عبدالقادر جوڻيجي ڪتاب شڪليون ۾ مدد علي سنڌيءِ کي
هيلپ علي سنڌي لکيو آهي. ۽ سليم چنا، جيڪو مدد علي
سنڌيءَ سان سندس ڏکين ڏينهن ۾ گڏ رهيو آهي، لڳي ٿو
مٿس مدد عليءَ جي نالي جو اثر ٿي ويو آهي. ۽
اتفاقاً سندس طبعيت ۾ ٻه شيون: سمليميٽ ۽ مدديت
گڏجي ويئي آهي!
ڪافي
Coffee
ڪلر جو هيءُ ڪلين شيو حيدرآبادي جوان، جنهن جي
زندگيءَ جي پس منظر ۾ ڪجهه مايوسين جا پيلا پوپٽ
اڏرن ۽ اميدن جا ڪجهه کڙ کٻيتا ٽمڪن ٿا، تنهن جي
اندر جي اونداهين ۾ انسان ذات جي چڱائي، خوبصورتي،
دوستي، دلبري، پيار ۽ محبت جا رنگ ڀريل آهن. سليم
سڀ ڪجهه آهي، مون کي لڳندو آهي ته سليم شايد اهو
ماڻهو آهي، جنهن جي خلوص کان اڃان تائين ڪنهن به
نه ڄاتو آهي، اسين اڄ کان ويهارو سال پهريائين
تڏهن ملياسين جڏهن هن کي اداڪاريءَ ۽ صداڪاريءَ جو
به گهڻو شوق هو ته سياسي بحٽ، علمي، ادبي بحث ڪرڻ
جو به شوق هو ۽ ليکڪ ته هي اڳي ئي هو. مون کي
لڳندو آهي ته سليم گهر کان ڀڳل اهو ڇوڪرو آهي جنهن
کي گهر ايندي ايندي تمام گهڻي دير ڪئي هجي ۽ جڏهن
هو گهر آيو ته هن جي هٿن ۾ ازلي ابدي جيون ماڻڻ
لاءِ خوبصورت ڪنول گل نه پر سنڌ جي وارياسي ۾ بيٺل
اڪن جون ڦلڙيون هيون!
اهي ئي
Violate cum White
رنگ جون اڪ ڦليون ٻڪن ۾ کڻي هو هر ڪنهن کي پيو
آڇي، هن جون ڪهاڻيون حالانڪ انهن ڦلين جيان
ڪئوڙيون ۽ ڪساريون آهن پر انهن ۾ وڏيون ڳالهيون
لڪل آهن. بيشڪ هن جي ڪهاڻين کي جيڪڏهن ڪو نقاد
سنڌيءَ جون ماسٽر پيسز کڻي قرار نه ڏئي پر انهن ۾
انسان دوستيءَ جي خوشبو، انسانيت ۽ عالمگيريت جا
رنگ ۽ سر ضرور آهن. هنجي ڪهاڻي روز بروز ڇلجي،
گهڙجي وڌيڪ نفيس صورت وٺي رهي آهي ۽ اميد آهي ته
سليم ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ پاور فل ڪهاڻي لکندو، ڇو ته
هن ۾ اهڙي ڪهاڻي لکڻ لاءِ
Spirit
موجود آهي. سنڌي ۾ ڪهاڻيءَ لکندڙن جي کوٽ آهي ۽
ڪهاڻي لکڻ لاءِ تيار ٿيڻ به وڏي ڳالهه آهي، پنهنجي
دل جي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ڪو ماڻهو
Short Story
جي صنف چونڊي ٿو ته اها گهٽ ڳالهه ناهي ۽ مون کي
ان لاءِ خوشي آهي!
جيتري قدر هن کي مون ڏٺو آهي. ته هو واعدي ۽ وقت
جي پابندي ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. هو مختلف ايڊيٽرن،
پبلشرن سان يا دوستن سان
Commitments
ڪري اهي پوريون ڪري ٿو ۽ سنڌي ادب لاءِ
Laborious Work
ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هجي ٿو.
