هوءَ چبوتري جي پاسي ۾ رکيل بينچ تي ويهي رهي. مان وڃي ڀر ۾
ويٺو مانس. گوڏن تي ٻانهون رکي ڇٻر جي روشنين
ڏانهن ڏسڻ لڳي. پڇيومانس، ”ڇا پيئي سوچين؟“
ڪنڌ مٿي ڪرڻ بنا ڳالهايائين، ”وقت پر ڪري اڏامندو ٿو وڃي.“
مان خاموش رهيس.
پڇيائين، ”خط لکندين.“
”چاهيندي به نه لکي سگهندس“ آهستي وراڻيم.
بينچ جي پٺيءَ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺي. هن ڪنهن حد تائين پاڻ سنڀالي
ورتو هو. مون ڏانهن ڏسندي پڇيائين، ”مون کي ياد
ڪندين.“
”اهو پڇي ڇا ڪندينءَ.“ وراڻيم، ”پڇ ته توکي ڪڏهن وساري به
سگهندس.“
”مون ۾ ڇا رکيو آهي جو مون کي وساري نه سگهندين.“
هوءَ بينچ تان اُٿي ويئي. ڳاڙهين سرن جي فرش تي اڳڀرو هلي ويئي.
”ترس زهره.“
هوءَ پٺيري بيهي رهي. سندس پٺيان وڃي بيٺم. چيم، ”ان کان اڳ جو
مان هميشھ لاءِ هتان هليو وڃان، مان اهو اظهار ڪرڻ
ضروري ٿو سمجهان ته تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت
آهين.“
”نه نه.“ زهره هڪدم منهن ورايو. چيائين، ”توکي مون سان محبت ڪرڻ
نه گهرجي.“
”اهو منهنجي وس ۾ ناهي.“ چيم، ”اهو ڄاڻندي به، ته توکي پنهنجي
شهيد مڙس جي ياد سان بيپناهه پيار آهي، مون توسان
محبت ڪئي آهي، زهره.“
”مان جو چوانءِ ٿي توکي مون سان محبت ڪرڻ نه گهرجي.“
”مان پنهنجي اڻميي پيار جي عيوض توکان ڪنهن به قسم جي طمع نٿو
رکان.“
”پر“ هوءَ هڪٻئي پيئي چيائين، ”منهنجو مطلب آهي، مان تنهنجي
محبت جي قابل ناهيان.“
”يا تون مونکي محبت جي لائق نٿي سمجهين،“ هڪدم چيم.
”نه نه. ائين ناهي.“ هوءَ چپ ٿي ويئي.
مون سندس پريشان اکين ۾ ڏسندي چيو، ”مان اڌ رات ڌاري هميشھ لاءِ
هتان هليو ويندس. وڃڻ کان اڳ فقط ايترو پڇڻ گهران
ٿو ته جنهن عورت کي مان عبادت جي حد تائين چاهيندو
رهيو آهيان، تنهن عورت جي دل ۾ منهنجي محبت ٻئي
مرد جي ياد کي ميساري سگهي آهي يا نه.“
مون زهره جا چپ ڪنبندي ڏٺا. چيائين، ”خبر اٿئي مان ڪير آهيان؟“
”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿو زهره،“ وراڻيم، ”جهڙي محبت مون توسان
ڪئي آهي، تهڙي محبت اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به مرد
ڪنهن عورت سان نه ڪئي هوندي.“
چپن تي زهريلي مرڪ ۽ اکين ۾ غم تري آيس. چيائين، ”مون سان محبت
نه ڪر.“
چيم، ”دنيا جي ڪابه طاقت مون کان محبت جو حق کسي نٿي سگهي.“
صنوبر جي ٿڙ سان ٻڌل ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ زهره جون اکيون
لڙڪن سان ٽمٽار ٿيندي ڏٺم. پوءِ ڌڏندڙ ۽ ڪنبندڙ
آواز ۾، ڀڳل ٽٽل لهجي ۾. جنهن ۾ صدين جي ستم جو
سماع هو، چيائين، ”مان وئشيا آهيان.“
مون کي پنهنجن ڪنن تي اعتبار نه آيو.
زهره جون اکيون ملهار ٿي پيون. چيائين، ”مان توکي دوکي ۾ رکڻ
نٿي چاهيان. مان فاحشه آهيان. ”ڪال گرل“ آهيان.
شاليمار جا جهرمر ڪندڙ بلب ٿوري دير لاءِ منهنجين نگاهن ۾ وسامي
ويا. هيبتناڪ اونده وايومنڊل کي اڳري ويئي.
تڏهن زهره جو آواز ٻڌم، ”مون کي معاف ڪر. مون توکي دوکي ۾ رکيو
هو. منهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي جو ڪنهن شهيد ڪئپٽن جي
زال سڏائي سگهان.“
وايومنڊل اونده جي ڪُن مان نڪري آيو. رنگا رنگي بلبن جي روشنيءَ
۾ زهره جي پنبڻين تي لڙڪن جا موتي چمڪندي ڏٺم.
