اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هو دعوت واري شامياني ۾ ميزبانن
جي وچ ۾ هو. ماني شروع ٿي، هي سروس ڪرڻ وارن سان
بيهي رهيو. اڳواٽ ميزبان کي اها ڳالهه واضح ڪيل
هئس ته جيڪڏهن هنن ٻن مهمانن کي گهرايئي ته ڪونه
ايندس. پر جي آيس ته پوءِ انهن کي ڏسي موٽي هليو
ويندس. ماني ۽ مٺائي گڏ رکيل هئي. مووي ڀرجي رهي
هئي. پر هن کان ڪجهه پري هئي. هي ڪنڊ وٺيو بيٺو
هو. ڏٺائين اهي ئي ٻه مهمان، جيڪي هاڻي هن واري
پاسي ڏانهن اچي بيهي رهيا ۽ طعام ۽ ڪلام ٻنهي مان
لطف اندوز ٿيندا رهيا. هيءُ ٻاهر نڪرڻ جا وجهه
ڳولڻ لڳو ۽ مؤوي واري کان بچڻ لڳو. شفٽ ختم ٿي، ٻي
شفت جي تياري ٿي رهي هئي. سروس ڪندڙ ميزبانن مان
ٻن ڄڻن مٺائي جا وڏا ٽڪرا کڻي، اڌ اڌ هن کي ڏيڻ
لڳا، هن نارملي چيو، نه توهان کائو ۽ هو پوءِ ڪم ۾
مصروف ٿي ويا ۽ هي اٽڪل سان شامياني منجهان، بنا
مٺائي، ماني کائڻ جي ۽ بنا موڪلائڻ جي هليو آيو هو
۽ شهر جي هڪ مصروف علائقي ۾ ڪتابن جي دڪان تي اچي
ويٺو هو. جتي هن کي هڪ صحافي ۽ اديب دوست گڏيو.
جنهن سان گڏ هو هڪ آفيس ۾ دوست سان ملڻ ويو.
رسيپشن تي ويٺل ڇوڪري هن جي سلام ڪرڻ تي، اٿي بيهي
رهي ۽ کيس ائين ڏسندي رهي، ڄڻ کيس سڃاڻندي هجي،
ڇوڪريءَ کيس صاحب جي ڪمري ۾ ويهڻ جي به آفر ڪئي،
پر هن چيو ته مهرباني...!
صاحب کي ٻڌائجو ته توهان جو ادبي دوست ساگر آيو
هو. نالي تي هوءَ وري هلڪو ڇرڪي، هن کي ڏسڻ لڳي ۽
هيءُ اتان هليو آيو. دعوت ۾ ماني ڪونه کاڌي
هئائين، دوست جي دڪان تي به ماني گهرائي هئائون.
اتي به ڪونه کاڌائين. بک به ڪونه هئس. اڃ به ڪونه
هئس.
پر برهه جي بک ۽ عشق جي اڃ هن کي هميشه ستائيندي
رهندي آهي. ۽ هي اڃايل هرڻ جيان هلي پوندو آهي.
پنهنجي اڃ اجهائڻ هينئر هن جي کيسي ۾ ڪجهه ڳاڙها
نوٽ هئا. هن کي ياد آيو. هن کي فوٽا کڻڻا آهن.
فوٽو وٺي سڌو گهر پهتو. ماني ٿوري کائي فوٽا ڏسڻ
ويٺو. سڄو البم هن جي تصويرن سان ڀريو پيو هو.،
هوءَ پڪنڪ تان موٽي رول هن کي ڏيئي، هڪ هفتي لاءِ
ڳوٺ ويئي هلي هئي ۽ هي سوچي رهيو هو. جيسين هوءَ
ڳوٺان موٽي. تيسين ٻيون ڪاپيون صاف ڪرائي ٿو وٺان.
هي سڄو البم مان پاڻ وٽ ٿو رکان. هو وري، البم
کولي فوٽا ڏسڻ شروع ڪري ٿو. هوءَ ڪينجهر ڪناري
پنهنجين سهيلين جي سٿ ۾ ڪيڏي نه پياري لڳي رهي
آهي. هوءَ آسمان جو چنڊ ته ستارا هن جون سهيليون
آهن. ها هو هن جي تصويرن کي ڏسندو تصور ۽ تصور ۾
هن سان گڏ ڪينجهر گهمندو رهيو. وچ ڪينجهر ۾ نوريءَ
جي مزار تي، هٿ کڻي شاديءَ لاءِ دعا گهرندو رهيو.
