هن فيڪٽري ۾ ٽيليفون آپريٽري به ڪئي هئي، ۽ هاڻي
جڏهن هو آفيسر آهي، تڏهن به ڇوڪرين جون فونون هن
وٽ اينديون رهن ٿيون ڇوڪريون هن سان ڪچهريون
ڪنديون رهن ٿيون، کلنديون مشڪريون ڪنديون. يا بحث
تڪرار ڪنديون رهن ٿيون. ڇوڪريون پاڻ پڏائڻ کان
وٺي، پاڻ وڻائڻ تائين، لفظن جي جادو ۽ سنهڙي زناني
آواز جي سحر سان، ٻئي کي متاثر ڪرڻ جي هر ممڪن
ڪوشش ڪنديون رهن ٿيون. پر هي ڪا آسماني اپسرا ته
نه هئي؟ هي ڪا بهشت جي حور ته نه هئي؟ ڪنهن ڪوهه
ڪاف جي پري ته نه هئي!؟
يا هن زمين جي باغ عدن جي ڪا بي چين ۽ بيقرار بلبل
هئي؟ يا ڪنهن مئي خاني ۾ ساقي گيري ڪندڙ حسينه
هئي.، جنهن جي حُسن جا سڀئي جلوا جلترنگ هئا. جنهن
جي اکين ۾ انداز محبت بي پناهه هو، جنهن جي آواز ۽
انداز ۾ رڳو انگوري شراب جو نشو ئي نشو هو؟
هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪلال جي ساقي گيري جا، مڌ جي
مستيءَ جا بي انداز نشا ته نه هئا؟ هن جي لفظن ۾
مصري ماکي ۽ کنڊ جا ميٺاج ڀريا اثرات ته نه هئا؟
ها هن، هن جي گفتگو مان محسوس ڪيو، ته هن وٽ پياس
هئي، پيار جي، اڃ هئي الفت جي. هوُ موُکي هئي محبت
جي مٽ جي، هن وٽ مدهوشي هئي، من جي ڀريل محبتي مڌ
جي، هن وٽ نينهن جي اونهي نادي هئي هو ڪينجهر ڍنڍ
جي نوريءَ جو نعم البدل ته نه هئي؟؟؟
هن وٽ عشق جو اٿاهه سمنڊ ته نه ڇوليون هڻي رهيو
هو؟؟ ۽ هن جي مدهوشي عشق جي اها مدهوشي هئي. جنهن
کي هن رڳو آواز جي وسيلي محسوس ڪيو هو.
هن سوچيو ته جيڪڏهن هاڻي هو انهيءَ آواز کان به
اڳتي وڌڻ لڳو ته عشق جي آگ ۾ جلي ويندو ۽ پوءِ.
عشق آتش اجهامڻ جي ناهي،
سوين ڪرين بهانا، برهه بس نه ڪندي،
هن فيصلو ڪيو ته عشق جي ويجهو نه وڃبو.
جيستائين روح هن خاڪي جسم مان ۽ نفس جي قيد مان
آزاد ٿي، نڪري نروار نه ٿو ٿئي، ۽ نيهن نڪورو تڏهن
ٿيندو آهي، مهناز! جڏهن روح ڪندا، روحن سان
رهاڻيون، باقي ته آهن رڳو جسمن جي ميلاپ جون
ڪهاڻيون. يا نه ملندڙ دلين، جي درد جون سدا حيات
ڪهاڻيون. وڇوڙي، جستجو، يا ناڪام آرزوئن، ۽ ارمانن
جون پيڙا ڏيندڙ ڪهاڻيون مهناز...! مان پيار جي پنڌ
جون، انيڪ پيڙائون ڀوڳي، ڀوڳي، هاڻ صفا ڀڄي ۽ ڀري
ڪڏهن ڪو پنهنجو هيءُ وجود وڃائي چڪو آهيان. ۽ هاڻ
مون وٽ رڳو روح جي، اُهان رڙ وڃي رهي آهي، جيڪا
پڙاڏون بن جي منهنجي تن ۽ من ۾ گونجي رهي آهي. ته
”ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.“
وڃائجي ويل ڪهاڻي
گذريل ٽن مهينن کان هن جون ڪهاڻيون ڪڏهن ايڊيٽر جي
ڊيسڪ تان، ڪڏهن چيف ايڊيٽر جي فائيل مان ۽ ڪڏهن
ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن جي ذهن مان گم ٿيو وڃن.
