خيالن جي راڪاس کان جند ڇڏائڻ لاءِ اخبارن جا صفحا اُٿلائڻ لڳس
جن ۾ خبرون گهٽ ۽ اشتهار وڌيڪ هئا. سموريون
اخبارون ملڪ جي امن- امان، ڏهن سالن جي بيمثال
ترقيءَ ۽ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي اعليٰ
انتظام، حڪمت ۽ شخصيت جي خبرن سان ڀريو پيون هيون.
مون هڪ هڪ اخبار جي هڪ هڪ ڪالم ۾ ورائي ورائي سنڌ
جون خبرون ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اخبارون پريزيڊنٽ
فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي شان ۾ بنيادي
جمهوريتن جي عوامي نمائندن طرفان جاري ڪيل حمد و
ثنا سان ڀريون پيون هيون. ملڪ جي سياسي هلچل جي
باري ۾ هڪ به خبر شايع ٿيل نه هئي.
مان جنهن وقت جينيوا وڃڻ لاءِ سنڌ مان فرار ٿي رهيو هوس، تنهن
وقت سنڌ جي ڌرتي ٻرندڙ جبل وانگر ٻري رهي هئي.
ٻوسٽ جي ڪارن ڪڪرن ۾ بغاوت جي کنوڻ کنوي رهي هئي.
موهن جي دڙي جي تاريخ پاسا ورائي رهي هئي. سنڌي
قوم سر جو سانگو لاهي ظالم ۽ جابر آڏو سينو ساهي
بيٺي هئي. گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ احتجاج جو جهنڊوجهولي
رهيو هو. ماحول اهڙو هو، ڄڻ اياز جي هڪ سٽ جي
تشريح ڪري رهيو هو. ”مون ڇرڪي پنهنجو پاند ڏٺو، رت
آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.“ آسمان مان آواز پي آيو.
انقلاب، انقلاب، انقلاب. سنڌ ڇڏڻ کان اڳ مان پوليس
۽ سي-آءِ- ڊي کان لڪي ڇپي پويون دفعو امڙ سان ملڻ
لاءِ گهر ويو هوس. امڙ جا پير چمندي چيو هوم،”امڙ
مان سنڌ ديس جي آهن جو آواز انساني حقن جي اداري
تائين پهچائڻ لاءِ جينيوا وڃي رهيو آهيان. شايد
هميشھ لاءِ وڃي رهيو آهيان. پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب
ٿيان يا ناڪام، پر هيءَ حڪومت مون کي ٻيهر ڪڏهن به
پاڪستان جي ڌرتيءَ تي پير پائڻ نه ڏيندي. منهنجي
مٺڙي ماءُ، اڄ پويون دفعو مون کي مٺي ڏيئي سيني
سان لڳاءِ. مان تنهنجي ٿڃ ۽ سنڌوءَ جو پاڻي قيامت
ڏينهن بخشائڻ لاءِ جلاوطن ٿي رهيو آهيان.“ امڙ
مونکي مٺي ڏيئي سيني سان لڳايو هو. سندس اکيون
آليون نه ٿيون هيون. پاڻ کان جدا ڪندي مون کي
دعائون ڏنيون هئائين، پر خدا حافظ نه چيو هئائين.
خدا حافظ چوڻ بدران چيو هئائين: ”گهوڙن ۽ گهوٽن،
جيئن ٿورا ڏينهڙا. ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ
جا.“
بيري جي آواز تي خيالن جا ڀٽڪندڙ سلسلا ماضيءَ جي ڌنڌ مان موٽي
آيا. بيري ادب سان چيو، ”مال روڊ تي گڙٻڙ وڌي ويئي
آهي. اسين هوتل بند پيا ڪريون.“
بل ڏيئي ”انڊس“ مان ٻاهر نڪري آيس. وقت ڏٺم. منجهند جو هڪ ٿي
رهيو هو. اُس ۽ ماڻهن جي پيهه سبب سيءُ گهٽ ٿي ويو
هو. ٽيئر گئس جو دونهون اکين ۾ چڀڻ لڳو. مون رمال
ڪڍي اکين تي رکيو. ٽولٽن مارڪيٽ وٽ پوليس ۽ شاگردن
جي ويڙهه هلي رهي هئي. ٽيئر گيس جي گولن جا ٺڪاءَ
ٿي رهيا هئا. شاگردن جي پٿربازيءَ سان گهرن،
دڪانن، موٽرن ۽ بسن جا شيشا چور ٿي رهيا هئا.
