سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جڏهن مان نه هوندس

باب: --

صفحو :9

 

”هيمنگوي دنيا کي گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ دنيا کان گهڻو ڪجهه ورتو.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”هن ڀرپور زندگي گذاري. جڏهن پاڻ کي ڪارائتو نه ڀانئيائين، تڏهن خودڪشي ڪيائين. سندس اهو عمل عظيم هو. مان پاڪستاني عالمن ۽ مُلن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجو رايو نه مٽائيندس.“

موٽر يونيورسٽيءَ وٽان ٿڌي سڙڪ ڏانهن ڦري ويئي. ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري سُسي ويو.

اڳينءَ سيٽ تان هڪڙي ميمبر منهن  ورائيندي آهستي چيو، ”سائين، اجازت هجي ته ڪجهه پڇان؟“

پروفيسر ڪريم هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

ميمبر چيو، ”اوهان جي تقرير مان ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ اوهين مذهب جي خلاف آهيو؟“

”مان ڪير ٿيندو آهيان مذهب جي خلاف ٿيڻ وارو.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”مذهب مان منهنجو مطلب فقط اسلام نه آهي. مذهب جي لفظي اصطلاح ۾ اسلام، هندو ڌرم، عيسائي، جين ۽ ٻيا مذهب اچي وڃن ٿا. جهڙيون حالتون رونما ٿي رهيون آهن، تنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته مذهب هن صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين، يا ايندڙ صديءَ جي شروعات ۾ پنهنجو موت پاڻ مري ويندو. مذهب جي جاءِ معاشي ۽ اقتصادي برابريءَ جون قوتون والارينديون.“

هوٽل انڊس تائين ڪنهن نه ڳالهايو.

موٽر  هوٽل انڊس جي حد ۾ داخل ٿي ۽ در جي سامهون وڃي بيٺي.

پروفيسر ڪريم در کولي ٻاهر نڪري آيو. سيڪريٽري ۽ فورم جا ٻه ميمبر به موٽر مان لهي آيا. پروفيسر ڪريم ڪنڌ جهڪائي هوٽل جي ورانڊي ڏانهن هليو ويو. هو ٽيئي سندس پٺيان هلڻ لڳا.

پروفيسر ڪريم لاءِ ٻه ڪمرا مخصوص ڪرايا ويا هئا. هڪ سندس ذاتي استعمال لاءِ ۽ ٻيو ملاقاتين سان ملڻ لاءِ.

بيرو اڳواٽ ئي سندس ڪمري جو در کولي ادب سان بيٺو هو. هو چاريئي ڪمري ۾ داخل ٿيا. سيڪريٽريءَ پروفيسر ڪريم کي هڪ ڪارڊ ڏيندي چيو، ”هن تي شهر جا اهم ٽيليفون نمبر لکيل آهن. اسين به هر وقت حاضر آهيون.“

پروفيسر ڪريم آرام ڪرسيءَ تي ويهندي چيو، ”مان ڪجهه دير لاءِ بلڪل اڪيلو رهڻ چاهيان ٿو.“

سيڪريٽريءَ چيو، ”اسين هوٽل جي انتظاميه  کي هدايت ڪري ڇڏيون ٿا ته اخباري نمائندن جي ڪانفرنس کان اڳ توهان کي تڪليف نه ڏين.“

”مهرباني.“ هن اکيون بند ڪري، مٿو ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان لڳائي ڇڏيو.

هو ٽيئي ڪمري مان نڪري ويا. بيري آهستگيءَ سان در ٻيڪڙي ڇڏيو.

ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽريءَ  ۽ ٻه ميمبر رات جي جلسي لاءِ بندوبست ڪرائڻ ۽ جلسي ۾ انتظام رکائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ڏانهن هليا ويا. ويندي ويندي هوٽل جي رسيپشنسٽ کي تاڪيد ڪري ويا ته شام واري پريس ڪانفرنس کان اڳ ڪنهن کي به پروفيسر ڪريم سان ملڻ نه ڏي.

رسيپشنسٽ ٽيليفون تي پروفيسر ڪريم کان پڇيو، ”سر،  لنچ تيار آهي.“

ان هڪ جملي کان وڌيڪ هُن ڪجهه نه ڳالهايو. رسيور ٽيليفون تي رکندي بيري کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيائين. بيرو ڊوڙندو آيو.

