سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جڏهن مان نه هوندس

باب: --

صفحو :10

 

پل صراط

منهنجي زال يعني گهر واري، گذريل آچر ڏينهن صبح جو عادت جي خلاف سوير ننڊ مان اُٿي ويٺي. هونءَ هر آچر تي هوءَ دير سان ننڊ مان اُٿندي آهي. ننڊ نه هوندي اٿس، پر تڏهن به دت هنيو سمهي پئي هوندي اهي. آچر ڏينهن ٻارن جا اسڪول بند هوندا آهن. مونکي به پوسٽ آفيس وڃي لفافن ۽ ڪارڊن تي ٺپا هڻڻا نه پوندا آهن. تنهنڪري آچر ڏينهن صبح جو منهنجي گهرواريءَ کي اَسُر ويل اُٿي ڪڙڪ چانهه ۽ سڪل مانيءَ واري صحت – بخش نيرن تيار ڪرڻي نه پوندي آهي. آچر ڏينهن اسانجا ٻار ڍَوَ تي ننڊ ڪندا آهن. ٻار ماءُ سميت قطار ۾ قديم ۽ ٽُڪيل گلم تي تيل لڳل ميرن ويهاڻن تي ٿڪل مٿا رکي ننڊ ۾ الوٽ پيا هوندا آهن. گهر ۾ ماٺ هوندي آهي. مان جاڳندو رهندو آهيان. جاڳندو ان لاءِ آهيان ته جيئن منهنجا ٻار ننڊ ڪري سگهن.

گذريل آچر ڏينهن صبح جو جنهن وقت منهنجي گهر واري عادت خلاف جلدي ننڊ مان اُٿي کڙي ٿي، تنهن وقت مان هڪ روزاني اخبار ۾ ”مغز ڦاڙ“ معمو حل ڪرڻ ۽ هڪ لک رپيا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ۽ خيالن ئي خيالن ۾ هوائي قلعا نه، پر هڪ هوائي ڪچو گهر، تن ڍڪڻ جيترو ڪپڙو ۽ ٻه ويلا ماني حاصل ڪرڻ جا هوائي خواب ڏسي رهيو هوس.

”مغز ڦاڙ“ معمي ۾ ڪل اَٺ خال وارا اڻپورا جملا ڏنل هئا. هر هڪ اڻپوري جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ٽي لفظ لکيل هئا، جن مان هڪ لفظ خال ۾ وجهي جملو پورو ڪرڻو هو. جنهن وقت منهنجي گهر واري ننڊ مان سجاڳ ٿي، تنهن وقت مان ”مغز ڦاڙ“ معمي جو جملو نمبر ٽيون پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. ٽيون اڻپورو جملو هن ريت هو.

عورت..... آهي. (رحمت، زحمت، رغبت.)

لفظ رغبت جي معنيٰ منهنجي لاءِ آلجبرا هئي. جنهن وقت رحمت ۽ زحمت جي باطني ۽ ظاهري معنيٰ تي ويچار ڪري رهيو هوس، تنهن وقت منهنجي گهرواري ننڊ مان سجاڳ ٿي. ويچار ويچارو دماغ مان نڪري ويو.

مون اخبار جي ”مغز ڦاڙ“ معمي تان نظرون هٽائي گهر واريءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ اُداس نگاهن سان ٽُڪيل گلم تي ستل ستن ٻارن ڏانهن ڏسي رهي هئي. (مونکي الله جي ڏني مان چار پٽ ۽ ٽي ڌيئر آهن. هڪ ٻار پنڌ ۾ آهي- ماشاءَ الله).

منهنجي گهرواريءَ ڳرا ڇپر مٿي ڪري مونڏانهن نهاريو. مونڏانهن ڏسي، وري ٻارن ۾ اکيون کپائي ڇڏيائين. سوچيم، ٻارن جي پلٽڻ پريشان ڪيو اٿس، تنهن ڪري سندس پريشاني دور ڪرڻ لاءِ چيم، ”ان ۾ منهنجو تر جيترو به ڏوهه ناهي مولائڻ!“ اُڀ ڏانهن آڱر اُڀي ڪندي چيم، ”هو سڄو ڪم آسمان واري جو اٿئي. منهنجي ڪهڙي مجال آهي جو انسان پيدا ڪري سگهان. مان ته هڪ عاجز بندو گندو آهيان، الله سائينءَ جو موسٽ اوبيڊئنٽ سرونٽ آهيان.“