پر هن کي ڪهڙي خبر ته هن جي هڪ دعا سان گڏ ڪيتريون
بددعائون به آسمان ڏانهن وينديون آهن. جن ۾ هن جون
نيڪون نه پر بديون شامل هونديون آهن. هن جون
ڪوتاهيون سستيون اڻ سبتيون بي ترتيب، ڏوهن سان
ڀريل، گناهن سان ٿڦيل بڇڙاين جون ڪيتريون ئي
شڪايتون، حڪايتون ۽ هن جون پنهنجون ئي ڪيل حماقتون
به ته آسمان ڏانهن انصاف لاءِ وينديون آهن،. جن جي
خبر اسان جي اندر جي اخبار ۾ ڪڏهن به ليڊ جي صورت
۾ نه لڳندي آهي. ان تي اسان جي اندر جو ڪوبه
ايڊيٽر ايديٽوريل نه لکندو آهي. نه ان جي وچين پيج
۾ ڪي ڪارائتا مضمون هوندا آهن. نه ئي ڪرائيم
رپورٽر، اسٽاف رپورٽر، نيوز کي ڪا اهميت واري جڳهه
ڏياريندو آهي. فقط ڪڏهن ڪڏهن اندر جي اخبار جي
ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪا چڀندڙ تحرير هوندي آهي. جنهن تي
لکيل هوندو آهي. خطن جو ڀاڱو ايڊيٽر جو توهان سان
متفق راءِ هجڻ لازمي نه آهي. ۽ پوءِ رديءَ جي
ٽوڪريءَ جيان ڪٿي مٿي آسمان ۾ به ڪائي اهڙي ٽوڪري
ضرور آهي. جتي سندس نيڪي جي ڀاڱي ۾ آيل چڱائي جون
عملي سماجي، سياسي ۽ ادبي دعائون دربدر ٿي ويون
آهن. حقوق الله هن کان پڄي. گهٽ ٿو، حقوق العباد
هن کي ڪرڻ ڪونه ٿا ڏين. هن جون اجتماعيت انسانيت
ڏانهن وڌندڙ دعائون به نٿيون پوريون ٿين ۽ انفرادي
طور تي هن جون تعليم، ترقي، نوڪري، ٻاهرئين ملڪ ۾
نوڪري يا سفر ۽ شاديءَ لاءِ ڪيل سڀ دعائون بدروح
ٿي. هن جي خوابن ۾ اچن ٿيون ۽ هن هاڻي ننڊ جون
گوريون کائي سمهڻ بدران سجاڳي جون گوريون کائي رات
جو به جاڳڻ، جهاڳڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آکيري مان اڏام
سنڀالي کڻجان... .!
ها مون کي خبر آهي، هن ۾ توکي ڏاج ۾ ڏنل قيمتي
ڪراڪري آهي.
”الا الماري کي الاءِ ڪيئن رکيو اٿن.“
”شيشو نه ڀڄي پوي.“
صابره، سنهو سنهو سامان، پلاسٽڪ جي وڏي ٿيليءَ ۾
وجهندي چيو ”سڀ ٺيڪ آهي، هاڻي تون هن پاسي ٿي“ ته
فرج به کڻايان.“
”ڏس محمود! خيال سان بابا سائين جي ڏنل نشاني
آهي.“
تون به ته سڄي ساري مون کي بخشيل چاچي سائين جي
ٿڌي فرج جهڙي نشاني آهين نه.؟“
جنهن جي آئس باڪس ۾ تون منهنجي گرم مزاجي جون سڀ
ڳالهيون ٿڌيون ڪري ڇڏيندي آهين.
تون ڪيتري نه صابرين آهين صابره...!
توئي مون ۾ روزانه فروٽ کائڻ جي عادت وڌي، نه ته
مون سدائين گرم مصالن واريون شيون ۽ گرم تاثير
رکندڙ شيون کائي پاڻ کي هروڀرو گرم مزاج بنائي
ڇڏيو هو.
”صاحب ڇڏايئي وٺو، رهيل سامان رکرايو.“
ٻاهران مزدورن جون آواز اچي ٿو.