سليم جون اڪثر ڪهاڻيون پڙهي لڳي ٿو، هن جي اندر ۾
ڪورنل ڀنل اکين سان رٺل ٻار ويٺل آهي ۽ ان ٻار اڄ
تائين رڳو وڃايو آهي.
Send Watch
جيان هن جي ٻڪن جي وٿين مان
وقت ۽ ان سان گڏ گهڻيون موسمون به ڇڻي ويون آهن.
گلزار جي شعر جيان:
غور سي ديکهنا بهارون مين پڇلي موسم کي ڀي نشان
هونگي،
کونپلون کي اداس آنکهون مين آنسوؤن کي نمي بچي
هوگي.
لڳي ٿو هن وٽ به ڳوڙهن جي نمي ئي بچي آهي! ڪنهن
ڏاڍو خوب چيو آهي ته جيستائين ڪوبه فنڪار راتيون
روئي روئي پنهنجون اکيون نٿو سڄائي، زندگيءَ جي
حقيقت مٿس واضح نٿي ٿئي!
اڪبر سومرو
96-12-23
حيدرآباد سنڌ
سماجي ورڪر ۽ اديب
ڊاڪٽر مقبول ”مارو“
جذبا هر من جي اتاهه گهراين کان ظاهري سطح تائين
عيان هوندا آهن. سوچ جذبن جي محور ۾ گهمندي آهي.
هر جيئري جيون جو اندر سوچ ۽ لوچ کان خالي نه
هوندو آهي. ڪنهن سڦل سوچ کي من مندر جي مهراڻ
تائين آڻڻ يا ان ڇولين کان ڏور وٺي وڃڻ. اهو
انساني وس کان ٻاهر عمل آهي. من ۾ موجود تمنائن،
اميدن ۽ آرزوئن کي ماڻڻ جي جستجو ۽ جدوجهد هر
ماڻهوءَ جو فطري عمل آهي. انسان ڪڏهن به فطرت کان
پري هٽي نٿو سگهي، هر هڪ ماڻهو جي من ۾ جذبن جي
ظاهر ٿيڻ سان ئي تسڪين ۽ آسيس ماڻي ٿو، پوءِ اهو
جذبن تي دارومدار آهي ته اهي جذبا ڪهڙا آهن. انهن
جذبن ۾ انساني محبت ۽ خدمت جا اهڃاڻ آهن يا رڳو
خود غرضي جو عنصر آهي. محبت، خدمت جي جذبن جي پلر
جي پالوٽ ۾ گم ڪندڙ سندر ڪلپنائن کي من ۾ محسوس
ڪندڙ پياري دوست سليم چنا کي جڏهن به ڏٺو هوندم،
ڪنهن نه ڪنهن فلاحي ڪم کي ڪندي، جڏهن به مليو
هوندو اهوئي چوندو يار! ڪئمپ پيو لڳايان، گڏجاڻي
پيو ڪريان. ڪڏهن لرنرز ڪلب، ڪڏهن لائنس ڪلب، ڪڏهن
ڪهن ادبي تنظيم ته ڪڏهن وري سماجي دنيا فلاحي
تنظيم جي طرفان هر وقت ۽ هر ويلي مصروف عمل نظر
ايندو.
