سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جڏهن مان نه هوندس

باب: --

صفحو :8

 

جلاوطن

ٿوهر جي ٽڙيل پکڙيل پاڇن ۾ هڪ ڏتڙيل حال شخص مٿي هيٺان ڀتر ڏيئي سمهيو پيو هو. ڪپڙا ليڙون ۽ وار وکريل هئس. منهن تي صدين جي ستم ظرفيءَ جا گهنج هئس.

ٿوري دير کانپوءِ کيس پنهنجي سيني تي ڪجهه چڀندو محسوس ٿيو.

هن اک کولي نهاريو.

خاڪي ڪپڙن سان هڪ ڪاموري قسم جو ڏنڊو مشٽنڊو مرد کيس بيد جي لڪڻ سان جاڳائي رهيو هو.

خاڪي ڪپڙن واري مرد چيو، ”اُٿو جي. ايڊي ننڊ ناڪر.“

ڏتڙيل شخص پڇيو، ”سمهڻ تي به بندش پئجي ويئي آهي ڇا؟“

”اُٿو جي، اُٿو.“ خاڪي ڪپڙن واري وٽيل سٽيل مرد ڳالهايو، ”ٿوهر جي ڇان ۾ به ڪو سُمدو آهي!“

هو اُٿي ويٺو. ليڙن سان انگ ڍڪيندي وراڻيائين، ”هتان جا وڻ وڍجي ويا آهن. هيءَ سنڌ آهي.“

”او ڇڊو جي.“ مرد رعبدار آواز ۾ چيو، ”اچو، جيپ کي ڌڪو ڊيو.“

هو اُٿي بيٺو. ليڙون لٽا ڇنڊي خاڪي ڪپڙن واري شخص جي ڪڍ هلندو، ڪچو ڇڏي ڏامر جي پڪي رستي تي اچي پهتو.

سڙڪ تي جيپ بيٺي هئي.

جيپ ۾ رنگا رنگي ڪپڙن ۽ خوشبوءَ سان ٻهڪندڙ عورتون ويٺيون هيون. خاڪي ڪپڙن واري مرد جيپ ۾ ويهندي ڏتڙيل شخص کي چيو، ”ها سائين، لگايو جي ڌڪو.“

هن جيپ کي ڌڪو ڏنو. جيپ جي بند مشين اُٺ جي اوڳر جهڙا آواز ڪري، گهرڙاٽ ڪري هلڻ شروع ڪيو.

خاڪي ڪپڙن واري مرد بريڪ تي پير رکي، جيپ بيهاريندي چيو، ”اسين ڀٽ شاهه ونجي رهيا آهيون. تون شاهه لطيف جو ميلو ڊسندين؟“

”مان ڀٽ شاهه کان جلاوطن ٿيل آهيان.“ هن نرڙ تان پگهر اُگهندي وراڻيو، ”مون کي ڀٽ شاهه تي پير پائڻ جي به اجازت ناهي.“

خاڪي ڪپڙن واري مرد کيس حيرت وچان وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺو. پڇيائين، ”تون ڪير آهين.“

”مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهيان.“ هن جواب ڏنو ۽ پوءِ ٿوهر جي ٽڙيل پکڙيل پاڇن ڏانهن هليو ويو.

 

**

 

شڪست

صبح جا يارهن ٿيا هئا.

بسنت هال ۾ پير رکڻ جي جاءِ نه هئي. سمورو هال عورتن، مردن ۽ ٻارن سان سٿيو پيو هو. جن کي اندر جاءِ نه ملي هئي، سي هال جي ٻاهران ورانڊي، ڏاڪڻ، اڱڻ ۽ اڱڻ جي ڀتين تي ويٺا ۽ بيٺا هئا. ڪجهه ماڻهو وڻن جي ٽارين تي چڙهي ويا هئا.

گذريل هڪ ڪلاڪ کان جيڪو جتي هو، اُتي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. ڪن جون اکيون اچرج ۾ ڇنڀڻ وساري ويٺيون هيون ۽ ڪن جون ڄاڙيون حيرت کان لٽڪي پيون هيون. ڪي وات ڦاڙي ۽ ڪي گاڏين هيٺان هٿ ڏيئي پروفيسر ڪريم جو اندر مان اُڀرندڙ آواز ۽ آواز ۾ سندس بين الاقوامي اڀياس ٻڌي رهيا هئا. سندس آواز اونهو، لفظ چٽا ۽ لهجو گنڀير هو. هو جملن جوڙڻ جو جادوگر هو.

