چرٻٽ ۽ قلفي
سڄي گهر ۾ مان سڀني کان ننڍو آهيان. هر ڪو سڏيم چرٻٽ. ائين به
ڪونهي ته مان صفا ڪو ڀوڪ بصرياچڀڙ چريو آهيان. مان
پنهنجي ساءِ ته سڀ ڪم نهايت خبرداري سان ڪندو
آهيان پر منهنجي بدقسمتي چئبي جو ڪٿي نه ڪٿي ڪا نه
ڪا غلطي ڪري ويهندو آهيان ۽ ان جو نتيجو ڀو ڳڻو
پوندو اٿم. هڪڙي ڏينهن ائين ئي ٿيو هو. اسڪول ۾
ماستر صاحب ٻڌايو ته ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت
هوندو آهي. منهنجي سنگتيءَ ڦندڻ پنهنجي بينچ تان
اٿندي چيو، ” پر، سائين مونکي ته ماءُ ئي ڪونهي.
مان ننڍڙو هوس جو هوءَ مري ويئي هئي. منهنجو بهشت
ڪٿي هوندو؟“
” پڻهين جي پيرن ۾“ سائين ءَ کي ڏاڍا خار لڳا. ” ڇورو ڪمبخت!
ماڻس مري ويئي ٿس ته ان ۾ به ڄڻ منهنجو ڏوهه آهي“
قلندر پنهنجو سنهڙو هڏائون هٿ مٿي ڪيو ” شائين“
” چئه ، سائين ءَ جا ٻچا“
” شائين ، توهان چيو نه ته بهشت ماءُ جي پيرن هيٺان هوندوآهي.“
” اڙي هائو چيم. هڪ لک دفعا چيم ته ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت
هوندو آهي.،
” پر شائين“ منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان ته باٽا جو چمپل هوندو
آهي“
ان ڏينهن اسانجي ماستر منهنجي دوست قلندر کي دل تي مار ڏني.
ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائينس. جڏهن خوب مار ڏيئي
رهيس تڏهن قلندر کان پڇيائين، ” ڪيئن ماڻين جي
پيرن هيٺان باٽا جو چميل آهي يا بهشت ؟“
قلندر ٻانهن سان گوبو اگهندي چيو، ” شائين، منهنجي ماءُ جي پيرن
هيٺان ........ دو ......دو ......... دوزخ آهي.“
ان جواب تي قلندر کي اهڙي مار ملي، جهڙي کدو کٽيءَ پنهنجي گڏهه
کي ڏني هئي، جنهن سندس گوڏ جو اڌ حصو چٻاڙي چٻاڙي
اڳري ڇڏيو هو. ماستر صاحب قلندر کي ڪٽي ڪٽي ٿڪجي
پيو. ساهي پٽي وري اچي ورايائينس. هڏ گڏ چٿي چور
ڪري ڇڏيائينس. مولا بخش جي وسڪارن سان اسان جي يار
کي بيحال ڪري ڇڏيائين. قلندر نيٺ ساڻو ٿي ڪري پيو.
ماستر صاحب پنهنجي لٺ ( جنهن کي ٻه مٿا هئا) ميز
تي رکي ٻانهون کنجي قلندر کي وارن کان وٺي
ڌونڌاڙيندي پڇيو ، ” چئه ڙي چمپل جا پٽ، ماڻهين جي
پيرن هيٺان بهشت آهي يا باٽا جو چمپل؟“
سڄي ڪلاس جا شاگرد پنهنجا پنهنجا ساهه روڪي، دل ئي دل ۾ ڪنبي
رهيا هئا. ماستر صاحب جو سوال ٻڌي سڀني شاگردن جون
نگاهون قلندر ڏانهن اٿيون. هن وراڻيو، ”شائين،
برابر، منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت آهي.“
ماستر صاحب پنهنجي فتح تي ڏاڍو گُد گُد ٿيو. مولابخش خاني ۾ رکي
ڇڏيائين. قلندر جي پٺي ٺپيندي چيائين، ”ٻچا، استاد
جي مار سنوار، ۽ ڳالهه پٿر تي ليڪو هوندي آهي.“
”ها، شائين منهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان بهشت آهي.“
قلندر موٽي اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺو ۽ پوءِ گهڻي دير تائين نڪ ۾
آڱريون ڦيرائي گينگا ڪڍي بينچ کي ٿڦيندو رهيو.
