جڏهن مان نه هوندس
پڄاڻي:
ڦاسي گهاٽ جي ڪال ڪوٺڙيءَ جو لوهي در کليو. جيلر اندر آيو. مون
گوڏن مان منهن ڪڍي ڏانهس نهاريو.
جيلر چيو، ”اڳاڻو هڪ بيحد ضعيف ۽ ڪراڙيء عورت آئي هئي. مان
سمجهان ٿو. هوءَ تنهنجي ماءُ هئي. تنهنجي لاءِ
هيءُ ڪاغذ ڏيئي ويئي آهي.“
جيلر ڪاغذ منهنجي هٿ ۾ ڏنو.
مون ڪاغذ کوليو. لکيل هو، ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا –
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
جيلر کان پڇيم، ”اڄوڪو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن آهي
نه.“
وراڻيائين، ”اڄ اڌ رات کان پوءِ ڪنهن به وقت توکي ڦاهي ڏيئي
ڇڏيندا.“
”مان پنهنجي حياتيءَ جون آخري گهڙيون لکندي گذارڻ چاهيان ٿو.“
پڇيو مانس، ”مونکي لکڻ جي اجازت آهي؟“
”ها،“ جيلر جواب ڏنو، ”پر اعتراض جوڳي تحرير جي نه.“
جيلر مونکي لکڻ جي اجازت ڏيئي هليو ويو. مون سوچيو، پکيءَ وانگر
اُڏامي ويندڙ ۽ درياهه وانگر وهندڙ وقت کي مان
روڪي نه سگهندس. پوئين پهر تائين ساهه جي سلسلي جو
حساب رکي نه سگهندس. انت ڏانهن آخري سفر منهنجي
ساهه جي هڪ هڪ ساعت محدود ڪري ڇڏي آهي. دم ٽوڙيندڙ
ساعتن ۾ مان پنهنجي مڪمل آتم ڪهاڻي لکي نه سگهندس.
مان فقط آتم ڪهاڻيءَ کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ جي
هڪ ڪهاڻي لکندس.
پڄاڻيءَ جي ڪهاڻي:
ڪمري جي در کي وٿي ٿي. مون منهن ورائي نه ڏٺو. سوچيم، ”ڪيري
هومز“ هوٽل جو ڇوڪرو هوندو ۽ چانهه جي ٽِري رکي
هليو ويندو.
مون لاهور ۾ بيڊن روڊ جي لبرٽي بلڊنگ جي ٻي ماڙ تي فليٽ نمبر
اٺين ۾ اچي پناهه ورتي هئي. لبرٽي بلڊنگ جي سامهون
”ڪيري هومز“ هوٽل هئي جنهن جو ڇوڪرو رانجهو صبح جو
سويل منهنجي لاءِ چانهه ۽ تازي اخبار کڻي ايندو
هو. مان پنهنجي فليٽ جو در اسرُ ويل کولي ڇڏيندو
هوس. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندوهو جو بي اطميناني ۽
پريشانيءَ سبب رات جي ڪنهن پهر اک کلي ويندي هئي ۽
مان قديم پلنگ تان اُٿي، ٻاهريون در کولي، موٽي
اچي ڪنڌ هيٺان ٻانهون ڏيئي ليٽي پوندو هوس. ڪڏهن
ڪا گهڙي اهڙي به ايندي هئي جو ننڊ کڻي ويندي هئي؛
نه ته اڪثر اڻٽيهين اونداهيءَ جهڙي رات ۾ اکيون
وجهي ڇڏيندو هوس، تانجو اچي پرهه ڦٽندي هئي ۽ سج
جا پهريان ڪرڻا پڙدن مان ڇڻندا ڪمري ۾ ڪاهي پوندا
هئا. ٿوري دير کانپوءِ رانجهو چانهه ۽ اخبار کڻي
ايندو هو ۽ چانهه جي ٽِري رکي پٻن تي هلندو هليو
ويندو هو.
در جو طاق چيچاٽ ڪري کُلي پيو. مون منهن ورائي نه ڏٺو.