بيري کي چيائين، ”پروفيسر ڪريم لنچ نه کائيندا، فقط ڪافيءَ جو ڪوپ پيئندا.“

”يس سر“ بيرو هليو ويو.

پروفيسر ڪريم ڪافيءَ جا ٻه ڍُڪ ڀري، ڪوپ ٽيبل تي رکي، آرام ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان مٿو لڳائي ڇڏيو. سندس منهن مان ٿڪ ظاهر ٿي رهيو هو. هن اکيون کولي، هٿ وڌائي ٽيبل تان ڪافيءَ جو ڪوپ کڻي ورتو ۽ سپ سپ ڪري ڪافي پيئڻ لڳو. ڪافي پيئندي، ٽيبل تي رکيل اخبارن جون اهم خبرون  نظرن مان ڪڍندو ويو. ملڪ جون ذري گهٽ سموريون اخبارون سامهون رکيل هئس. سڀني اخبارن جون اهم خبرون پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل ايوب خان جي باري ۾ هيون. پريزيڊنٽ ايوب خان وڻ پوکيو – پريزيڊنٽ ايوب خان هڪ هوٽل جو افتتاح ڪيو. پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل ايوب خان بنيادي جمهوريت جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. پريزيڊنٽ ايوب جيڪي ڪينيڊيءَ کي هڪ گهوڙو تحفي طور ڏنو. پريزيڊنٽ ايوب – پريزيڊنٽ ايوب – پريزيڊنٽ ايوب ۽ پريزيڊنٽ ايوب.

هن خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي، ڪال بيل وڄائي.

بيرو ادب سان ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ٽيبل تان خالي ڪوپ کڻڻ لڳو.

پروفيسر ڪريم جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو، ”هي اخبارون کڻي وڃ.“

بيري ٽيبل تان اخبارون کڻي ورتيون ۽ ڪمري مان نڪري ويو.

بيري جي وڃڻ کانپوءِ هو آرام ڪرسيءَ تان اُٿيو. ڪوٽ لاهي ڪليءَ تي ٽنگيائين. پاسي ۾ رکيل ڊريسنگ ٽيبل تان ڦڻي کڻي وارن کي جائيتو ڪيائين. ڦڻي رکندي، آئيني جي عڪس ۾ سندس اکيون اٽڪي پيون. پنهنجين اکين ۾ اکيون وڌائين ته ڪجهه دير تائين پنڊ پهڻ ٿي ويو. سندس دل تي ان ٻارڙي جي ياد تري آئي، جيڪو بسنت هال وٽ موٽر جي ٻاهران گلدستي سميت سڙڪ تي ڪري پيو هو. ٻارڙي جي منهانڊن ۾ کيس پنهنجا منهانڊا نظر آيا هئا. آئيني جي آڏو کيس پنهنجي ننڍپڻ جو خيال آيو. سوچيائين، جڏهن پاڻ اٺن – ڏهن سالن جو هوندو، تڏهن ضرور ان ٻار جهڙو هوندو.

آئيني وٽان هٽي ويو. پلنگ تي وڃي ليٽيو. ويهاڻي تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اکيون بند ڪيائين ته اکين آڏو بسنت هال جو نظارو تري آيس. ڪنن ۾ تاڙين جا آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳس. تڏهن ازخود سندس آڱريون بند اکين جي پنبڻين سان وڃي لڳيون.