هر ماڻهو پاڻ سان گڏ هڪ تحريڪ آهي، پر ڪي ڪي ماڻهو
پنهنجي من ۾ موجود تحريڪ کي مٿاهون ڪري پنهنجو پاڻ
کي اَمر ڪري ڇڏيندا آهن. من موجي سليم چنا سان
پهرين ملاقات ڳوٺ مير محمد نظاماڻي ۾ هڪ روزه مفت
طبعي ڪئمپ دوران ٿي. وڏو جاکوڙي ۽ کوجنا ڪندڙ
ڀائيم، چند ڏينهن ۾ ڪئمپ ائين ترتيب ڏيئي پنهنجي
ڪم ۾ سر انجام ٿيو، ڄڻ ته اهو ڪم صدين کان ڪندو
ايندو هجي، ان کان پوءِ ساڻس ملاقات اڪثر فلاحي ۽
ادبي ڪمن جي سلسلي ۾ ٿيندي رهي. سليم چنا اسڪولي
سرٽيفڪيٽ مطابق 1956-9-17 ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو، حيدر
آباد ۾ ئي تعليم ورتائين، 1979ع ۾ بي اي ڪيائين ۽
جلدي ان کان پوءِ ڪمپائونڊري ۽ ايڪسري ٽيڪنيشن جو
ڪورس پاس ڪيائين. جڏهن ته 1975ع کان پرائيويٽ
ڊاڪٽرن وٽ وڃي ڪمپائونڊري سکيائين ۽ سرڪاري نوڪري
سان گڏو گڏ شام جو ڊاڪٽرن وٽ بنا معاوضي خدمت جي
تحت ڪندو رهيو ۽ اڃان سوڌو ڪندو اچي.
سال 1967ع کان سنڌي 5 درجي ۾ مشاهدي ۽ مطالعي جي
زور تي اسڪولي مضمون ۽ تقريرون لکڻ سان شروعات
ڪيائين. مارچ 1969ع کان باقاعدي شاعري، تاثرات لکڻ
۽ معلومات گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ من ۾ موجود سوچ ۽ لوچ
جي هدايتن تي سماجي ڪمن به بهرو وٺڻ شروع ڪيائين،
پهريون ڀيرو 1973ع ۾ ڇپيو ۽ پوءِ وقفي وقفي سان
مختلف رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهيو ۽ سماجي
ڪم به سر انجام ڏيندو رهيو، ستر جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ
حيدرآباد جي ادبي سنگتن ۾ باقاعده شرڪت ڪيائين،
بعد ۾ مدد علي سنڌيءَ جي آشرم ۾ سنڌ جي تمام گهڻن،
اديبن شاعرن، ڪهاڻيڪارن، شاگرد اڳواڻن ۽ سياسي
اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيائين ۽ سندن علمي، ادبي
سياسي ڪمن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. فلاحي ڪمن ۾ هڪ
فلاحي تنظيم سماجي دنيا جي نالي قائم ڪيائين، جنهن
جي پليٽ فارم تان به ڪيترائي ڪم سر انجام ڏيندو
رهيو آهي. مختلف ادبي تنِظيمن سان سهڪار ڪندي ادبي
فنڪشن ڪرايائين، منهنجي نظر ۾ سليم چنا هڪ ادارو
آهي. هيءُ شخص لرنرز ڪلب پاران ڪرايل مفت طبي
ڪئمپ، علمي ادبي پروگرامن ۽ ٿر جي ڏڪار لاءِ ڪرايل
ميراٿن ريس، ڪتابن، ڪپڙن ۽ دوائن ورهائڻ وارن ڪمن
۾ سڀني کان اڳڀرو نظر آيم. حيدرآباد جي لائنس ڪلب
وارن سان به ٻانهن ٻيلي ٿيندي نظر ايندو آهي، هاڻ
به هن نوجوان شاعر ۽ اديب جون لکڻيون اڪثر ڪري
سڀني سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿين ٿيون.
هڪ سٺي لکيڪ، هڪ مخلص ورڪر، هڪ خدا ترس انسان سان
گڏوگڏ سليم چنا هڪ جدوجهد جو نالو به آهي، جنهن
پنهنجي نالي کي هن ڌرتيءَ جي مهان ماڻهن جي وچ ۾
کڙو ڪري پنهنجي مڃتا ڪرائي آهي. هن جا ڪيل فلاحي
ڪم هن ڌرتي تي رهندڙ ديس واسين جي ڀلائي لاءِ وقف
آهن هن جون لکيل تحريرون هن نيري آڪاش هيٺ پساهه
کڻندڙ جيون جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن، سليم چنا
ڪسٽم ۾ انسپيڪٽر آهي، پر لڳندو بلڪل نه آهي، هيءُ
فقير طبع انسان پنهنجي ڊيوٽي کان پوءِ سمورو وقت
اصلاحي سرگرمين ۽ ادبي ڪمن ۾ وقف ڪري ڇڏيندو آهي.