اُها اجگر جهڙي رات مون ڪمري جي اونده سان اکيون اٽڪائي گذاري
ڇڏي هئي. طرحين طرحين جا خيال ۽ وهم ذهن کي
وڪوڙيندا ۽ پيڙيندا رهيا هئا. پاسا ورائيندي سَنڌُ
سَنڌُ ساڻو ٿي پيو هو. اڌ رات ويل در جو ڪڙو لاهي
ڇڏيو هوم. جنهن وقت در کي چيچات سان وٿي ٿي، تنهن
وقت منهنجو منهن ڀت ڏانهن هو. سڄو بدن سور کان ڇڄي
رهيو هو. مٿو ڳورو ۽ ڇپرن ۾ چڀڪو محسوس ڪري رهيو
هوس. جڏهن ڪجهه دير تائين چانهه جي ٽري رکڻ جو
آواز نه آيو، تڏهن نه چاهيندي به منهن ورائي ڏٺم.
زهره پلنگ جي پاٽيءَ وٽ بيٺي هئي. وهنتل هئي. اُماوس جي رات
جهڙا ڪارا وار ڪلهن تي پيا هئس. بدن تي سونهري
ڪنيءَ وارو ڪرمچي گائون ڍڪيل هوس. پيرن ۾ ٻن پٽين
وارو رٻڙ جو اڇو چمپل هوس، جنهن تان پاڻيءَ جي
آلاڻ نه لٿي هئي. ان وقت جيتوڻيڪ اندر ۾ آنڌ ماند
۽ حواسن تي ٻوجهه پي محسوس ڪيم، پر تنهن هوندي به
زهره کي ماڪ ڀنل رابيل جهڙي محسوس ڪيم.
هن پنهنجو نرم، نازڪ ۽ برف جهڙو سرد هٿ منهنجي سڙندڙ نرڙ تي
رکيو. مون سندس وڏين ۽ گهاٽين پنبڻين سان ڍڪيل
ڪارين ڪجلين اکين ۾ نهاريو. مونکي اُهي لفظ ۽ جملا
نٿا سجهن جن سان زهره جي بيپناهه حسن کي ڪاغذ تي
اُتاري سگهان. هوءَ هر مرد جي تصور ۾ ديرو ڪيل
ڪنهن به حسين عورت کان وڌيڪ حسين ۽ مشرقي سونهن
سوڀيا جو جيئرو جاڳندو مثال هئي. مون پنهنجي
اڻٿائينڪي زندگيءَ ۾ زهره کان وڌيڪ سهڻي ۽ شانائتي
عورت نه ڏٺي آهي.
منهنجي نرڙ تي هٿ رکندي پڇيائين، ”ڪيئن آهين؟“
”ويهي رهه. بيٺي ڇو آهين؟“ ڀت ڏانهن کسڪي ويم. هوءَ پلنگ جي
پاٽيءَ تي ويهي رهي.
منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي پڇيائين، ”ٺيڪ آهين نه.“
”ها. ٺيڪ آهيان.“
هن پنهنجين آڱرين سان منهنجا وار جائيتا ڪندي چيو، ”اڄ وري
اوجاڳو ڪيو اٿئي. هان نه؟“
کيس جواب نه ڏنم.
وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي پڇيائين، ”تون ڪنهن ڪنهن وقت سمهي ڇو
نه سگهندو آهين؟“
وراڻيم، ”چوندا آهن، ماڻهو جڏهن موت کي ويجهو هوندو آهي، تڏهن
سمهي نه سگهندو آهي.“
”ڏس! وري ڪڍيئه نه بد وائي وات مان.“
منهنجن خشڪ چپن تي مُرڪ تي آئي.
