ساجن منهنجو دوست
ساجن سينٽر جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي.
پڙهيل ڪڙهيل ڪونهي. سياسي قيدي به ناهي. تنهنڪري کيس سخت پورهئي
سان سزا مليل آهي.
روز صبح جو سليماني چانهه ۽ ڊبل روٽيءَ جو سڪل ٽوسٽ کارائي، کيس
ٻين قيدين سميت جيل پويان نيشنل روڊ جا پٿر ڪُٽڻ
لاءِ وٺي ويندا آهن.
سڀيئي قيدي رستي تي وڇايل پٿر ڪُٽيندا آهن. لوهي مار تولن سان
وڏا وڏا پهڻ ڪُٽي ننڍيون ننڍيون پٿريون ڪري ڇڏيندا
آهن. نه ڳالهائن، نه ٻولهائن. کين فقط پنهنجي ڪم
سان ڪم هوندو آهي. هر طرف کان سپاهين جون تيز ۽
ڪرڙيون نگاهون کين گهورينديون رهنديون آهن. صبح جو
سندن هٿ ۽ هٿوڙا هوريان هوريان هلندا آهن. پر
پوءِ، جڏهن منجهند جو جلائيندڙ سج چوٽ چڙهندو آهي
۽ ڌرتي تپي تندوُر ٿيندي آهي، تڏهن سندن چوٽن جي
رفتار تيز ٿي ويندي آهي ۽ اُهي سخت ۽ ڪٺور پٿر
جيڪي صبح جي ٿاڌل ۾ آسانيءَ سان ٽوڙي نه سگهندا
آهن، پل ۾ پرزا ڪري ڇڏيندا آهن.
انسان مشينون آهن. پگهر سندن ڪلن جو تيل آهي. جڏهن به پگهر سندن
عضوي عضوي مان ريلا ڪري وهندو آهي ۽ جڏهن سندن جسم
تپي لوهه ٿي ويندا آهن، تڏهن ڪارا ڪارا ٽاڪرو پٿر
به قيدين جي چوٽن ۾ چٿجي چور ٿي ويندا آهن. لاڳيتي
پهڻ – ڪشي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ڪو قيدي پنهنجي زبون
زندگيءَ کي گار به ڏيئي وٺندو آهي.
پر ساجن خاموش رهندو آهي. مارتول هن لاءِ اجنبي ناهي. هت اچڻ
کان اڳ به هن جي هٿ ۾ هٿوڙو هوندو هو ۽ هو اڪثر هڪ
ئي ڌڪ سان موٽرن، لارين ۽ ٽرڪن جا ڪٽ کاڌل بمپر
سڌا ڪري ڇڏيندو هو.
ساجن چاڪيواڙي جي پويان هڪ گيراج ۾ ڪلينر هو. سندس وجود سڙيل
موبل آئل، گندي پيٽرول ۽ ڄڙهه مليل گريس ۾ گم ٿي
ويو هو. هن پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾ نه ڪڏهن
سوچيو، ۽ نه ئي ڪڏهن کيس پنهنجي مستقبل جي چنتا ٿي
هئي. هوش سنڀاليندي هن پاڻ کي پراڻين لارين، موٽرن
۽ بسن جي هيٺان ليٽيل لڌو هو. پنهنجي زندگيءَ جو
راند ڪرڻ وارو زمانو موٽرن جامڊگارڊ چمڪائيندي
گذاريو هئائين. صبح کان سانجهيءَ تائين موٽرن جي
مر لاهڻ جي عيوض کيس سٺ رپيا ماهوار ملندا هئا.
سٺ روپين مان ٽيهه روپيا ٻاڪڙي واري ملباريءَ کي ڏيندو هو ۽
باقي پئسن مان عيش ڪندو هو. سندس عيش جي ”مينو“ ۾
پَنَ جون ٻيڙيون، چرس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ”ڪنتري“ شامل
هوندا هئا. ڪو روڪ ٽوڪ ڪندو هوس ته ٻئي ٻانهون هوا
۾ ڦهلائي چوندو هو، ”اڙي يار، پاڻ موالي ته عيش
ڪندا آهيون عيش. نه ڪنهن جي چوري، نه سينه زوري،
اُڏايون ٿا پنهنجي مزوري. لڳي دم – مِٽي غم.“
۽ جنهن ڏينهن ٺري جي هڪ بوتل ڳڙڪائي ويندو هو، تنهن ڏينهن سندس
سوچ سمجهه جي ڪلن تان ڪٽ لهڻ لڳندي هئي. ان رات
اڪيلن رستن تان ڳائيندو ايندو هو، ”لڳي دم، مٽي غم
– لڳي دم، مٽي غم.“ چرس ڀريل سگريٽ جا ڪش سندس ذهن
کي هلڪو ڪندا رهندا هئا ۽ پوءِ گيراج جي هڪ ڪنڊ ۾
ڪنهن بس جي پراڻي سيٽ تي کيس ننڊ کڻي ويندي هئي.