پروفيسر ڪريم وچولي قد جو هو. سندس عمر چاليهه کن سال هئي. مٿي جا وار لوندڙين وٽان اڇا ٿي ويا هئس. سندس نڪ سنهو هو. نڪ جي مٿان نرڙ تي لاڳيتو سوچڻ سبب گُنڊ پئجي ويو هوس. سندس اکيون وڏيون، ذهين ۽ مقناطيسي ڪشش رکندڙ هيون. سندس منهن تي ميڪسم گورڪيءَ وانگر گهاٽيون ۽ واڇن وٽان وريل مُڇون هيون. رنگ سانورو هوس. بدن پورو پُنو ۽ هاٺي ويڪري هئس. لاڳيتو هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهائڻ ڪري ٿڪل ٿڪل ٿي ڏٺو.

پروفيسر ڪريم هڪ هٿ مائيڪرو فون ۾ وجهندي ڪجهه اڳتي سُري آيو. ٿورڙو جهُڪي، نوڙي ڳوڙهي آواز ۾ چيائين، ”دوستو، انساني وهنوار جا قدر وقت جي کوري ۾ کامندي، پڄرندي ۽ سڙندي بدلجندا رهيا آهن. پر صدين گذرڻ کانپوءِ به، انسان ذات جي هڪ ٻئي ڏانهن نفرت ۽ حقارت، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جا بنيادي سبب ساڳيا رهيا آهن.“

هُن آواز روڪي، جملو اڻپورو ڇڏي، هڪ گهڙيءَ لاءِ ٻڌندڙن تي اُڏامندڙ نگاهه وجهي اکيون بند ڪري ڇڏيون.

آهستي آهستي اکيون کوليندي، هن چيو ”نئين منزل جا همسفر رفيقو، ساٿيو، ازل کان اڄ تائين نفرت جي واگهه نک مان ٽمي، ڌرتيءَ جي دامن کي داغدار ڪندڙ انساني رت، انصاف جي عدالت ۾ مذهبي جنون، نسلي برتري ۽ نظرياتي ڪشمڪش تي شاهدي ڏيڻ لاءِ آلو آهي ۽ قيامت تائين آلو رهندو.“

هڪ نگاهه بسنت هال جي گرڊرن تي وجهندي چيائين، ”ظلم هر دور ۾، هر حال ۾ ساڳيو رهيو آهي، فقط مظلوم بدلجي ويو آهي. زهر جو پيالو ساڳيو آهي، فقط سقراط بدلجي ويو آهي. صليب ساڳيو آهي، پر عيسيٰ بدلجي ويو آهي، ڪربلا جو ميدان ساڳيو آهي، پر حسين ابن علي بدلجي ويو آهي.“

ٻئي ٻانهون بلند ڪندي، جذباتي لهجي ۾ چيائين، ”انسانيت جا محافظو! اچو ته اڄ هٿ هٿ ۾ ملائي عالمي امن ۽ پيار کي پنهنجي دائري ۾ پناهه ڏيون. اچو ته اڄ اسين مظلوم ۽ ڏتڙيل حال انسان عهد ڪريون ته اسين هن ڌرتيءَ لاءِ نئون آدرش ٿينداسين. اسين مذهبي جنون، نسلي برتري جي احساس ۽ نظرياتي ڪشمڪش جي آدم خور آڏو هماليه وانگر اٽل ٿي بيهنداسين ۽ ڏتڙيل انسانيت جي حفاظت ڪنداسين.“

پروفيسر ڪريم ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

سڄو هال تاڙين جي ڦهڪي سان ڦاٽڻ لڳو. جيڪي ڪرسين تي ويٺا هئا، سي اُٿي بيٺا. جيڪي ماڻهو ورانڊي ۽ ڏاڪڻ وٽ بيٺا هئا، سي هال ۾ ڌوڪڻ لڳا. وڻن ۽ ڀتين تان هر ڪو هيٺ لهڻ لڳو. ائين پي ڏٺو، ڄڻ ماڻهن جو سيلاب هو ۽ بند ڀڃي اندر هال ۾ ڪاهيندو پي آيو.