مال روڊ جا دڪان ذري گهٽ بند هئا. ڪن دڪانن جا اڌ طاق کليل هئا،
جن مان دڪانن جا سيلز مين ڳاٽ ڪڍي ٽولٽن مارڪيٽ
ڏانهن نهاري رهيا هئا.
مان الفلاح بلڊنگ ڏانهن هلڻ لڳس. ماڻهن جي ڪُلهي گس هجوم ۾ هڪ
مان ئي هوس جنهن جي پٺ ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن هئي ۽
انسانن جو سمنڊ جهاڳيندو الفلاح بلڊنگ ڏانهن وڌندو
پي ويس. ”ڪشمير شال هائوس“ کان ”ليڊيز ڪارنر“
تائين رنگا رنگي ڪپڙن واريون پنجابي ڇوڪريون ٻانهن
تي ڪاريون پٽيون ٻڌي بيٺيون هيون ۽ نعرا هڻي رهيون
هيون. سندن هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مختلف نعرا
لکيل هئا. ان هنڌ ماڻهن جي پيهه گهڻي هئي.
الفلاح بلڊنگ تي پوليس جو زبردست پهرو هو. لوهي ٽوپلن وارا
سپاهي هٿن ۾ سنگينون لڳل رائيفلون جهلي بيٺا هئا ۽
خونخوار نظرن سان راهگيرن ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
”الفلاح“ ڏانهن وڌندي مان هڪ پل لاءِ بيٺس. رائيفلون ۽ رائيفلن
۾ لڳل سنگينون ڏسي پنهنجي بدن ۾ سيسڙاٽ محسوس ڪيم.
ائين پئي ڀانيم، ڄڻ ته منهنجي جسم ۽ رائيفلن ۽
سنگينن جي وچ ۾ ڪو نظر نه ايندڙ سنٻڌ هو، لاڳاپو
هو، تعلق هو.
”ڇا پيو ڪرين؟“ هڪ صوبيدار سخت کهري آواز ۾ پڇيو.
مون ڏانهس ڏسندي فقط هڪ لفظ چيو، ”جي.“
”هتي ڇو بيٺو آهين؟“
”ڇو؟“
”منهنجي سوال جو جواب ڏي. هتي ڇو بيٺو آهين؟“
”بيٽر بڪس ڏانهن وڃڻو اٿم.“
”اهو (گار) بيٽربُڪس وري ڇا هي؟“
مون بيٽر بڪس ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هو جيڪو ڪنڊ وارو ڪتابن جو
دڪان آهي نه، تنهن جو نالو بيٽربڪس آهي.“
صوبيدار مونکي هٿ لائي ڦوليو. جڏهن پڪ ٿي ويس ته منهنجي وَرَ ۾
ائٽم بم لڪل نه هو، تڏهن مونکي دڪان ڏانهن وڃڻ جي
اجازت ڏنائين.
