سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جڏهن مان نه هوندس

باب: --

صفحو :16

”هونهه.“ زهره خفي ٿي ويئي. چيائين، ”مان به ڪا صفا بيوقوف آهيان. ڀلا مون کي ڪهڙو حق ٿو پڄي جو تو کان تنهنجين ذاتي ڳالهين جي باري ۾ ڪجهه پڇان!“

”زهره.“ مون سندس اُداس اکين ۾ ڏسندي چيو، ”دنيا ۾ فقط ٻه عورتون آهن جن کان مان ڪجهه لڪائي نه سگهندو آهيان. انهن مان هڪ تون آهين ۽ ٻي منهنجي ماءُ.“

”اجايون ڳالهيون نه ڪر.“ پڇيائين، ”جڏهن کان لاهور آيو آهين، تڏهن کان ڪڏهن ڀلجي به پنهنجي ماءُ کي خط لکيو اٿئي.“

”مون ضرورت محسوس نه ڪئي.“

”تون ڪهڙي قسم جو پٽ آهين. ماءُ کي خط لکڻ لاءِ به ضرورت محسوس ڪبي آهي!“

مون پنهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ محسوس ڪئي. چيم، ”امڙ مون کي هلڻ وقت خدا حافظ نه چيو هو، زهره.“

”خدا حافظ نه چيو هئائين توکي!“ حيرت مان پڇيائين.

وراڻيم، ”خدا حافظ کان ڪجهه وڌيڪ چيو هئائين.“

پڇيائين، ”خدا حافظ کان وڌيڪ هڪ ماءُ پنهنجي پٽ کي ٻيو ڇا چئي سگهندي. جنگ تي موڪلڻ مهل به ماءُ پنهنجي پٽ کي خدا حافظ چوندي آهي.“

کيس ٻڌايم، ”پر سرڪش سنڌين جون مائرون موڪلائڻ مهل ”خدا حافظ“ چوڻ کي بزدليءَ جي علامت سمجهنديون آهن.“

پڇيائين . ”ته پوءِ سنڌي مائرون پنهنجن پٽن کي الوداع ڪيئن ڪنديون آهن.“

جواب ڏنم، ”الوداع ڪرڻ مهل سنڌي مائرون پنهنجي پٽن کي چونديون آهن: گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا – ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“

”مان پنهنجي ڪند ذهن سان توکي ڪڏهن به سمجهي نه سگهنديس.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”تون ڪير آهين. لاهور ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهين! مان توکي سمجهي نه سگهنديس.“

”ڇا ڪندينءَ مونکي سمجهي.“ آواز ۾ درد جو احساس ٿيم. چيم، ”سمجهجانءِ، زندگيءَ جي سفر ۾ هڪ مسافر ساهي پٽڻ لاءِ ترسيو هو، هليو ويو.“

”مون کي خبر آهي.“ زهره جي لهجي ۾ لوڇ هئي. چيائين، ”مون کي خبر آهي ته هڪ ڏينهن تون هليو ويندين.“

دل جهلي، منهن ٻئي پاسي ڪندي چيم، ”منهنجي وڃڻ جي ويل اچي ويئي آهي، زهره.“

زهره ڦتڪي، ڦيرو کائي، مون کي ڪلهي کان وٺي منهنجو منهن پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. پتليون پٿر ٿي ويس. خالي نگاهن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون محسوس ڪيو، جيڪڏهن اسين ٽانگي ۾ نه هجون ها، اڪيلا هجون ها، هوءَ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري روئي پوي ها. ضبط ڪندي غمناڪ لهجي ۾ فقط ايترو چيائين، ”تون هليو ويندين.“

سندس ان هڪ جملي ۾ سڄي دنيا جو درد هو، ڏک هو. اهو هڪ جملو سندس صدمي جو شاهد هو. اُن وقت مان اهو سمجهي نه سگهيس ته شهيد مڙس جي ياد  جو مندر من ۾ کڻي هلڻ واري عورت منهنجي لاءِ ايتريقدر بيچين ڇو ٿي پيئي! مون اوپري، اجنبي شخص لاءِ ان حد تائين بيڪل ڇو ٿي پيئي جو مان گهڙي کن لاءِ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيس ته ڄڻ سندس من ۾ خالد جي ياد جو مندر مسمار ٿي ويو. هڪ لحظي لاءِ وهم ورائي ويو، ته اُهي سرحدون جن کي مان اُڪري نه سگهيو هوس، آخري ملاقات ۾ پار ڪري زهره جي هيڪلي دل ۾د اخل ٿي ويو هوس. پر غلط فهمي يا خوشفهميءَ وارو پل اک ڇنڀ ۾ گذري ويو.