مفت طبعي ڪئمپون لڳائيندي هاڻ ته سيلم ايترو ته
قابل ٿي ويو آهي. جو بيماري سڃاڻڻ ۽ ان جي علاج
تجويز ڪرڻ ۾ ڪا به غلطي نه ڪندو آهي. منهنجي دعا
آهي ته پاٽ جي مردم خيز مٽيءَ جي والدين جو هيءُ
اولاد اڃان به وڌيڪ اڳتي وڌي (آمين)
1991-05-03
سچ جهڙو سندر
سليم چنا
خليل عارف سومرو
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
(لطيف)
مون جيئن ادبي سمجهه سنڀالي، ڀٽ ڌڻيءَ جو اهو بيت
ڪيترائي دفعا ٻُڌم ۽ پڙهيم شاهه سائين جي سڄي
شاعري لاجواب آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪو بيت دل جي
تختي تي نقش ٿي ويندو آهي. ائين اهو بيت منهنجي من
ڪئنواس تي ڪنهن چتر جيئان اُڪرجي ويو.
مون کي هن ادبي سفر ۾ 13، 14، سال ٿيا آهن، ان
دؤران ڪيترن ئي علمي، ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ جو
موقعو مليو ۽ دل چيو ته ڀٽ ڌڻيءَ جو اهو بيت مان
ڪنهن نه ڪنهن شخصيت جي حوالي سان چوان، پر ڪنهن کي
انهي بيت سان ڀيٽا ڏيان، اهڙو ڪو ماڻهو ئي نه
ملندو هيو، ڪيئي مقالا ۽ تاثر لکيم ۽ سٺين سٺين
شخصيتن تي پيپر لکيم، اهي سڀ شخصيتون، ادب ۽ آرٽ
جي حوالي سان نهايت متاثر ڪندڙ شخصيتون هيون، تڏهن
ته سندن لاءِ قلم کڄي ويو پر ان لک لکان ۾ به شاهه
سائين جو اهو بيت ڪنهن لاءِ ڪتب آڻي نه سگهيس،
منهنجي دل جي شديد خواهش هئي ته لطيف سرڪار جو اهو
بيت ڪنهن اهم، علمي، ادبي ۽ فني شخصيت لاءِ لکان
يا ڪنهن جشن يا شام وغيره ۾ ڪنهن لاءِ چوان پر اها
آرزو ڪيترن سالن کان آرزو ئي رهندي آئي.
نيٺ هڪ ڏينهن اوچتو بسنت هال حيدرآباد ۾ جشن
ڪينجهر دؤران هڪ ڪهاڻيڪار، هڪ مخلص ماڻهو هڪ غريب
اديب اهڙو به نظر چڙهي ويو، جنهن جي سڀاو، سچائي ۽
سيرت منٽن ۾ اهڙو متاثر ڪيو جو مون کي لڳو ته اڄ
مون کي لطيف سائين جي بيت جو لائق ملي ويو، اهو
هيو محبتي ماڻهو سليم چنا.
ان ويل سليم چنا، اسان شاعرن جا شعر پڙهڻ لاءِ
نالا پئي لکيا شايد ناز طرفان اها ڊيوٽي مٿس رکيل
هئي، مون کيس جڏهن پنهنجو نالو ٻڌايو ته منهنجي ڀر
۾ پيل خالي ڪرسيءَ تي ٻه ٽي منٽ ويهي رهيو ۽ ڪجهه
حيرت گاڏڙ محبتي لهجي ۾ چيائين: اڇا، خليل عارف!