”تون اندر ٿي“ صابره کي پاسيرو ڪري، هي مزدورن کي
اندر وٺي اچي فرج کڻرائي ٿو.
وڏو سامان سڀ کليل وڏي وئگن م رکجي ويو، هاڻي
محمود پاڻ به ننڍيون ڪپڙي جون هڙون ۽ پلاسٽڪ جون
ٿيليون سامان سان ڀريل رکرائڻ لڳو.
”قرآن شريف تي نظر پيس“
”هن کي ڪٿي رکرايائون“
”ڪلام پاڪ مان جهوليءَ ۾ کڻندس.“
نظِر اچيس ته ٻين تسبيحن سان گڏ، اُها تسبيح جيڪا
هن شادي کان اڳ هن کي تحَفي ۾ ڏني هئي. ”هي تسبيح
اڃان تو وٽ آهي.“
”ها شروع ۾ تون آيت الڪرسي سان گڏ ڪانه ڪا
خوبصورت تسبيح تحفي ۾ ڏيندو هئين. مون سمجهيو هو
تون پڪو نمازي هوندئين، پر جمعي کان سواءِ ته نماز
ڪونه ٿو پڙهين، صابره هو ٻڌو نه اٿئي.
”سڀ ڪجهه خداسي، مانگ ليا، تجهه کو مانگ مانگ ڪر،
اٺتي نهين هين ها تهه ميري اس دعا ڪي بعد،“
هاڻي تون دعاڪر ته نمازون پڙهان،
سائين پويون ڊالو بند ڪيون يا اڃان ڪو سامان آهي.؟
وري ٻاهران وئگن واري جو آواز آيو.
صابره جلدي ڪر، نئين گهر تي تنهنجو ڀاءُ به انتظار
ڪندو هوندو، صابره تڪڙو تڪڙو وري ڪمرن کي جانچي
ٿي، ته ڪا خاص شئيءِ رهجي ته ڪانه ويئي، ۽ محمود
ڏاڍي حسرت ڀري نگاهه سان پنهنجي ان گهر کي ڏسي ٿو.
جتي هو ڳوٺان مئٽرڪ پاس ڪري اچي رهيو هو. پوءِ
وقفي وقفي سان سندس گهر وارا به اچي ان گهر ۾
رهندا هئا. سندس ڀائر ۽ پيءُ ته اڪثر ايندا رهندا
هئا، هن ئي گهر ۾ رهي هن وڌيڪ تعليم ورتي ۽
نوڪري حاصل ڪئي، ۽ هن ئي گهر ۾ رهي محمود پنهنجو
پرهيون ڀرپور پيار حاصل ڪيو هو پر هينئر محمود
صابره جي سک لاءِ پنهنجن ساهرن جي ويجهو سرڪاري
آلاٽ ڪرايو هو، جيڪو کيس وڏين مشڪلاتن کان پوءِ
مليو هو، ۽ سندس هيءُ گهر هاڻ هڪ ته تمام گهڻي
مرمت گهري رهيو هو، سندس ديوارون ڀڄي ۽ ڀري رهيون
هيون، ته پڌر ۾ بورچيخانو، غسل خانو، ۽ باٿ روم ته
صفا نئين سر ٺهرائڻ جهڙا ٿي پيا هئا.
”هل ڀلا ڪهڙين سوچن ۾ آهين،“
صابره قرآن شريف ڀاڪر ۾ ڪري، هن کي هلڻ لاءِ چيو،
محمود ٻڏل دل سان گهران نڪرڻ کان پهرئين انهن ڀڳل
۽ ڀريل ڀتين کي ڀاڪر پائي چميون ڏيندي چيو،
”او مون کي ڇپر ۽ ڇانو ڏيندڙ الفت جا آشيانه، تون
منهنجي پهرئين ڀرپور محبت جي يادگار آهين، توکي
هرگز هرگز نه ڇڏيان هان...!!
جي نفرتن تي ناز ڪندڙ ڪي دهشتگرد ٽولا، گولين جي
گونجار، بمن جا ڌماڪا ۽ بي گناهه ماڻهن جا قاتل،
هن شهر جي ناراض نسل جو رواج نه بنجي وڃي ها، پر
تون گهبراءِ نه اي امن ۽ آشتي جا آکيرا، مان توکي
نه وڪرو ڪندس ۽ نه ئي مسواڙ تي ڏيندس، مان تو وٽ
ايندو رهندس.