۽ هي ويچارو هر ڀيري دوستن ۾ ويهي، خوشخبري ٻڌائي
ته ايندڙ فلاڻي يا فلاڻي رسالي ۾ هن جي ڪهاڻي اچي
رهي آهي. پر پوءِ حيرت ۾ ٻڏيو وڃي. جڏهن سندس
ڪهاڻي جو ڪاف به ڪنهن رسالي ۾ ڪون ڇپجي، پر اڄ ته
هن سان ڏاڍي ٿي هئي. هن کي اڄ ادبي سنگت جي ڪلاس ۾
ڪهاڻي پڙهڻي هئي. ۽ صبح کان هو هڪ رسالي جي ٿيندڙ
جشن لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪندو رهيو. منجهند جي ماني به،
گهر جي نصيب نه ٿيس ۽ جڏهن واندو ٿيو، تڏهن گهر
وڃڻ ۽ ڪهاڻي کڻي اچڻ جيترو وقت ئي نه بچيس، ڪهاڻي
پڙهڻي به ضرور هئس. ڇو ته گذريل ادبي گڏجاڻي ۾ هو
ڪهاڻي سميت موجود هو، ته ادبي ڪلاس وارا موجود نه
هئا. تنهن ڪري هن کي پنهنجي ڪهاڻي کي ٻڌائڻ جي آنڌ
مانڌ اچي تپايو. سو هليو ويو ان ايڊيٽر صاحب جي
آفيس ۾ جنهن جي رسالي ۾ ڪهاڻي ڇپائڻ لاءِ هن
لاشعوري طور ان ئي ڪهاڻي ۾ ان ايڊيٽر جو چڱو خاصو
۽ اهم ڪردار به تخليق ڪري ورتو هو. ۽ کيس انهيءَ
تي ايڊيٽر مبارڪباد سان گڏوگڏ اهيا پڪ به ڏني هئي،
ته ڪهاڻي هن پرچي ۾ ضرور ڇپبي، پر پرچو آئوٽ ٿيو
ته ڪهاڻي ان ۾ موجود نه هئي. شايد چيف ايڊيٽر کي
نه وڻي هوندي ڇو جو ان جو ڪردار ڪونه هو ان ۾، خير
هن کي هاڻي اهائي ڪهاڻي ڳولي ادبي ڪلاس ۾ اچي
پڙهڻي هئي، سو هو ايڊيٽر جي گڏ ڪيل سموري مواد کي
اٿلائي پٿلائي، وري وري پيو اٿلائي پٿلائي پر
ڪهاڻي هن کي ڪانه ملڻي هئي سو ڪانه ملي.
همراهه پوءِ به همت نه هاري ۽ هليو ويو چيف ايڊيٽر
صاحب جي ڪمري ۾ ۽ چيائينس ته سائين منهنجون ڪجهه
ڪهاڻيون اوهان وٽ ڇپجڻ جي حق کان محروم رهجي ويون
آهن. مهرباني ڪري انهن مان ڪا هڪ ڏيو. ته مان ادبي
گڏجاڻي ۾ کڻي وڃي پڙهان. هن صاحب به پنهنجو سڄو
فائيل کولي رکيو ۽ هيءَ پنهنجيون اڻ ڇپيل ڪهاڻيون
ڳوليندو رهيو. پر هن جي ڀاڳ ۾ اتان به ڪا ڪهاڻي
ڪانه نڪتي. ادبي ڪلاس جا دوست کيس چوڻ لڳا ته يار!