پروفيسر ڪريم ٽيبل تان پاڻيءَ جو گلاس کڻي ٻه ڍڪ مس ڀريا هوندا جو عقيدتمندن جو بي پناهه هجوم کيس وڪوڙي ويو. هن گلاس ٽيبل تي رکي ڇڏيو. ايڏي گوڙ گهمسان ۾ ڪوبه لفظ، ڪوبه جملو چٽو نه هو. آواز جو سمنڊ هو.

منتظمين جون وايون بتال ٿي ويون. هو هجوم کي پروفيسر ڪريم ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳا.

جلسي جو سيڪريٽري، پروفيسر ڪريم وٽ آيو. چيائين، ”سائين، پوئين در کان نڪري هلو.“

پروفيسر ڪريم اٿي بيٺو. اڃا اتيئي بيٺو هو، جو ڪجهه شاگرد پيهه کي چيريندا هئا، واٽ ڪندا وٽس اچي نڪتا. کين هٿن ۾ آٽو گراف بُڪ هئا. هر هڪ پنهنجو پنهنجو آٽو گراف بڪ اڳتي وڌائڻ لڳو. پروفيسر کانئن آٽو گراف بُڪ وٺي پنهنجي صحيحيءَ سان گڏ ڪهن عالم جو قول، ڪو بيت ۽ ڪا نصيحت لکي بُڪ موٽائيندو ويو. ائين ڪندي، ڪي چاليهه آٽو گراف بڪ صحيحي ڪري ويو. انتظاميه جو سيڪريٽري فڪرمند ٿيڻ لڳو. سوين ماڻهو ڪاغذ، نوٽ، نوٽبڪ، آٽو گراف بڪ ۽ جيڪا به لکڻ لائق ڪا شئي هٿ لڳن، کڻي، پروفيسر ڪريم کي وڪوڙي ويا.

سيڪريٽريءَ پروفيسر ڪريم کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ”سائين، نڪري هلو، نه ته چيڀاٽجي وينداسين.“

پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڏٺو ۽ ڪلها لوڏي ڪنڌ سان ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيائين.

سيڪريٽري نوجوان هو ۽ هڪ مقامي ڪاليج ۾ ليڪچرار هو. جلسي جو انتظام ”ٿنڪرس فورم“ طرفان هن ئي ڪرايو هو. کيس خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته پروفيسر ڪريم ڪو ايتريقدر مقبول هوندو هو جو سندس تقرير ٻڌڻ ۽ کيس ڏسڻ جي شوق ۾ حيدرآباد جو سارو شهر اُٿلي پوندو. هن ساڳئي بسنت هال ۾ ملڪ جي مشهور مفڪرن کي خالي ڪرسيون ڏسي فڪر مند ٿيندي ڏٺو هو. هن هال ۾ وڏن وڏن عالمن جون تقريرون هلندي ٻڌندڙن کي اوٻاسيون ڏيندي ۽ هال مان کسڪندي ڏٺو هو. پنهنجي ان تجربي جي آڌار  تي هن اڌو گابرو انتظام ڪيو هو. ٿنڪرس فورم جي ڪن ميمبرن کيس خبردار به ڪيو هو، پر هن سندس ڳالهه رد ڪندي کين چيو هو، ”ميان، پروفيسر ڪريم  ڀل يورپ، مشرق بعيد ۽ وچ مشرق ۾ مشهور هجي، پر هتي خير ڪو سڃاڻيس. وڏي ڳالهه ته اڄ ڏهن سالن کانپوءِ پنهنجي وطن وريو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو اچن ته شڪر ڪجو.“

پر اُن ڏينهن صبح جو جڏهن پروفيسر ڪريم کي عالمي امن تي ڳالهائڻ لاءِ حيدرآباد گهرايو  ويو، تڏهن سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ سوين نه، پر هزارين شهري اڳواٽ بسنت هال ۾ پهچي ويا. سيڪريٽريءَ جي اک به تڏهن کُلي، جڏهن يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليجن جي پروفيسرن، ليڪچرارن، عالمن، اديبن ۽ صحافين کي هال ۾ داخل ٿيندي ڏٺو. خلق ۾ وڏو تعداد شاگردن جو هو.  سيڪريٽريءَ ڦڪائي لاهڻ لاءِ ٿنڪرس فورم جي ميمبرن کي چيو هو، ”يار، مون کي خبر نه هئي ته اڄوڪو نسل امن لاءِ ايترو آتو آهي!“

اڄوڪو نسل امن لاءِ ڪيتري قدر آتو آهي! اها خبر سيڪريٽريءَ کي تڏهن پيئي جڏهن پروفيسر ڪريم پنهنجي تقرير پوري ڪئي.