تون رڳو منهنجي پهرئين محبت جون يادگارون قائم
رکجان ۽، ڪڏهن نه ڪڏهن ڪڪر قرب جا ڪروڙين قطرا
اڇلائي نفرت جي هن باهه کي ٿڌو ڪندا، ۽ آءٌ صابره
جي ڏنل نشانين کي تنهنجي پڌر ۾ راند کيڏائي پيار
ڪندس.
مسافري جي موٽ!!!
ولايت مان موٽي هو پنهنجي شهر ۾ ڏسي ٿو، هر گهر جي
باهر ڪچرو، بدبوءِ، گندگي، دونهون، دونهون سڄو شهر
ڦٽل رستن، کليل، منشيات جي اڏن، اخلاق کان ڪريل
فلمن ڏانهن نوجوان نسل جو لاڙو بيروزگاري،
ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ ڪاپي ڪلچر جو عروج، بمن جا ڌماڪا،
ايجسين جي وٺ وٺان، عام شهري نفسا نفسي ۾ اُلجهيل،
عام ٻهراڙيءَ واري جون متيون ئي منجهيل هو سوچي
ٿو، گذريل ڪجهه سالن ۾ صوبائي توڙي مرڪزي حڪومتون
ڊاٺيون ويون ۽ وري ٻيون ٺاهيون ويون، سندس صوبو
جيڪو ولين ڏاهن، عالمن اڪابرن جي ولادت گاهه ۽
آخري آرام گاهه آهي، تنهن ۾ نفرتن جا انيڪ ٻج
پوکيا ويا آهن، نه ڄاڻ ڪيترا ڪونڌر ڪسجي، ريٽي رت
سان لال لهوءَ جي ندي وهائي ڀؤن کي ڳاڙهي رت جي
گلابي عرق سان وهنجاري چڪا آهن، ها هن کي ياد آيو
گهڻا سال اڳي جڏهن هوائن جي هن شهر ۾ اڃا ڪو راڪاس
رانڀاٽ ڪندو نه گهڙيو هو، اڃان ڪا ڏائڻ هن شهر جي
دلفريب شامن کي خزائن ۾ تبديل ڪرڻ نه آئي هئي،
تڏهن هن شهر ۾ ايندڙ ويندڙ ڳاڙها ڳڀرو نوجوان
درياهه جي هن پار کان جبل جون تيز لڪون
۽ تکيون ڪوسيون، ۽ ٿڌيون هوائون کائيندا، هن شهر ۾
اجرڪ اوڍي سنڌي ٽوپي پائي، شلوارون ۽ قميصون اوڍي
وڏيون وڏيون ٻرانگون ڀريندا، منهن ۾ مڙسن واري
مڻيا کڻي شينهن ٿيو پيا هلندا گهمندا هئا.
پوءِ هن نينهن جي نگري کي ڪا نڀاڳي نگاهه لڳي، ڪتن
خوفناڪ آوازن ۾ اوناڙي ايندڙ، خطرن کان آگاهه ڪيو،
ٻاهتر ۾ ٻوليءَ وارا هنگاما ٿيا، جن ميزبان بنجي
مهمانن لاءِ دلين جا، ملڪيتن جا، ۽ ڌرتيءَ جا
انمول دستر خوان وڇايا هئا.
انهن ڏٺو ته مهمان پيٽ ڀرڻ کان پوءِ ڦرو لٽيرا،
قاتل ۽ قابض بنجي ويا آهن، سنڌيت جي ساڃاهه
ڏيندڙسن جي سائين ۽ سندس ساٿين مٿان بم اڇلائڻ لڳا
آهن.
هزارين شاگردن جي سدا ملوڪ سٻاجهي ۽ وطن پرست
استاد کي درس گاهه جهڙي مقدس جاءِ ۾ خنجر جا وار
ڪري شهيد ڪري هو، پنهنجي وحشي ۽ قاتل هجڻ جو ثبوت
ڏيئي ويا آهن، ٻئي پاسي لڏي آيل هڪ ڌاريئي ڌنار جي
پويان، هڪ سنڌ دشمن جي پٺيان.