”ٻڌاءِ نه؟“ پڇيائين، ”تون ڪنهن ڪنهن وقت ڇو نه سمهي سگهندو
آهين.“
”ڪنهن ڪنهن مهل منهنجين اکين کان سمهڻ وسري ويندو آهي.“
”سمهڻ وسري ويندو آهي!“
”ها زهره. ۽ پوءِ راڪاس جهڙي رات منهنجي مات ٿي پوندي آهي.“
”پر تنهنجين اکين کان سمهڻ ڇو وسري ويندو آهي. تون سمهي ڇو نه
سگهندو آهين،“ هوءَ بيچين ٿي پيئي. منهنجو هٿ ٻنهي
هٿن ۾ قابو ڪندي پڇيائين، ”اهو ڪهڙوفڪر آهي، ڪهڙو
غم آهي جيڪو توکي سمهڻ نه ٿو ڏئي.“
”ڪوبه نه.“ منهن ٻئي پاسي ڪندي چيم، ”ڪوبه نه.“
”ڳالهه ٻڌ.“ زهره مونکي ڪلهي کان وٺي پاڻ ڏانهن ڪندي چيو،
”گذريل هڪ مهيني جي ملاقات ۾ مان سمجهي نه سگهي
آهيان، ته آخر اُهو ڪهڙو غم آهي جيڪو توکي اندر ئي
اندر کائيندو رهي ٿو. تون ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“
مون زهره جي شفاف ڪارين ڪجلين اکين ۾ نهاريو. دل چاهيو ته ٻڌائي
ڇڏيانس ته جڏهن اندر اُتاولو هوندو آهي، تڏهن ننڊ
نيڻن کي تياڳ ڏيندي آهي. اسين مڱ ٿر جي ملڪ سنڌ
ديس جا واسي ائين ئي ويراڳ جي ورونهن هوندا آهيون.
دل گهريو ته کيس پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي
ڇڏيان. کانئس ڪجهه نه لڪايان. کيس ٻڌائي ڇڏيان ته
مان لاکي ڦلاڻيءَ ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جو ٻيو جنم
آهيان.
”تون ٻڌائين ڇو نٿو.“ زهره ٻيهر پڇيو، ”آخر اُهو ڪهڙو غم آهي
جيڪو توکي اندر ئي اندر کائيندو رهي ٿو؟“
آهه منهنجي ساهه سان وچڙي پيئي. فقط ايترو چئي سگهيم، ”مون کي
ڪوبه غم نه آهي، زهره.“
”ته پوءِ بيچين ڇو رهندو آهين؟“ هن مونکي ٻارن وانگر سمجهائيندي
چيو، ”ڏس؛ پنهنجي مونجهاري جو ذڪر جڏهن ٻين سان
ڪبو آهي نه، تڏهن دل تان ٻوجهه لهي ويندو آهي.“
ان وقت ”ڪيري هومز“ هوٽل جو ڇوڪرو رانجهو چانهه جي ٽري ۽ اخبار
کڻي آيو. ٽري ٽيبل تي رکندي چيائين، ”چَوَن ٿا ته
رات ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪيو اٿائون.“
چيومانس، ”تون ڊوڙ پائي هڪ ٻي چانهه به کڻي اچ.“
”نه نه،“ زهره جي سڏ تي رانجهو بيهي رهيو. زهره چيو، ”مان
پنهنجي فليٽ مان چانهه ٿي گهرائي وٺان.“
”مونکي خبر آهي ته تنهنجي بورچياڻي چانهه سٺي ٺاهيندي آهي. پر
هن وقت تون منهنجي فليٽ ۾ آهين.“مون رانجهي کي
چيو، ”وڃ. ڊوڙ پائي هڪ چانهه کڻي اچ.“
زهره آرام ڪرسي ڇڪي پلنگ جي پاسي ۾ ويهي رهي. کاڏيءَ هيٺان هٿ
ڏيئي هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي.
پڇيو مانس، ”ڇا پيئي ڏسين؟“
چيائين، ”تون منهنجي لاءِ ڳجهارت ٿي پيو آهين ۽ - ۽-.“ هن جملو
پورو نه ڪيو. خاموش ٿي ويئي.