هڪڙي غيرملڪي اخباري نمائندي پنهنجي ڊڪٽافون جو مائيڪ پروفيسر ڪريم ڏانهن وڌائيندي سوال ڪيو، ”عالمي امن نظرياتي ڇڪتاڻ ۾  ڇيهون ڇيهون ٿي ويو آهي. پر اوهان نظرياتي ڪشمڪش سان گڏ مذهبي جنون ۽ نسلي امتياز جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي امن لاءِ هاڃيڪار آهن. مهرباني ڪري وضاحت ڪندا.“

پروفيسر ڪريم بدران، سيڪريٽريءَ اخباري نمائندي کي جواب ڏنو، ”پروفيسر ڪريم شام جو پريس ڪانفرنس سڏائي آهي. هن وقت کانئن ڪجهه پڇڻ مناسب ناهي.“

”مان پروفيسر ڪريم کي يورپ کان وٺي رڪارڊ ڪري رهيو آهيان.“ اخباري نمائندي چيو، ”هن وقت دنيا ۾ فقط ٽي مفڪر آهن جيڪي هزارن جي هجوم ۾ به حواس قائم رکي اخباري نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندا آهن ۽ انهن مان هڪ پروفيسر ڪريم آهي.“

”جئڪ“ پروفيسر ڪريم غيرملڪي نمائندي کي چيو، ”تو مذهبي جنون ۽ نسلي امتياز جي باري ۾ پڇيو آهي نه؟“

”ها سائين.“

پروفيسر ڪريم جي چوگرد بيٺل ماڻهو خاموش ٿي ويا.

هن چيو، ”جئڪ، ابراهام لنڪن ۽ مهاتما گانڌي جيئرا آهن.“

”جيئرا آهن!“ اخباري نمائندي جئڪ کان ڇرڪ نڪري ويو.

”ها، جيئرا آهن.“ پروفيسر ڪريم وراڻيو، ”جڏهن کان کين شهيد ڪيو ويو آهي، تڏهن کان ٻئي ڄڻا انسانيت جي عدالت ۾ نسلي امتياز ۽ مذهبي وحشيپڻي تي شاهد ٿيا بيٺا آهن.“

”مارٽن لوٿرڪنگ جي باري ۾ توهان جو ڇاخيال آهي؟“

”هو دنيا جي عظيم انسانن منجهان هڪ آهي.“

”ڇا هو آمريڪا جي شيدين کي اڇي آدمشماريءَ خلاف نه پيو ڀڙڪائي؟“

”هرگز نه،“ پروفيسر ڪريم جي نرڙ تي گُنڊ ظاهر ٿي پيو. چيائين ”مارٽر لوٿر ڪنگ جي چوڻ موجب آمريڪا ۾ ڪارن ماڻهن جي اڇن ماڻهن خلاف جدوجهد نه آهي، بلڪه مظلوم جي ظلم خلاف، ڏتڙيل جي بي انصافيءَ خلاف ۽ روشنيءَ جي اوندهه خلاف جدوجهد آهي. پر تون ڏسندين جئڪ، ته مارٽن لوٿر ڪنگ کي حق جي راهه ۾ پنهنجي سِرَ جو نذرانو ڏيڻو پوندو.“

هڪڙي اردو روزاني اخبار جي نمائندي وچ مان پڇيو،  ”ان لحاظ کان توهين سمجهو ٿا ته پاڪستان ڇُٽو پيو آهي.“

”نه.“

”ڪيئن.“

”1947 کان 1958 تائين، پاڪستان جا پهريان يارهن سال افراتفريءَ ۾ گذري ويا. 1958 کانپوءِ هتان جي عوام تي جيڪا فوجي ۽ ڪاموري آمريت مڙهي ويئي آهي، تنهن سندن حواس خطا ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان سنڌي، پنجابي، بنگالي، پٺاڻ ۽ مهاجر جي ڇڪتاڻ ۾ ولوڙجي ويندو.“