هن جواب نه ڏنو. تيل ۾ ڀَتُ ٿيل ويهاڻو ڀت سان کپائي، ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي. سندس غمگين چهرو وڌيڪ اُداس ٿي ويو. ٻارن مان اک ئي نه پي ڪڍيائين. کيس دلداري ڏيڻ لاءِ چيم، ”فڪر نه، ڪر مولائڻ! هر انسان پنهنجي نصيب جو داڻو پائي کائيندو آهي. هنن لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن راشن شاپ تي ان جو داڻو ضرور موجود هوندو، جنهن تي سندس نالي جو ٺپو لڳل هوندو.“

هن کن لاءِ ڇپر کڻي مونڏانهن ڏٺو ۽ ٻيهر اکيون ٻارن ۾ اٽڪائي ڇڏيائين. کيس قائل ڪرڻ لاءِ ته اسانجي ستن ٻارن مان هر هڪ ڪنهن خاص مقصد لاءِ دنيا ۾ آيو  آهي، چيم، ”مولائڻ، هيءَ دورنگي دنيا اکين وارن لاءِ عبرتڪدو آهي. هر انسان هتي قدرت جا ڪرشما ڏسڻ آيو آهي. اسانجا ٻار به قادر جي قدرت جا ڪرشما ڏسڻ آيا آهن، جهڙوڪ: ڌرتيءَ مان  سلو ڦٽڻ، مينهن وسڻ، چنڊ تارن جو چمڪڻ وغيره. ڏس نه، ڪهڙي نه حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته درياهه وهي ٿو، آهي نه ڪمال جهڙي ڳالهه! مار، درياهه وهي ٿو، اُف!“ ڳالهه کي اڌ ۾ روڪي، اک ٽيٽ ڪري گهرواريءَ ڏانهن ڏٺم. هوءَ ڪنهن بيڪار ٺپي وانگر خاموش ويٺي هئي. سندس دل وڏي ڪرڻ لاءِ چيم، ”هي اسانجا ٻار، يعني ڪنڊو، پتاشو، انب وغيره هڪ نه هڪ ڏينهن وڏا ٿيندا. ڪڻڪ جو فصل ڏسي حيران ٿيندا. درياهه کي وهندو ڏسي کين ڏندين آڱريون پئجي وينديون. هڪدم سجدي ۾ ڪري پوندا. اهوئي سندس پيدا ٿيڻ ۽ دنيا دورنگيءَ ۾ اچڻ جو  مقصد آهي.“

ڏٺم، ان سموري ڪٿا جو مٿس ڪوبه اثر نه ٿيو. هوءَ ٻارن کي ڏسندي رهي. سندس ساهه جي هلڻ جي رفتار تيز ٿي ويئي. تڏهن هڪ خيال بيرنگ خط وانگر اڳيان اچي بيٺو. پڇيومانس، ”سچ ٻڌاءِ مولائڻ، پيڪا ته نه ياد آيا اٿئي؟“

هن جواب نه ڏنو.

”اٽو ته نه کٽو آهي؟“

”تون ته اصل کان موڳو مٽر آهين.“ هوءَ هڪدم اُٿلي پيئي. روئڻهارڪي ٿي ويئي.