اکيون آليون هئس. بند اکين جي ڪُنڊن مان لڙڪ لڙي، ويهاڻي تي ڳڙي آيس. ايتري عزت ۽ ايتري ناموس هوندي به سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي. هڪ غم هو، غم جو احساس هو، جيڪو کوري وانگر سندس وجود ۾ کامي رهيو هو. جبل جيڏو بار ضمير جي مٿان اچي ڪريو هوس، جنهن جي ضرب ۾ هو روح تائين گهائل ٿي ويو هو. پنهنجي وجود ۾ کامندڙ کوري کي ٺارڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ ڌڪا کاڌا هئا. چٿيل چچريل ضمير تان ندامت جو بار لاهڻ لاءِ هزارين ڪتابن جي مطالعي جو بار کڻي ورتو هئائين. اندر واري انسان کي، جنهن کي پنهنجن هٿن سان سوريءَ تي لٽڪايو هئائين، تنهن کي سوريءَ تان لاهي ورتائين. کيس بچائي ورتائين، پر سندس خشڪ ۽ ڪومايل چپن کي مُرڪ موٽائي نه سگهيو. وطن وريو ته پاڻ سان عالمي شهرت کڻي آيو. نالو کڻي آيو، ناموس کڻي آيو؛ پر جنهن قلبي سڪون جي ڳولا ۾ نڪتو هو، سو نه آڻي سگهيو!

ٿڪل ذهن، سَنڌُ سنڌُ ساڻو – اک لڳي ويس.

اک کليس. واچ ۾ وقت ڏٺائين. شام جا پنج ٿيا هئا. ساڍي پنجين لڳي کيس اخباري نمائندن سان ملاقات ڪرڻي هئي. پلنگ تان اُٿي، ڪال بيل جي بٽڻ تي آڱر رکيائين. بيروڪمري ۾  داخل ٿيو. بيري کي چانهه آڻن جو چئي، غسلخاني ۾ هليو ويو.

غسلخاني مان نڪتو ته بيري اڳواٽ ئي چانهه جي ٽري ٽيبل تي آڻي رکي هئي. بيرو پرڀرو بيٺو هو. هٿ ۾ وزٽنگ ڪارڊ هئس.

”رک“ هن ڏانهس ڏسڻ کانسواءِ چيو.

بيرو وزٽنگ ڪارڊ ميز تي رکي هليو ويو.

ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. چانهه جو ڪوپ ٺاهيندي وزٽنگ ڪارڊ ڏٺائين. ملڪي ۽ غيرملڪي اخبارن ۽ رسالن جي نمائندن جا ڪارڊ هئا.

واچ ۾ وقت ڏٺائين. سوا پنج ٿيا هئا. هن سپ سپ ڪري چانهه پي، خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي ڇڏيو. ڪپڙا مٽائي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو.

بيرو اندر آيو. ادب سان چيائين، ”سائين، پکراج اوهان سان ملڻ آئي آهي.“

پروفيسر بيري ڏانهن نهاريو.

بيري ادب سان چيو، ”شهر جي مشهور طوائف آهي، مون ته“

بيري پنهنجو جملو پورو نه ڪيو، پروفيسر ڪريم جي منهن تي گُنڊ ڏسي خاموش ٿي ويو.

پروفيسر واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”چئينس، مون وٽ ملڻ لاءِ وقت ڪونهي.“

”مون ته اڳواٽ ئي چئي ڇڏيس.“ بيري وراڻيو، ”پر چوي ٿي فقط پنجن منٽن لاءِ ملندي.“

هن واچ ڏسندي پڇيو، ”ڪٿي آهي؟“

”ملاقاتي ڪمري ۾.“

”۽ اخباري نمائندا؟“

”اُهي هوٽل جي لائونچ ۾ ويٺا آهن.“

”تون هل.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”هينئر پنج لڳي ويهه منٽ ٿيا آهن. مان پوري ساڍي پنجين لڳي لائونج ۾ ايندس.“

بيرو ڪمري جو در کولي بيٺو. پروفيسر ڪريم ڪمري مان نڪتو ۽ هن کانئس اڳ وڌي ملاقاتي ڪمري جو در کوليو. پروفيسر جڏهن اندر هليو ويو، تڏهن در بند ڪري ڇڏيائين.

ڪمري ۾ صوفا سيٽ جي ڪنڊ تي هڪ عورت پٺيري ويٺي هئي. سندس ڪلها گول ۽ ڀريل هئا. کيس گلابي رنگ جي ساڙهي پاتل هئي.

”ڌيءَ.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”مون وٽ فقط ڏهه منٽ آهن.“

هوءَ پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيٺي، پر منهن نه ورايائين.

پروفيسر ڪريم پنهنجو جملو ورجايو، ”مون وٽ فقط ڏهه منٽ آهن، ڌيءَ.“

”سر.“ هن ڪنبندڙ آواز ۾ هڪ لفظ چيو. ڦيرو کائي، گهورُ ڪري نماڻين نگاهن سان پروفيسر ڪريم ڏانهن ڏسڻ لڳي.

