سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جڏهن مان نه هوندس

باب: -

صفحو :1

جڏهن مان نه هوندس

امر جليل

 

انتساب

 

سنڌي ادب جي عظيم انقلابي مخزن

 

”روح رهاڻ“

 

جي نالي -

 

- امر جليل

 

- ”جڏهن مان نه هوندس،“ سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ ڪهاڻيڪار امر جليل جي ڪهاڻين جو اُهو مجموعو آهي، جنهن جي پهرين ڇاپي ڇپجڻ سان ئي، سنڌي ادب ۽ ڪهاڻي پڙهندڙن ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪري، هر طرف کان وڏي مڃتا ماڻي هئي. امر جليل جي اها وڏي خوش نصيبي آهي ته، هر دؤر ۾ هو سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ۽ خاص ڪري سنڌ جي نوجوانن جو فيوريٽ ڪهاڻيڪار پئي رهيو آهي. امر جليل جي هن مجموعي کي ڇپجڻ سان، نه فقط پڙهندڙن وٽان وڏي مڃتا ملي هئي، پر  اِن ڪتاب کي ساڳي وقت، سنڌ جي باوقار ادبي ۽ ثقافتي اداري سنڌالاجي پاران سال 1971ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي مجموعن مان ”بهترين ڪهاڻين جي مجموعي“ جو انعام به مليو هو. امر جليل جي اِن ”انعام يافته“ ڪتاب، ”جڏهن مان نه هوندس“ کي ٽيون دفعو پڙهندڙن جي اسرار ۽ خواهش تي ڇپرائيندي، ادارو نيو فيلڊس پبليڪيشنس نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.

ادارو

 

 

 

مهاڳ

تاريخ تي شاهدي

جڏهن مان نه هوندس، پهريون ڀيرو ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا دوران، اڻوبهه سؤ ايڪهتر(1971)۾ شايع ٿيو هو. تڏهن ، مشرقي پاڪستان ۾ بنگلاديش جي باضابطه تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ، ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ جنگ هلي رهي هئي .

ون يونٽ جي ڪڌي ڪارنامي کي برقرار رکڻ لاءِ فيلڊ مارشل ايوب خان ڏاڍي جبر، تشدد ۽ ساهه سڪائيندڙ سختي ءَ سان 1958ع کان1968ع تائين، ڏهه سال حڪومت ڪئي هئي. سندس حڪومت جا ڏهه سال ون يونٽ خلاف سياسي اُٿل پٿل، هلچل ۽ تحريڪن کي، خاص ڪري مشرقي پاڪستان، سنڌ ۽ بلوچستان ۾، دٻائڻ ۽ چٿڻ ۾ گذري ويا. ان دوران اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي انتخابي هيرا ڦيري ۽ ڌانڌلي ڏٺي، جڏهن محترمه فاطمه جناح صدارتي اميدوار جي حيثيت ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان جي سامهون ٿي هئي. فاطمه جناح کي سموري مشرقي پاڪستان، سنڌ، بلوچستان ۽ اڌ پنجاب، ۽ اڌ سرحد جي حمايت حاصل هئي، پر تنهن هوندي به هوءَ چونڊن ۾ ايوب خان خلاف ڪامياب ٿي نه سگهي. چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ فيلڊ مارشل ايوب خان اڳ کان اڳرو ٿي پيو، ون يونٽ جي پاسباني ۽ نگهبانيءَ ۾ سمورا ليڪا لتاڙي ويو.

ون يونٽ جو منصوبو رٿڻ وارن جي ذهن ۾ اگرا سياسي، استحصالي ۽ پرماري سبب هئا. اصل ۾، ون يونٽ ٺاهڻ جو سڀ کان وڏو سبب هو، قومي اسيمبليءَ ۾ بنگالين کي نيچي نوائڻ.

آباديءَ جي لحاظ کان مشرقي پاڪستان، هڪ صوبي جي حيثيت ۾، پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو هو. سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي گڏيل آبادي به کين پڄي نه سگهندي هئي. قومي اسيمبليءَ ۾ سندن اڪثريت هوندي هئي. ون يونٽ جي آقائن سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي گڏي ، هڪ ڪري، قومي اسيمبليءَ ۾ بنگالين جي منهن ۾ آڻي بيهاريو . ان ريت، تاريخ ۾ پهريون دفعو مغربي ۽ مشرقي پاڪستان درميان محاذ آرائي شروع ٿي، جنهن اڳتي هلي بنگلاديش کي جنم ڏنو.

مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف سڀ کان وڌيڪ ۽ شديد ردعمل سنڌ ۾ ٿيو. ڏهن سالن جي گُهٽ، ٻوسٽ، ۽ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي استحصال، ۽ تشدد سبب لازمي طرح سنڌ جي سوچ بدلجي ويئي. اقدار بدلجي ويا. رويا بدلجي ويا. صوفي منش سنڌي قوم ساز ۽ سنگيت کي پر ڀرو ڪري، پنهنجي بقا لاءِ ويريءَ کي للڪاريو. تاريخ جا ورق ورڻ لڳا. تاريخ جي صفحن مان سورهيه سرويچ ۽ شهيد نئين سوچ ۽ نئين حوالي سان نئين نسل ۾ ڳائجڻ لڳا. گهر گهر سنگرام ٿي پيو. انيڪ آواز فضائن ۾ ڦهلجي ويا-

”سهندو ڪير ميار، او يار

سنڌڙي ءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.“   (اياز)

”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو،

يا بچايو سنڌ کي، ياسورما شهيد ٿيو.“       (قمر)

اسان کي سنڌ سان گڏ لفظ”سابق“  قبول نه هو. انهن ڏينهن ۾ خبرن دوران ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ جڏهن  به ڪنهن صوبي جو ذڪر ايندو هو، ته ڏاڍي پابنديءَ سان  لفظ ”سابق“ استعمال ڪيو ويندوهو. مان يقين سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهان ته لفظ ”سابق“ پنهنجي صوبي جي نالي اڳيان ڏسي پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ماڻهن جو ڪهڙو رد عمل هوندو هو ! باقي سنڌ ۾ ”سابق“ صوبه سنڌ جواصطلاح ٻڌي سموري وايومنڊل مان آواز ايندو هو-

سنڌ ڪڏهن نه مرڻي آ

سنڌ اٽل آ

سنڌ ازل آ

سنڌ امر آ

سنڌ ڪڏهن نه مرڻي آ.

منهنجي درويش ڀاءُ قاضي فيض محمد *هڪ دفعي چيو هو، ”توهان ڇوڪرن کي ون يونٽ جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي، جنهن توهان کي سياسي طرح سجاڳ ڪري، نئون شعور ۽ نئين سوچ ڏني آهي. ون يونٽ هڪ نه هڪ ڏينهن ٽٽندو، پر ون يونٽ خلاف هليل هلچل دوران پيدا ٿيل سنڌ شناسي وڌندي رهندي.“

ون يونٽ خلاف نفرت، حقارت ۽ هلچل کي چٿڻ ۽ چچرڻ لاءِ ڪاروايون ڪندي فيلڊ مارشل ايوب خان جي آمريت انت کي پهتي. سندس ڳجها صلاحڪار ۽ حواري، جن ون يونٽ ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ سندس مدد ۽ پشت پناهي ڪئي هئي، سي سياڻا هئا. ايوب خان کي صلاح ڏنائون ، ته آقا، تنهنجو سونهري  دؤر اچي  پڄاڻيءَ کي پهتو آهي- پاڻ سان گڏ عوام هٿان اسان کي به خوار خراب ڪرائي مارائيندين –مهرباني ڪري حڪومت جون واڳون اسان جي حوالي ڪر، ۽ پاڻ وڃي الله الله ڪر. پر، ايوب خان به گهٽ سياڻو نه هو ! هن حڪومت جون  واڳون پنهنجي ماتحت جنرل يحيٰ خان حوالي ڪيون، ۽ پاڻ وڃي گوشه نشينيءَ ۾ ويٺو. ايوب  خان کانپوءِ جنرل يحيٰ خان جو دور شروع ٿيو. يحيٰ خان عوامي اُٿل ڏسي وائڙو ٿي ويو. هن اول ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو، ۽  پوءِ چونڊن ڪرائڻ جو. پر، ڏهن سالن ۾ ون يونٽ جي ڪينسر جيڪي جبل جيڏا جاڙ ڪيا هئا، تن جو ازالو ٿي نه سگهيو . اصل ۾ ون يونٽ مشرقي پاڪستان خلاف، بلڪ ائين چئجي ته بنگالين خلاف ڳجهي طرح رٿيل ۽ سٽيل سازش هئي. مقصد هو مغربي پاڪستان جي چئن صوبن جي انفرادي حيثيت ختم ڪري، هڪ وڏو صوبو قائم ڪري، مشرقي پاڪستان جي صوبي آڏو بيهارڻ، ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ بنگالين کي نيچي نوائڻ. پر ، وڌيڪ عرصي تائين ائين ٿي نه سگهيو . انسانيت سوز مظالم، خوفناڪ خونريزي، ۽ هڪ هيبتناڪ جنگ کانپوءِ مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي پيو. هڪ نئون ملڪ دنيا جي نقشي تي اُڀري آيو.

