غلط فهميءَ ۽ سپاهيءَ جي خوش قسمتيءَ سبب اها کيس نصيب ٿي ۽ ان سپاهيءَ جي دل ڪنهن نازڪ مکڙيءَ وانگر ٽڙي سدابهار ٿي پئي ۽ سڄو سال هو، ان لطيف ڪيفيت کي ذهن جي پردي تي هلائيندو رهيو ۽ ٻئي سال جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندو رهيو، جڏهن وري کيس ان علائقي ۾ وڃڻو هو هيءُ منظر جي ورجاءُ جو انتظار ڪندو رهيو، پر اهڙا واقعا ته اتفاقي هوندا آهن ۽ روز روز ته پيش  نه ايندا آهن ۽ ٿيو به ائين، ٻئي ڀيري اهو سپاهي ڄاڻي واڻي ان ساڳئي هال کان ٿيندو ڀر واري ڪمري مان لنگهندي، ورانڊي کان ٻاهر ويندڙ ڪمري ڏانهن ويو، پر اتي ته ڪاريءَ وارا ڪک هئا، ان سپاهي جي دل جو سربستو احوال توهان کي سليم چنا هن ڪهاڻيءَ مان ملندو، جنهن جو نالو ”روشني“ آهي.

دراصل حسن جي نازن ۽ چلولائين جي اظهار سان عشق جي من تي ڇا گذرندي ، اها ڳالهه جي کيس معلوم ٿي وڃي، ته هوند، هو ڪڏهن به اهڙي باهه ٻارڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري، اهي گهڙي کن جون قربتون ۽ اتفاقي ويجهڙائپ واريون ڳالهيون ئي حساس من تي پنهنجا گهرا نقش چٽي وينديون آهن، جن جا چاڪ ساري عمر چڪندا رهندا آهن ۽ انسان چاهيندي به انهن به انهن ڦٽڻ جي ڇُٽڻ جي دعا ۽ دوا نه ڪندو آهي ۽ انهن ڦٽن سان ٿيل روشن واٽ تي سڄي زندگي گهاري ڇڏيندو آهي.

اصل ۾ اهي سمورا ڦٽ ۽ چاڪ ئي آهن، محروميون ۽ مجبوريون ئي آهن. حالتون ۽ زماني جون گردشون آهن، نفسا نفسي ۽ پيٽ جي باهه ئي سماجي حد بنديون آهن، جيڪي انسان کي ڪڏهن ديوداس ته ڪڏهن مهاتما بنائي ڇڏينديون آهن ۽ انسان پنهنجي من جي ڇند وديا ۽ ٻين دلين سان دل لڳائڻ جو شيوا ڪندو رهي ٿو ته پوءِ آخر ڇو کيس مايوسيون پلئه پون ٿيون، جهڙي حال ۾ هو آهي، قبوليو نٿو وڃي. ان ۾ آخر سندس ڪهڙو ڏوهه آهي. خالق جي تخليق ۾ ڪو نقص به ناهي، پوءِ ڇو انسان دکي آهي انسان ڀوڳي ٿو. هن لاءِ ٿڌي ڇانوَ ميسر نه آهي. کيس درد جي صحرا ۾ ڇا لاءِ ڌڪيو ويو آهي. مٿس سڀ دروازا ڇو بند ڪيا ويا آهن. آخر سندس ڪهڙو ڏوهه آهي، هن جو من ته اُجرو آهي،  وٽس پيار جو بيڪران سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي، پر هي ڪهڙي دنيا آهي، جنهن ۾ سچن جذبن جو ڪو قدر ناهي، سادگيءَ کي ڌڪاريو ويو آهي. مڪاري، چالاڪي، مصنوعيت ۽ ڍونگ کي پيار، اخلاق ۽ تهذيب جا نالا ڏنا ويا آهن. اهي سڀئي سوال سليم جي ڪهاڻين ۾ ڪَرَ کنيو بيٺا آهن ۽ پڙهندڙ جي مُنهن ۾ چتائي کائنس جواب طلبي رهيا آهن.