”چئه زهره.“
”۽، ۽ هڪڙي ڏينهن.“
”زهره!“
”۽ هڪڙي ڏينهن؛ جيئن اجنبين وانگر آيو آهين، تيئن اجنبين وانگر
هليو ويندين.“
”زهره.“ مان سٽ ڏيئي ويهي رهيس. ڪرسيءَ جي ٻانهن تان زهره جو هٿ
کڻي پنهنجن هٿن ۾ جهليم. چيم، ”ڪيئن ٿي چوين ته
مان توکي ٻڌائڻ کانسواءِ هليو ويندس. مان.“ آواز
اوپرولڳم. جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنم.
هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. اکيون بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ پاڻ
سنڀالي، ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”تنهنجي اچڻ کانپوءِ
ڀانيان ٿي، دل ۾ ڄڻ اڳ جهڙي اڪيلائي نه رهي آهي.“
”وقت وفا ڪئي جيڪڏهن، مان پنهنجي زندگيءَ سان تنهنجين اڪيلاين
کي خريد ڪندس.“ آهستي چيم، ”بس، وقت وفا ڪئي
جيڪڏهن.“
هن منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي ڇڏيون. ڄڻ منهنجي اندر جو ٽوهه پي
ورتائين. چيائين، ”ته پوءِ مون کان لڪائين ڇو ٿو؟“
”ڇا.“
”پنهنجو غم – پنهنجي پريشاني.“
مان خاموش رهيس.
پڇيائين، ”پيسن جي تنگي ته نه اٿئي.“
”نه.“
حجاب ته نٿو ڪرين؟“
”مان لکنو جو نه آهيان.“
هن ٽهڪ ڏنو. پوءِ گنڀير ٿيندي چيائين، .خانيوال کان منهنجو مني
آرڊر آيو آهي. ڪجهه پيسا ڏيانءِ؟“
”نه“ وراڻيم، ”ڪيري هومز“ جو بل لاهڻ جيترا پيسا ۽ ڪجهه بچت اڃا
مون وٽ آهي. ضرورت پئي ته تنهنجي قرض ۾ مبتلا
ٿيندس.“
چيائين، ”ڪيري هومز“ جو سمورو بل مون ڏيئي ڇڏيو آهي.“
”ڏيئي ڇڏيئه!“
”ها.“
”توکي ائين ڪرڻ نه گهربو هو، زهره.“
”ڇو؟“
مان کيس جواب ڏيئي نه سگهيس.
گهڙي کن خيالن ۾ گم رهڻ کانپوءِ عجيب سوال پڇيائين، ”تون ڪنهن
سان محبت ته نه ڪندو آهين؟“
مون سندس اکين ۾ نهاريو. چيم، ”ها.“
”ته پوءِ شايد سڄي سڄي رات ان عورت جي ياد ۾ جاڳندو آهين.“
”ڪنهن حد تائين.“
”هوءَ به توسان محبت ڪندي آهي؟“
”چئي نٿو سگهان.“
”هوءَ ڪنهن ٻئي مرد سان محبت ڪندي آهي؟“
”شايد.“
”اهو ته ڪو جواب ڪونهي.“ زهره چيو، ”پر مرد کي ڪڏهن به ڪنهن
اهڙي عورت سان محبت ڪرڻ نه گهرجي، جيڪا ٻئي ڪنهن
مرد سان محبت ڪندي هجي.“
”مان به دراصل ان خيال جو آهيان، زهره.“ وراڻيم، ”پر دل کي
جيڪڏهن عقل هجي ها ته پوءِ محبت پرڏيهي واپار ٿي
پوي ها.“
زهره جي گلابي چپن تي مُرڪ ليئو پائي ورتو. پڇيائين، ”ڀلا ٻڌاءِ
ته اُها عورت ڪٿي آهي.“
دل ۾ آيو ته ٻڌايانس ته اُها عورت تون آهين زهره؛ تون – جيڪا
منهنجي ساهه وانگر مونکي ويجهو هوندي به مون کان
پري آهين، منهنجي ٿي نه سگهي آهين. اُها عورت تون
آهين زهره، جنهن سان حالتن جي اهڙي وراڪي تي مليو
آهيان جتي منهنجي پنهنجي زندگي پنهنجي نه رهي آهي.