جيستائين کائي پي موج ۾ نه ايندو هو، تيستائين خاموش رهندو هو.
کيس نه ٻين سان ۽ نه ئي ڪا پاڻ سان دلچسپي هئي.
مهيني ۾ هڪ دفعو غليظ ڪپڙا مٽيندو هو ۽ ٻه دفعا
ميونسپل نل تي وهنجندو هو. هڪ دفعي ڪنهن سماجي
ڪارڪن معاشري جي گندي تصوير ڇڪڻ لاءِ گتي ۾ پنهنجي
ڪئميرا استعمال ڪئي هئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ
تصوير ڪنهن اخبار ۾ نڪتي. تصوير ۾ ڏيکاريل هو ته
ملڪ جا نوجوان ڪيئن نه پنهنجي زندگيءَ سان خطرناڪ
راند ڪن ٿا. (ليک ۾ اهو لکيل نه هو ته سياستدان به
ملڪ جي نوجوانن سان خطرناڪ راند کيڏندا آهن.) مراد
ڪاسائيءَ ساجن کي اها تصوير ڏيکاريندي پڇيو هو،
”هن کي سڃاڻين!“
”ڪو مردود آهي، يار هڻيس گولي.“ ساجن لاپرواهيءَ سان وراڻيو هو.
”اڙي ڀاڙيا تون آهين.“ مراد ڪاسائيءَ کيس ٻڌايو هو. ساجن کي
پنهنجي شڪل به چڱيءَ طرح ياد نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن
لاپرواهيءَ سان پاڻ کي لال خان پان واري جي آئيني
۾ ڏسي وٺندو هو.
لاپرواهي ساجن جي زندگيءَ ۾ شامل هئي. ايتريقدر جي ڪڏهن ڪڏهن،
جڏهن گيراج ۾ مستري رمضان جي ڪوٺيءَ مان سازن جو
آواز ۽ ڇير جو ڇمڪو ايندو هو، تڏهن به هو ڪا
دلچسپي محسوس نه ڪندو هو. هن ڪڏهن به پنهنجي مالڪ
مستري رمضان کان اهو نه پڇيو هو ته رات جو گيراج ۾
طبلا ڇو وڄندا آهن؟ ڊانس ماستر شيام سندر ڇوڪريون
ڇو وٺي ايندو آهي؟ ڇوڪريون سڄي سڄي رات گيراج ۾
رهي ڇو پونديون آهن؟
هن ڪجهه نه پڇيو، ڪجهه نه سوچيو. جيڪو نه پڇي ۽ نه سوچي تنهن کي
هر ڪو پسند ڪندو آهي. ان ڪري ساجن کي به مستري
رمضان بيحد پسند ڪندو هو ۽ کيس گيراج ۾ رهڻ جي
موڪل ڏني هئائين.
مکڙيون مهٽجنديون رهيون. گل ڪومائجندا رهيا. رات جي تاريڪيءَ ۾
انسانيت جو خون ٿيندو رهيو، پر ساجن ڪڏهن به
پنهنجي دل ۾ چهنڊڙي محسوس نه ڪئي. هن پاڻ سان گڏ
دنيا کي به ڀلائي ڇڏيو هو. هڪ دفعي ڪنهن عيسائيءَ
مشنريءَ جي فادر کيس زوريءَ ڪرستان ڪرڻ لاءِ کانئس
پڇيو هو، ”تون مسلمان آهين؟“
”نه.“
”هندو آهين؟“
”نه.“
”ڪير آهين؟“
”مان ساجن ڪلينر آهيان.“
فادر خار وچان ساجن کي گهوريندو هڪ طرف هليو ويو هو.