نوس نوس ڪندڙ ڇتن ڪتن ڌرتيءَ جي ڌڻين کي چڪ پائڻ
شروع ڪيا آهن، نفرتن جي هڪ نئين نئي وهي نڪتي، ۽
رت جو رستو ٺاهيندي پنهنجي جڳهه ٺاهي ويئي، هاڻ هن
ٽڪريءَ تي ٺهيل شهر جو جبل جڏهن به تپندو آهي رستن
جو ڪارو ڏامر جڏهن به نٽهڻ اس ۾ ڪڙهندو آهي. تڏهن
ڪي مسجدن ۾ بي وقتيون ٻانگون ڏيندا، اعلان ڪندا،
جنگ ۽ جبر لاءِ هٿن ۾ ڪلاشنڪوفون کڻي ٻوٿاڙا ٻڌي،
هو پنهنجي ئي ميزبانن کي مزو چکائڻ لاءِ رت جي
هوکي کيڏندا آهن ۽ پوءِ سرڪار نامدار سندن قهري
ڪرتوتن تي ڪرفيو جون ڪاريون چادرون وجهي ڇڏيندي
آهي. اڳي جنگين ۾ وڌيڪ خونريزي ڪندڙن انسانن کي
تلوارن ۽ نيزن سان وڍيندڙن، سپه سالارن ويڙهاڪ
درنده صفت سپاهين ۽ انسانيت جي خاتمي جو حڪم ڏيندڙ
شهنشاهن کي شهنشاهه اعظم، سپه سالار اعظم، عالمگير
اعظم، فاتح اعظم شير دل ۽ جرئتمند جا خطاب ملندا
هئا، هينئر دنيا ۾ قاتلن کي جديد انداز ۾ ڌماڪا
ڪرائڻ لاءِ دهشتگردن جي تربيت ڏيئي ملڪن، مذهبن،
نظرين ۽ انسانيت جي خلاف پاليو پيو وڃي ته ٻئي
پاسي انسانيت جي تاريخ کي پڙهندڙ لکين ماڻهو ڄاڻي
واڻي هڪ ڌر بنجي بنا سوچ ۽ سمجهه جي انهن انتها
پسند دهشتگردن جا پوئلڳ آهن، اڳي هڪڙو شهنشاهه يا
هڪڙو سپه سالار، تاج، تخت مال ملڪيت، زن زر ۽ زمين
جي لوڀ ۽ لالچ ۾ مذهبن، قومن، نسلن ۽ علائقن جي
بقا ۽ انصاف جا حوالا ڏيئي، انسانيت ختم ڪرڻ لاءِ
ناانصافي جا مينار کڙا ڪندو هو، پر مان هينئر
سوچيان پيو، جنهن ڌرتي تي آيل مهمان عالم، فاضل،
بزرگ، قابل احترام ۽ تعليم يافته هودي به انهيءَ
پنڌ جا پانڌي هجن، ان مهمان قوم جي اڻ پڙهيل اڻ
سڌريل نوجوان ۽ ناراض نسل جي هٿان نه ڄاڻ اڃان
ڪيترائي معصوم چهرا مرجهائبا، ۽ اڃان ڪيترا انساني
منڍين جا مينار کڙا ٿيندا ۽ ميزبان اڃان به انهيءَ
انتظار ۾ هوندا ته، ادا الله ساڃاهه ڏيندن...!!
موڪلون پوريون ڪري ولايت وڃڻ وقت ايئرپورٽ تي هڪ
ڀيرو وري هو سوچن جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويو، هن جا چپ
غير ارادي طور ڀڻڪڻ لڳا، ”ڇا منهنجي ڌرتي، منهنجا
شهر، منهنجا ڳوٺ منهنجن پنهنجن جي گهڻائي هوندي به
منهجا آهن؟؟؟
ڇا اهي محفوظ آهن؟؟؟ اوچتو ڌاڙيلن، دهشتگردن،
جاگيردارن، وڏيرن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ هٿان هزارين
بينگناهه مارجي ويل بيچين روح رڙيون ڪندا چون ٿا
نه!!! نه!!! هرگز نه...!!!