سيڪريٽريءَ چيو، ”سائين پيهه سوڙهي ٿيندي پيئي وڃي. خدارا نڪري هلو.“

”جئڪ.“ پروفيسر ڪريم چيو، ”پاڻ وڌيڪ شام جو ڳالهائينداسين.“

”شام جو مان نه اچي سگهندس.“ جئڪ چيو، ”اڄ شام جو مونکي ڪراچيءَ ۾ پريزيڊنٽ ايوب خان جي پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو آهي. توهين مهرباني ڪري منهنجي سوال جي پوئين حصي تي پنهنجو رايو ڏيو.“

”تنهنجي سوال جي پوئين حصي جي جواب ۾ دنيا جون اُهي جنگيون آهن، جيڪي مذهب جي نالي ۾ وڙهيون ويون آهن. يا اُهي ملڪ جيڪي مذهب جي نالي ۾ ٺاهيا ويا آهن، يا ورتا ويا آهن.“

”مثال طور؟“

”اسرائيل ۽-“ پروفيسر ڪريم هڪدم جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.

نوجوان سيڪريٽريءَ ٽيڏي اک سان سي – آءِ – ڊي وارن ڏانهن ڏٺو ۽ سندس ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.

پروفيسر ڪريم ڊائس تان هيٺ لٿو. هال جي پوئين در وٽ ٻيهر ماڻهو کيس ورائي ويا. ٿنڪرس فورم جي ميمبرن کيس پنهنجي گهيري ۾ آڻي، ماڻهن کان بچائي ٻاهر آندو.

ڪار تائين پهچڻ کان اڳ هڪ نوجوان سندس سامهون اچي بيٺو. عقيدت جي شدت کان کيس ڳالهائڻ لاءِ لفظ نٿي مليا. هن هٻڪندي چيو، ”سائين مان فرينچ لٽريچر جو شاگرد آهيان.“

پروفيسر خوش ٿي ساڻس هٿ ملايو.

نوجوان چيو، ”سائين، اخبارن ۾ پڙهيو هيم ته البرڪاموءَ جي ايڪسيڊنٽ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين توهين وٽس هئا.“

پروفيسر ڪريم جي منهن تي ڏک جو پاڇولو تري آيو ۽ موٽي ويو.

”سائين“ نوجوان چيو، ”مان البرڪاموءَ جو مداح آهيان، يا کڻي ائين سمجهو ته مان ڪاموءَ جو عشق آهيان.“

سيڪريٽريءَ نوجوان کي چيو، ”پروفيسر ڪريم صاحب کي آرام جي سخت ضرورت آهي. کين شام جو پريس رپورٽرن سان ملڻو آهي ۽ ان کانپوءِ پڪي قلعي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻو اٿن.“

”مون کي بس هڪڙي ڳالهه پڇڻ ڏيو.“ نوجوان عرض ڪيو، ”سائين، البرڪامو مرڻ کان اڳ ڪجهه چيو هو.“

”ها.“ پروفيسر ڪريم ماڻهن جي وچ ۾ هوندي به پنهنجن خيالن  ۾ گم ٿي ويو. چيائين، ”البرڪاموءَ مرڻ کان اڳ چيو هو، ته اڄوڪي انسان کي ٻٽي جنگ لڙڻي آهي. هڪ ظلم جي ظاهري قوتن سان ۽ ٻي پنهنجي اندر ۾ لڪل وحشي جذبن سان.“

”بس سائين، مهرباني،“ نوجوان، پروفيسر ڪريم جو هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهليو ۽ سندس اکيون ڀرجي آيون.

سيڪريٽري ۽ ٿنڪرس فورم جي ميمبرن دائرو ٺاهي پروفيسر ڪريم کي پيهه کان جدا ڪري ڇڏيو. هو آهستي آهستي موٽر ڏانهن وڌڻ لڳا. موٽر جي در وٽ ڪجهه ماڻهن کيس آٽو گراف بڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انتظاميه جي ميمبرن کين روڪي ڇڏيو. هڪ ميمبر موٽر جو در کولي بيٺو. پروفيسر ڪريم موٽر ۾ وڃي ويٺو. ميمبر در بند ڪري ڇڏيو.