سندس هٿ ۾ هٿ ڏيندي چيم، ”ڪجهه انسان پنهنجي وجود
۾ خواهشن ۽ تمنائن جو قبرستان کڻي گهمندا آهن ۽
ڪجهه انسان انهن خواهشن ۽ تمنائن جي رڃ پٺيان
ڊوڙندي رڻ ۾ رُلي ويندا آهن. ڪن انسانن جا خواب
خسيس ۽ سطحي هوندا آهن ۽ ڪي تو وانگر هڪ آدرش جي
تڪميل لاءِ زندهه رهي زندگيءَ جو زهر پيئندا آهن.“
زهره ڏک وچان چيو، ”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي، ته مان ڌڪارڻ لائق
آهيان.“
”مون توکي تنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل سميت چاهيو آهي.“ وراڻيم،
”تون جيئن آهين، جهڙي آهين، منهنجي محبت جو مرڪز
آهين.“
مون کان اڳڀرو هلندي پڇيائين، ”تون ڪهڙي قسم جو مرد آهين! مونکي
ڌڪارين ڇو نٿو. مونکان نفرت ڇو نٿو ڪرين؟“
جواب ڏنم،”اسين سنڌ ملڪ جا ماڻهو عورت ۽ ڌرتيءَ جي عزت ڪندا
آهيون.“
زهره حوض جي ڦوهارن وٽان ڦري باره دريءَ ڏانهن هلي ويئي. مان
پريان کيس ڏسندو رهيس. هوءَ چيڙهه جي ڀرسان ٽڪوما
جي گلن وٽ بيهي رهي. ٽڪوما جي ٽارين ۾ اڇا- ساوا
ننڍڙا بلب ٻري رهيا هئا. هن چيڙهه جي ٿر سان ٽيڪ
ڏيئي، روشنين کان منهن موڙي، اوندهه ڏانهن رخ ڪري
ڇڏيو. وڌي وڃي سندس ڪلهي تي هٿ رکيم. سرگوشيءَ ۾
چيم، ”زهره.“
هوءَ چيڙهه جي ٿڙ وانگر ساڪت هئي.
”زهره“ مون ٻيهر آهستي کي سڏ ڪيو.
هن اوندهه مان وراڻيو، ”مان توکي پنهنجو مڪروهه منهن ڏيکارڻ
جهڙي ناهيان.“
”تون منهنجي لاءِ ساڳي زهره آهين.“ سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم،
”تون منهنجي لاءِ ساڳي زهره آهين، ڪنهن شهيد ڪئپٽن
جي زال.“
زهره اوندهه ۾ اکيون وجهي ڀڳل ٽٽل لهجي ۾، جنهن ۾ بيپناهه
ايذاءُ جو احساس هو، درد هو، چيو، ”مون کان هميشھ
نفرت ڪئي ويئي آهي. منهنجي جسم کي ته چاهيو ويو
آهي، پر ڪنهن به منهنجيءَ دل جي اڪيلاين ۾ داخل ٿي
مونکي محبت نه ڏني آهي.“
”مون کي به انهن مان هڪ ٿي سمجهين؟“
”مان تنهنجي ڳالهه ته نٿي ڪريان.“
”تون پنهنجي ڳالهه پوري ڪر زهره.“
”منهنجو مطلب آهي.“
”هٻڪُ نه. يقين ڪر، مان پنهنجي اڻميي پيار جي عيوض توکان ڪنهن
به قسم جي طمع نٿو رکان.“ مون ڏک وچان چيو، ”مان
ته ڪجهه گهڙين جو مهمان آهيان. ٿوري دير کانپوءِ
هميشھ لاءِ هليو ويندس.“
”تون عجيب انسان آهين.“ زهره وچڙيل لهجي ۾ ڳالهايو. چيائين، ”سڀ
ڪجهه ڄاڻندي به مون کي چاهين ٿو.“
وراڻيم، ”مون ڏيتي ليتي نه ڪئي آهي، زهره. مون محبت ڪئي آهي.“
”پر ڇو؟“ هن سخت ڪشمڪش مان پڇيو، تو مون سان محبت ڇو ڪئي آهي.“
”تنهنجو سوال بلڪل بي معنيٰ آهي.“ چيم، ”اهڙو سوال مون کان وري
ڪڏهن به نه پڇجانءِ.“ مون کي لهجي جي ڪوڙاڻ جو
احساس ٿيو.
زهره جي منهن مان تعجب ظاهر ٿيو. ڏک جو ڏيک گهڙي پل لاءِ اکين
جي حيرت ۾ گم ٿي ويس. چتائي مون ڏانهن ڏٺائين.
پوءِ آهستي، پر چٽي آواز ۾ پڇيائين، ”تون ڪير
آهين؟“
مون کيس جواب نه ڏنو.
هن ٻيهر پڇيو، ”تون ڪير آهين.“
مان تڏهن به خاموش رهيس.