اڄ توکي ته لازمي ڪهاڻي پڙهڻي آهي، ٻه ٽي اسم آهن.
سي به شاعري جا هن چيو ته ادا هلو جيسين توهان جي
سنگت جي گڏجاڻي شروع ٿئي تيسين مان نئين ڪهاڻي لکي
وٺندس، گڏ هلندڙ ٻن نوجوانن ليکڪن کان ٽهڪ نڪري
ويا. ڄڻ ڪهاڻي نه پر هي مائونٽ ايسٽ تي چڙهڻ لاءِ
وڃي رهيو هو.
ڀلا هو ڊاڪٽر ٿي نه سگهيو ته ڇا، ڪهاڻيڪار به نه
ٿي سگهندو ڇا؟
جيڪو رات ڏينهن، اکرن، سوچن ۽ سپنن سان ساروڻيون
ساريندو هجي، سو به نه لکي ته ڀلا ٻيو ڪير لکي؟ ۽
ها هو ڪهاڻيون لکندو آهي ئي، پاڻ سان ٿيل تجربن ۽
مشاهدن تي.
تنهن ڪري اڄوڪي تلخ تجربي تي هن نئين ڪهاڻي لکڻ جو
سوچيو.
هو سڀ جڏهن گڏجاڻي واري هنڌ تي پهتا، تڏهن اتي هن
ميزبان کان ڪجهه پنا گهريا، جواب مليس ته پنا
ڪونهن، پوءِ هن ٽيبل تي رکيل ٻن انچن جي ويڪري ۽
اٺن انچن جي ڊيگهه واري اُن ڪلپ لڳل پنن ڏانهن
نهاري چيو ته ڀلا هن تي لکان؟ ميزبان مشڪيو ۽ بنا
چوڻ جي اک جي اشاري سان چيو، ڀلا لکي ته ڏيکار؟
هنن پنن جي ٽڪرن تي ڪهاڻي؟؟
هن به اتي موجود ٻن ڪهاڻيڪارن جي موجودگي ۾ وقت
نوٽ ڪري ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي. جيڪا اڄ ئي هن کي
پڙهڻي به هئي.
هن جي سامهون ويٺل ڪمپيوٽر واري آپريٽر پنهنجو ڪم
ڪمپوز ڪرڻ لاءِ آنگرين کي ڏاڍو تيز ڪري ڇڏيو. روڊ
تان لنگهندڙ ٽرئفڪ جا هارن هو ٻڌي رهيو هو. هن جا
ٻئي ڪهاڻيڪار دوست ادبي سنگت جي ڪاروائي هلائڻ
لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا.
هيءَ سامهون ديوارن تي لڳل تصويرون ڏسڻ لڳو. ها
تصويرون مصورن جون ٺاهيل، ناياب تصويرون، پيلي گل
تي ڳاڙهن ۽ ڪارن پرن وارو پوپٽ، شاهه لطيف جو روزو
يڪتارو ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي هيءَ سٽ خوبصورت وڏن اکرن ۾
ڪيلي گرافي ٿيل.
”ملهه مهانگو قطرو سڪڻ شهات، اسان عبادت، نظر ناز
پرئين جو.!“
ٻئي پاسي واري تصوير تي پينٽ ڪيل ڊگهي سائي ڇٻِر
منجهه هڪ ٽاريءَ ۾ ڳاڙهو گلاب حسن جمال کي مڪمل
ڪمال عطا ڪري رهيو هو. ۽ هي مجسما ڪنهن جا آهن؟ هڪ
زيوس ديوتا.
ٻيو اپالو ديوتا جو آهي.