آهستي چيم، ”مون کي پنهنجي خالد جون ڳالهيون ٻڌاءِ.“

”ڇاٻڌايانءِ.“

”خالد جي حب الوطنيءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ.“

”هو وطن لاءِ مرڻ کي موت جي معراج سمجهندو هو.“

”ٺيڪ سمجهندو هو تنهنجو خالد.“ وراڻيم، ”پر زهره، ڪجهه انسان وطن لاءِ اهڙي نموني سر جو نذرانو ڏيندا آهن، جو سندن موت معراج کان مٿي ٿي ويندو آهي.“

زهره ڪجهه حيرت ۽ ڪجهه اُداسائيءَ واري نگاهه سان مون ڏانهن  ڏٺو. ڄڻ منهنجي ڳالهه تي يقين نه پئي آيس. فقط ايترو چيائين، ”ائين وري ڪيئن هوندو.“

چيم، ”اُهي ڌرتيءَ جا لال يونيفارم نه پائيندا آهن. هر مهيني پگهار نه وٺندا آهن. سندن ياد ۾ سيمنٽ جا سهڻا يادگار کڙا نه ڪيا ويندا آهن. هُو جڏهن ڌرتي ماءُ جو سڏ ٿيندو اٿن، تڏهن سر جو  صدقو ڏيئي حب الوطنيءَ جي تاريخ پنهنجي رت سان لکي ڇڏيندا آهن.“

زهره ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون ڏانهن ائين ڏسڻ لڳي. ڄڻ مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

ٽانگو شهر کان پري نڪري آيو هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان ٿوهر هئا. ٿوهرن کان پَر َ ڀرتو زمين جي مٿاڇري تي ساوڪ جي سائي چادر وڇايل هئي.

ٽانگي واري ٻيڙي دکائي ڪش هنيو. هو ويڪري هاٺيءَ وارو ڪراڙو قداور مڙس هو. جهاڪن جو هريل هو. ٽانگو جهاڪن ۾ جهڄڻ لڳو ۽ هو سلطان باهوءَ جو ڪلام آهستي آهستي جهونگارڻ لڳو:

”دردمندان ديان آهين ڪولون پهاڙ پٿر دي جهڙدي هو،

دردمندان ديان آهين ڪولون ڀَج ناگ زمين وچ وڙدي هو

دردمندان ديان آهين ڪولون آسمانون تاري جهڙدي هو،

دردمندان ديان آهين ڪولون ”باهو“ عاشق مول نه ڊردي هو.“

زهره ۽ مون هڪٻئي ڏانهن ڏسي ورتو.

جهاڪن ۾ جهڄندي ٽانگي وارو جهونگاريندو رهيو. ”درد اندر دا اندر ساڍي، باهر ڪران تان گهائل هو، حال اَ ساڍا اوه ڪينو، ين، جانن، جو دنيا تي مائل هو، بحر سمندر عشقي والا، هردم هندا جائل هو، پهچ حضور اسان نه ”باهو“ اسان نام تيري، تي مائل هو.“

مون زهره ڏانهن ڏٺو. هوءَ ڪنهن ڪشمڪش ۾ پئجي ويئي هئي. اکيون ٽانگي جي ڦرندڙ ڦيٿي تي کپائي ڇڏيون هئائين. هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ وچڙيل هئس. ڪشميري شال سُرڪندي، لهي اچي هنج ۾ پيئي هئس. پوءِ جڏهن ٽانگو بي- آر- بي نهر وٽ اچي بيٺو، تڏهن به هوءَ خيالن جي ڪاڪ مان نڪري نه سگهي. سمت ۾ نه آئي. من جڏهن شال هنج مان کڻي سندس ڪلهن تي ويڙهي، تڏهن هن هلڪڙو ڇرڪ ڀريو. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، اکيون ڇنڀي ورتائين. پوءِ ٽانگي مان لهندي جڏهن پير پائدان تي رکيائين، تڏهن پير ڪنبي ويس. ٽانگي جي ڍمڻ ۾ مٺ وڌائين، ته مٺ پئجي نه سگهيس.