اُها عورت تون آهين زهره، جنهن جي دل ۾ ڪنهن ٻئي
مرد جي ياد منهنجي پيار تي پابندي وجهي ڇڏي آهي.
دل جو چيو زبان تي نه آيو. فقط ايترو چيم، ”اهو پڇي ڇا
ڪندينءِ.“
هڪدم پڇيائين، ”ڇا مان ايترو حق به نٿي رکان.“
”نه نه، ائين ناهي.“ هٻڪندي چيم، ”ڳالهه هن ريت آهي.
ته، ته.“ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. جملو پورو ڪري نه سگهيم، اڌ ۾ ڇڏي
ڏنم.
چيائين، ”مون کان لڪائين ٿو.“
منهنجي چپن تي سياري جي شام جهڙي اُداس، مُرڪ ليئو پائي ورتو.
پاڻ کي عجيب ڪشمڪش ۾ جڪڙيل محسوس ڪيم. گذريل چئن –
پنجن هفتن جي ملاقات ۾ زهره سان اندر جو حال اوري
نه سگهيو هوم. کيس پنهنجو همدرد محسوس ڪرڻ کانپوءِ
به پنهنجي آتمڪٿا ٻڌائي نه سگهيو هوم. شروعات ۾
زهره کي سليس سنڌي ڳالهائيندي ۽ پنهنجي ويجهو
ٿيندي ڏسي مان اول ڇرڪيو هوس ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن
کانئس پڇيو هوم، ”پنجابڻ آهين نه؟“ جواب ڏنو
هئائين، ”هڏ، چم، ماس سميت پنجابڻ آهيان.“ تڏهن
کانئس ورائي پڇيو هوم، ”ته پوءِ سنڌي ڳالهائڻ ڪٿان
سکي آهين؟“ ٻڌايو هئائين، تنهنجي سنڌ جو چپو چپو
ڏٺو اٿم. ورهين جا ورهيه اُتي رهي آهيان. منهنجن
مائٽن کي انگريزن طرفان سانگهڙ ۾ زمينون مليل
آهن.“ ڪٽ کائيندي پنهنجي ساءِ چيو هوم، ”سانگهڙ –
انگريز سامراجين جي سرڪش حرن جي لاشن تي اڏيل
پنهنجن وفادار خادمن ۽ غلامن لاءِ جاگير!“ مون
سمجهيو هو زهره منهنجو گفتو ٻڌي مونکان نفرت ڪندي.
پر هن ساڳي نوعءَ ۾ مونکان پڇيو هو، ”تون ڪير
آهين. لاهور ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهين.“ مون فقط ايترو
وراڻيو هو، ”پڪ ڄاڻ ته فيلڊ مارشل محمد ايوب خان
جي هردلعزيز حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ نه آيو
آهيان.“ هن کلي ڏنو هو. هن اڪثر ورجائي ورجائي
مونکان منهنجي باري ۾ پڇيو هو ۽ مون هر دفعي کيس
ٽاري ڇڏيو هو.
منڪر هوندي به اهو اعتبار ڪري ويٺو هوس ته لوح محفوظ جي ليڪ جي
ڪا ويڪ هئي، جنهن حياتي هڪ محورتي آڻي بيهاري ڇڏي
هئي. مان زهره سان اهو اظهار ڪندي ڪندي رهجي ويو
هوس ته زهره هيءُ جو مونکي وطن ۾بي وطن ٿيڻو پيو
آهي، ۽ هيءُ جو مونکي سنڌ جا ڇانورا ڇڏي پنجاب جي
چناب جو پاڻي پيئڻو پيو آهي، سو سڀ بيمعنيٰ نه
آهي. شايد تنهنجي منهنجي زندگيءَ جا دائرا ازل جي
اوٽ ۾ هڪ ٻئي سان جڪڙجي ويا آهن. جيڪي ڪجهه توسان
وهيو واپريو آهي ۽ جيڪي ڪجهه مون سان ٿي گذريو آهي
۽ گذري رهيو آهي، سو فقط ان لاءِ ٿيو آهي ته جيئن
پاڻ ٻيئي زندگيءَ ۽ موت جي اکٻوٽ ۾ ڪجهه دير لاءِ
ملي، هڪ ٻئي کي ڄاڻي سڃاڻي هميشھ لاءِ ڌار ٿي
وڃون. پر مان، جنم جنم جو سودائي، زهره سان اندر
جو حال اوري نه سگهيو هوم. کيس دل چيري ڏيکاري نه
سگهيو هوم.