مصور جي ٽيبل تي فطرتي رنگ وکريا پيا هئا ۽ هُن
پيٽ گذر لاءِ ٻه ڪمپيوٽر ڪم ڪري رهيا هئا. هو
ايڊورٽائيز منٽ لاءِ پروفيشنل ڊزائينر به هو. ته
هڪ حساس شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به. پنهنجي ڌرتيءَ جي
تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ هي نوجوان ميزبان هن وقت
پاسي واري ڪمري منجهه سلائيڊ ڏسڻ لاءِ مشين کي آن
ڪري پنهنجي آرٽ ڪمنيوڪيشن جي اشتهاري ڪمن لاءِ
جاکوڙ ڪري رهيو هو، ۽ هيءَ ويچارو ڪهاڻيڪار ڪنڌ
هيٺ ڪريو، هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو پنهنجي وڃائجي
ويل ڪهاڻي کانپوءِ ڪا نئين ڪهاڻي لکي رهيو هو،.
ٽيبل تي رکيل گلابي رنگ واري ڳاني ڏانهن هن جي
نگاهه ويئي، ته هن کي ياد آيو سچل سرمست جو ميلو
جنهن لاءِ ميزبان آرٽسٽ ٻڌايو هئس ته اتي ناالحق
جا نعرا ٻڌي، راڳين جا راڳ ٻڌي هن جي تن من ۾ به
عشق جي باهه ڀڙڪي اٿي هئي، ۽ پوءِ هي پنهنجن وڏن
وارن کي ڪنڌ لوڏي اڏارائيندو جهومندو رهيو هو ۽
آڌيءَ رات جو الستي آواز هن جي اندر ۾ اوتبو رهيو.
”ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين، پالڻا“ آهستي آهستي
ٻيا دوست به سنگت جي ادبي ڪلاس لاءِ اچي گڏ ٿيا
هئا. ۽ هن جي دوستن گڏجاڻي جي شروعات ڪئي ۽ هن
پنهنجي اوڏي مهل ئي وڃائجي ويل ڪهاڻيءَ جي بدران
لکيل ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪري ڏني جيڪا هن اڄوڪي پيش
منظر ۽ پس منظر ۾ ويهي لکي هئي.
جدوجهد
بيٺو آهي، اڀي پير بلڪل ائين آٽينشن ٿيو...!
پنهنجي باس جي ڪمري جي در ۾ اکيون وجهيو، ڏسي ٿو
در مٿان، مسلسل ٻري رهي آهي. ڳاڙهي بتي، عام ڏينهن
۾ ته باس جي بريف ڪيس، لنچ باڪس، ڊائري، اخبارون ۽
واٽر ڪولر ٻاهر گاڏيءَ ۾ رکجڻ کانپوءِ ڏهن پنڌرهن
منٽن ۾ نڪري نروار ٿيندو هو بالا آفيسر. پوءِ سندس
در تي بيٺل سپاهيءَ جو کيس پهريون سلوٽ ٿيندو هو،
ٻيو سلوٽ هن کي ڪاريڊار ۾ پهچي ريپيشن وٽ ڪندو هو،
ڊيوٽي آفيسر. ڊرائيور ڊوڙي ڪار جو پويون دروازو
کوليندو هو، صاحب ڪار ۾ ويهندو هو، ته ٽيون زور
دار سلوٽ کيس ڪندو هو ته سندس در ٻاهران بيٺل
حوالدار. گاڏي آهستي آهستي چرندي هئي، ته آفيس جو
ٻيو آفيشل اسٽاف ٿڌو ساهه ڀريندو هو، ٻاهرئين گيٽ
تي بيٺل گارڊ جو حوالدار، سپاهين کي هوشيار ڪندو
هو. آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مالهي، فراش ۽ سوئيپر به هڪ
پاسي ٿي بيهي رهندا هئا، گاڏي مين گيٽ تي پهچندي
هئي ۽ گارڊ جا سپاهي رائيفل سميت چوٿون الوداعي
سلوٽ باس کي ڪندا هئا.