دين ڌرم جي باري ۾ به ساجن ڪجهه نه سوچيو. ها، هو ڪڏهن ڪڏهن
مسجد جي مُلان جي ٻانگ جو ۽ مهاديو مندر مان گهنڊن
جو آواز ٻڌندو هو، پر کيس ٻنهي مان مزو نه ايندو
هو. هن ملان کي گُتي ۾لڪي لڪي شراب پيئندي ڏٺو هو
۽ ٻانڀڻ کي ڇُپي ڇُپي گوشت کائيندي ڏٺو هئائين.
ساجن کي مراد ڪاسائيءَ جو جملو ياد هو ته ”اڙي
مولائي، هيءَ سڄي دنيا دوکو آهي. فقط صبح جو سائين
سچ آهي.“ دين ڌرم سڀ ڌوڙ آهي.“
۽ ساجن روز صبح جو گانجي جو دم هڻي، کنگهندي کنگهندي چوندو هو،
”آ صبح جا سائين ٻيڙي ٻني لائين،
جيڪي پيئن سي جيئن، نه ته پري ٿي بيهن،
آ صبح جا سائين.“
۽ هڪ صبح جو جڏهن سائينءَ کي سڏ ڪري ساجن ٻيڙي ٻني لاهي رهيو
هو، تڏهن هن مستري رمضان جي ڪوٺيءَ مان هڪ ڇوڪريءَ
کي ٿڙندڙ قدمن سان ٻاهر نڪرندي ڏٺو. شيڊ جي
ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ هن ڏٺو ته ڇوڪريءَ جا وار
منجهيل هئا ۽ اکين جي چوگرد ٿَڪ ۽ اوجاڳي جا گهرا
نشان هئس. ڇوڪريءَ بس جو سهارو وٺندي، گيراج تي
هڪ نظر وڌي. ساجن جي پاسي ۾ سينور لڳل گگهي ۽ جست
جو ميرو ۽ مروڙيل گلاس ڏسي وک وڌايائين. قدم وچڙي
پيس. موٽر جي ٽائر تان ٿاٻو کاڌائين ۽ ٻئي لمحي
دونهاٽيل ڪاري فرش تي ڦهڪو ڪري ڪري پيئي. ساجن کي
ڪاوڙ لڳي ته ڇوڪريءَ سندس سمورو سرور ڪافور ڪري
ڇڏيو هو. هو بيدليءَ سان ڇوڪريءَ کي سهارو ڏيڻ
لاءِ پنهنجي ڪنڊ مان اُٿيو ۽ پوءِ لاپرواهيءَ سان
ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان ڇڪي اُٿاريندي پڇيائين، ”ڇا
گهر جيئي ؟“
”منهنجي ٻانهه ته ڇڏ.“ ڇوڪريءَ ٻانهه ڇڏائيندي چيو، ”منهنجي
قميص تي پنهنجي ميري هٿ جا داغ ڪري ڇڏيندين.“
”تنهنجي ڪپڙن تي هن ڌرتيءَ جا به ته داغ آهن.“
”ڀل هجن. اسان جي قسمت ئي داغدار آهي.“
”اُڃايل آهين؟“
”ها، مان اُڃايل آهيان،“ ڇوڪريءَ پنهنجن خشڪ چپن تي زبان
ڦيريندي چيو.
ساجن کيس گلاس ڀري ڏنو ۽ هوءَ يڪ ساهي سمورو پاڻي پي ويئي. پوءِ
وڌيڪ پاڻي پيئڻ لاءِ گُگهيءَ جي پاسي ۾ ويهي رهي.
مٺ مان مروٽيل نوٽ ڌرتيءَ تي رکي پاڻي پيئڻ لڳي.
ساجن سندس سامهون اچي ويٺو. مروٽيل نوٽ کڻندي
پڇيائين، ”ڇا هي؟“
ڇوڪريءَ جهٽ ڏيئي مروٽيل نوٽ ساجن جي چپٽيءَ مان ڦري ورتو.
وراڻيائين، ”هي ڏهين رپئي جو نوٽ آهي. منهنجو آهي.
انسانيت جي قيمت آهي.“
”تنهنجو نالو انسانيت آهي؟“
”بلڪل ٻُڌو آهين،“ ڇوڪريءَ ويران ٽهڪ ڏنو.