آءٌ لکين سنڌين جي پرديس ۾ نمائندگي ڪندڙ تنظيمن
ڏانهن نهاريان ٿو، آءٌ ڌرتي ماتا کان لڏي ويل هندن
جي هنج ۾ پلجندڙ تنظيمن ڏانهن نهاريان ٿو. ڇا انهن
پنهنجو آواز عالمي آواز جي برابر ڪيو آهي، ڇا انهن
پنهنجي ڌرتي جي شناخت ڪرائي آهي. ته هو پنج هزار
سال پراڻي تهذيب يافته ماٿري موهن جي دڙي جا
ماڻهو آهن. ڇا هو اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌائي
سگهيا آهن ته هو سنڌ سونهاري جي اڳئين اوسٿا جا
اهڃاڻ آهن. ڇا...! ڇا...!! ڇا...!!؟؟؟؟ هن جا خيال
ٽٽن ٿا جڏهن هو لائونج ۾ گونجندڙ آوازFlight
P.K.787 is Ready for departure..
جي اڏام جي انائونسمينٽ ٻڌي ٿو ۽ ڌرتي ڏي ڏسي ٿو.
جيڪا هن جي پيرن هيٺان کسڪندي وڃي ٿي، هو پنهنجو
پاڻ کي جلاوطن ٿيندو محسوس ڪري ٿو. جنهن جي
ڏورانهين ڏيهه ۾ ڪا به منزل نه آهي. هن جو روح
تڙپي اٿي ٿو، ۽ هن جي ڪنن ۾ آواز گونجي ٿو. ”جنهن
نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ڪڏهن.،“ جهاز ٽيڪ آف
ڪري ٿو ۽ هو ڌرتيءَ کان مٿي ۽ پري ٿيندو پولارن
پهه پهچائيندو سوچي ٿو. آءٌ هڪ نئين عزم، حوصلي ۽
همت سان رٿابندي ڪندس، آءٌ اقوام متحده جي ملڪن جا
سڀئي رنگن ۽ نشانن وارا جهنڊا لهرائي اڇا سفيد کير
جهڙا ڪندس ۽ انهن ۾ امن آشتي جي تهذيب ۽ تمدن جي
هڪ وڌيڪ سفيد جهنڊي جو اضافو ڪري، سڀني جهنڊن جي
هيٺان لکندس، انسانيت عظيم آهي، جنگ مسئلن جو حل
نه آهي، اهو سوچيندي هن جي چپڙن تي ڪاميابي ۽
ڪامرانيءَ جي هلڪي مرڪ تري اچي ٿي ۽ هو خيالن ئي
خيالن ۾ موهن جي دڙي جي عروج واري زماني ۾ گم ٿي
وڃي ٿو.
مهان ڪهاڻيڪار
مهينو ٿي ويو آهي. هي سنڌ جي مهان ڪهاڻيڪار وٽ نه
ويو آهي. اهيا سوچ هڪ هفتي کان کيس ستائيندي پئي
آئي، کيس خبر آهي ته هيءُ مهان ڪهاڻيڪار جيڪو
ڊاڪٽر به آهي پر هن وقت پيريءَ، شگر ۽ فالج جي
حملي کانپوءِ ۽ لڏ پلاڻ کانپوءِ هن ڊاڪٽري پريڪٽس
ڇڏي ڏني آهي. هن جو قيمتي اثاثو ناياب ڪتاب ۽
سامان دهشتگرد لٽي چڪا آهن. ۽ ها پوءِ به جهرندڙ
ڀرندڙ هن مسيحا ڪهاڻيڪار وٽ هڪ وڏو عزم ۽ ولولو
آهي، جيڪو کيس جيئرو رکيو اچي. هو طبي طور تي
ڪمزور ٿيندڙ اعصابن کي پنهنجن مظبوط نظرين جي مڪمل
شڪتي ڏيئي، ڏاڍ، ڏمر خلاف لکي رهيو آهي. ۽ بي باڪ
ٿي چئي رهيو آهي، سوچ ۽ ساڃاهه ڏيئي رهيو آهي.
اهيو سوچي، هو مهان ڪهاڻيڪار سان ملاقات ڪرڻ لاءِ
پنهنجي شاعر دوست کي فون تي چئي ٿو. ”اڄوڪي شام
مهان ڪهاڻيڪار جي نانءُ ڪنداسين، تون جلدي اچ.“
شاعر به ڪو آتو ٿيو ويٺو هو. سو يڪدم هليو آيو.