پر اڄ ته هڪ بالا آفيسر چارج وٺي چڪو هو ۽ ٻيو
بالا آفيسر کيس چارج ڏيئي چڪو هو. ٻنهي آفيسرن جا
سرڪاري وردي پوش، ڊرائيور سندن سامان گاڏين ۾ رکي
چڪا هئا.
ڪاريڊار ۾ عام اسٽاف جي اچ وڃ گهٽجي ويئي هئي، ۽
هو ٻاهر اچڻ وڃڻ لاءِ سائيڊ وارا گيٽ استعمال ڪري
رهيا هئا، ڇو ته جيسين صاحب موصوف آفيس مان نڪري،
تيسين سندس سامهون اچي، سندس روزاني واري پروٽوڪول
کي خراب ڪرڻو نه هو. انهيءَ ڪري ڊيوٽي آفيسر اهڙي
موقعي تي ڪنهن برانچ مان نڪرندڙ ڪنهن هيٺين اسٽاف
کي اشارو ڪندو هو يا ته هو خاموشي سان تڪڙو لنگهي
وڃن، يا انتظار ڪن.
اڄ هو به معمول مطابق وردي پهري، پنهنجي اُها
ڊيوٽي آفيسر واري ڊيوٽي انجام ڏيئي رهيو هو.
رسيپشنن تي ويٺل سن فلاور جهڙي دوشيزه سانجهي
سمجهي ڄڻ مرجاهائجي ويئي هئي، ۽ ٿوري دير پهرئين
هو جڏهن ڀر ۾ رکيل ڳاڙهي ٽيليفون سيٽ جي رسيور کي
ڪن تي رکي، فون ٻڌي هن کي چئي رهي هئي ”سر...!
توهان جو فون آهي.“ هن گول کير جهڙي سفيد ڪرائي ۽
مکڻ جهڙي ملائم هٿ کي هن ڏانهن وڌائي مرڪي رسيور
هن کي ڏنو. ۽ هن ٽيليفون جي ٽاڪ کي ڊيگهه ان ڪري
ڏني جو ويجهڙائي کان هو رسيپشن ٽيبل وٽ بيهي هن کي
ڏاڍي دلجوئي سان ڏسي رهيو هو، هو ڪرسيءَ تي ويٺل
هئي ۽ نظرون هن جي انهن نظرن کان هيٺ هئس جيڪي
سندس آلو بخارن جهڙن لسن ۽ صوف جهڙن سهڻن ڳلن تي
کپيل هيون. ٽيليفون تي ڳالهائي هن ان دوشيزه جو
شڪريو ادا ڪيو ۽ هن مشڪي پڇيو“ نئون آيل صاحب سخت
آهي“ ”صاحب ته صاحب آهي ٿي سگهي ٿو ڪا ڳالهه نه
وڻيس.“
۽ هوءَ سن فلاور اوڏي، مهل ئي مرجهائجي ويئي هن
چيس ته ٿورو ٽيبل تي رکيل سامان کي صحيح ڪري ڇڏ،
باقي صفائي وغيره اي ون لڳي پئي آهي. ائين چئي نه
چاهيندي به هي اچي پنهنجي سلوٽ هئڻ واريءَ جاءِ تي
بيٺو ۽ هوءَ پنهنجي ٽيبل کي سيٽ ڪرڻ ۾ لڳي ويئي.
وقت پندرنهن منٽن کان چڙهيو، ته هن به پير اڳتي
پوئتي ڪري ڪجهه پاڻ کي رليڪس ڪيو. نينهن ڀريل نظرن
سان رسيپشن تي ويٺل دوشيزه کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريو.