پروفيسر ڪريم جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي. ماڻڪيون پٿر  ٿي ويس. ڀروون پاڻ ۾ ڳتجي ويس. ٽنگن مان ست نڪري ويس. ڪرڻ تي هو، جو پاڻ سنڀالي صوفا تي ويهي رهيو. ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ڇڏيائين.

پکراج ميز تي رکيل جگ مان گلاس ۾ پاڻي پيٽي آئي.

”پيئو.“ هن آهستي چيو.

هن هٿن مان منهن ڪڍي پکراج ڏانهن ڏٺو. پکراج هر حسين طوائف کان وڌيڪ حسين هئي. پروفيسر ڪريم سندس هٿن مان گلاس وٺي، يڪ ساهي سمورو پاڻي پي ويو. ڪجهه سامت۾ آيو. ڳالهائڻ لاءِ چپ چوريائين، ته فقط ايترو چئي سگهيو، ”تون، نسيمه!“

”ها، سر.“ هن ادب سان وراڻيو، ”مان پکراج ٿي پيئي آهيان، سر.“

هو خاموش رهيو. ڳالهائڻ لاءِ لفظ ڳوليندو رهيو.

پکراج چيو، ”اوهان هڪڙي دفعي هيمليٽ ۾  روح جي تشريح ڪندي، جوُڻ مٽائڻ جو ذڪر ڪيو هو نه.“

پروفيسر ڪريم ڏانهس ڏٺو.

هن چيو، ”انسان فقط مرڻ  کانپوءِ جوڻ نه مٽائيندو آهي، سر. ڪجهه انسان پنهنجي حياتيءَ  ۾ جوڻ مٽائيندا آهن. جيئن مون.“

هو حيرت ۽ پيشمانيءَ مان ڏانهس نهاريندو رهيو.

”مان نسيمه مان پکراج ٿي پيئي آهيان،“ هن چيو.

پروفيسر ڪريم ڳوري آواز ۾ ڳالهايو، ”مان پاڻ کي معاف ڪري نه سگهيو آهيان، نسيمه.“

هن هڪدم وراڻيو، ”مان ماضيءَ جو داستان دهرائڻ نه آئي آهيان، سر.“

”مون توکي دوکو ڏنو آهي،“ پروفيسر ڪريم سندس ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪندي چيو، ”تنهنجو ڀرم ڀويو اٿم.“

پروفيسر ڪريم تعليم ۽ تحقيق جا تجربا حاصل ڪيا هئا، پر جيڪا سمجهه پکراج زماني جا ستم سهي حاصل ڪئي هئي، تنهن کيس ششدر ڪري ڇڏيو. هن ماٺيڻي آواز ۾ چيو، ”توهان کي بدنام نه ڪنديس، سر.“

پروفيسر ڪريم جو ڪنڌ جهڪي ويو. پنهنجي ساءِ، ڄڻ پاڻ سان ڳالهايائين، ”ضمير جو هڪ زخم ڀرڻ لاءِ مان ڌرتيءَ جي خاڪ اُڏائيندو رهيو آهيان. علم ۽ عالمن جي موجودگيءَ ۾ اندر جو چڀڪو وسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. دل جي ميدان ۾ ملامت ۽ ندامت جي متضاد قوتن جي جنگ کان منهن موڙي عالمي امن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهيان. پر مان به ڪيترو نه ڀورڙو آهيان. ضمير جو زخم به ڪڏهن ڀريو آهي!“

”پر مونکي توهان سان ڪابه شڪايت نه آهي.“ پکراج چٽي آواز ۾ آهستي چيو، ”فخر اٿم ته توهان جي شاگردياڻي رهي چڪي آهيان.“