مون کي موڳو مٽر سڏيائين، پرمون کي حيرت نه ٿي. اهو جملو گهڻو اڳ جڏهن پهريون دفعو سندس واتان ٻڌو هوم، تڏهن مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو. اُنهن ڏينهن ۾ اسان ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا هئاسين. جيستائين رئيس ربڏني ميتڙي (اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو ناهي، اسان جي اباڻي ڳوٺ جو نالو آهي) ۾ رهندا هئاسين، منهنجي گهر واري مون کي ”انب جا پيءُ“ ڪري ڪوٺيندي هئي. مون سان اک ملائي نه سگهندي هئي. اُنهن ئي ڏينهن ۾ مون ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ جڏهن حيدرآباد جي هڪ پوسٽ آفيس ۾ لفافن ۽ ڪارڊن تي ٺپا هڻڻ جهڙي اهم ۽ عاليشان نوڪري ملي ويئي، تڏهن اسان ڳوٺ رئيس ربڏني ميتڙي مان ٽپڙ سهيڙي، اچي حيدرآباد جا وڻ وسايا. (اهو فقط محاورو آهي، شهر جا وڻ وسائڻ منسپالٽي جو ڪم آهي). ٺپا هڻندي ڪجهه عرصو گذريو هوندو، جو هڪڙي ڏينهن منهنجي گهرواريءَ چيو هو، ”آئون توکي هينئر انب جا پيءُ ڪري نه ڪوٺينديس.“ سبب پڇڻ تي ٻڌايائين، ”انب به ڪو نالو آهي! پاڙي جا ٻار انب کي چيڙائن ٿا. تنهن ڪري مون انب جو نالو درپن ڪمار رکيو آهي. منهنجي لاءِ ڄڻ ڪچي گهر جي ڇت اڏامي ويئي. چيو هوم، ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين مولائڻ. انب ۾ ڪهڙو عيب آهي. منهنجو پنهنجو نالو واڱڻ آهي. بابا جو نالو ليمون آهي. گهر واريءَ مون کي سمجهايو هو، ”هينئر اسين شهر ۾ ٿا رهون. شهري ٿي رهڻو پوندو يا شهر نيڪالي ملندي. مون به پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيو آهي.“ مون کي روئڻ آيو. هن ٻڌايو، ”مون پنهنجا ٻه نالا رکيا آهن. هڪ افشان ۽ٻيو صبيحه خانم. تون مون کي افشي سڏيندو ڪر. مان ان انڪشاف تي بيهوش ٿي ڪرڻ تي هوس، جو هن ٻڌايو هو، ”تنهنجو نالو به هينئر واڱڻ ناهي. مون هڪ اڙدو ناول ۾ هيري جو نالو ارسلان پڙهيو آهي. مون کي ڏاڍو وڻيو آهي اڄ کان تون ارسلان آهين.“ کانئس پڇيو هيم ته، ”ارسلان صاحب غازي صلاح الدين ايوبيءَ جو بورچي ته نه هو؟“ تڏهن هن پهريون دفعو مون کي چيو هو، ”تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين.“

ان ڳالهه کي چار – پنج سال گذري ويا آهن. ان عرصي ۾ مان ٺپا هڻندو رهيو آهيان ۽ منهنجي زال عرف افشي ٻار ڄڻيندي رهي آهي. ان دوران هن ٽي سو پنجونجاهه اُڙدو – پنجابي فلمون ڏٺيون آهن ۽ پيسو روز تي ملندڙ ٻارهن سو ٻٽيهه مسواڙي ناول ۽ افسانن جا مجموعا پڙهيا آهن. سندس خرچ پکو پورو ڪرڻ لاءِ مان ٽپال مان رسالا ۽ ڪتاب پار ڪندو آهيان ۽ ڇوٽڪي گهٽيءَ جي ڪٻاڙين کي ٻڌي ليکي وڪڻي ايندو آهيان. هوءَ روزانو ٻه رومانٽڪ ناول پڙهندي آهي ۽ رومانٽڪ خواب ڏسندي آهي.

گذريل آچر تي جڏهن منهنجي گهرواريءَ ڪاوڙ مان چيو، ”تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين.“ تڏهن هڪدم مون کي ياد آيو ته مولائڻ ضرور ڪو غريب خواب (عجيب نه، ڇو جو امير ماڻهو عجيب خواب ڏسندا آهن. غريب ماڻهو فقط غريب خواب ڏسندا آهن) ڏٺو آهي. پڪ ڪرڻ خاطر کانئس پڇيم، ”مولائڻ خواب ته نه ڏٺو اٿئي.“

هن ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي ۽ پوءِ اڌ رئو ويڙهي سيڙهي وات تي رکي روئي پيئي. هڪدم سمجهي ورتم ته افشي، عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي زال اڄ ضرور ڪو الف ليليٰ يا سيف الملوڪ ڇاپ  خواب ڏٺو آهي.

سندس پاسي ۾ وڃي ويٺس. پرچائيندي پڇيو مانس، ”ڪهڙي قسم جو خواب ڏٺو اٿئي. خوفناڪ، پراسرار يا ڀوائتو.“

جواب جي بدران سندس اوڇنگارن جو آواز ٻڌم.

پڇيومانس، ”ڪوه ڪاف جو جن ته نه ڏٺو اٿئي؟“

وراڻيائين، ”نه.“

”راڪاس؟“

”نه.“

”سامري جادو گر؟“

”نه.“

”راوڻ؟“

”اون – هون.“

”راڪيٽ؟“

جواب نه مليو.