ماستر صاحب کان اک بچائي ڦندڻ کيس سٿر ۾ چنهنڊڙي
وجهندي چيو، ”سيرو ٿو ڀُڃين ڇا؟“
”ها.“ هن ڀڳڙي جيڏو گينگو ڪڍندي وراڻيو، ”منهنجي ماءُ جي پيرن
هيٺان بهشت آهي.“
ماءُ جو پير پري ڪونهي- بهشت ۾ منهنجي دلچسپي وڌي ويئي. رهيو نه
ٿيو. اٿي بيٺس. سائينءَ اهڙي رڙ ڪئي، جهڙي ٽارزن
مارا ماريءَ سان ڀرپور انگريزي فلمن ۾ ڪندو آهي،
”تو کي وري ڇا هي، بدبخت ڇورا؟“
هٿ مٿي ڪندي وراڻيم، ”سائين ڀلا بهشت ۾ قلفي ملندي.“
سائينءَ جواب نه ڏنو. ميز جو خانو کولي مولابخش ٻاهر ڪڍيائين.
مون به الله جو نالو ورتو ۽ ٻئي هٿ سائينءَ جي
سامهون جهلي بيٺس. سائين وڌي آيو ۽ اچي ڏنڊي سان
ورايائين. ماستر صاحب جي مار کائيندي فيصلو ڪيم ته
ڪجهه به ٿي پوي، پر مان بهشت ۾ نه ويندس. سائين
جڏهن ٿڪجي پيو ۽ سهڪڻ لڳو، تڏهن چيائين، ”صوبيدار
جو ڀاءُ ٿي پيو آهين، نه ته ماري ماري بڻ وڃائي
ڇڏيانءِ ها.“
مان هٿ مهٽيندو، ٻانهن سان گوبو اگهندو، بينچ تي وڃي ويٺس.
سائين ڀڻ ڀڻ ڪندو بورڊ ڏانهن وڌي ويو، ”پڙهڻ کان
ته ڇوري کي ٻرو ٿو چڙهي. پٽ هليو آ بهشت ۾ قلفي
کائڻ.“
مون کي پڻ احساس ٿيو ته ها ٻيلي، مان پڙهڻ ۾ جڏو آهيان، ڪچو ڏڏ
آهيان. ادا شفارش نه ڪري ها ته هن سال ڇهون درجو
ڪڏهن به پاس ڪري نه سگهان ها. سوچيم ته پڙهڻ سان
دل لڳائيندس، ڪتابن ۾ دلچسپي وٺندس. سائينءَ بورڊ
وٽ پهچندي چيو، ”اڙي لکو ڇورا... (جلدي ڪڍ ڪاپي،
موڳا) واسڪو ڊيگاما.... پهريون شخص هو... (اڙي او
موچيءَ جا پٽ، ٻاهر ڇا ٿو ڏسين؟) جنهن سامونڊي (لخ
لعنت ٿي ڇورا حجم، ٻاهر پڻهين بيٺو آ؟) سامونڊي
سفر ڪري... (او قلفيءَ جا، ٻاهر قلفيءَ واري کي ٿو
ڏسين ڇا؟)... ۽...“
”نه سائين.“
”اڙي وري ڪوڙ.“
” نه سائين.“
” ٻاهر ڇا ٿو ڏسين؟“
”ڪجهه نه.“
”ڀلا ڪلاس ۾ ڌيان اٿئي؟“
”ها سائين.“
”ٻڌاءِ ته مان ڇا لکائي رهيو آهيان؟ پر خبردار جو ڪاپي ڏٺي
اٿئي.“
”توهان گاما پهلوان جي تعريف لکائي رهيا آهيو.“
سائينءَ اتان ئي مون کي چاڪ اڇلائي هنيو ۽ پوءِ جنهن وقت پنهنجي
ٻه مٿي لٺ کڻي مون ڏانهن وڌيو، تنهن وقت پٽيوالي
رسيس جو گهنڊ وڄايو. موقعي جو فائدو وٺندي، مان
تير وانگر دريءَ مان ٽپو ڏيئي ڀڄي ويس. پٺيان
سائينءَ جي رڙ ٻڌم، ”اڙي جهليوس، پڪڙيوس. ڊوڙو،
چرٻٽ کي ٽنگا ٽولي ڪري کڻي اچو ته کل لاهيانس.“
پر مون کان تکو فقط ڪتا ڊوڙي سگهندا آهن. ڇورا ڪيئن ٿي پڄي
سگهيا! رڳو رڙيون ڪندا رهيا، ”پڪڙيو چرٻٽ کي،
پڪڙيو چرٻٽ کي.“
اهڙي ئي نموني هڪ غلطي اڳ به ڪئي هيم، جنهنجي نتيجي ۾ منهنجي
مٿان چرٻٽ نالو پئجي ويو.