توهان آهيو...! توهان جي شاعري پڙهي آهي، تمام سٺي
شاعري آهي.“
هيءَ اسان جي روبرو پهرئين ملاقات هئي، موٽ ۾ مان
صرف ايترو چئي سگهيو هوس ته: سائين! پڙهيو ته
اوهان کي به کوڙ سارو آهي، گهڻي ڀاڱي ساڳن رسالن ۾
اوهان جون ڪهاڻيون هونديون آهن، جن ۾ منهنجون
ڪوتائون، پر اڄ هن پروگرام جي وسيلي اوهان سان
ملاقات جو شرف حاصل ٿي ويو، ڏاڍي خوشي ٿي.“
انتهائي پيار ۽ پاٻوهه مان وراڻيائين: ”يار عارف!
مان سائين ٻائين ڪو نه آهيان فقير ماڻهو آهيون، بس
مڙئي رنڍاپيا روڙيون، جيڪو حال آهي خدمت ڪريون پيا
نه ته ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي لالچ ۾ نه شاباس ملڻ جي
آسري تي، بس حساس ماڻهو آهيون، من تي گذرندڙ
وارداتن کان اردگرد ۾ ٿيندڙ حادثن، سانحن ۽ واقعن
تائين کوڙ سارو مواد لکڻ لاءِ مجبور ڪيو ڇڏي ۽ پاڻ
لکي ٿا ويهون.“
بهر حال ٻيون به ٿوريون گهڻيون ڳالهيون ٿيون ۽ هو
ٻين دوستن جا نالا لکڻ لاءِ اڳتي وڌي ويو ته
منهنجي دل مان صرف ايترو نڪتو، ”Saleem
you are great“
۽ پوءِ مون چپن ئي چپن ۾ آلا پيو.
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءَ بهار جي.
سليم چنا، جيڪو لڳ ڀڳ پنجن فوٽن چار انچن جي قد
وارو هڪ سوبر شخص سندس هاٺي نه هيڻي نه گهڻي سگهي
بس ڪجهه بدن ۾ ڀريل، رنگ سرُمئي سانجهيءَ جهڙو،
رومانٽڪ، چهرو، گول اکيون سمنڊ کان گهرو اثر رکندڙ
مطلب ته هي وڻندڙ ورتاءُ ڪندڙ ماڻهو، لڳندو آهي.
ته ڄڻ محبت جي ڳوهيل چيڪي مٽيءَ مان جُڙي راس ٿيو
آهي.
سيرت جي سهڻي ۽ اندر جي اُجري هن انسان لاءِ هن جا
ويجها دوست اها راءِ ئي هن مهل تائين قائم ڪري
سگهيا آهن ته سليم پيار ڪرڻ ۽ پيار ورهائڻ لاءِ
پيدا ڪيو ويو آهي.
پرمان پري هئڻ جي ڪري اڄ تائين ساڻس گهڻو، ملي
ويهي يا ڪچهري ڪري نه سگهيو آهيا پر جڏهن به ڪنهن
ڪم سانگي يا پروگرام وغيره ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد
اچڻ ٿيو آهي ۽ سليم چنا ڪٿ به نِظر آيو آهي ته مون
کي پروان ڪمن ۾ ايڏو رڌل ۽ مشغول لڳو آهي. جو لڳي
ٿو ته هن کي پيار ڪرڻ جو ته موقعو ڪونه ملندو
هوندو، البته، جيڪا گهڙي به فرصت ملندي هوندس پيار
ورهائي ضرور وٺندو هوندو... ۽ هر ڪو هن جو ائين بي
لوث پيار ورهائبو ڏسي، ائين چئي ويهي ٿو ته هي
ماڻهو پيار ڪرڻ ۽ پيار ڦهلائڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي.