”نه. مان ٻڌونه آهيان. منهنجو نالو ساجن آهي.“
”ساجن!“
”ها، منهنجو نالو ساجن ڪلينر آهي.“
”عجيب نالو اٿئي!“ ڇوڪريءَرئي جي ڪنڊ ۾ نوٽ ٻڌندي چيو، ضرور
تنهنجي پيءُ رکيو هوندو.“
اهو نالو مراد ڪاسائيءَ رکيو آهي.“ هن جواب ڏنو، ”منهنجو ڪوبه
پيءُ ڪونهي.“
”تنهنجو ڪو به پيءُ ڪونهي؟“
”مون کي ته ياد ناهي.“
۽ اوچتو اُداسين جا بادل اُڀرندا آيا. ڇوڪري اُٻاڻڪي ٿي ويئي.
هن جي اندر ۾ پڙاڏو گونجيو، ته ڇا مان به هڪ ڏينهن
ڪنهن اهڙي ساجن کي جنم ڏينديس جنهن جو ڪوبه پيءُ
نه هوندو ۽ جيڪو ڪنهن گدلي گيراج ۾ ڪلينر ٿي سڄي
دنيا کان لاپرواهه ٿي ويندو؟
ساجن ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
اوچتو ڇوڪريءَ سوال ڪيو. ”تنهنجي ماءُڪٿي آهي؟“
”هوءَ ڪمبخت به مري ويئي.“
”مري ويئي!“
”ها، مري ويئي، اسان سڀ مري وينداسين. تون، مان مسجد جو مُلو،
مندر جو ٻائو، ڪرستان فادر ۽ منهنجي ماءُ. اسان سڀ
مري ويندا آهيون.“
”ڇا ٿيس؟“
”الاءِ. بس هڪ ڏينهن فٽ پاٿ تي مري ويئي. مان اُن وقت تمام ننڍو
هوس،“ ساجن جواب ڏنو.
خوف، هراس ۽ ڊپ جي جذبن ڇوڪريءَ جي تن بدن مان سيسڙاٽ ڪڍي سندس
حواسن کي لوڏي ڇڏيو. هن پاڻ کي ڪنهن فٽ پاٿ تي دم
ٽوڙيندي ڏٺو . کيس پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀندا
محسوس ٿيا؛ ساهه ڦڦڙن ۾ ڦاسندو محسوس ٿيو ۽ سندس
زبان خشڪ ٿيندي ويئي. هوءَ پنهنجي حسرتناڪ موت جي
تصور تي اُداس ٿي ويئي. نڙيءَ ۾ موت جي تلخي محسوس
ٿيس ۽ پوءِ گلاس جو بچيل پاڻي ڳيت ڏيئي پي ويئي.
گلاس گُگهيءَ تي رکندي چيائين، ”مون کي ٽئڪسي ته
آڻي ڏي. مان ٿڪل آهيان ساجن.“
۽ پوءِ جڏهن ساجن ٽئڪسي آڻي گيراج جي ٻاهران بيهاري تڏهن
ڇوڪريءَ کيس دعا ڏني، ”خدا تنهنجو ڀلو ڪندو ساجن.“
ساجن آسمان ڏانهن ڏسي کلي پيو.
”ڇو ٿو کلين؟ ڇوڪريءَ ٽئڪسيءَ ۾ ويهندي پڇيو. ساجن جواب نه ڏنس،
پر ٻيو به هڪ ٽهڪ ڏنائين. کيسي مان پن جي ٻيڙيءَ
ڪڍي، دکائي، ڪش هڻي، دونهون آسمان ڏانهن ڇڏيندو
اندر گيراج ۾ موٽي ويو.
ٻئي ڏينهن سانجهيءَ ڌاري ساجن پيرو مواليءَ کان چرس وٺڻ لاءِ
گيراج کان ٻاهر نڪتو. در وٽ کيس ڪالهوڪي ڇوڪري ملي
ويئي. ساجن کي ڏسي بيهي رهي. ساجن پڇيس، ”تون روز
نچڻ ايندي آهين؟“
”نه. استاد شام سندر کان ڊانس سکڻ ايندي آهيان.“
”سڄي رات!“
”بلڪل ٻُڌو آهين ساجن.“ ڇوڪريءَ طنز ڀريل لهجي ۾ چيو، ”استاد
شيام سندر ۽ مستري رمضان سڄي رات مفلسيءَ کي پيسي
تي نچائيندا آهن.“
ڇوڪريءَ جو جملو ساجن جي سمجهه ۾ نه آيو ۽ هو ڪياڙي کنهندو
مواليءَ جي اڏي ڏانهن هليو ويو.