ڳالهه هن ريت هئي، جو هڪڙي ڏينهن هڪ مائٽ اسان جي گهر آيو. پاڻ
وڏو ماڻهو آهي، انڪري وڏن ماڻهن وانگر ٿلهو آهي.
قداور ۽ ڏسڻ ۾ ڇسو آهي. مٿو سنڌين وانگر ويٺل اٿس.
اکين جا تارا ڀورا ۽ چڌن جيان ٻاهر نڪتل اٿس. هو
جنهن وقت ڊرائينگ روم ۾ آيو هو، مان تنهن وقت در
جي پردي پويان لڪي لڪي قلفي چوسي رهيو هوس. قلفي
کائڻ منهنجي عادت آهي. منهنجي اها عادت مائٽن کي
پسند ناهي، پر پاڙيسرين کي آهي. مان پاڙيسرين جا
ڪم ڪار ڪندو رهندو آهيان ۽ هو مون کي لڪي لڪي
پنهنجي گهر ۾ قلفي کائڻ ڏيندا آهن. پاڙي وارن وٽ
نه وڃان ته درن جي پردن پويان لڪي لڪي قلفي
چوسيندو آهيان. ان ڏينهن به مان قلفي چوسي رهيو
هوس، جو اسان جو مائٽ ڪمري ۾ داخل ٿيو. ڪو معمولي
ماڻهو ڪونهي. لاهور ۾ وڏو آفيسر آهي. منهنجي ساڻس
ڪا نه پوي. مون کي ان جو افسوس ناهي ته پاڻ هڪ
ڪڇياڻيءَ سان ٻي شادي ڪيائين ۽ پهرين کي طلاق ڏيئي
ڇڏيائين. افسوس ان ڳالهه جو اٿم ته سندس وڏو پٽ
ڪريم، جيڪو پهرين زال مان اٿس، سو منهنجو هم ڪلاسي
آهي ۽ مان کيس روز هڪ قلفي کارائيندو آهيان.
ويچارو ڇا ڪري! پڻس پيسو ڏوڪڙ به موڪليس ڪو نه.
ڏينهن جو پڙهندو آهي ۽ شام جو ڇولا وڪڻندو آهي.
ماڻس رقون تي آر سان ڀرت ڪندي آهي. پر جڏهن کان
نوڙين جهڙا نيلان جا روا آيا آهن، تڏهن کان
ويچاريءَ جو روزگار تنگ آهي. غريب کي طلاق مليل
آهي. مڙسهنس پنهنجن ڪڇي ساهرن کي قرآن تي لکي ڏنو
هو ته نڪاح کان اڳ پهرين زال کي طلاق ڏيندو. مائٽ
پڪو مسلمان آهي. قرآن تي لکيل ڳالهه پوري ڪري
ڏيکاريائين. منهنجي دوست ڪريم جي ماءُ کي اسلام جي
پيروي ڪندي ٺهه پهه طلاق ڏيئي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن
ڪريم کي قلفي کارائيندي، چيو هوم، ”پڻهين به عجيب
ڪنجوس، مکي چوس مارواڙي آهي! توکي قلفي کائڻ لاءِ
ٻه آنا به نه موڪليندو آهي؟“
”نه.“
”مکي چوس مارواڙي.“
”اون هون. ڪڇي ڪاٺياواڙي.“
”پڻهين ايڏا پيسا گڏ ڪري ڇا ڪندو؟“
”لاهور ۾ تاج محل ٺهرائيندو.“
”قلفي جو ڪارخانو نه کوليندو.“
”نه.“
مائٽ منهنجي دل تان لهي ويو.
پر ان ڏينهن کيس ڏسنديئي مون کي الاءِ ڇو بيحد کل آئي. ٽهڪ
نڙيءَ ۾ ڪل ڪل ڪرڻ لڳا. کل روڪڻ لاءِ قلفي وات ۾
وجهي ماٺ ڪري بيهي رهيس. امان سندس آڌر ڀاءُ ڪرڻ
آئي. چيائينس، ”ڪراچيءَ آئي هفتو ٿيو اٿو، ۽ اڄ
ملڻ آيا آهيو.“
”تون به ته ڪو نه آئينءَ، ڀاڄائي.“
”مان آئي هيس ادا، پر توهان هر دفعي گهمڻ ڦرڻ ويا هئا.“
”سوچيو هيم ته توهان وٽ ضرور ايندس.“
”اسان غريبن کي ته صفا وساري ڇڏيو اٿوَ.“
”ائين ناهي ڀاڄائي. ٻئي موٽران کري پيون، سو اچان وري ڇا تي؟“
”کڻي ٽانگي تي اچو ها.“
مائٽ شڪارپوري آهي. ڄهنگهن کي چوي ڄنگهان، کٽن کي کٽان ۽ موٽرن
کي موٽران. ان ڏينهن ڄاڻ پئي هئم ته هيٺين ۽ مٿين
سنڌ ۾ ”ٽون ٽان“ جو فرق آهي. مائٽ کي ڳالهائڻ ۾
هٻڪ ڪونهي، پر لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪيس پئي، ”واهه
ڀاڄائي، واهه مان جهڙو ڊائنامڪ ماڻهو- ٻه هزار
رپيا – په – په – پگهار کڻندڙ، ڀلا ٽان – ٽان –
ٽانگي تي چڙهي اچان ها، يا ڏان – ڏان- ڏاند گاڏيءَ
تي اچان ها.“
ڳالهائڻ ۾ واڇ گودو ٿي هنيس ۽ رکي رکي واڇن وٽان گڦ پي نڪتس.