ڏاڍو بيرحم، پريشان ۽ ششدر ڪندڙ هو ون يونٽ وارو دور ! ون يونٽ دوران جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، ملڪ جنهن پيڙا کي ڏٺو ۽ ڀو ڳيو، رت جو سمنڊ ۽ بارود جو رڻ پٽ جهاڳيو  ۽ ان دوران ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ جنهن سوچ ۽ شعور جنم ورتو ۽ اوسر ۽ ارتقا جون احتجاجي منزلون طئي ڪيون، تن جو ڪٿي به باضابطه رڪارڊ قلمبند ڪيل نه آهي. هڪ هلاڪت خيز درو تاريخ جي صفحن ۾ ڪنهن به عبر تناڪ باب جو اضافو ڪري نه سگهيو. پر سنڌي ادب نهايت سچائيءَ ، بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان ون يونٽ واري دور جي هڪ هڪ لمحي کي قلمبند ڪيو، ۽ تاريخ جي مجرمانه خاموشيءَ تي شاهد ٿي بيٺو.

ون يونٽ دوران سنڌي اديبن جيڪو ادب پيدا ڪيو، لکيو، ۽ ڇپرا يو تنهن کي بنا ڪنهن وڌاءَ جي مزاحمتي ادب (Literature of  Resistance )سڏي سگهجي ٿو. ليکڪن جي هڪ وڏي کيپ پيدا ٿي پيئي. ملڪ سڄو منصور ٿي پيو. ادب ڄڻ سنگرام ٿي پيو- جنگ جو ميدان ٿي پيو- سنڌي ادب ماڻهن جي سوچ کي ۽ وقت جي هڪ هڪ لمحي کي پنهنجي وجود ۾ اوتي ڇڏيو. بيت هجي يا گيت، غزل هجي يا نظم، ڪهاڻي هجي يا مضمون، تحقيقي مقالو هجي يا تاثر، هڪ هڪ سٽ ۽ هڪ هڪ بند جو هڪ هڪ لفظ بڙڇي بڻجي پيو. هر ليکڪ پنهنجي وس، ڏات ۽ ڏانو آهر هڪ دور جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو ڀرپور نموني مقابلو ڪيو. ادب پنهنجي دور جي عڪاسي ڪندو آهي. ان دور جي سنڌي ادب پنهنجي دور جي عڪاسي ڪئي آهي. ون يونٽ دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي موڊ، سوچ شعور ، روين، ۽ لاڙن بابت جيڪڏهن تحقيق (Research )ڪندي فقط” روح رهاڻ “ ۽ ” سهڻي“ رسالن جو مطالعو ڪجي، ته  هڪ دور پنهنجي تاريخ سميت اسان جي اکين آڏو اُڀري ايندو.

دير مدار، ۽ وقت جي ويڇي کان قطح نظر، تاريخ جي هڪ دور ۾ ڪيل غلطيِءَ جو نتيجو قومن ۽ ملڪن کي تاريخ جي ٻئي دور ۾ ڏسڻو ۽ ڀوڳڻو پوندو آهي. اڻويهه سئو ايڪونجاهه (1951) ۾ ان دور جي حڪومت مشرقي پاڪستان ۾ ، يعني بنگال ۾ بنگالين کان يڪجهتي ‎ءَ جي نالي ۾ بنگالي ٻولي کسڻ جي تاريخي غلطي ڪئي. ريلوي اسٽيٽنن، هوائي اڏن ، بس اسٽاپن ، پوسٽ آفيسن، سرڪاري دفترن ، دڪانن، چوڪن ۽ رستن ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نالي وارين تختين تان بنگالي ٻولي ءَ کي ڊاهي، تڙي، ۽ ختم ڪري اردوءَ ۾ نالا لکيا ويا. نتيجي ۾، رد عمل طور بنگالين جهڙي نموني پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءَ ڪيو، ۽ بچاءَ جي ڪارروائين دوران ٻليدان ڏنو، سو بنگال جي تاريخ جوهڪ حصو آهي. رت ، ست ، ۽ ساهه جون قربانيون ڏيئي، بنگالين پنهنجي ٻوليءَ جو موروثي حق موٽائي ورتو. ڍاڪا ۾ شهيدن جو هڪ يادگار اُڀري آيو. تاريخ جي هڪ دور ۾، يعني اڻويهه سئو ايڪونجاهه (1951ع)۾ ڪيل غلطيءَ جو نتيجو ويهن سالن ۾، تاريخ جي ٻئي دور ۾، يعني، اڻويهه سئو ايڪهتر (1971) ۾ قوم جي اکين آڏو اچي بيٺو- ملڪ ٽٽي پيو، ۽ بنگلاديش وجود ۾ آيو . 1951ع  واري تاريخي غلطيءَ کي اڻويهه سئو پنجو  نجاهه – ڇاونجاهه( 56-1955)۾ ٻئي تاريخي غلطيءَ سان، ون يونٽ ٺاهي،تقويت ڏني ويئي هئي. علحدگيءَ جي سوچ ۽ تحريڪ کي هٿي ملي ويئي.