”ڪهڙن پورن ۾ پئجي ويو آهين؟“ زهره جو آواز ڪن پيو. خيالن جو
سلسلو ٽٽي پيو. پڇيائين، ”ڇا پيو سوچين؟“
وراڻيم، ”منهنجي حصي ۾ وهمن جي دنيا آئي آهي زهره.“
چيائين، ”جنهن ڇوڪريءَ کي چاهين ٿو، تنهن کي به پنهنجن وهمن سان
پريشان ڪندو هوندين.“
مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. اُتاولي اندر کي آٿت نه آيو. تڏهن
چيم، ”مان جنهن ڇوڪريءَ کي روح جي گهراين مان
چاهيندو آهيان، تنهن ڇوڪريءَ جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد
جي ياد جون سرحدون نڪتل آهن. مان کيس ويجهو هوندي
به هن لاءِ اوپرو آهيان، اجنبي آهيان. هوءَ منهنجن
وهمن کان آزاد آهي.“
زهره اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندي رهي. حيرت ڪارين ڪجلين اکين
مان ليئا پائڻ لڳس.
آهستي چيم، ”مان هڪ نه هڪ ڏينهن کانئس پري هليو ويندس؛ مرندو
مري ويندس، پر سندس دل جا درواز منهنجي محبت لاءِ
بند رهندا.“
ان وقت رانجهو چانهه کڻي آيو. اکين ۾ چمڪو هوس. چانهه جي ٽري
رکندي چيائين، ”افواهه ناهي. اصل سچي ڳالهه آهي.
ذوالفقار علي ڀٽي کي رات گرفتار ڪيو اٿائون.“
زهره ٽري مان هڪدم اخبار کڻي ورتي. مون کانئس اخبار وٺندي چيو،
”جيڪڏهن اها خبر سچي آهي، ته پوءِ ان اخبار ۾ هرگز
نه هوندي. اڄ ڪلهه جون اخبارون پڪوڙن جي پُڙن ۽
مسافريءَ ۾ بوٽ ويڙهڻ جي ڪم اينديون آهن.“ رانجهي
کي چيم، ”تون وڃ رانجها، وڃي موج ڪر.“
رانجهو هليو ويو.
زهره چانهه ٺاهيندي پڇيو، ”هينئر ڇا ٿيندو.“
”جيڪي ٿيندو آيو آهي.“
”ڇا ٿيندو آيو آهي؟“
”سرڪش سرويچ ڌرتيءَ کي رت جو ريج ڏيندا.“
”ڀٽي لاءِ؟“
”نه. آزاديءَ لاءِ.“ مون بالڪونيءَ کان ٻاهر پولار ۾ نهاريندي
جهونگاريو:
”سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان،
مٽي ماٿي لايان،
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان،
گيت به مون ٽ تنهنجا ماتا، بيت به تنهنجا ڀايان،
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان،
مٽي ماٿي لايان.“
پڇيائين، ”پنهنجي ساءِ ڇا پيو ڳالهائين.“
ورائي پڇيو مانس، ”ڪڏهن ولر کان وڇڙيل ڪا ڪونج ڏٺي اٿئي.“
ڪجهه حيرت وچان جواب ڏنائين، ”نه.“
”ڪڏهن وياڪل وَنين کي پنهنجن وڻجارن لاءِ درياهه تي اَکا
پائيندي ۽ چوواٽن تي ڏيئا ٻاريندي ڏٺو اٿئي؟“
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
تڏهن چيومانس، ”ڀلا رت جي درياهه جو ڪڏهن تصور ڪيو اٿئي؟“
”نه.“ زهر ه عجب مان ڪنڌ لوڏيو.