پردي کي وٿ ڪري، ويجهڙائيءَ کان ڏٺومانس ته اسٽار
سرڪس جي جاني مشڪري جهڙو نظر آيو. امان سان
ڳالهائيندو، اسان ڀائرن جي باري ۾ پڇندو. جنهن
پردي پويان مان لڪل هوس، تنهنجي اڳيان پردي ڏانهن
پٺي ڪري بيهي رهيو. پڇيائين، ”تنهنجي ننڍي پٽ جو
ڇا هي حال؟ اٿس ڪو چاڙهو- ٻاڙهو يا رڳو قلفي
کائيندو آهي.“
”اڃا ٻار آهي ادا. الله چڱي ڪندس.“
”تو عادتان ئي خراب ڪري ڇڏيون اٿس.“
مون کي سخت ڪاوڙ آئي، هونهه، جاني مشڪرو، پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو!
وات مان قلفي ڪڍي، هٿ وڌائي سندس ڪوٽ جي کيسي ۾
وجهي ڇڏيم. ايتري ۾ منهنجا ٽيئي ڀائر احمد، شفيق ۽
انور ۽ ڀيڻ عذرا مهمان جي آجيان لاءِ اچي پهتا.
مائٽ کي ڪونچ تي ويهاريائون. هن هٿ جي تريءَ سان
ڪنڌ تان پگهر اگهندي چيو، ”اڄوڪي گرميءَ ماڻهن جون
کلان بلان ئي ساڙي ڇڏيون آهن.“
رومال ڪڍڻ لاءِ مائٽ کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پوءِ اوچتو، ڇرڪ ڀري هڪدم
اٿي بيٺو. عذرا، امان ۽ منهنجا ٽيئي ڀائر به ساڻس
گڏ اٿي بيٺا. مائٽ ڏڪندي ڏڪندي ٻيهر کيسي ۾ هٿ وڌو
۽ اڌ ڳريل قلفي ٻاهر ڪڍيائين. قلفي ڏسي منهن تي
مرڪ موٽي آيس. ٽهڪ ڏيندي چيائين،”هيءَ ڪم پڪ
تنهنجي ننڍي پٽ جو آهي، لُچو.“
”ڏاڍو حرڪتي آهي، ادا.“
”تنهنجو ننڍو پٽ صفا چرٻٽ اٿئي، ڀاڄائي.“
تنهن ڏينهن کان مونتي چرٻٽ نالو پئجي ويو آهي.
بدقسمتيءَ سان سڀني ۾ ننڍو آهيان. انڪري منهنجي ڀيڻ عذرا ۽ ٽيئي
ڀائر مونکي چرٻٽ سڏيندا آهن. دنيا ۾ ماڻهو چاهي
ڪجهه به ٿي پوي، پر ننڍو ڀاءُ نه ٿئي. ننڍي ڀاءُ
ٿيڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو جوڻ مٽائي گڏهه ٿي پوي.
ان ڳالهه جو احساس مونکي ان ڏينهن ٿيو هو، جڏهن
منهنجي وڏي ڀاءُ احمد مونکي پنجين رپئي جو نوٽ
ڏيئي ڪپڙن آڻڻ لاءِ واشنگ واري ڏانهن روانو ڪيو
هو. مان يڪ ساهي ڊوڙندو ويس ۽ ڪپڙا وٺي پڪ ساهيءَ
واپس پئي آيس جو رستي ۾ قلفيءَ وارو ملي ٿو.