عذاب ۽ پشيمانيءَ جو احساس پروفيسر ڪريم جي وجود مان ڪوڙهه وانگر ڦاٽي نڪتو. لفظ لفظ ڪوريندو، کيس چيريندو رهيو. چيائين، ”ڏهن سالن جو عرصو تمام طويل هوندو آهي، نسيم. پر اڄ جڏهن توکي ڏٺو اٿم، تڏهن ڏهن سالن جو عرصو ڏهن سيڪنڊن جي وڇوٽيءَ تي بيٺل ٿو ڀانئجي. انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي خدا کي وڃي ڪلهو هڻندو، پر ويل وقت جي واڳ ورائي نه سگهندو. نسيمه، الا ته اُهو وقت ٻيهر موٽي اچي جڏهن مان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار هوس ۽ تون آنرس فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هئينءَ. اها گهڙي موٽي اچي جڏهن جنسي حوس جي راڪاس مون کي ماري مات ڪيو هو ۽ مون تنهنجو ڀرم ڀوري ڇڏيو هو. الا! اهو وقت موٽي اچي. اهو راڪاس موٽي اچي ته مان کانئس پهرين شڪست جو بدلو وٺان. کيس نهوڙي ناس ڪيان.“

پروفيسر ڪريم جذبن جي واچوڙن ۾ وڪوڙجي ويو. ڪو واڍو هو، جو وڍيندو پي ويس. ڪو رازو هو، جو مٿان غمن جو ڪوٽ اڏيندو پي ويس. هُن اهڙي لهجي ۾ ڳالهايو جنهن مان صدين جي پڇتاءُ جو پڙاڏو پي آيو. چيائين،  ”مان اُن ڏينهن کي ملامت ڪندو آهيان نسيمه، جڏهن تنهنجي اعتبار جو آئينو چور چور ڪيو هوم. جڏهن تنهنجو اعتماد حوس جي باهه۾ ڀسم ڪيو هوم.“

هو صوفا تان اُٿي ويو. ڀت ڏانهن منهن ڪري بيٺو. اُتان چيائين، ”مونکي تنهنجون اُهي وحشت ڀريل اکيون اڃا تائين ياد آهن نسيمه، جن سان تو گهائل ٿيڻ کانپوءِ مون ڏانهن ڏٺو هو.“

ڀت کي پٺي ڏيئي، پکراج ڏانهن منهن ڪندي چيائين، ”جڏهن اندر ۾ امن نه آهي، تڏهن مان ڪهڙي عالمي امن جي تلاش ۾ سر گردان رهيو آهيان! منهنجي پنهنجي وجود ۾ گهمسان آهي.“

پکراج شروع کان جيئن پلنگ وٽ بيٺي هئي، تيئن بيٺي رهي. پنهنجي واچ ۾ وقت ڏسندي چيائين، ”ڇهه ٿي رهيا آهن. مونکي مطلب جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اخباري نمائندا اوهان جو انتظار ڪندا هوندا.“

پکراج جو آواز پروفيسر ڪريم جي ڪنن تائين ڄڻ پهچي نه سگهيو آهي. هو پکراج جي سامهون اچي بيٺو. پنهنجين اُداس ۽ اونهين اکين سان ڏانهنس نهاريندي چيائين، ”مان توسان شادي ڪندس، نسيمه.“

هوءَ کانئس وک کن پري ٿي ويئي. وڏي اعتماد سان وراڻيائين، ”اڄ توهين جنهن علم، عزت ۽ ناموس جا مالڪ آهيو، تنهن کي پنهنجي بڇڙي وجود سان داغدار نه ڪنديس.“

پکراج جو جملو ڀالو بڻجي روح مان پار ٿي ويس. ڦٿڪي پيو. چيائين، ”مون اُن وقت به پڇتائيندي چرين وانگر توکي ڳوليو هو، پر تون ٽٽل تاري وانگر الاءِ ڪهڙين اونداهين ۾ گم ٿي ويئي هئينءَ.“

”مونکي گم ٿيڻو پيو هو، سر.“ پکراج ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ”مون کي پنهنجي داغدار دامن کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ ۽ خاندان جي عزت جي اونو هو.“ ڀريل آواز ۾ چيائين، ”اڄ مان هنن لاءِ مئل آهيان.“

”نسيمه.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”تون جيئن آهين، جهڙي آهين، مان توسان شادي ڪندس.“

”وساري ڇو نه ٿا ڇڏيو ان گناهه کي جنهن جو ڪوبه شاهد نه آهي. نه نسيمه، نه نسيمه جي اندر واري عورت.“ ڏک وچان چيائين، ”مان پکراج آهيان.“

هو ٻئي واڪا ڪندڙ خاموشيءَ جي خلائن ۾ ٻن بيچين روحن وانگر هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا.