”نيپام بم؟“

جواب نه مليو.

”ايٽم بم – هيڊروجن بم؟“

جواب نه مليو.

”موشي دايان؟“

جواب مليو. چيائين، ”مان ته اصل کان چوندي آهيان ته  تون صفا موڳو مٽر آهيان.“

”ته پوءِ کڻي ٻڌاءِ ته خواب ۾ ڇا ڏٺو اٿئي.“

ٻه – چار سڏڪا ڀري، سنگهه ڪڍي، وڏو ساهه کڻي چيائين، ”اڄ آئون.... آئون....“

”آئون آئون نه ڪر. ڳالهه ڪر.“

”اڄ خواب ۾ ساڳيو بزرگ ڏٺو اٿم، جيڪو گذريل سال به هڪ دفعو خواب ۾ آيو هو.“

بزرگ! ڪهڙو بزرگ ؟“

”جنهن جي مٿي ۽ مڇن جا وار اڇا پشم جهڙا ۽ ڀروون به اڇيون هونديون آهن.“

”اوهه! تون ته اجائي پريشان ٿي آهين.“

”اجائي پريشان ٿي آهيان؟“

”ها.“ کيس سمجهايم، ”اهو اڇين ڀروون، پنبڻن ۽ پشم جهڙن وارن وارو ٻڍو وڏو ڦڏيباز اٿئي. تون کيس نٿي سڃاڻين.“

”تون ته ڄڻ سڃاڻينس ٿو.“

”ڇو نه اهو ٻڍو بزرگ وغيره ناهي، اهو مشڪرو ڪرستانن جو سانتاڪلاز اٿئي.“

منهنجي گهر واري ڪاوڙجي ويئي. چيائين، ”اخبر اٿئي، موڳا مٽر. اڄ هن ڳالهايو به هو.“

”ڳالهايو هو!“

”ها.“

”ڇا ڳالهايائين؟ منهنجو مطلب آهي، ڇا چيائين؟“

افشان عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي گهر واريءَ جواب ڏيڻ بدران اڌ رئي جو ويڙهوٽو وات ۾ وجهي سڏڪن ۽ اوڇنگارون ۾ اچي ڇٽڪي. مون کيس ڪجهه دير تائين روئڻ ڏنو. پنج منٽ کن روئڻ کانپوءِ، ٿڌو ساهه کڻي روئڻ بند ڪري ڇڏيائين.

”ها، شاباش.“ کيس آٿت ڏنم، ”ٻڌاءِ ڪُراڙي ڇا چيو؟“

”چيائين.“ هن ڳالهايو، ”چيائين، اي خدا جي نيڪ بندي، الله جي راهه ۾ پنهنجي سڀ کان پياري شيءَ قربان ڪر.“

”ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“

هن ٻيهر روئڻ شروع ڪيو. سندس روئڻ ۽ هنجون هارڻ جو سلسلو جاري هيو، جو اسان جو ننڍو پٽ پتاشو ۽ پياري ڌيءَ گدامڙي جاڳي پيا. ٻئي ٻار ماءُ کي روئيندي ڏسي روئڻ لڳا. مون کين سرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻئي ٻار سخت ڪاوڙجي ويا. پتاشي پنهنجي ننڍڙي مُڪ اولاريندي چيو، ”تو امان کي ماليو آهي.“

کين عرض ڪيم، ”اڙي بابا، مون نه ماريو اٿس. توهين خدا جي واسطي سمهي پئو. اڄ آچر آهي.“

”نه نه. تو امان کي ماليو آهي.“

منهنجي گهرواريءَ پتاشي کي ساڄي ۽ گدامڙيءَ کي کاٻي گوڏي تي ويهاري ڇڏيو. ٻئي ٻار ماءُ سان چنبڙي، خونخوار نظرن سان موڏانهن ڏسڻ لڳا. مون هٿ جوڙي ٻنهي کان معافي ورتي. هنن معاف نه ڪيو. پتاشي ڄڀ ڏيکاري منهنجا چٻرا ڪڍيا.