سليم انهن سڀني ڳالهين کي پنهنجي ذاتي احساساتي انداز سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هو وڏي واڪ چئي رهيو آهي ته:

”منهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،

مون وٽ روپ نه ڪو ٻهروپ آلا.“

سليم جو اسلوب سادو ۽ سنئون سپاتو آهي، سندس من ۾ جيڪي جذبا اچن ٿا، هو کين ڪهاڻيءَ جو روپ ڏيندو رهي ٿو، هن ڪٿي  به اجائي ڇرڪائيندڙ پڄاڻي ڏيئي پڙهندڙ کي امپريس ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، پر سندس ڪهاڻين جي سڌي ۽ سادي پڄاڻيءَ هڪ ڀرپور اثر پڙهندڙ تي ڇڏي ٿو، هو پنهنجن جذن کي سندن گهربل گهاڙيٽين ۾ بيان ڪندو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻي ”مهان ڪهاڻيڪار“ هڪ رپورتاز لڳي ٿي، جيڪا پنهنجي جاءِ تي هڪ سٺي شيءِ آهي، سليم ادب کي پنهنجي عبادت سمجهي ٿو ۽ پنهنجي فن جي تڪميل لاءِ ڏينهن رات سرٽوڙ ڪوشش ۾ آهي. ان ڳالهه جو مثال سندس ڪهاڻي ”جدوجهد“ مان ملي ٿو، جيڪا سندس اُتم ڪهاڻي آهي. فنڪار پنهنجي پيٽ جي باهه اوجهائڻ لاءِ دنياوي معاملن ۽ وهنوارن ۾ پاڻ کي نه چاهيندي به اُلجهائي رکي ٿو، کيس روحاني سڪون ۽ تسڪين انهن ئي ڪمن مان ملي ٿي، جنهن سان سندس من جو پيچ پاتل آهي، ان ڳالهه جو ثبوت سندس ڪهاڻي ”جدوجهد“ جي هيٺين سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو.

”هو هڪ ادبي اداري ۾ پهچي ٿو، جتان ڪارڊ ورهائڻ لاءِ ملنس ٿا.. وري هن لاءِ فيصلي جو مسئلو ڪارڊ ٿو ورهائي ته نه ادبي ڪلاس نه ئي دوست جي چانهه پارٽي...! پوءِ هو آخري فيصلو ڪندي ٻن شين کي اهميت ڏيئي ٿو. هڪ ادبي ڪلاس، ٻيو ادبي پروگرام جا ڪارڊ ورهائڻ، هو سج لهڻ کان پهريائين ادبي ڪلاس ۾ پهچي وڃي ٿو. پندرنهن منٽن کان پوءِ دستوري ادبي گڏجاڻي شروع ٿئي ٿي. هي ٻين جا اسم  ٻڌي ٿو، رايا ٻڌي ٿو. پنهنجا رايا ڏئي ٿو، واري اچڻ تي پنهنجو ”تاثر“ پڙهي ٿو، جيڪو پسند ڪيو وڃي ٿو. هن کي سڪون ملي ٿو ۽ منجهند آفيس واري ڊيوٽي جي تڪليف وسري ٿي وڃيس. ”سندس“ وڃائجي ويل ڪهاڻي به هڪ اهڙي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي نه رڳو ڪهاڻي لکڻ سان عشق آهي، پر ڇپجڻ ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ جو پڻ جنون آهي، هي عشق ۾ ملامت سهڻ لاءِ به تيار رهي ٿو. ايڊيٽر حضرات هن ڪهاڻيڪار سان اهڙي تعدي ٿا ڪن، جيڪا يورپ ۾ سمرسٽ ماهم ۽ آمريڪا ۾ ارسڪن ڪالڊويل سان ٿي، جن کي پورا اٺ سال نظر انداز ڪيو ويو. سندن لکڻين کي تيستائين ملڪي رسالن ۾ جاءِ نه ملي سگهي، جيستائين کين پرڏيهي رسالن نه ڇپيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com