خاموشي ٽوڙيندي پکراج چيو ”هڪ عرض کڻي آئي آهيان.“

جذبن جو طوفان آيو، لنگهي ويو. دل جي ڌرتي احساسن جي زلزلي ۾ ڪنبي، وري ڄمي ويئي. اُميدن جو بتڪدو گهڙي کن لاءِ آباد ٿي، برباد ٿي ويو.

پروفيسر ڪريم چيو، ”چئه.“

”اسد هينئر ڏهن سالن جو ٿيو آهي.“

”اسد؟“

”اسانجو اسد“ پکراج ڇت ڏانهن نهاريندي وراڻيو.

پروفيسر ڪريم حيرت ۽ شرمسار نگاهن سان ان عورت ڏانهن نهارڻ لڳو، جنهن سندس گناهه جي نشانيءَ کي پهرين پيار جو تحفو سمجهي سيني سان سانڍي رکيو هو.

”اسد کي پنهنجي ماحول کان ڌار ڪرڻ چاهيان ٿي.“ هن دردناڪ آواز ۾ چيو، ”کيس اسڪول ۾ داخلا به نٿي ملي.“

”ڇو؟“

”ڇو جو هڪ وئشيا جو پٽ آهي.“

”منهنجو به ته آهي،“ پروفيسر ڪريم چيو.

”هرگز نه.“ هن اعتراض ڪيو، ”اهو داغ اوهانجي ناموس تي لڳڻ نه ڏيندس.“

هو ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا.

پکراج چيو، ”توهين کيس يتيم سمجهي پاڻ سان وٺي وڃو.“

پروفيسر ڪريم جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.

”کيس پڙهڻ ۽ اسڪول وڃڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“ پکراج چيو، ”ان واعدي تي توهان سان رهڻ تي راضي ڪيو ٿي مانس، ته توهين کيس پڙهائيندا.“

پروفيسر ڪريم آلين اکين سان پکراج ڏانهن ڏسڻ لڳو. پڇيائين، ”اسد ڪٿي آهي؟“

ٻاهر گاڏيءَ ۾ ويٺو آهي.“ پکراج وراڻيو، ”پر واعدو ڪريو ته زندگيءَ جي ڪنهن به دور ۾ کيس اصل حقيقت کان ڪڏهن به واقف نه ڪندا.“

”ڇو؟“

”ڇو جو کيس پيءُ جي نالي کان نفرت آهي.“ چيائين، ”پرائمري اسڪولن ۾ ٻار کيس چيڙائيندا رهيا آهن.“

پروفيسر ڪريم بيل وڄايو. بيرو ڪمري ۾ آيو. بيري کي چيائين، ”ٻاهر گاڏيءَ ۾ هڪ ٻار ويٺو آهي. هن کي وٺي اچ.“

بيرو هليو ويو. جيستائين اسد نه آيو، هو ٻئي خاموش رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.

بيرو اسد کي در وٽ ڇڏي ويو.

پروفيسر ڪريم اسد ڏانهن نهاريو. گهڙي کن لاءِ سندس نگاهن آڏو بسنت هال جي ٻاهران اسد جو ڪرڻ ۽ ڪري اُٿڻ وارو منظر اُڀري آيو. زماني جي نفرت سندس منهن مان معصوميت ڦري ورتي هئي. هو هوبهو پروفيسر ڪريم جهڙو هو، فقط اکيون ۽ وار ماءُ وانگر ڪڪا هئس. پروفيسر ڪريم جي دل ۾ پيار جو قدرتي جذبو جاڳي اُٿيو. کيس سيني سان لڳائي، پنهنجي ڀرسان ويهاري ڇڏيائين. ڏٺائين، ته اکين مان اُداسي پي بکيس. ٻانهن ورائي کيس پاڻ سان چهٽائيندي چيائين، ”اڃان پيار جو سج نه اُڀريو آهي، پٽ. پر، يقين ڄاڻ ته صبح جو سوجهرو پري ناهي.“

پروفيسر ڪريم جو جملو اسد  لاءِ بيمعنيٰ هو. هن ڏانهس نهاريو. کيس ٻانهه تي رهڙ مٿان رومال ٻڌل هو.