”تون بيحد حسين آهين، زهره،“ پولار تان نظرون کڻي زهره ڏانهن
ڏٺم. چيم، ”تون بيحد حسين آهين، تنهن ڪري اهي
ڳالهيون تنهنجي سمجهه کان ٻاهر آهن.“
لڄ کان منهن وَنَ وَنَ ڪرڻ لڳس. ڏاڍي پياري نموني ۾ چيائين،
”الاءِ ڇا پيو چوين.“
چيومانس، ”مونکي چانهه ڏي.“
مونکي چانهه جو ڪوپ ڏنائين. مان پلنگ جي پٺ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺس.
هوءَ ڪرسيءَ تان اُٿي ويئي. ڪليءَ تان ٽوال لاهي
آئي ۽ منهنجي هنج ۾ وڇائي ڇڏيائين. پوءِ پنهنجو
ڪوپ کڻي آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
چانهه جي سپ ڀري ڏانهس ڏٺم. هوءَ مون ڏانهن نهاري رهي هئي. چيم،
”تنهنجي اِن برتاءَ مونکي غلطفهميءَ ۾ وجهي ڇڏيو
آهي.“
اُس جي تڙڪيءَ جهڙي مُرڪ چپن تائين اچي موٽي ويس. هرڻيءَ جي
اکين جهڙيون اکيون ڇُلڪندڙ ڪٽورا ٿي پيس. آرام
ڪرسيءَ تان اُٿي بالڪونيءَ تائين هلي ويئي. ليئو
پائي موٽي آئي. سپ ڀري، دردناڪ لهجي ۾ ڳالهايائين،
”اڳاڻو ڇا چيو هيئه، ته جنهن عورت کي چاهيندو
آهين، تنهن عورت جي دل ۾.“ هن جملو پورو نه ڪيو.
مون جملو پورو ڪيو، ”تنهن عورت جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي ياد جون
سرحدون نڪتل آهن.“ چيم، ”۽ مان جلاوطن اُنهن سرحدن
کي پار ڪري سندس دل جي وسعتن ۾ محبت جي سياسي
پناهه وٺي نه سگهيو آهيان.“
نه ڳالهه سمجهيائين ۽ نه ئي جملي جي تهه تائين پهچي سگهي. غم
جون ريکائون پيشانيءَ تي چهٽيل رهيس. جذبن جي اُٿل
۾ چيائين، ”عورت وفا نڀائي ته هڪ مرد کي چاهي.
ڪامڻي ٿئي ته جڳ کي هرکائي.“
مونکي پڪ ٿي ويئي ته مقدر جي مايوسين جو اڻڪٿ حصو منهنجي جهول ۾
اچي ڪريو آهي. تاريخ جي هي دور ۾ مان محرومين جو
قافلو کڻي درد جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيوآهيان. وطن ۽
عورت جو پيار منهنجي لاءِ رُڃ آهي.