هنن ٻنهي کي هڪ ڳالهه جو ڏاڍو ڏک به هو. مهينو
پهرئين جڏهن هو ٻئي هن مهان ڪهاڻيڪار کان، هڪ
رسالي لاءِ ڀرپور انٽرويو ڪري آيا هئا. ۽ ڏاڍو خوش
ٿي ادبي رسالي جي چيف ايڊيٽر کي اطلاع ڪيو هئائون.
پر پوءِ ٻئي ڏاڍو شرمسار ٿيا هئا. جو ٽيپ رڪارڊر ۾
ڪنهن خرابيءَ سبب اهو انٽرويو ئي رڪارڊ نه ٿي
سگهيو هو. ”هروڀرو وڏي ڀاءُ جو ٽيپ رڪارڊ کنيم.
مون کي ان جي ان نقص جي خبر ئي ڪانه هئي.، شاعر
افسوس ڪندي چيو هن به چيو ته مان لکڻ جو ڏاڍو تڪڙو
آهيان.اهيا خبر پهرئين يا اتي ئي پئي هان ته مان
انٽرويو لکي وٺان هان.
ايتري ۾ مسيحا ڪهاڻيڪار جو گهر اچي ويو. ۽ گهڙي کن
کانپوءِ اڇي وڳي ۾ اڇن وارن سان برف جهڙو ملائم پر
هماليه جيڏو بلند خيال ۽ ارادن ۾ اٽل انسان آڌر
ڀاءُ ڪندي مرڪي مرڪي هنن کي چئي رهيو، ”جيئي سنڌ“
بيماريءَ جي بستري تان اٿي بيهي اڏول ٿي ”جيئي
سنڌ“ چوڻ تي هن کي ياد آيو. ”اولڊ مين اينڊ سي“ جو
تاريخي ڊائلاگ.
“Man
is not born for defeat. A man can be destroyed.
But never defeated.
”
ها هي به اهڙو ئي بهادر ويڙهاڪ آهي جيڪو سماج، قوم
۽ ڌرتيءَ جي سمنڊ ۾ رهندڙ وڏين وڏين خونخوار مڇين
سان وڙهي رهيو آهي.
مهان ڪهاڻيڪار هنن کي ڏسي ڏاڍو سرهو ٿئي ٿو ۽ هن
کي چئي ٿو، ”اڳي ته جلد جلد ايندو هئن، خبرون
چارون ڪندو هئين، هن دفعي توکي ڏاڍو ياد ڪيم.
ايڏيون ديريون نه ڪندو ڪر، تڪڙو تڪڙو ايندو ڪر،
تنهنجو تازيون تازيون خبرون ٻڌي مان به تازه دم ٿي
ويندو آهيان.“ ۽ پوءِ هيءُ ادبي علمي، سياسي ۽
سماجي ڪار گذارين جي مختصر ڄاڻ ڏيئي ٿو. مهان
ڪهاڻيڪار اها ٻڌي چئي ٿو.
”ٻيا به ايندا آهن.، رڳو پنهنجو خبرون ڪندا آهن يا
منهنجون خبرون پڇندا آهن. تون واحد اديب آهين،
جيڪو ناني نوري وانگر سڀني سان پورو آهين، سڀني
جون خبرون ٻڌائي، تون منهنجو رت وڌائي ويندو آهين.
”نوجوان شاعر تو عينڪ پاتي آهي. پهرئين نظر ۾ ته
مون توکي ڪونه سڃاتو، تون به ته مون وٽ گهڻو ايندو
رهندو آهين.“
”ها سائين! بس...... تعليمي مصروفيت ۽ ادبي
مصروفيت جي ڪري وقت نه مليو، اوهان سان ملڻ جي سڪ
ڏاڍي هئي. اڄ اُها پوري ٿي، توهان کي خوش ڏسي اسان
کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. ”شاعر وراڻيو، ايتري ۾ نوڪر
ڪمري ۾ اچي ٻڌائي ٿو ته ”ڪامريڊ ڇوڪري ۽ سندس
ڪامريڊ والده آئي آهي.“
ارڏو ڪهاڻيڪار چئي ٿو ڀلي اندر اچن، ۽ انهن جي
ڪمري ۾ اچڻ تي اٿي بيهي ٿو، ۽ ٻئي سياسي ماءُ ۽
ڌيءَ کيس ”جيئي سنڌ“ چون ٿيون. مسيحا ڪهاڻيڪار
تعارف ڪرائي ٿو جيڪو اڳي ئي غالبانه طور ٿيل هو.