ڀيرو مواليءَ جي اڏي تي جانو مڪرانيءَ ساجن کي خوب شراب
پيئاريو. مفت جو مال قاضيءَ کي جلال! ساجن ڍوَ تي
پيتو. ڪنتريءَ جي ڪڙاڻ جڏهن سندس وات کي زهر ڪري
ڇڏيو، تڏهن هو ٽيبل کي لت هڻي گُتي کان ٻاهر نڪري
آيو. هن قدمن کي هوا ۾ ٿڙندي محسوس ڪيو. دل ۾ رستي
تي ليٽي پوڻ جي تمنا جاڳي اٿيس، پر هلندو رهيو.
ٿاٻو آيس ته فٽ پاٿ تي اجايو ويهي پيسا ڳولهڻ لڳو.
هلندي هلندي جڏهن اليڪٽرڪ پول سامهون آيس ته ان کي
خوب گاريون ڏنائين. چنڊ بادلن ۾ لڪي ويو ته پٿر
کڻي آسمان ڏانهن اڇلايائين. گيراج ۾ پهتو ته پاڻ
کي بس جي پراڻي سيٽ تي اُڇلائي ڇڏيائين . ٻئي
ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي، ٽنگ ٽنگ تي رکي اکيون پوري
ڇڏيائين. اوچتو پير ۾ خارش ٿيڻ لڳس. هٿ وڌايائين
ته وڃي لانگ بوٽ ۾ پيس ۽ پوءِ ٽنگ مٿي ڪري، پراڻي
ڇڳل لانگ بوٽ کي کڙيءَ کان ڇڪي لاهي ڦٽو ڪيائين.
ان وقت سندس ڪن تي ڪنهن عورت جي آزي نيزاريءَ جو
آواز پيو. ڄڻ ته رحم لاءِ پڪاري رهي هئي. هن محسوس
ڪيو ته آواز مستري رمضان جي ڪوٺيءَ مان اچي رهيو
هو. هن اُٿڻ چاهيو، پر گهيرٽ آيس ۽ جهٽ ۾ کيس ننڊ
کڻي ويئي.
گهڻن ڏينهن تائين ساجن وري اُن ڇوڪريءَ کي نه ڏٺو. هڪڙي ڏينهن
سج لهڻ مهل، هن ڪوٺيءَ مان مستري جو آوازٻڌو.
ڪاوڙيل هو. ”جيستائين نوري نه ايندي، مان هڪ پائي
به نه ڏيندس.“
”هوءَ اچڻ جهڙي ناهي اَبا،“ ساجن ڪمزور آواز ٻڌو. ان وقت هو
مارتول سان رنگ تي ٽائر چاڙهي رهيو هو.
”اچڻ جهڙي ناهي ته پيسا به ناهن.“
”مستري ڪجهه ته خيال ڪر.“ ڪمزور آواز چيو، ”اڃا تائين تو هن کي
فلمن ۾ ڪم به نه وٺي ڏنو آهي ۽ ڃها تائين کيس....“
”ان لاءِ کيس پيسا به ملندا آهن. خدا جي نالي ته نه ايندي آهي.“
”پر اُن رات توهان ٻنهي....“
”پيسا به ته ڊبل ڏناسونس.“
ان وقت ساجن لوهي رنگ تي ٽرئڪٽر جو زبردست ٽائر چاڙهي ڇڏيو.
ڪوٺيءَ مان مستري رمضان جو آواز آيو، ”ٻين کي ويهه ڏيون تنهنجي
ڌيءَ کي ٽيهه. شراب به انگريزي استعمال ڪندا
آهيون. کيس ڪباب ۽ چاپون به ٻڪريءَ جي گوشت جون
کارائيندا آهيون. سودو فائديمند اٿئي پوڙهي.“
ساجن جون نگاهون وزني مارتول تي کپي ويون. مستري رمضان جا جملا
سندس دماغ کي ڪنهن غيبي مترڪي سان ڪُٽڻ لڳا. هن
پنهنجي دماغ کي، دماغ جي ويچارن کي چٿجندي محسوس
ڪيو. احساس ٿيس ڄڻ ته مغز جون رڳون ڇڄي پيون هيس.