زهره اڳواٽ دڪان تي بيٺي هئي. مون کي ڏسڻ شرط مون تائين هلي
آئي. فڪرمند پي ڏٺي. پڇيائين، ”صوبيدار توکي ڇو
روڪيو هو.“
”منهنجو انٽرويو پي ورتائين.“ وراڻيم، ”پاڪستان تي خدا جي فضل و
ڪرم سان اهو دور به اچڻ وارو آهي، جڏهن پوليس وارا
پنهنجي مرضيءَ ۽ سهولت مطابق اسان کي جيئري رهڻ جي
ڏوهه ۾ چالان ڪندا.“
زهره چيو، ”ماحول خراب آهي. شهر ۾ بلوو ٿيڻ وارو آهي.“
”وراڻيم، ”خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
”خوشيءَ جي ڳالهه آهي!“ هن حيرت مان پڇيو، ”تون
عجيب ماڻهو آهين! توکي ڀؤُ نٿو ٿئي؟“
”ڇا جو؟“
”بلوي جو.“
”بلوو مون مولائيءَ کي ڇا ڪندو. منهنجي ڪهڙي مل يا ڪارخانو آهي
جيڪو سڙي ويندو.“
”پر، تڏهن به.“
”ڪٿي تون ڪنهن مل جي مالڪياڻي ته ناهين!“
زهره جي منهن مان پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. چيائين، ”هل. فليٽ تي
موٽي ٿا هلون.“
”نه زهره.“ وراڻيم، ”اڄ فليٽ تي نه هلنداسين. اڄ بي- آر- بي نهر
وٽ اُها جاءِ ڏسنداسين جتي تنهنجو خالد شهيد ٿيو
هو.“
زهره مون کي عجيب نظرن سان ڏٺو. اڳ ڪڏهن به مون کي اهڙين نگاهن
سان نه ڏٺو هئائين. انهن نگاهن ۾ مون کي ايتري ته
پنهنجائپ محسوس ٿي جو فيصلو ڪري ڇڏيم ته اڄ ڪجهه
به ٿي پوي، زهره کي ٻڌائيندس، ته زهره جيڪڏهن تون
شهيد ڪئپٽن جي زال آهين، ته مان به وطن پرست
آهيان. وطن پرست جي محبت جي دنيا جي ڪابه محبت
مقابلو ڪري نٿي سگهي. مون ٻيهر زهره ڏانهن ڏٺو.
نگاهن ۾ پيار هوس، خوف هوس. چيائين، ”سڀاڻي
هلنداسين.“
”سڀاڻي!“ منهنجي آواز ۾ يا لهجي ۾ الاءِ ڇا هو جو زهره ڇرڪ ڀري
مون ڏانهن ڏٺو.
دل ۾ آيو ته چوانس، چري تون ڪهڙي ”سڀاڻي“ جي ڳالهه ٿي ڪرين.
منهنجي لاءِ هن ملڪ ۾ ”سڀاڻي“ ڪڏهن نه ايندي،
اڄوڪي شام هن ملڪ ۾ منهنجي آخري شام آهي. مان
سڀاڻي کان اڳ توکان هميشھ لاءِ وڇڙي ويندس ۽ زهره
جڏهن مان نه هوندس تڏهن منهنجي ياد تنهنجي دل مان
دنيا جي هر مرد جي ياد کي تڙي ڪڍندي. اسان سنڌين
جي محبت ۽ نفرت جو ڪو انت ڪونهي. پر گونگي دل جي
ڳالهه زبان تائين نه آئي. فقط ايترو چيم، ”سڀاڻي
جي ڳالهه نه ڪر زهره. جيڪي ٿيڻو آهي، ڀَلُ ته اڄ
ٿي وڃي.“
زهره چيو، ”مون کي خبر آهي، تون ضدي آهين. تون نه مڃيندين.“
غم اکين مان ليئا پائڻ لڳس. ڪلهن تان ڪشميري شال کسڪي ويس. دڪان
کان ٻاهر ڏسڻ لڳي.
اسين دڪان مان نڪري آياسين. ”الفلاح“ تي پهرو ڏيندڙ سپاهين منهن
ورائي اسان ڏانهن ڏٺو. پريان صوبيدار بيد جو لڪڻ
پنهنجي ڪلف لڳل پتلون سان هڻندي کنگهڪار ڪئي. زهره
پڇيو، ”اسان جي ملڪ مان پوليس کي ختم ڪيو وڃي ته
جيڪر ڇا ٿي پوي.“
”ڇا وري ڇا!“ مون صوبيدار ڏانهن ڏسندي چيو، ”چوريون، خون، ڌاڙا،
بدمعاشيون جيڪر هڪدم ختم ٿي وڃن.“
زهره جي چپن تي مرڪ تري آئي. اسين الفلاح جي حدن مان نڪري
وياسين. ٻئي ڪجهه دير خاموش هلندا رهياسين.