”ڇو سائين، اڄ قلفي نه کائيندين ڇا؟“
”نه، يار، تڪڙو آهيان.“
”پر اڄ قلفي به هاءِ ڪلاس اٿئي.“
”الا؟“
”مولا ٿو ڄاڻي. ريٻڙي ملائيءَ سان ڀريل آهي.“
ڪجهه سوچيم. قلفيءَ واري کي ڏٺم. سندس ڪاٺ جي پيتيءَ ڏانهن
نهاريم جنهن ۾ قلفيون ٽنبيون پيون هيون. مونکي
بيٺل ڏسي، قلفيءَ واري جهٽ پٽ قلفي ڪڍي مون ڏانهن
وڌائي. اڇي اڇي قلفيءَ ۾ ساوا ساوا پستا ڏسي
منهنجو وات پاڻي ٿيڻ لڳو، ٻارهن پيسا سندس گاڏي ۾
اڇلائي، کائنس قلفي وٺي وات۾ وڌم. آهه، واهه!
سوچيم، ڊوڙندو وڃان. پر قلفي تمام لذيذ هئي ۽ قلفي
ختم ڪرڻ کان اڳ گهر پهچڻ معنيٰ مولا بخش سان
ملاقات ڪرڻ. خيال آيم ته جي اڄ ادا دير سان ٿاڻي
پهتو ته چور ڀڄي ڪونه ويندا. اڄ جي قلفي واهه! خوش
رهه، قلفيءَ وارا! تنهنجو گاڏو شل چالان کان بچندو
رهي. هڪ دفعي ويچاري جو گاڏو چالان ٿيو هو تڏهن
ڏهه رپيا ڏيئي گاڏو ڇڏايو هئائين. ان منحوس ڏينهن
مونکي قلفي نصيب نه ٿي هئي ۽ مون پاڻ کي دنيا جو
سڀ کان وڌيڪ بدنصيب ٻار محسوس ڪيو هو. ان ڏينهن
کان وٺي قلفيءَ وارو حد جي سپاهيءَ کي چار آنا روز
ڏيندو آهي ۽ سندس ڇهن ڌيئرن ۽ چئن پٽن کي هڪ هڪ
قلفي مفت کارائيندو آهي. پر قلفيءَ وارو به استاد
آهي. مفت جي قلفين ۾ پستا باداميون نه وجهندو آهي.
مان پڙهڻ ۾ جيترو جڏو آهيان ، اوترو ئي قلفي کائڻ ۾ ڀڙ آهيان.
هلڻ ۽ قلفي کائڻ جي اهڙي ته رفتار رکيم جو جڏهن
گهر جي در وٽ پهتس، تڏهن قلفيءَ جو ذرڙو ڪاٺڙيءَ
کي لڳل هو. آخري چڪ هڻي، ڪاٺڙي اڇلائي گهر ۾ داخل
ٿيس. ادا احمد منهنجي انتظار ۾ پريڊ ڪري رهيو هو.
مونکي ڏسنديئي گجيو، ”اڙي ايڏي دير؟ بلا ته نه
کائي وئي هُيئه.“
”نه ادا. رستي تي ڀولڙيءَ جو تماشو پئي هليو ۽ -“
”صفا چرٻٽ آهين. اسان جو ڀاءُ اصل نٿو لڳين.“
ادا سٽ ڏيئي منهنجي ڪڇ مان ڪپڙن جو بنڊل ڪڍي اندرين ڪمري ڏانهن
هليو ويو. مان رنڌڻي تائين مس پهتو هوندس جو ادا
جي خوفناڪ رڙ ٻڌم، ”اڙي چرٻٽ، تنهنجو ستياناس
ٿئي.“
اهڙي خوفناڪ رڙ اڳ فقط ٽارزن کان ٻڌي هئم. ادا جي يادگار رڙ گهر
جي سڀني ڀاتين ٻڌي.