سمجهيائين ته رت ريلا ڪري سندس منهن ڌوئي ڇڏيو هو.
سندس اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا. روح جي نفرت مٺين ۾ ڀيڪوڙ
جي ويس. انسان جي قيمت فقط ٽيهه رپيا! جسم کي
پائمال ڪرڻ جي قيمت ٽيهه رپيا! جيڪي نادان هڏ کي
مڏ تي رکي اميدن جي جوٺي آس تي جيئندا آهن، تن جي
قيمت فقط ٽيهه رپيا! ساجن سستائيءَ تي ٽهڪ ڏيڻ
لڳو. عورت جي جسم ۽ ڪڻڪ جي هڪ مڻ جي ساڳي قيمت! هو
ديوانن وانگر کلڻ لڳو. انسان جي عقل تي، انسان جي
اخلاق تي ۽ انسان جي وحشي جذبن تي.
تڏهن مستري رمضان ۽ استاد شيام سندر ساجن جي ٽهڪن جو آواز ٻڌي
پنهنجي ڪمري مان نڪري آيا. ساجن گهور ڪري ٻنهي
ڏانهن نهاريو. لوهه جي وزني هٿوڙي تي سندس گرفت
مضبوط ٿيندي ويئي. هن حقارت مان ٻنهي ڏانهن ڏٺو ۽
پوءِ سڄي قوت سان هٿوڙو اڇلائي گگهيءَ کي هنيائين.
ٺڪر جي گگهي چوُر چوُر ٿي ويئي ۽ پاڻي سڻڀي فرش
تي زمين جي انڊلٺ ٺاهي بيهي رهيو.
”ڪمبخت وڌيڪ پي ويو آهي،“ شيام سندر چيو.
مستري رمضان ڏند ڪرٽيندو ساجن ڏانهن وڌي آيو. کيس زوردار چماٽ
وهائيندي چيائين، ”ساجن، ڄٽ جا پٽ. سوئر جا ڦر،
حرامي، مغز خراب ٿيو اٿئي ڇا!“
ٽهڪ بادلن جي گجگوڙ وانگر گجي خاموش ٿي ويا. دل جي دنيا تي
سارنگ وسڪارو ڪيو ۽ ساجن ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي
سيٽ تي اونڌي منهن ڪري پيو.
ان رات هن مستري رمضان جي چماٽ وسارڻ لاءِ خوب شراب پيتو، ڪنتري
۽ ٺرو. جڏهن سندس کيسا بلڪل خالي ٿي ويا. تڏهن هن
جانو مڪرانيءَ کي ڪنڌ کان وٺندي چيو، ”اڙي جانوءَ
جا ٻچا، پيسا ڪڍ.“
”پيسا الله ڏيندءِ.“
”الله ويٺو آهي مسيت ۾، هي گتو آهي پيسا ڪڍ.“
جوئا ڪندين؟“
”ها.“
”اچي هي رپيو وٺ، اُڌارو. مراد ڪاسائيءَ جي اوطاق تي جوئا هليئي
پيئي.“
مراد ڪاسائيءَ جي اوطاق تي جوئا هلي رهي هئي. ساجن سڀني کي ڦري
ورتو ۽ پيسا کڻي گتي ۾ موٽي آيو. ٽيبل تي پير
پٿاري، ديسي شراب جي گلابي بوتل سوڍا ۾ ملائي پي
ويو. ٺرو ۽ ڪنتري پيئڻ کانپوءِ هن پنهنجي ڳل تي
مستري رمضان جي چماٽ جو درد محسوس ڪيو. بي خياليءَ
۾ هن پنهنجون ٺريل آڱريون پنهنجي جلندڙ ڳل تي
رکيون ۽ اوچتو سندس بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو. هن
رڙ ڪري پيروءَ کان هڪ ٻي بوتل گهري. بي بوتل جو
شراب هن گلاس ۾ نه پيٽيو، پر ٻُڪ ۾ وجهي پنهنجي
جلندڙ ڳل ۽ پيشانيءَ تي ڇنڊا هڻڻ لڳو. بوتل ۾ باقي
بچيل ٺرو پنهنجي مٿي تي پيٽي ڇڏيائين. ساجن جي ان
حرڪت تي گتي ۾ ويٺل گراهڪن کي کل آئي. ڪي ته کلي
کلي اونڌا ٿي پيا ۽ ڪن ٽهڪڙن ۾ چيو.