زهره چيو، ”لڪشمي چوڪ وٽان ٽيڪسي ملي ويندي.“
”ٽانگي ۾ هلنداسين، زهره.“ وراڻيم، ”ڀل ته اڄ وقت جون محدود
گهڙيون اينگهجي وڃن.“
”ڇو اينگهجي وڃن؟“ زهره منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو.
چيم، ”دل چاهي ٿي ته زندگيءَ جي هلندڙ هڪ هڪ ساعت صدي ٿي پوي ۽
اها ساعت تنهنجي ويجهو گذاري ڇڏيان ۽ پوءِ جڏهن
هتان هليو وڃان، تڏهن پاڻ سان اهو وهم کڻي وڃان ته
تون مون سان آهين، مون وٽ آهين.“
زهره هلندي هلندي بيهي رهي. پاسي مان ڦري منهنجي سامهون اچي
بيٺي. پڇيائين، ”ڪٿي تون مونسان محبت ته نٿو
ڪرين.“
مون کي پنهنجي مرڪ جي ڪوڙاڻ محسوس ٿي. چيم، ”لڪشمي چوڪ وٽان
ٽانگو ملي ويندو.“
چيائين، ”منهنجي ڳالهه نه لنواءِ.“
”ڪهڙي ڳالهه.“
”اهائي ته ڪٿي تون مونسان محبت ته نٿو ڪرين.“
”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿو.“ وراڻيم، ”ته مان جنهن عورت سان محبت
ڪندو آهيان، تنهن عورت جي دل ۾ ڪنهن ٻئي مرد جي
ياد جون سرحدون نڪتل آهن.“
ائين منهن ڦيرايائين ڄڻ مون کان منهن تي اُسري آيل تاثر پي
لڪايائين. مون کان وک کن اڳڀرو ٿي هلڻ لڳي.
لڪشمي چوڪ وٽ فساد جا آثار نه هئا. ٽانگو ڪري بي- آر- بي نهر
ڏانهن روانا ٿياسين. ڳپل وقت ٻئي خاموش ويٺا
هئاسين. زهره کي چيم، ”ڪجهه ڳالهاءِ نه زهره.“
ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”ڇا ڳالهايان.“
چيم، ”اهو به مونکي ٻڌائڻو پوندو ڇا؟“
پوءِ، جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ڪنهن ڳالهه جو منڍ نه مليس، تڏهن
پڇيائين، ”ماني کاڌي اٿئي.“
”اڄ اجاين ڳالهين ۾ وقت نه وڃائينداسين.“ ورائيم، ”اڄ اچ ته
اهڙيون ڳالهيون ڪريون زهره، جيڪي آئنده زندگيءَ ۾
نه تون وساري سگهين ۽ نه مان.“
غور سان مونڏانهن ڏسندي چيائين، ”اڄ تون اُهو ناهين جيڪو روز
هوندو آهين.“
مونکي کل آئي. پڇيومانس، ”اڄ منهنجي مٿي تي سڱ نڪري آيا آهن
ڇا؟“
”چرچي ۾ ڳالهه نه ٽار.“
”ڇا جي ڳالهه.“
”هاڻي ايڏو ڀورڙو به ناهين.“
”ته سچ پچ ٻڌايانءِ؟“
”جي مرضي پويئي ته.“
”ته ٻڌ.“ مون آواز ڳورو ڪندي چيو، ”عزيز هم وطنو، ايوب خان جي
جاءِ تي مان اسلامي جمهوريه پاڪستان جو صدر ٿيڻ
وارو آهيان.“ |