امان پڇيو، ”خير ته آهي؟ ڇا ڪيائين؟“
ڌوڙ پاتائين. اڙي هن چري چرٻٽ کي گهر مان ڪڍي ڇو نٿا ڇڏيو.“
”آخر ڪيائين ڇا؟“
”اچو، ڏسو.“
ادا ڪپڙن جي بنڊل تان پنهنجي يونيفارم جي قميص کڻي سڀني کي
ڏيکاري. قميص تي قلفيءَ مان ڳڙيل کير جي ٽيپن جا
داغ هئا. ٻيو ڪجهه به نه هو. مون ڏانهن قهري نظرن
سان ڏسندي چيائين. ”منهنجو وس پڄي ته جيڪر کل لاهي
ڇڏيانءِ.“
ادا جڏهن کان صوبيدار ٿيو آهي، تڏهن کان بيحد خوفناڪ ٿي پيو
آهي. ماڻهو ته لڳيئي ڪونه. جهڙو گينڊو. پاڙي ۾
ٿرٿلو، مائٽن ۾ ٿرٿلو، هِت ٿرٿلو، هُت ٿرٿلو، ادا
صوبيدار آهي، خبردار، ڪوبه گڙٻڙ نه ڪري! هڪ ڏينهن
قلفيءَ واري کان ٻڌو هئم ته علاءُ الدين کي ڪيئن
نه جادوءَ جو چراغ لڀي ويو هو ۽ پوءِ وٽس دولت جا
انبار لڳي ويا هئا. صوبيداريءَ ۾ ادا کي به اهڙو
ئي چراغ هٿ لڳي ويو آهي. هر مهيني ڪجهه نه ڪجهه
ضرور آڻيندو آهي. ڪڏهن ريفريجريٽر، ڪڏهن ريڊيو
گرام، ڪڏهن پيانو، ڪڏهن فرنيچر ۽ ڪڏهن چينيءَ جو
سامان ۽ ڪپڙا. ادا ۾ هڪ ٻيو ڦيرو به آيو آهي. سندس
رويو ۽ ڳالهائڻ جو لهجو هوبهو اسڪول جي ماسترن
جهڙو سخت ٿي ويو آهي. قميص تي قلفيءَ جا ٻه چار
داغ ڇالڳس، مڙس ڪپڙن مان نڪري ويو. گهوريندي
چيائين، ”منهنجو وس پڄي ته جيڪر ڪچو چٻاڙي
ڇڏيانءِ.“
مون ڀر ۾ بيٺل ڀيڻ کان پڇيو، ”ادا آدم خور به ٿي پيو آهي ڇا؟“
”بڪواس بند ڪر.“ اديءَ ڇڙٻ ڏني. ”بيوقوف، ڀوڪ، چرٻٽ.“
اسان جي هڪ ئي ڀيڻ آهي – عذرا. ٽن ڀائرن کان ننڍي ۽ مون کان وڏي
آهي. امان جي لاڏلي آهي. امان سندس نالي ۾ پيسا گڏ
ڪندي آهي. بابا پوليس ۾ انسپيڪٽر هو ۽ فرض
پورائيءَ ۾ چورن هٿان مارجي ويو هو. امان سرڪاري
انعام جي سڄي رقم عذرا جي نالي رکي ڇڏي. ادا احمد
به جيڪي ڪجهه آڻيندو آهي، تنهن مان به قيمتي مال
عذرا لاءِ رکندي ويندي آهي. مون امان کان هڪ ڏينهن
پڇيو هو ته عذرا جي شاديءَ لاءِ ايڏا پيسا ۽ سامان
سڙو ڇو ڪٺو ڪيو اٿئي؟ تڏهن امان وراڻيو هو، ”تون
چرٻٽ آهين، توکي خبر ناهي. ڇوڪري جڏهن شاديءَ لائق
ٿيندي آهي، تڏهن اهڙو وقت ايندو آهي، جنهن ۾
ڇوڪريءَ جا گڻ اوگڻ دولت جي ڪسوٽيءَ تي پرکيا
ويندا آهن.“
گڻ او گڻ! امان ٺيڪ چيو هو. عذرا ڏانهن ڏٺم، جنهن جو نڪ ڦٿل
انگور جهڙو، اکيون متيري جهڙيون، ڪن ٽڪاڻي جا
ڏيئا ۽ ڏند مترڪي جهڙا آهن. سڄو ڏينهن ڊريسنگ
ٽيبل سامهون سرخي پائوڊر ختم ڪندي رهندي آهي. هڪڙي
ڏينهن پنهنجي ڪنهن ساهيڙيءَ سان راز جون ڳالهيون
پئي ڪيائين. مان در جي پردي پويان لڪي قلفي چوسي
رهيو هوس. عذرا چيو، ”سڌير هينڊسم آهي.“
”ڪهڙو سڌير؟“ مان پردي مان نڪري ٻنهي جي سامهون اچي بيٺس.
”وڃ، تنهنجو ڪم ناهي،“ عذرا چيو.