”خلاص.“
”کلاس.“
”ڦنيس.“
”آئوٽ.“
هن پيروءَ مواليءَکي ڪائونٽر تي بل ڏيئي باقي پيسا ڳڻيا. وٽس
ڏهين ڏهين جا ٽي نوٽ هئا! پيروءَ کان وقت پڇيائين.
رات جا ساڍا ٻارهن ٿيا هئا. هن ڀڻڪيو، ”نوري آئي
هوندي.“
”ڪير نوري؟“
”مستري رمضان جي معشوق.“
”تنهن ۾ تنهنجو ڇاهي؟“
”اڙي سڙيل ڪاربيٽر، ان بلبل جي قيمت آهي ٽيهه روپيا.“
”هان؟“
”ها ۽ اڄ رات مان.“ ساجن کي هڏڪي آئي، ”مان نوريءَ کي مستري
رمضان جي ڪوٺيءَ ۾ وڃڻ نه ڏيندس.“
”ڇو؟“
”شُش! ڪو ٻڌي نه وٺي.“ ساجن چپن تي آڱر رکي چوڻ لڳو، .خبر اٿئي
مترڪا، نوري منهنجي – منهنجي – ڀيڻ آهي.“
پيروءَ ان ڳالهه تي زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو، ”وارو ڪر اڙي ساجن،
تنهنجي ڀيڻ مستري رمضان جي ڪڇ ۾ هوندي.“
پيروءَ جو جملو ساجن جي دل ۾ بڙڇي ٿي لڳو. هن جون نگاهون ڀت ڀت
سان ٽڪرائڻ لڳيون. تڏهن اوچتو هن جي نظر ڪنهن قومي
ليڊر جي تصوير تي ڄمي ويئي. ساجن زوم مان بوتل
ليڊر جي تصوير کي اُڇلائي هنئين ۽ پوءِ ٻئي ٻانهون
اُڀيون ڪري ڀت وٽ بيهي رهيو. گراهڪن ٽهڪ ڏيندي
چيو.
”ڦنيس .“
”کلاس.“
”سالو آئوٽ آهي، ڪُرو.“
ساجن ٻئي مٺيون ڀيڪوڙي ڀت تي وهائي ڪڍيون ۽ چيائين، ”مان کلاس
نه آهيان، ڦنيس نه آهيان. مان کتم نه آهيان.“
پيرو موالي ڪائونٽر تان اُٿي آيو ۽ ساجن کي ڪنڌ کان وٺي لت هڻي
گتي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. ساجن ٿاٻڙندو، اليڪٽرڪ
پول سان وچڙندو اڳتي نڪري ويو. هن پنهنجي سيني ۾
جوالا جلندي محسوس ڪئي. ڪنهن آتش فشان پهاڙ جو
لاؤو سندس سموري وجود کي جلائڻ لڳو. آڳ جا شعلا
سندس اندر کي لهسائڻ لڳا.
ساجن کي سُڌ هئي ته ڪٽ کاڌل لوهه جي ڪٽ لاهڻ لاءِ لوهه کي وزني
مارتول سان ڪٽڻو پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته سخت زنگ
آلود نٽبولٽ به مترڪي جي هڪ ڌڪ سان ڍرا ٿي ويندا
آهن ۽ اڄ مستري رمضان جي زوردار چماٽ هن جي ذهن
جي، ذهن جي شعور جي، سوچ ويچار ۽ بي حس احساس جي
ڪٽ لاهي ڇڏي. هن جو ضمير ۽ ضمير جي غيرت بيچين ٿي
جاڳي اٿي. بغاوت جي باهه اندر ۾ ڀڙڪي اُٿيس. هن
پنهنجي دل ۾ مستري رمضان ۽ استاد شيام سندر خلاف
نفرت جا لکين جذبا محسوس ڪيا. جيتوڻيڪ ٿڌي رات هير
۾ ٺري ويئي هئي، پر تڏهن به هن جو بدن – باطن ۽
ظاهر، تندور وانگر تپي ويو هو؛ کوري وانگر کامي
رهيو هو. هن ٿڙندڙ ٻرانگهن ۾ گهوماٽيل دماغ سان
رمضان ۽ شيام کي مترڪن سان چٿي چٿي ماري ڇڏڻ جو
فيصلو ڪيو. هن ٻنهي کي ۽ ٻنهي جي دولت کي شڪست
ڏيڻ ٿي چاهي. هن کيسي مان ڏهين ڏهين جا ٽي نوٽ ڪڍي
مٺ ۾ ڀيڪوڙيا. ائين ڪرڻ سان هن مستري رمضان ۽
استاد شيام سندر جو ساهه پنهنجي سٺ ۾ ڀيڪوڙجندو
محسوس ڪيو. خوشيءَ جو احساس ٽهڪن جي صورت وٺي رات
جي خاموشيءَ ۾ گونجندو رهيو.