هت هڪ ڳالهه سواليه نشان جيئان منهنجي آڏو اچي
بيهي ٿي ته پيار جنهن جي ٻي معنيٰ زندگي آهي. اهو
پيار سليم چنا کي مليو به آهي يا...؟!
ڪينجهر آتم ڪٿا نمبر ۾ ڇپيل سندس آتم ڪهاڻي موجب
سندس جنم 5 اپريل 1954ع ۾ سومر ڏهاڙي ٿيو.
اتفاق سان اهو سومر جو سڀاڳو ڏڻ منهنجي ڄم جو
ڏينهن پڻ آهي. باقي تاريخن ۾ ۽ سن ۾ کوڙ سارو فرق!
علم جي ڏيئي مان سندس من اندر اجالو جولاءِ 1959ع
کان هڪ انگلش ميڊيم اسڪول ۾ داخل ٿيڻ لڳو. اهو
مڪتب حمايت السلام تلڪ چاڙهي هيو، پر اهو علم جو
نور سندس نصيب ۾ ڄڻ نه هيو. محض ان ڪري ته هي سنڌي
ميڊيم شاگرد هيو ۽ پڙهائڻ واري مس اردو ميڊيم.
نتيجي ۾ ته سندس بابا کيس علم جي انمول زيور سان
آراسته ڪرڻ لاءِ ميان علي بخش پرائمري اسڪول گاڏي
کاتي ۾ داخل ڪرايو.
1973ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ سائنس ۾
پاس ڪيائين ٻه، ٽي سال مسلم سائنس ڪاليج ۾
(بالائجي) پڙهيائين پر امتحان ڏئي نه سگهيو ۽ پوءِ
هڪ ئي سال 1977ع ۾ پرائيوٽ آرٽس ۾ فرسٽ ايئر ۽
انٽر گڏي ڏنائين. سچل ڪاليج مان (بي اي) پاس ڪري
(ايل ايل بي) ٻه سال پڙهيائين. هڪ سال هوميوپيٿڪ
ڪاليج ۾ پڙهيو. پر ان کي به اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. جيئن
(ايل ايل بي) کي هڪ سال پوليٽيڪنيڪل ڪاليج وحدت
ڪالوني ۾ ريڊيو ريفريجريٽر ۽ ايئرڪنڊيشند ڪورس پاس
ڪيائين. پر ان جي زباني امتحان ۾ فيل ٿي پيو، پوءِ
ايل ايم سي ڄامشورو مان ايڪسري ٽيڪنيشن ۽ ڊسپنسري
جو ڪورس پاس ڪيائين محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ ڪري هن
فيلڊ ۾ کيس تمام گهڻو ساراهيو ويو. پر ان محنت تي
کيس ڪا نوڪري نه ڏني وئي، سبب صرف اهو هيو ته ڊگري
وٽس ڪا خاص نه هئي. ۽ نوڪري ڏيندڙن کي صلاحيتن
بجاءِ ڊگريءَ جي ضرورت هئي! ٻه سال ”ڊرپ“ ۾
ليبارٽري اسسٽنٽ طور ڪم ڪري پوءِ اسٽيٽ لائف
انشورنس حيدرآباد جي آفيس ۾ ڪيشئر طور ڪم ڪيائين
1975ع کان 1990ع تائين مختلف ڊاڪٽرن وٽ خدمت خلق
جي خيال سان ڪمپائونڊري به ڪيائين. مئي 1984ع کان
ڪسٽم اسنپيڪٽر آهي،. ڪيترا ئي امتحان ڏنائين پر
قسمت سندس ساٿ ڪٿ به نه ڏنو ۽ اهي امتحان سندس
زندگي جي امتحانن وانگر هن لاءِ ڏاڍا ڪٺن ثابت
ٿيا.
پر هي بودلو شخص ته ڄڻ ٺهيل ئي همتن جو آهي. سندس
عزم اڏول رهيا، محنت جي جذبي سان ڪڏهن سيلزمين ٿي
ويو ته ڪڏهن ٻهراڙي جي ماڻهن لاءِ مفت علاج ڪندڙ
سيحا.