”نه نه، ٻڌاءِ ته ڪهڙو سڌير؟“
سندس ساهيڙيءَ ورائيو، ”پاڪستاني هيرو سڌير.“
”هون. سڌير ته خچر آهي، خچر.“ وراڻيم، ”سڌير کان وڌيڪ هينڊسم
قلفيءَ واروآهي يا ٽارزن.“
ٻنهي خوب ٽهڪ ڏيئي مونکي ڦڪو ڪيو. عذرا جي ساهيڙيءَ، عذرا کي
چيو، ”تنهنجو ڀاءُ انور به هينڊسم آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي دل ۾ ڪتڪائي محسوس ڪئي هئم. انور کي خوشخبري
ٻڌائڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ ويس، پر هو پنهنجي ڪمري ۾
موجود نه هو. ضرور فلم ڏسڻ ويو هوندو! انور کي
فلمن ڏسڻ جو بيحد شوق آهي. صبح جو ڪاليج ويندو آهي
۽ ڪاليج ۾ شاگردن جي مسئلن تي زوردار تقريرون ڪندو
آهي. دوست کيس اسٽوڊنٽ ليڊر سڏيندا آهن. روز شام
جو فلم ڏسندو آهي ۽ رات جو گهر ۾ ان فلم جا زور
زور سان گانا ڳائيندو آهي. هن کي ٻي ڪنهن به ڪم
سان دلچسپي ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن اخباري نمائندن جي
موجودگيءَ ۾ شاگردن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ بک
هڙتال جو اعلان ڪندو آهي. اهڙي اعلان کانپوءِ
اخبارن ۾ سندس فوٽا شايع ٿيندا آهن. تنهن رات هو
نڙي ڦاڙي گانا ڳائيندو آهي. هڪ دفعي سچ پچ بک
هڙتال ڪيائين. ڪاليج جي ورانڊي ۾ تڏو وڇائي پلٿي
ماري ويهي رهيو. ڏينهن جو اخباري نمائندن کي بيان
ڏيندو هو ۽ بک هڙتال جاري رکڻ جا اعلان ڪندو هو.
روز منهنجا ڀائر، امان ۽ عذرا کيس ڏسڻ ۽ ملڻ ويندا
هئا. مان شام جو ايٽي ڏڪر کيڏڻ کانپوءِ کيس ملڻ
ويندو هوس. سندس صحت روزانو سڌرندي ويندي هئي. مون
هڪ دفعي هڪ عدد روزو رکيو هو ته ذري گهٽ مرندي
مرندي بچيو هوس. انور بک هڙتال ۾ ڏنڊو ٿيندو ويو
هو. اڪيلائي ڏسي نهايت رازداريءَ سان ڳالهائيندو
هو، ”يار چرٻٽ، اڄ ڪلهه قلفي کائڻ ڇڏي ڏني اٿئي
ڇا؟“
”نه، اجهو هينئر ته کائي آيو آهيان. ڏاڍي مزيدار هئي.“
”ٻڌ.“ مون کي ڪن ۾ چوندو هو، ”جڏهن سڀ هليا وڃن. تڏهن منهنجي
لاءِ هڪ قلفي ۽ چئين آئي جا پڪوڙا آڻجانءِ.“
”پر تو ته بک هڙتال ڪئي آهي.“
”تون نٿو سمجهين، تون چرٻٽ آهين. اها سڀ ليڊر ٿيڻ جي سياست آهي.
ڏسجانءِ هڪ نه هڪ ڏينهن مان ضرور وزير ٿيندس.“
مونکي يقين آهي ته اسان جو ڀاءُ انور هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور وزير
ٿيندو.
پر سڀني کان مختلف عادتن ۽ طبيعت جو منهنجو ڀاءُ شفيق آهي. احمد
کان ننڍو ۽ اسان سڀني کان وڏو آهي. گهر ۾ سڀني
تي، احمد کانسواءِ، هيڊ ماستر جهڙو رعب رکندو آهي.
قد جو ڪمند ۽ جسم جو ڪانو آهي. منهن انب جي چوسيل
ککڙيءَ جهڙو اٿس. مونکي اصل نه وڻي. هر آچر تي
مونکي مار ڏيندو آهي. پنجين سال هڻي ماري بي. اي.
ڪيائين. انجنيئر صاحب جي سفارش سان رينجر جي نوڪري
ملي اٿس.
پهرين ڏينهن نوڪريءَ تان موٽيو هو ته مونکي ڇڙٻ ڏيندي چيو
هئائين، ”چرٻٽ، خبردار جو قلفي کاڌي اٿئي. قلفي
کائيندين ته گولي هڻدو مانءِ.“
شفيق جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي، جڏهن انجنيئر صاحب لاهور مان
ٻارن جي پلٽڻ سميت ڪراچي گهمڻ ايندو آهي. انجنيئر
صاحب جا ڪجهه ٻار دٻي جو کير پيئندا آهن، ڪجهه مون
وانگر قلفي کائيندا آهن ۽ هڪ ڌيءَ ڪوڪاڪولا پيئندي
اٿس. انجنيئر صاحب جي ڪوڪاڪولا ڌيءَ ڏسي اسان جو
ڀاءُ شفيق دليپ ڪمار ٿي پوندو آهي. کيس کلائڻ لاءِ
چرچا گهٻا ڪندو آهي. ٻارن جي رسالي مان لطيفا ياد
ڪري کيس ٻڌائيندو آهي. جڏهن به انجنيئر صاحب جا
ٻار اسان وٽ ايندا آهن، شفيق آفيس مان مٿي جي سور
جو بهانو ڪري موڪل وٺي ايندو آهي ۽ گهر جي ڀاتين
کي مٿي ۾ سور وجهندو آهي.