هڪ اٺن – ڏهن سالن جو ٻار گلدستو کڻي موٽر ڏانهن وڌندو پي آيو. ماڻهن کي ڌڪيندو، پيهه مان واٽون ڪندو، ڌڪا ڏيندو ۽ ڌڪا کائيندو هو موٽر وٽ اچي پهتو. اُن وقت موٽر آهستي آهستي چُرڻ شروع ڪيو. ٻار ڊُڪ پاتي. پير وچڙيس. ٿاٻو کائي سڙڪ تي ڪري پيو. گلدستو هٿن مان نڪري ويس. هن نماڻا نيڻ کڻي موٽر ڏانهن ڏٺو.

پروفيسر ڪريم منهن ورائي ٻارڙي ڏانهن ڏٺو ۽ ڊرائيور  جي ڪلهي تي هٿ رکيو. ڊرائيور موٽر بيهاري ڇڏي.

هو موٽر مان لهي آيو. هن ٻار کي ٻانهن کان وٺي سڙڪ تان کڻي ورتو. ڪپڙا ڇنڊيندي، سندس نگاهه ٻار جي رهڙيل ٺونٺ تي پيئي جنهن مان رت ٽمي رهيو هو. هن هڪدم رومال ڪڍي ٻار جي زخم تي رکيو.

اهو سڀ اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو. ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ۽ ميمبر وائڙن  وانگر پروفيسر ڪريم ڏانهن ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ ڪجهه ٻيا ماڻهو به ميڙ ڪري بيٺا.

پروفيسر ڪريم  ٻار جي نرڙ تان وار پري ڪري سندس منهن ۾ نهاريو. ڪجهه دير هو ٻار جي منهن ۾ ڏسندو رهيو. سندس گنڀير منهن مان کن پل لاءِ حيرت ليئو پائي ورتو. ٻار سڙڪ تان گلدستو کڻي ڏانهس وڌايو. هن گلدستو وٺندي ٻار کي وارن تي مِٺي ڏني ۽ موٽي وڃي موٽر ۾ ويٺو.

موٽر بسنت هال وٽان هلي جيستائين جنرل پوسٽ آفيس تائين پهتي، تيستائين هو ٻار ڏانهن ڏسندو رهيو.

سيڪريٽريءَ اهڙي نوع ۾ ڳالهايو، ڄڻ پروفيسر ڪريم جي معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ پي چاهيو. چيائين، ”اهو ڇوڪرو پکراج جو پٽ آهي. حرامي ٻار آهي.“

پروفيسر ڪريم کيس جواب نه ڏنو.

موٽر جي پوئين سيٽ تي پروفيسر ڪريم ۽ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ويٺا هئا ۽ اڳينءَ تي ڊرائيور جي ڀرسان فورم جا ٻه ميمبر ويٺا هئا.

سيڪريٽريءَ چيو، ”پکراج  حيدرآباد جي مشهور Prostitute آهي.“

هن رنڊيءَ بدران لفظ پراسٽيٽيوٽ استعمال ڪندي پنهنجي پَرَ ۾ لفظ جي زهر کي ڪيپسول ۾ وجهي ڇڏيو.

موٽر جي اڳين سيٽ تي ويٺل هڪ ميمبر منهن ورائيندي چيو، ”سائين، وڏا وڏا واپاري، زميندار ۽ سرڪاري آفيسر قدردان اٿس. سندس هڪ اشاري تي سرڪاري نظام جي ڪايا پلٽجي سگهي ٿي.“

پروفيسر ڪريم جي نڪ مٿان نرڙ تي گنڊ جو نشان ظاهر ٿي پيو.

سيڪريٽريءَ ڳالهه بدلائڻ لاءِ چيو، ”ارنيسٽ هيمنگوي جي مرڻ تي توهان جيڪو تبصرو ڪيو هو، سو پاڪستان جي گهڻن ئي عالمن کي پسند نه آيو.“

”۽ توهان کي؟“ پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڏسڻ بنا پڇيو.

سيڪريٽريءَ  جا حواس خطا ٿي ويا. سندس ٻنهي ساٿين اڳينءَ سيٽ تان منهن ورائي ڏانهس ڏٺو ۽ سندس بيڪسي ڏسي منهن ڦيرائي ويهي رهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 15 14 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com