”هو هو ها! اڄ رات مان مستري رمضان کي مات ڪندس“ ۽ پوءِ اوچتو
سندس لهجو غمگين ٿي ويو. هن جي خوشي ڪافور ٿي
ويئي. ڏندن ۾ چپ چٻاڙيندي چيائين. ”اڄ رات منهنجي
ڀيڻ مستري رمضان جي دولت ٿي نه نچندي. اڄ رات
منهنجي ڀيڻ استاد شيام سندر جي ڪڇ ۾ نه سمهندي.
غريبي عورت کي نچڻ تي مجبور نه ڪندي.“
ساجن پراڻي لانگ بوٽ جي لت سان گيراج جو دروازو کولي ڇڏيو. هو
ڪوٺيءَ جي بند دروازي ٻاهران اچي بيٺو ۽ پوءِ رڙ
ڪري چيائين، ”اڙي مستري رمضان، دئوس ٻاهر نڪري اچ.
مان تنهنجو ۽ تنهنجي دولت جو دشمن آهيان. مان
نوريءَ جو ڀاءُ آهيان. اچي، کڻ هي ٽيهه رپيا ۽
نوريءَ کي ٻاهر موڪل.“ ڪوٺيءَ جو در کليو. هڪ
صوبيدار ۽ ٻه پوليس وارا ٻاهر نڪري آيا. ساجن اهڙي
واقعي لاءِ تيار نه هو. هو پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ
ٿي ويو. ساجن جون نگاهون ڪوٺيءَ جي در ڏانهن
اُٿيون ته اتيئي ڄمي ويون. مستري رمضان جي هڪ هٿ ۾
شراب جو گلاس ۽ ٻيو هٿ هڪ نيم ننگي عورت جي چيلهه
۾ هوس. هوءَ نوري نه هئي. سندس چپن ۾ سگريٽ هو. هن
در جي چائنٺ تي قدم رکندي چيو، ”مان توکي ڇڏايان
ها ساجن. پر نه. تو سوچڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.
اهڙا ماڻهو اسان کي پسند ناهن.“
پوءِ صوبيدار ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”هي ئي اٿوَ ساجن، جنهن
مراد ڪاسائيءَ جي اوطاق تي جوئا ڪئي ۽ جنهن جي
تلاش ۾ توهان هتي آيا آهيو ۽ موقعي تي آيا آهيو.“
سپاهين ساجن کي هٿڪڙيون هنيون. ساجن خاموش رهيو. هن احتجاج نه
ڪيو. آه به نه ڪيائين. فقط ويران نگاهن سان مستري
رمضان کي ڏسندو رهيو. مستري سگريٽ جو دونهون
ڇوڪريءَ جي منهن ۾ ڇڏيندي چيو، ”هيءَ نوري ناهي،
ساجن. پر ٻي ڪا نوري آهي. تو جهڙا سر ڦريا،
ديوانا، ڪيترين نورين کي بچائي سگهندا؟“
مستري رمضان ٽهڪ ڏنو ۽ سٽ ڏيئي ڇوڪريءَ کي سيني سان لڳائي
ڪوٺيءَ جو در ٻيڪڙي ڇڏيو.
ساجن سينٽرل جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي. روز صبح جو سليماني چانهه
۽ ڊبل روٽيءَ جو سڪل ٽڪر کارائي، کيس ٻين قيدين
سميت جيل پويان نيشنل روڊ جا پٿر ٽُڪڻ لاءِ وڍي
ويندا آهن.
** |