ون يونٽ نه رهيو. ون يونٽ جا ٺاهيندڙ، نگهبان، ۽ ڀرجهليا نه رهيا. پر، ون يونٽ دوران لکيل سنڌي ادب موجود آهي. سنڌ سان ٿيل جفا، ظلم، ناانصافي، تشدد ۽ بير حميءَ جو دستاويز موجود آهي. سنڌ ۾ سنڌ شناسي، خود آگاهي، نئين سوچ ، نئين لوچ، ۽ نئين شعور جي ارتقا جو تحريري ثبوت موجود آهي. پاڪستان ۾ اڄ تائين تاريخ سائنسي بنيادن تي نه لکي ويئي آهي، ۽ نه ئي سائنسي بنيادن تي تاريخ جو ڪڏهن مطالعو ٿيو آهي. تاريخ سان هٿ – چراند کي اسان وٽ ڪڏهن به عيب ۽ ڏو نه سمجهيو ويو آهي. بلڪ، وظيفن ۽ گرانٽن ذريعي تاريخ کي مليا ميٽ ڪيو ويو آهي. ان قسم جي جڙئو ۽ هٿ ٺوڪي تاريج  جا وکا اُن دور جو تخليقي ادب پڌرا ڪندو آهي. اڻويهه سئو پنجو نجاهه کان اڻويهه سئو ستر (70-1955)تائين، لکيل سنڌي ادب اُن دور جي تاريخ خلاف جيئرو جا ڳندو شاهد آهي.

”جڏهن مان نه هوندس“ جي پهرين ايڊيشن (1971)۽ ٻئي ايڊيشن (1989)جي وچ ۾ ارڙهن سالن جي وڇوٽي آهي. پهرين ايڊيشن اچڻ کان پوءِ حالتن کي مد نظر رکندي، ڪوشش جي باوجود، ڪوبه پبلشر”جڏهن مان نه هوندس “ جو نئون ايڊيشن آڻي نه سگهيو. بنگلاديش جي تحريڪ سب ملڪ رت ۽ بارود جهڙي سياسي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويو هو . ماڻهو ته ڇڏيو، پاڇي تي به شڪ پئي پين ته ان کي به غداري ءَ جي الزام ۾ ڦاهي ءَ تي چاڙهي پئي ڇڏيائون ! سُڪن کان وڌيڪ ساوا ساڙي پئي ڇڏيائون. بنگلاديش جي تحريڪ ۽ جنگ، هلي ته مشرقي پاڪستان ۾ هئي، پر وٺ پڪڙ سنڌ ۾ هئي! نيٺ مشرقي  پاڪستان ۾ بنگلاديش ٺهي پيو. ون يونٽ جو نتيجو ظاهر ٿي پيو-اڻويهه سئو ستيتاليهن (1947)وارو اصلوڪو پاڪستان ٽٽي پيو. مغربي پاڪستان مغربي پاڪستان نه رهيو. مغربي پاڪستان فقط پاڪستان سڏجڻ ۾ آيو. پاڪستان ۾ موت جهڙي  خاموشيءَ جو راڪاس راتاهو ڏيئي ويو. جنرل يحيٰ خان حڪومت جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪري منظر تان هٽي ويو.