خوش خير عافيت کانپوءِ موضوع کلي پوي ٿو، سياست،
سماج سڌارڪ تنظيمون ادب، شعور، ڌرتي، ڌاريا ۽
فرزند زمين، ڳالهين دوران هيءُ ۽ ڪامريڊ ڇوڪري
بلڪل واضح نموني مثبت پهلو سامهون آڻين ٿا، سياست
جي شعور جا، سماج سڌارڪ عملن جا، ادب جي اهميت جا،
ڌرتي ۽ قوم جي حَلَ لاءِ سياست کي محور ۽ مرڪز
بنائڻ جا. ادب جي انهيءَ نشاندهي جا جيڪا هو ڪندو
آهي. ادب قومن جا مرض اوڻايون ڪچايون ظاهر ڪندو
آهي. ۽ سياست ان مرض جو علاج ڪندي آهي. اديب حساس
هوندو آهي ۽ معاشري تي هن جي نظر انتهائي گهري
هوندي آهي. هنن جي ڳالهين ۾ سياست جي پسند ۽
ناپسند جا ڪجهه پهلو به سامهون اچن ٿا. ته ڪجهه
غور وري انهن اين جي اوز به ڪيو وڃي ٿو. ڪامريڊ
ڇوڪري چئي ٿي. ”اين جي اوز وارا اسان کي سماجي
سهولتون ڏيئي، مالي مشڪلاتون دؤر ڪري، اسان جي
فڪر، فهم محنت ۽ سوچ کي پاڻ ڏانهن ڊئيورس ڪري اسان
کان اسان جي سياست جا سنهرا سپنا کسي رهيا آهن.“
هي سوال ڪري ٿو اسان جي سياست ڪڏهن ڪئين ۽ ڪيتري
ڪاميابي ڏيندي؟ جڏهن ته اسان کان پوءِ سياست ڪندڙ
طبقن پنهنجن ملڪن ۽ علائقن ۾ ڪاميابيون ماڻيون
آهن. جڏهن ته اين جي اوز وارا سياست کان هٽي ڪري
تڪڙا تڪڙا اپاءُ وٺي، ڪجهه نه ڪجهه ڪري رهيا آهن،
۽ دنيا سڄي هينئر، اين جي اوز ڏانهن لاڙو رکيو
آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ اين جي اوز لاءِ ڪم ڪندڙ
تنظيمن اندر ڪم ڪندڙ ڪجهه فردن ان جي اصل مقصد کي
ڇيهو رسايو آهي. تنهن ڪري هن ملڪ ۾ سندن مستقبل پڻ
هڪ سوال ٿي بيٺو آهي، ڪامريڊ ڇوڪري به پنهنجي مؤفق
تي اٽل بيهندي چئي ٿي، مون سياسي هلچل جي حوالي
سان سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري عوام جي ڪمزوري اهيا ڏٺي
آهي. جڏهن غيرن (اين جي اوز) پاران انهن کي ڏکئي
وقت ۾ بنا ڪنهن هلچل هلائڻ جي هٿ پير هڻڻ جي آزادي
سان بهادريءَ سان حق گهرڻ جي، ڪا امداد ملي ٿي، ته
هو ان خيرات تي چپ ٿي ٿا وڃن، ٻڙڪ به ٻاهر ڪونه ٿا
ڪڍن، هو حڪومتي ادارن جي غفلت لاپرواهي، ۽ نا
انصافي آڏو آواز نٿا بلند ڪن. اهڙي ريت انهن جي
اعليٰ انساني، سياسي سوچ کي مفلوج ڪري کين محتاج
بنائي ماٺ ڪري ويهڻ تي مجبور ڪري، ڄڻ سلو پوازن
وسيلي کين ختم ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته سياست هڪ فطري،
نظرياتي تبديلي جو عمل آهي. جنهن ۾ انساني مثبت
سوچ جو سفر صدين تي به محيط هوندو آهي.، جنهن ۾
انسان هڪ وڏي سياسي جدوجهد ڪري، پنهنجين نظرين کي
عملي جام پهرائيندو آهي. |