مُنهن مٿي ڪندي چيائين، ”مون خالد کي دل جي بيپناهه شدت سان
چاهيو هو.“
اسان جون نگاهون گهڙي پل لاءِ ڌار ٿي ويون. چانهه جي سپ سپ
ڀريندي رهي. ڪوپ فرش تي رکي. ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان
مٿو لڳائي ڇڏيائين. پوءِ اُداس لهجي ۾ چيائين، ”پر
خالد جي دل ۾ فقط منهنجي لاءِ پيار نه هو. هن جو
پيار وراهيل هو.“
”ڪنهن ٻي عورت کي چاهيندو هو؟“
”نه.“
”ته پوءِ؟“
”هن کي پنهنجي وطن سان بيپناهه محبت هئي.“
”تاريخ وطن پرستن جو عبرتڪدو آهي.“ اندر اُٿلي پيو چيو، ”پر
جابر جي انڌير نگريءَ ۾ وطن پرستن کي غدار سڏيو ۽
سمجهيو ويندو آهي.“
منهنجو جملو زهره لاءِ ڄڻ پاڻيءَ تي ليڪو هو. چيائين، ”منهنجو
خالد پاڪستان آرميءَ ۾ فوج جو سڀ کان ننڍو ڪئپٽن
هو. بي – آر- بي نهر وٽ هندستاني فوجن سان وڙهندي
جڏهن شهيد ٿيو، تڏهن سندس عمر پورا پنجويهه سال به
نه هئي.“
خالد جي باري ۾ ڳالهائيندي هوءَ اپسرائن جهڙي پراسرار نظر اچڻ
لڳي. سندس آواز ڄڻ غفائن مان ايندڙ پڙلاءُ هو.
چيائين، ”جڏهن هندستاني فوجون لاهور ڏانهن پيشقدمي
ڪري رهيون هيون، تڏهن منهنجو خالد بي – آر – بي
نهر ٽپي، هڪ ڀت جي اوٽ وٺي اسٽين گن تاڻي بيهي
رهيو هو. هن اڪيلي سر ٽن ڪلاڪن تائين سڄي سموري
ڪمپنيءَ کي هڪ وک وڌڻ نه ڏنو.“
زهره ڳالهه روڪي، چتائي منهنجي منهن ۾ ڏٺو. ڄڻ پنهنجي ڳالهه جو
ردعمل منهنجي منهن ۾ پي ڳوليائين. مان ڏانهس ڏسندو
رهيس.
ساڳي نوعءَ ۾ چيائين، ”۽ پوءِ جڏهن خالد وٽان گولين جو ذخيرو
ختم ٿي ويو، تڏهن هو ڀت جي اوٽ مان نڪري، اسٽين گن
اُبتي ڪري، ڪنداڪ سان هندستاني سپاهين تي وڃي
ٽُٽو. ٻن کي اڦٽ ماري وڌائين.“
جملو نه روڪي ها ته جيڪر روئي پوي ها. ٿڌو ساهه کڻي، آواز
جائيتو ڪندي چيائين. ”پوءِ جڏهن منهنجو خالد
وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو، تڏهن سندس جسم تي بي
انداز زخم هئا. هندستاني دستي سندس لاش کي گارڊ
آف آنر ڏنو هو.“
جيئن جيئن خالد جي ياد سندس وجود تي ڇانئجندي ويئي، هوءَ وڌيڪ
باوقار، شانائتي ۽ عظيم ٿيندي ويئي. سندس حسن
غمناڪ ٿي بيپناهه ٿي ويو. ڇپر آلا ٿي جُهڪي پيس.
نگاهون بالڪونيءَ کان ٻاهر نيري آسمان تي کپائي
ڇڏيائين.
پلنگ تان اُٿندي چيم، ”منهنجو وس پڄي ته جيڪر تنهنجو غم وراهي
وٺان زهره.“
”منهنجا ڪيترا غم وراهي وٺندين.“ زهره ڪنبندڙ آواز ۾ ڳالهايو،
”منهنجيءَ حياتيءَ جو پل پل غم آهي.“
سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، ”اڳاڻو چيو هوم ته زهره، جيڪڏهن وقت
وفا ڪئي ته پوءِ مان تنهنجن غمن جو پنهنجي زندگيءَ
سان سودو ڪندس. بس، وقت وفا ڪئي جيڪڏهن.“
هن منهن مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺو. اسين ڪجهه دير تائين هڪ ٻئي
ڏانهن ڏسندا رهياسين.
ڪرسيءَ تان اُٿندي چيائين، ”اڄ شام توکي بي – آر بي نهر وٽ اُهو
هنڌ ڏيکارڻ هلندي مانءِ جتي منهنجو خالد شهيد ٿيو
هو.“ |