پکراج وڌي اچي صوفه وٽ بيٺي. اسد کي مٿي تي مٺي ڏيئي، ٻانهن ۾ ڀيڪوڙيء ڇڏيائين. ڪجهه دير تائين کيس پاڻ کان ڌار نه ڪيائين. جڏهن لڙڪ لڪائي ڇڏيائين، تڏهن کيس ٻانهن مان ڪڍيائين. ڀريل آواز ۾ چيائين، ”اسد کي پنهنجو ڪري توهان انسانيت جو ثبوت ڏنو آهي. مون کي اجازت ڏيو. خدا حافظ.“

اکين وسڻ جا ويس ڪَيسَ. ممتا جا موتي ڪارن ڪڪرن وانگر ڇپرن ۾ ڇُلي آيس. چپ ڀيڪوڙي ڪمري جي در تائين هلي ويئي. جڏهن در جي هٿيئي ۾ مٺ وڌائين، تڏهن اسد صوفه تان اٿي، ڊوڙ پائي ماءُ جي سيني ۾ وڃي منهن لڪايو ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو، ”امان، مان جڏهن پڙهي رهندس تڏهن تو وٽ موٽي ايندس.“

پروفيسر ڪريم صوفه تان اُٿي ماءُ ۽ پٽ وٽ وڃي بيٺو. اسد کي وارن تي هٿ ڦيرائيندي  چيائين، ”اسين ٻئي موٽي اينداسين، اسد، منهنجا پٽ – ان ڏينهن هيءَ دنيا نئين نور سان منور هوندي.“

پکراج در کولي ٻاهر هلي ويئي.

پروفيسر ڪريم اسد کي وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيو. کيس پلنگ تي ويهاري، پاڻ منهن ڌوئڻ لاءِ غسلخاني ڏانهن هليو ويو. ٻاهر نڪتو ته بيرو ڪمري ۾ بيٺو هو.

”ڇو،“ هن ٽوال سان منهن اُگهندي کانئس پڇيو.

”سائين.“ بيري ادب سان جواب ڏنو، ”سائين، اخباري نمائندا اعتراض ڪري هليا ويا آهن.“

پروفيسر ڪريم ٽيليفون تي رسيپشنسٽ سان ڳالهايو ۽ کيس ملاقاتي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ چيو.

اسد کي پنهنجي ڪمري ۾ ڇڏي هو ملاقاتي ڪمري ۾ آيو. رسيپشنسٽ اڳواٽ موجود هو.

”ڇا ٿيو؟“ پروفيسر ڪريم کانئس پڇيو، ”هو ڇو هليا ويا؟“

”چيائون ته توهان هڪ طوائف کي مٿن ترجيح ڏني آهي.“

پروفيسر ڪريم کيس ڪو جواب نه ڏنو.

”هڪ ڪلاڪ ڏهه منٽ انتظار ڪرڻ کانپوءِ هو احتجاج طور هليا ويا.“

پروفيسر ڪريم سوچ ۾ٻڏي ويو. چيائين، ”چڱو ٿيو جو هليا ويا. مان ڪجهه به ڳالهائڻ لاءِ ذهني طرح تيار نه آهيان.“

رسيپشنسٽ ادب سان بيٺو رهيو.

پروفيسر ڪريم پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي کيس چيو، ”مان جلسي کان اڳ ڪنهن سان به نه ملندس. تون ٿنڪرس فورم جي سيڪريٽريءَ کي فون ڪري گهرائي وٺ. مون کي ساڻس ڳالهائڻو آهي.“

پروفيسر ڪريم ڪمري ۾ موٽي آيو. اسد پلنگ تي ننڊ پيو هو، پيرن ۾ بوٽ هوس ۽ سندس پير لٽڪي رهيا هئا. هن بوٽ لاهي، سندس ٽنگون مٿي ڪري، مٿانئس بلانڪيٽ وجهي ڇڏيو. پاڻ آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. آرام نه آيس ته اُٿيو. خطن لکڻ جو  پيڊ کڻي، اڌ ڪلاڪ ۾ ٽي – چار مختصر خط لکي لفافن ۾ وجهي ڇڏيائين.