سر گوشيءَ ۾ کيس سڏيم، ”زهره.“

هن منهن هيٺ ڪري ڇڏيو. ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. ڪُلهن جي ڪنبڻ مان سمجهيم ته هوءَ اندر ئي اندر ويرون وڍجي رهي هئي. اڌمن کي ٻاهر اچڻ کان روڪي رهي هئي.

کيس ٻيهر آهستي سڏيم، ”زهره.“

هن منهن مٿي نه ڪيو ۽ پوءِ الاءِ ڪيئن لفظن کي ڪنبندڙ چپن تائين آندائين. چيائين، ”هتي، اصل هن جاءِ تي منهنجي خالد هندستاني فوج جي هڪ ڪمپنيءَ کي ٽن ڪلاڪن تائين اڪيلي سر روڪي ڇڏيو هو.“

مان ٽانگي مان لهي، ٻئي پاسي کان ڦري زهره جي ڀرسان اچي بيٺس. هن جو هڪ پير پائدان تي هو ۽ ٻيو ٽانگي جي هودي ۾. ڪنڌ مٿي نه ڪيائين. شايد مون کان لڙڪ لڪائي رهي هئي.

مون ٽانگي واري کي چيو، ”واپس هل.“

”ترس“ زهره هڪدم چيو. رئي جي پلاند سان اکيون اُگهي ٽانگي مان لهي آئي. نوڙي ڌرتيءَ تان مٽيءَ جي چپٽي ڀري پنهنجي سينڌ ۾ وڌائين ۽ پوءِ، جيئن بند ڀڄي پون ۽ ساوڻيءَ جو سنڌو ملڪ کي جل ٿل ڪري ڇڏي، تيئن زهره جي برداشت جو بند ڀڄي پيو. هوءَ رئي ۾ منهن لڪائي، اوڇنگارون ڏيئي روئي پيئي.

”زهره.“ مان ڪجهه چئي نه سگهيم. کيس آٿت ڏيڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه هئا. کيس هنجون هاريندي ڏسي سوچيم، هيءَ عورت نڪاح جي ٻن ٻولن ۾ ٻڌل نه آهي. هن عورت کي پنهنجي شهيد مڙس سان عشق آهي. مان ستن جنمن ۾ به خالد جي ياد زهره جي دل مان تڙي نه سگهندس.

سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، ”زهره، دل جي درد لاءِ اکيون آب حيات بخشي سگهن ها، ته جيڪر دنيا مان غم موڪلائي وڃي ها. نه روءُ زهره، نه روءُ.“

ٽانگي وارو ٽانگو ڇڏي، ٻيڙي ڇڪيندو ڪنڊين ڏانهن هليو ويو.

زهره پنهنجو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. سندس روڪيل روڪيل سڏڪا منهنجي روح مان پار ٿيندا ويا.

چيم، ”زهره، پنهنجي ڏک جو ڏونگر مون کي ڏيئي ڇڏ. اڄ رات کان منهنجي زندگيءَ جو جيڪو سفر شروع ٿيندو، تنهن ۾ اهو ڏونگر مان ڏيهان ڏيهه کڻي گهمندين.“

هوءَ مون کان پري ٿي بيٺي. آلين اکين سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. ڪجهه نه چيائين. رئي جي ڪنڊ سان اکيون اُگهي ٽانگي ۾ چڙهي ويٺي. مان ڀرسان وڃي ويٺو مانس.

ٽانگي وارو ڪنڊين وٽان موٽي آيو. پڇيائين، ”ڪيڏانهن هلان.“

”چيم، ”بيڊن روڊ.“

”زهره ڀريل آواز ۾ پڇيو، ”ڇو.“

”تون ذهني طرح پريشان آهين.“ وراڻيم، ”منهنجو خيال آهي. پاڻ فليٽ تي موٽي هلون.“

ٿڌو ساهه کڻي پڇيائين ”۽ پوءِ.“

جواب ڏيڻ کان اڳ ڏانهس ڏٺم، ”۽ پوءِ مان هليو ويندس.“

جيئن ڪنڍي ڪليءَ ۾ اٽڪي پوي ۽ بيان کان ٻاهر ايذاءُ ڏئي، تيئن ڪو لفظ زهره جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. لُڇي هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين. پوءِ ڀريل آواز ۾ ڳالهايائين، ”ڇا اهو ممڪن ناهي ته شاليمار کان ٿيندا هلون.“