”توکي ٻڌائڻو پوندو،“ هوءَ بيچين ٿي پيئي. چيائين، ”ٻڌائين ڇو
نٿو، ته تون ڪير آهين.“
مون سندس سوال نظرانداز ڪري ڇڏيو. ورائي پڇيومانس، ”مون سان موت
جي سفر تي هلندينءَ، زهره.“
پڄاڻيءَ جي شروعات:
زهره منهنجين ٻانهن ۾ هئي. ٽپهريءَ جو سج آسمان مان باهه ڇڏي
رهيو هو. رت وهي وڃڻ سبب زهره جو منهن هيڊ جهڙو ٿي
ويو هو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. چپ اُڃ کان سُڪي
ٺوٺ ٿي ڏري پيا هئس. بدن ست ڇڏيندو پي ويس.
رائيفل جي گولي کيس ساڄي ٽنگ جي سٿر ۾ لڳي هئي. سٿر جو هڏو چٿجي
چور ٿي ويو هئس. ٽنگ مشڪن جي تندن ۾ لٽڪي رهي هئس.
مان کيس ترائيءَ مان کڻي، پٿرن تان ٿڙندو ٿاٻڙندو
جبل جي ڳپل چاڙهي چڙهي آيو هوس.
ترائيءَ جي پرئين پاسي کان رينجرس ۽ سرحدي فوج جا گهوڙيسوار
مٽيءَ جو طوفان اڏائيندا پي آيا.
اڌ چاڙهي چڙهڻ کانپوءِ منهنجو پنهنجو ساهه چڙهي آيو. هڪ ڇپ جي
ڇانوَ ۾ ساهي پٽڻ لاءِ ترسيم. زهره کي پنهنجي
سهاري ٽيڪ ڏيئي ويهاريم. سندس ساهه جو سلسلو وچڙي
رهيو هو. منهن منهنجي ڪلهي تي رکي اکيون بند ڪري
ڇڏيائين.
مون ٻانهن ورائي سندس منهن پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. چيم، ”تو
منهنجي لاءِ ڪيترو نه ڀوڳيو آهي، زهره.“
جهيڻي آواز ۾ وراڻيائين، ”مان خوش آهيان. بيحد خوش آهيان.“
کيس ڳراٽڙيءَ ۾ ڪنڊي چيم، ”مون کي معاف ڪر.“
ڪجهه دير تائين جڏهن کيس پاڻ کان پري نه ڪيم، تڏهن نٻل آواز ۾
پڇيائين، ”روئين ته نه ٿو.“
ڏک جي زهر جو ڍُڪ ڀريندي چيم، ”جبل جي چوٽيءَ وٽ اڇو پٿر ڏسين
ٿي. زهره. ان پٿر کانپوءِ پاڪستان جي سرحد ختم ٿي
ويندي.“
تمام ڪمزور آواز ۾ چيائين، ”مون کي ڪجهه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.“
مون چپ ڀيڪوڙي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
آهستي پڇيائين، ”سنڌ جون سهاڳڻيون پنهنجن ورن کان موڪلائڻ مهل
ڇا چونديون آهن.“
منهنجي هانءَ ۾ هٿ پيو . اندر مان درياهه اُڇل کائي اکين تائين
هليو آيو، پر پنبڻين جو بند ڀڃي نه سگهيو.
ڇڄندڙ آواز ۾ چيائين، ”ٻڌاءِ نه.“
”منهنجي سنڌ سنڌ مان ٻٻر جي ٽاري ڦٽي نڪتي. دل جهلي چيم، ”سنڌي
سهاڳڻيون به ورن کان موڪلائڻ مهل، سنڌي مائرن
وانگر چونديون آهن.“ جملو پورو ڪري نه سگهيم.
”ڇا چونديون آهن؟“
”چونديون آهن: گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا -ڪڏهن منجهه
ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
اُجهامندڙ اکيون کولي ڪجهه دير تائين مون ڏانهن ڏسندي رهي. پوءِ
نٻل آواز ۾ چيائين، ”منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃيندين.“
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
”رينجرس تنهنجي تلاش ۾ آهن.“ جهيڻي جهڄندڙ آواز ۾ چيائين، تون
سرحد ٽپي هليو وڃ.“
”نه نه، هرگز نه.“ مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڀنل پنبڻيون سندس وکريل
وارن سان لڳائي ڇڏيون.
منهنجي ڀاڪر ۾ ئي هئي جو ساهه جو گهائل پکي پرڙا هڻڻ لڳس.
اُجهاميل اکين ۾ زندگيءَ جو ساڻو ساڻو سج وسامڻ
لڳس. پوءِ ٻڏندڙ آواز ۾ لفظ لفظ ڪري جهونگاريائين،
”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا- ڪڏهن منجهه
ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
”زهره.“ منهنجو سڏ ستن آسمانن تائين پهتو هوندو، پر منهنجي زهره
تائين نه پهتو اندر اڌ ٿي پيو.دل جي دنيا رت جي
سمنڊ ۾ لڙهي ويئي.
رينجرس ۽ سرحدي فوج جا گهوڙيسوار جبل جهاڳيندا آيا؛ رائيفلون ۽
اسٽين گن تاڻي، گهيرو ٺاهي، اسان ڏانهن وڌڻ لڳا.
تڏهن، مان زهره جو لاش ٻانهن ۾ کڻي اٿي بيٺس.
** |