ان وقت رات جا اٺ ٿيا هئا. کيس ساڍي اٺين لڳي قلعي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻو هو ۽ کيس مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور محسوس ٿي رهيو هو.

اوچتو سندس ڪمري جو در کليو ۽ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري سهڪندو اندر آيو. ويڙهيل سيڙهيل ڪاغذ کوليندي چيائين، ”سائين، غضب ٿي ويو.“

پروفيسر ڪريم جواب ڏيڻ بدران هٿ لکيل پوسٽر پڙهڻ لڳو، جنهن ۾ مٿس هڪ طوائف سان هڪ ڪلاڪ تائين هوٽل جي ڪمري ۾ عيش ڪرڻ جو الزام لڳايل هو.

”اها ڳالهه باهه وانگر ماڻهن ۾ پکڙجي ويئي آهي،“ سيڪريٽريءَ چيو، ”ماڻهن جلسي جي پنڊال کي باهه ڏيئي مٿس گند جا ڊهه اُڇلائي ڇڏيا آهن.“

پروفيسر ڪريم فڪرمند ٿي اسد ڏانهن نهاريو.

سيڪريٽريءَ اسد ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هجوم هيڏانهن اچي رهيو آهي. هن کي هتي ڏسي توهان ٻنهي کي ماري وجهندا.“

”ڇو، هن کي ڇاهي.“ هن اسد جي وارن تي هٿ ڦيرائيندي پڇيو، ”ڇا هيءُ دنيا جي ٻين ٻارن جهڙو ناهي؟“

”هيءُ حرامي ٻار آهي. هن جي پيءُ جو ڪو پتو ڪونهي.“  سيڪريٽريءَ چيو، ”توهين دير نه ڪريو، هجوم جي اچڻ کان اڳ هتان هليا وڃو.“

پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ جي منهن ۾ نهاريندي چيو، ”دنيا جي ڪيترن انسانن کي پڪ آهي ته جنهن کي هو پنهنجو پيءُ سمجهن ٿا، سو حقيقت ۾ سندن پيءُ آهي به، يا نه.“

”اهي ڳالهيون اجايون آهن. حرامي ٻار بهرحال حرامي آهي.“ سيڪريٽريءَ واچ ڏسندي چيو، ”وقت نه وڃايو. مون توهان لاءِ ٽيڪسي آندي آهي. هجوم جي پهچڻ کان اڳ هتان هليا وڃو. ڪوٽڙيءَ تان ڪانه ڪا ريل ملي ويندو.“

پروفيسر ڪريم اسد کي ننڊ مان جاڳايو. هو اکيون مهٽيندو پلنگ تي ويهي رهيو. کيس پنهنجي آڱر هٿ ۾ ڏيندي چيائين، ”هل پٽ.“

”ڪيڏانهن؟“ اسد حيرت مان پڇيو.

”جتي انصاف روايتن جو غلام نه هوندو“ پروفيسر کيس پلنگ تان اُٿاريندي چيو.

۽ پوءِ جڏهن ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي جي ڪنڊ ۾ ويهي پروفيسر ڪريم ۽ ننڍڙو اسد ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن وڃي رهيا هئا، تڏهن هر طرف هيبتناڪ اوندهه ڇانئجي ويئي هئي.

پروفيسر ڪريم جي پريشان ذهن ۾ پکراج جو جملو کاٽ هڻندو رهيو ته ”اسد کي پيءُ جي نالي کان به نفرت آهي. اسد کي پيءُ جي نالي کان به نفرت آهي.“هن ٻانهن ورائي اسد کي اهڙي نموني پاڻ سان چهٽائي ويهاريو ڄڻ ته  اسد کي ڪو کانئس ڇني ڌار ڪري رهيو هو. اسد منهن مٿي ڪري ڏانهس ڏٺو.

هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي ٻنهي دريءَ کان ٻاهر اوندهه جي پولار ۾ نهاريو.

ريل رڙيون ڪندي، گجندي ۽ گوڙ ڪندي اوندهه جو درياهه جهاڳيندي پئي ويئي.

 

**

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 15 14 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com