قومي درد رکڻ ڪري، سياسي شعور رکندڙ هن همراه،
ڪيترين ئي احتجاجي ريلين، جلوسن ۽ تقريين ۾ حصو
ورتو. ان سياسي سرگرمين سان گڏ ڪجهه، ڪارائتا،
وقتائتا ۽ وزنائتا سماجي ڀلائي وارا ڪم به عملي
طرح ڪيائين.
اصل ۾ سليم جي اندر هڪ بي چين ڪلاڪار ويٺل هيو،
جنهن پنهنجي اظهار لاءِ رستا پئي ڳوليا، شروع ۾
ڪجهه مصوري به ڪيائين، پر جيئن ته سندس گهڻو لاڙو
علم ۽ ادب ڏانهن هيو ۽ کيس (ڪمپني) به اديب ۽ شاعر
ماڻهن جي نصيب ٿي. جنهن ۾ ڪيترائي اڄ نالي وارا
اديب ۽ شاعر آهن. 1982ع ۾ انگريزي شاعري ڪيائين،
جيڪا باذوق ۽ ادراڪ ۽ فهم رکندڙ ماڻهن کي پسند
آئي. کيس شعر لکڻ ۽ مضمون نگاري ڪرڻ جو شوق
پرائمري ۾ پڙهڻ واري وقت کان هيو. جنهن ۾ سندس
استاد محمد حسن سندس همت افزائي ڪندو هيو. کيس
استاد شهزور سندس انهن مصروفيتن تي ڏاڍو روڪيو،
ٽوڪيو پر سليم چنا جي (ڪمينٽمينٽ) ادب سان ٿي چڪي
هئي. تنهن ڪري ئي پنهجي عملي ڪيريئر جو ڪو خيال نه
ڪندي به ادب جي آبياري جاري رکيائين. اڄ سليم چنا
اسان وٽ سنڌ جي هڪ سُڄاڻ، سنوپري ۽ ساڃاهه وند
ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
ڪجهه وقت اڳ جيڪو سوال اٿيو هيو ته ڪهاڻي مري وئي
آهي، ان جو جواب سليم چنا ۽ ٻين سٺن نوجوان
ڪهاڻيڪارن جو مسلسل سٺيون ڪهاڻيون لکڻ آهي. ۽
ڪهاڻي ته ڪو نه مئي باقي ڪهاڻيڪار ڪجهه ضرور مئا.
پوءِ ڪي عهدن ۽ رتين جي (ٽي بي) واري بيماريءَ جي
ڪري ته ڪي وري (ٽي وي) جي بيماري جي ڪري. پر هن
وقت به سنڌ ۾، سليم چنا، جان خاصخيلي، خادم ٻگهيو،
عزيز ڪنگراڻي، سائين بخش رند، منظور ڪوهيار، ضراب
حيدر، طارق قريشي، ذولفقار ڪانڌڙو، الطاف ملڪاڻي،
انور ابڙو ۽ ناصر زهراڻي وغيره اهڙا پخته ڪهاڻيڪار
آهن، جو سنڌي ڪهاڻي جي مرڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه
ٿو ٿئي. سليم چنا جو ڪتاب ”سج منهنجي هٿن ۾“
ڪهاڻين جو ڳٽڪو گهٽ سنڌ جي حالتن ۽ سنڌي ماڻهن سان
ٿيندڙ مختلف حادثن ۽ سانحن جو هڪ مڪمل اسڪيچ بوڪ
آهي.
مان بنا ڪنهن وڌاءُ ۽ رک رکاءُ جي چوان ٿو ته،
منهنجون کوڙ سارن ماڻهن سان ادبي وابستگيون آهن پر
اهڙو اندر جو اجرو، من جو صاف ماڻهو مون ٻيو ڪو به
ڪو نه ڏٺو آهي. جيڪو مڃتا جي رڃ ۾ موٽ جي انتظار
ڪرڻ کانسواءِ بي لوث خدمت ڪري رهيو آهي.