هن انتظار جي ڪيفيت کي ختم ڪرڻ لاءِ هلڪو مشڪيو ۽
هن ڄڻ ته باغ منجهه پيلن گلاب جي گلن کي ٽڙندي ڏٺو
۽ انهن جي سڄي خوشبوءِ ۽ تازگيءَ اندر ۾ اُتي، وري
پنهنجي بيٺل پوزيشن تي چوڪس ٿي بيهي رهيو.
اکيون کڻي بالا آفيسر جي ڪمري جي در جي هينڊل ۽
مٿي ٻرندڙ ڳاڙهي بتي ڏانهن نهاريندو رهيو ۽ ڪنن کي
صاحب جي ڪمري جي گهنٽي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪيو بيٺو هو.
انهيءَ حالت ۾ گذري ويس، سڄا سارا ڏهه منٽ ٻيا به.
اسٽاف جا ڪي ماڻهو ته دل جهلي پير پير ۾ ڏيئي هن
کان اشارن ۾ اجازت گهرندا لنگهي ويا. باقي جيڪي
ٿورڙا بچيا سي لڪي لڪي ڏسندا رهيا ته صاحب ويو يا
نه” هن کي به اچي اڻ تڻ ورايو. دعا گهرڻ لڳو ته
الله ڪري ٻي شفٽ جو ڊيوٽي آفيسر اڄ کڻي جلدي اچي
وڃي ته هي اهيا سلوٽ واري چارج هن جي حوالي ڪري
تڪڙو تڪڙو گهر پهچي، جتي کيس اک جي آپريشن ٿيل
ماءُ کي اک جي سور جون دوائون ۽ ڊراپس پهچائڻا
هئا. ۽ هن جو پڙهو پيءُ هن جو انتظار ڪندو هوندو
ته هيءَ جلدي پهچي کيس ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاري دوا
وٺي ڏيئي ۽ انجيڪشن هڻائي، هيلوڪي ٿڌ ته جوانن کي
به سٽي وڌو آهي. هن جو پيءُ ته وري به ٻاهتر سالن
جو پيرسن آهي. هيءُ انهيءَ ٻڏتر ۾ بيٺو هو ته کيس
وري رسيپشن تي ويٺل ساڳي خوبرو ڪلارڪ دوشيزه سڏيو،
هينئر هن وٽ رنگ برنگي گل به اچي گڏ ٿيا هئا، انهن
گلن ڦلن ۾ رات جي راڻي به هئي ته گل نرگس به موتئي
جي مهڪار به هئي ته چنبيلي جي سونهن ۽ نازبوءِ جي
خوشبوءِ به. اهي سب آفيس جون سهيلون هن سن فلاور
دوشيزه کي چئي رهيون هيون ته آفيس ٽائيم ته پورو
ٿي ويو آهي. ٻاهر اسٽاف بس ۾ اسان جو انتظار ٿيندو
هوندو تون به هل ته هلون. پر هيءَ جئين ته رسيپشن
تي ويٺل هئي. ۽ بالا آفيسر به اُتان ئي لنگهڻو هو
جنهن اڄ نئين چارج ورتي هئي.