سڀ ڪجهه بدلجي وڃڻ کانپوءِ اهڙو وقت به آيو، جڏهن ون يونٽ خلاف ڏهن سالن جي مسلسل جدوجهد ۽ جنگ سڀني جو سنڌ سنڌ ساڻو ڪري وڌو. ٿڪ روحن ۾ لهي ويو. عجيب قسم جي خاموشي قبرستانن جي ياد تازي ڪرڻ لڳي. پن چُري ته ڇرڪي پئجي ! پر پوءِ آهستي آهستي ماڻهن ساهه کڻڻ شروع ڪيو. دلين ڌڙڪڻ، نگاهن ڏسڻ ، ڪنن ٻڌڻ،زبانن ڳالهائڻ ۽ قلمن لکڻ، ۽ مائوف دماغن سوچڻ شرع ڪيو.  پر ان کان اڳ جو اظهار کي پرواز جا پر ملن ، 5 جولا ءِ 1977 تي رات جي ڪاري ڪفن ۾ ، هڪ دفعو وري آمريت جو راڪاس موٽي آيو. هِن دفعي راڪاس آيو، ته ڪاٺ ڪهاڙن سان گڏ مذهب جي علمبر داري ءَ جي دعويٰ به کڻي آيو. ائين لڳو، ڄڻ قيامت تائين هن ملڪ ۾ سوچڻ، سمجهڻ پر کڻ ، ڏسڻ ، ٻڌڻ ،ڳالهائڻ  ۽ اندر جو حال اورڻ تي بندش رهندي .

سنڌ دشمني، پر ماريت ، نسل ڪشي، ڦرمار، ڦٽڪن ، ڦاهين ۽ جيلن ڀرڻ جنرل ضياءَ الحق جي يارهن سالن جي حڪومت فيلڊ – مارشل محمد ايوب خان جي ڏهن سالن جي حڪومت کان ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به تجزيه ۾ گهٽ نه هئي. مان ٻنهي دورن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. ٻنهي آمرن جي دور حڪومت جو تجزيو ڪندي فقط هڪ فرق سامهون اچي بيهي ٿو – ٻنهي جي پڄاڻي ! فيلڊ مارشل ايوب خان زبردست عوامي هلچل ، جدوجهد ، Streert demonstrations  (رستن تي مظاهرن ) ۽ احتجاجن سبب اقتدار جون واڳون ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيو. ان جي برعڪس، جنرل ضياالحق ڪوڙن واعدن، ڏٽن، گوهين ۽ گهمرين، زبردست حڪمت  عملي ، نشر و اشاعت جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن تي مڪمل ڪنٽرول ، بي پناهه تشدد، مذهب کي پنهنجي اقتدار جي توسيع لاءِ بي دريغ استعمال ڪرڻ سبب ڏندين ڏاند ٿي هلندو آيو. سندس پر ڪار ڏسي ، اهو طي ٿي چڪو هو ته مو صوف جيئري جند نه ڇڏيندو – جيستائين مرندو نه، تيستائين حڪومت جون واڳون هٿ مان نه ڪڍندو ۽ پوءِ ٿيو به ائين.

”جڏهن مان نه هوندس “، مارچ اڻويهه سئو ايڪهتر (1971) ۾ شايع ٿيو هو. ان کان سال کن اڳ ڪتاب ”دل جي دنيا“ مارڪيٽ ۾ آيو هو. ٻنهي ڪتابن ۾ ون يونٽ دوران لکيل منهنجيون ڪجهه ڪهاڻيون شامل آهن. ارڙهن سالن کان پوءِ ”جڏهن مان نه هوندس“ جو سيڪنڊ ايڊيشن شايع ٿيو آهي. ان دوران پڙهندڙن جا ٻه نسل نڪري نروار ٿيا آهن-هڪڙا اُهي، جيڪي ون يونٽ دوران اڃان ننڍڙا هئا، ۽ ٻيا اُهي، جن ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ جنم ورتو آهي. مان پنهنجو هيءَ ڪتاب پڙهيندن جي نوجوان نسل جي حوالي ڪري رهيو آهيان.

 

شعبو – ايجوڪيشنل ٽيڪنالا جي،

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي،

اسلام آباد.

امرجليل

پهرين جنوري، 1989ع

 


* بزرگ سياستدان، محترم سائين قاضي فيض محمد نوابشاهه وارو نه. منهنجو وڏو ڀاءُ قاضي فيض محمد – ”ٽيون وجود“ ۽ منهنجين ٻين ڪهاڻين ۾ سرڪش، بهادر ۽ ڪڏهن شڪست قبول نه ڪرڻ جهڙن ڪردارن جو اتساهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 15 14 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com