ڳجهارت جي ڳنڍ ۾ پيچ پئجي ويو. مقدر جو مام عميق ٿي ويو. سوچيم، اڄ دل جو غوراب غلطفهميءَ جي ڪُنَ ۾ غرق ٿي ويندو. دل کي سمجهايم ته جنهن عورت کي صبح شام خالد جي وائي وات آهي، سان مون سان هرگز محبت ڪري نه سگهندي. هينئر، هن وقت جيڪي ڪجهه رونما ٿي رهيو آهي، سو نظر جو دوکو آهي. سرت سمجهه جو فريب آهي. اهو عذاب فقط منهنجي نصيب جي ڪُتبي تي لکجي ويو آهي ته مان حياتيءَ جي آخري دور ۾ ڪنهن اهڙي عورت سان محبت ڪيان جنهن جي دل ۾ منهنجي لاءِ جاءِ نه آهي.

مون کي خاموش ڏسي، زهره بيحد اُداس لهجي ۾ چيو، ”الفلاح وٽ چيو هوءِ نه، ته اڄ جيڪر زندگيءَ جي هڪ هڪ ساعت صدي ٿي پوي.“

”ها، چيو هوم. پر ان وقت اهو نه سوچيو هوم، ته اسان جهڙن انسانن جي صدي ڪڏهن ڪڏهن ساعت به ٿي پوندي آهي.“ ٽانگي واري کي چيم، ”شاليمار هل.“

بي- آر- بي کان موٽندي سج لهي ويو. سانجهي آئي. آسمان مان اونده ڇڻندي آئي. سيءُ وڌڻ لڳو. زهره پاڻ کي چڱي طرح شال ۾ ويڙهي ڇڏيو. سڙڪ جي ڪناري کان بيٺل بجليءَ جي ٿنڀن ۾ بلب ٻري پيا.

زندگيءَ جو رشتو جڏهن ڇڄي ڌار ٿيڻ تي هوندو آهي، تڏهن لفظ  ۽ جملا اظهار جي قوت وڃائي بيمعنيٰ ۽ بيسود ٿي پوندا آهن. اُهي انسان، جيڪي هميشھ لاءِ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ لاءِ مهلت جا مهمان هوندا آهن، سي خاموش رهندي به پاڻ ۾ ڳالهائي وٺندا آهن. شاليمار تائين زهره ۽ مون زبان مان اکر نه اُڪليو.

شاليمار جي وڻن، ٻوٽن ۽ ڇٻر تي رنگارنگي بلب جهرمر ڪري رهيا هئا. باغ ۾ ماڻهو تمام گهٽ هئا. شايد شهر ۾ فساد سبب پنهنجي پنهنجي وٿاڻ وڃي ٿانئينڪا ٿيا هئا. ايڪڙ – ٻيڪڙ جوڙي کانسواءِ سمورو باغ ويران هو، جنهن ۾ زهره ۽ مان ٻن بيچين روحن وانگر ماٺ ۽ سانت ۾ ڳاڙهين سرن جي فرش تي هلي رهيا هئاسين. اُن وقت محسوس ڪيم ته اهو ضروري ناهي ته جڏهن اندر ۾ اونده هوندي آهي، تڏهن ستن سجن جي روشني به تاريڪيءَ جي احساس کي ختم ڪري نه سگهندي آهي.

زهره پڇيو، ”صبح مون سان وڃڻ جو ذڪر ڇو نه ڪيو هوءِ.“

”صبح ويل مون کي به خبر نه هئي ته اوچتو وڃڻو پوندوم.“

”وري ڪڏهن لاهور ايندين؟“

”ٻئي جنم ۾“

”ٻئي جنم ۾ اعتبار اٿئي ڇا؟

”ها.“ وراڻيم، ”پر ٻئي جنم ۾ مان جلد ايندس. ان کان اڳ جو ڪو ڪئپٽن يا ميجر تنهنجي دل ۾ منهنجي پيار تي پابندي وجهي ڇڏي، مان توکي حاصل ڪندس.“

ڪجهه هٻڪندي پڇيائين، ”سنڌ ڏانهن ويندين.“

”نه.“

”ته پوءِ؟“

”مونکي خبر ناهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 15 14 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com