هو نه رڳو پاڻ تخليقڪار آهي پر، علمي ادبي ڪاوشن ۾
ٻين سان دل کولي سهڪار به ڪري ٿو ۽ سندس اهي
ڳالهيون منهنجي نظرن ۾ کيس عظيم بڻائن ٿيون.
جيتوڻيڪ مون منهنجي ساڻس ڪا گهڻي ڊيگهه يا گهرائي
ڪانهي، پر پوءِ به جئين مون ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. ته ان
راءِ تي بيٺو آهيان ته سليم چنا هڪ نانءُ، هڪ
خدمتن جو ادارو، محبتن جو اهڃاڻ، سچ ۽ سونهن جو
نعمل بدل ۽ سچ جهڙو سندر انسان آهي. ۽ منهنجي خيال
۾ سچ کان وڌيڪ سهڻي شيءِ هن جهان ۾ ڪانهي.
1996-10-23
جاکوڙي، کاهوڙي ۽ ادب جو
پانڌيئڙو سليم چنا.
بخت عابد
اڄ کان پنج سال پهرئين جڏهن حيدرآباد جي ادبي
ماحول ۾ پير پاتو هيم، تڏهن پنهنجن ٻن پيارن ادبي
دوستن اڪبر ساگر ۽ رابيل شر کان اڪثر اهو ٻڌندو
هئس ته حيدرآباد جو سماجي، جاکوڙي، کاهوڙي ۽ ادبي
پانڌيئڙو سليم چنا آهي. جيڪو هلندي گهمندي، ڦرندي
شاعري ڪندو آهي.، ڪهاڻيون لکندو آهي. صحافت ڪندو
آهي، ۽ مختلف سماجي ڀلائي جا ڪم ڪندو آهي.
سچ پچ ته ڏاڍي حيرانگي ٿي، ان کان اڳ مون رڳو سليم
چنا کي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ پڙهيو هو، سندس ٻيون
لکڻيون مون ان ڪري نه پڙهيون هيون، جو مان پاڻ هڪ
شاعر آهيان ۽ سليم جي شاعري وڻندي هيم، هڪ ڏينهن
رابيل شر ٻڌايو ته هن جمعي تي منهنجي جاءِ تي،
سائين ”شعبان بخت“ سان ادبي ڪچهري رچائي رهيا
آهيون، انهيءَ ڪچهري ءَ جي مچائڻ جو سهرو سليم چنا
تي آهي نيٺ اهو بخت وارو ڏينهن به اچي ويو، سائين
شعبان بخت کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو مليو، سليم چنا
جي ڪوشش سان گڏ ٿيل نوجوان اديبن سان رهاڻ به ٿي،
ته سليم چنا سان به ملاقات ٿي، ڏاڍو تعجب ٿيم ته
هي ته تمام سادو انسان آهي، جڏهن ته سندس شاعري ۾
مون کيس وڏي سوچ ۽ فڪر وارو سمجهي، اهو سوچيو هو
ته پنهنجي شاعريءَ جيان هيءُ به شخصي صورتي منفرد
۽ پاڻ کي نمايان ڪندڙ هوندو، پوءِ سليم چنا جي
صلاحن سان رابيل شر وٽ ادبي ميڙاڪا ۽ روح رهاڻيون
ٿينديون رهيون. هڪ ڀيري جڏهن پنهنجي کيسي مان سندس
شاعريءَ جون ڪٽنگس ڪڍي هن کي ڏيکاريم ۽ چيومانس ته
دوست سليم! تنهنجي شاعري مون کي ڏاڍو وڻندي آهي.
پوءِ سليم مون کي صلاح ڏني ته مان سندس ڪهاڻيون به
پڙهان. |