تنهن ڪري هن ڊيوٽي آفيسر کي سڏي پڇيو ته ”مان وڃان
يا ترسان؟“ ايتريون ساريون جل پريون. پنهنجي ويجهو
ڏسي سندس دل چم چيري ٻاهر نڪري ان رسيپشن ٽيبل تي
ڪرڻ واري هئي جنهن جي چوڌاري سڀ شمن گڏيون ۽ پپن
گڏيون بيٺيون هيون. هن جي دل سوچيو هو ته ضرور
انهن حسينائن منجهان ڪانه ڪا، هن جي دل کي قبول
ڪري کڻي وٺندي، پر پوءِ عقل جو هلڪ جهٽڪو لڳس ۽ دل
کي چيائين انهيءَ ڪچي گوشت جي جسم مان ٻاهر نڪتل
ٽڪري کي هنن منجهان ڪوبه قبول نه ڪندو ۽ تو وٽ
ايترو پئسو ۽ وقت ناهي جو دل جو پهريون آپريشن
ڪندڙ ۽ دنيا جي مڃيل سرجن ڊاڪٽر برنارڊ کان وڃي
اها ساڳي دل سيني ۾ يا ٻي ڪا دل اُن جاءِ تي سيني
۾ فٽ ڪرائي سگهين.“ تنهن ڪري هن يڪدم پاڻ سنڀاليو،
۽ پر اعتماد لهجي ۾ اُن دوشيزه کي چيو ته ”توهان
ڀلي وڃو، اصل ڊيوٽي ته منهن جي آهي، سو مان بيٺو
آهيان.“ ۽ پوءِ اهي سڀ ڊيلون خوش ٿي اُتان ويون
هليون. ۽ هيءَ اُتي بيٺو رهيو، هن اتي بيٺي بيٺي
باس جي ڪمري جي در ٻاهران بيٺل سپاهي کان اشاري
سان ٽائيم پڇيو. هن به اشاري سان ٽائيم ٻڌايو. هن
به پنهنجي واچ جا ڪانٽا ڏٺا. جيڪي پڻ ساڳيو ٽائيم
ٻڌائي رهيا هئا. ايتري ۾ بيل وڄي ٿي، سپاهي اندر
وڃي ٿو، هي اٽينشن ٿئي ٿو. پر ساڳيو سپاهي نڪري
وري پي، اي جي ڪمري ۾ وڃي ٿو، پي اي صاحب جي ڪمري
۾ وڃي پنجن منٽن ۾ نوٽ بوڪ تي نوٽيس وٺي، موٽي
پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي ٿو. ايتري ۾ هڪ ننڍو آفيسر
پنهنجي ڪمري مان نڪري ڪاريڊار ۾ اچي ٿو. هن جي
سپاهيءَ جي هٿ ۾ هن ڊائري، بريف ڪيس ۽ ڪنهن مشهور
ڪهاڻيڪار جو ڪتاب هو. صاحب هن جي سامهون لنگهي ٿو،
هي سلوٽ جو ٺڪاءُ ڪري ٿو. ۽ پوءِ سوچي ٿو ڪاش! هن
جي ڪهاڻين جو به ڪو ڪتاب هجي ها، ته هيءَ ان
نوجوان سي، ايس، ايس آفيسر کي ضرور تحفي ۾ ڏيئي
ها. ۽ پوءِ هن جي ڪهاڻين جو ڪتاب به ائين ئي سپاهي
کڻي هلي هان. يا شايد هن جو صاحب هن جو ڪتاب به نه
پڙهي هان، ڇو ته هي سندس ماتحت آهي. ۽ هيءَ صاحب
ايم، بي، بي، ايس ڊاڪٽر ۽ سي ايس، ايس، آفيسر آهي.
۽ هيءُ ڪمپائونڊر ۽ ايڪسري ٽيڪنيشن آهي. سي. ايس،
ايس ۾ هيءَ فيل ٿي پيو ۽ هاڻ هڪ ننڍڙو عملدار آهي،
جيڪو پنهنجن وڏن صاحب آڏو سلوٽ هڻي، يس سر! چئي
صاحبن جي چيل ڪم کي سرانجام ڏيندو آهي. اڃان هفتو
پهرئين جي ڳالهه آهي. انهيءَ ساڳي آفيسر کيس
پنهنجي آفيس ۾ گهرائي کائنس سندن ڊپارٽمينٽ پاران
ڇپرايل خوبصورت ڊائري جي فرمائش ڪندي چو هو ته،
”هن کي سڃاڻو نه...؟“
”ها سر...!“
”پنهنجو پراڻو چيف اڪائونٽنٽ آهي،
هن کي ڊائري تحفي ۾ ڏيڻي آهي.
”ها سر، هينئر ئي کڻي ٿو اچان.“ |