هڪ دفعي انور ۽ شفيق جي وچ ۾ ڪوڪا ڪولا تان ٿوري ڇڪتاڻ به ٿي
هئي، پر امان ٻنهي کي پنهنجو فيصلو ٻڌايو هو ته،
”اول احمد پوءِ تون. هن دفعي انجنيئر صاحب ايندو
ته مان کانئس احمد لاءِ سندس وڏي نينگر جو سڱ
گهرنديس.“
ان رات شفيق دليپ ڪمار وانگر وار منهن ۾ وجهي، چپ لٽڪائي زبردست
ڏک جو اظهار ڪيو هو ۽ انور نهايت غمگين فلمي گانا
ڳايا هئا ۽ ٻئي ڏينهن اخباري نمائندن سامهون بک
هڙتال جو اعلان ڪيو هئائين. ساڳي ڏينهن هڪ سپاهيءَ
کان ٻڌم ته احمد ٿاڻي تي خوشيءَ وچان هڪ چور کي
ايڏي ته مار ڏني، جو چور جا ٻه ڏند ڀڃي ڇڏيائين.
انور غمگين گانا ڳائڻ نه ڇڏيا هئا، شفيق جو لڙڪيل چپ پنهنجي
جاءِ تي واپس نه آيو هو؛ احمد خوشيءَ وچان چورن کي
مارڻ نه ڇڏيو هو جو اوچتو ئي اوچتو، بنا اطلاع ڏيڻ
جي انجنيئر صاحب پنهنجي ڌڻ سميت اچي حاضر ٿيو.
ڪوڪا ڪولا ساڻن گڏ نه هئي. انجنيئر صاحب اچڻ شرط
امان کي چيو، ”ڀاڄائي، جلد ڪر، تيار ٿيءُ. بازار
هلڻو آهي.“
”ڇو، خير ته آهي نه؟“
”ها ها، مڙيئي خير آ، بس شام واري گاڏيءَ ۾ موٽي وينداسين.“
”ايترو جلد؟“
”ها، ڀاڄائي، ڳالهه ئي ڪجهه اهڙي آهي.“
”آخر مان به ته ٻڌان؟“
”ڪڪيءَ جي سڱ جي ڳالهه چيف انجنيئر جي پٽ سان پڪي ڪري آيو
آهيان. ايندڙ آچر تي شادي آهي ۽ توهان سڀني کي
اسان سان هلڻو پوندو.“
امان پاڻ کي ڪونچ تي ڇڏي ڏنو اکيون پوري ليٽي پئي. انجنيئر صاحب
ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پر امان اک نه کولي. مان سڄو
نظارو در جي پردي پويان لڪي ڏسي رهيو هوس. امان کي
اهڙي حال ۾ ڏسي، قلفيءَ کي پويون چڪ پائي، ڪاٺڙي
اڇلائي، پردي سان وات آگهي ٻاهر آيس. مون کي
ڏسنديئي انجنيئر صاحب چيو، ”چرٻٽ وارو ڪر“ ڪنهن
ڊاڪٽر کي وٺي اچ. ماڻهين کي گرمي لڳي آهي.“
مان ڊوڙندو، ٻه ٻه ڏاڪا لهندو رستي تي وڃي پهتس. سامهون قلفيءَ
وارو بيٺو هو. کانئس ٻه قلفيون ورتم ۽ ڊوڙندو گهر
موٽي آيس. هڪ قلفي آڻي امان جي وات تي رکيم. هن
اکيون کوليون، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ
آهستي آهستي قلفي چوسڻ لڳي.
”اڙي، هي ڇا!“ انجنيئر صاحب چيو، ”تون ته صفا چرٻٽ آهين. توکي
ته اجايو موڪليم.“
پڇيومانس، ”مائٽ قلفي کائيندين؟“
هو اُلر ڪري آيو. مون ٺينگ ڏنو ۽ قلفي چوسيندو ٻاهر هليو ويس.
** |