”ٻڌاءِ نه موڳا مٽر.“ افشيءَ چيو، ”ٻڌاءِ ته، مان پنهنجي ڪهڙي شيءَ قربان ڪيان؟“

”لنواءِ مولائڻ.“

”لنوايان؟“ هن ڌوڏا ڦوٽاري چيو، ”لنوايان؟ هان! الله جي راهه ۾ پنهنجي پياري شيءَ قربان نه ڪيان! تون ڪافر آهين، انشاءَ الله دوزخ ۾ ويندين.“

”دوزخ ۾ ويندس جو آسمان تي به ڄڻ انڌير آهي.“ وراڻيم، ”هڪ دفعو رڳو ”مغز ڦاڙ“ معمي جو صحيح حل نڪرڻ ڏي. پوءِ ويٺي تماشا ڏسجانءِ.“ هڪ مسيت ٺاهرائيندس، ٻه حج ڪندس ۽ پنجن فقيرن کي هڪ ويلو ماني کارائيندس. پوءِ ڪيئن ۽ ڇو دوزخ ۾ ويندس.“

”تون نه فقط موڳو مٽر آهين، پر شيخ چلي به آهين.“ هن چيو، ”تون مونکي ٻڌاءِ ته مان پنهنجي ڪهڙي پياري شيءَ قربان ڪيان؟“

اسان ٻئي سوچڻ لڳاسين.

مونکي پنهنجي زال جون ٻه چار شيون سجهي آيون، جيڪي کيس جان کان پياريون هيون. کيس صلاح ڏنم، ”هو جيڪو شيفون جو ڪرمچي رئو اٿئي نه، اڙي پامڪ وارو، اهو توکي ڏاڍو پيارو آهي. الله جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏ.“

افشان، عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي گهرواريءَ ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان مونڏانهن نهاريو. سمجهيم، کيس ٻي ڪا شي رئي کان به وڌيڪ پياري آهي. گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ مونکي ڪپڙن سبڻ جي مشين جو خيال آيو، جيڪا اسان قسطن تي ورتي هئي. ان مشين جو نالو ”سنگيت“ هو ۽ منجهانئس اٽي پيهڻ جي مشين جهڙوآواز ايندو هو (هينئر اُن مشين مان ريل گاڏيءَ جي انجڻ جهڙو آواز ايندوآهي.) اها مشين منهنجي گهرواريءَ کي ساهه کان پياري هئي.

هڪدم خوش ٿيندي چيم، ”مولائڻ، ڪپڙن سبڻ جي مشين ”سنگيت“ الله جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏ. ان مان ٻه فائدا ٿيندا.“

هن ڀروون ڳتي مون ڏانهن ڏٺو. مان ڳالهائيندو رهيس. ”ٻه فائدا هن ريت ٿيندا. اول ته تون پنهنجي سڀ کان پياري شي الله جي راهه ۾ قربان ڪندينءِ. ٻيو ته مشين جي قربانيءَ کانپوءِ اوڙي پاڙي جا ڪن ٺري پوندا.“

منهنجي گهرواريءَ ساڙ کائيندي چيو، ”مان ته اصل کان چوندي آهيان، تون صفا موڳو مٽر آهين.“

پتاشو ۽ گدامڙي تاڙيون وڄائي کلڻ لڳا.

منهنجي گهرواريءَ چيو، ”ڪڏهن ڪنهن رَوَن ۽ مشينن جي به قرباني ڏني آهي؟“

”مولائڻ!“ منهنجي نڙي خشڪ ٿي ويئي، پڇيم، ”ڪُهڻ ٻُهڻ جي ڳالهه آهي ڇا؟“

”ٻيو نه ته مغز ڦاڙ معمو حل ڪرڻ جي ڳالهه آهي.“ هن  وات چٻو ڪندي چيو.

هوءَ ۽ مان سوچڻ لڳاسين.

گدامڙيءَ پتاشي کي پير ۾ چهنڊڙي وڌي. پتاشو وات ڦاڙي روئڻ لڳو. منهنجي گهرواريءَ جون ڳتيل ڀروون هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويون. سوچ ۾ چنجهيون ٿيل اکيون ويڪريون ٿي ويس. هلند ‎ڙ ساهه جو سلسلو ڪجهه تيز ٿي ويس. پنهنجون اکيون گدامڙيءَ تي کپائي ڇڏيائين. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي گدامڙيءَ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. پتاشي پنهنجو روئڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ حيرت وچان ماءَ جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.

گهرواريءَ کان پڇيم، ”ڇو، ڇا ٿيو مولائڻ.“

هن جواب نه ڏنو، گدامڙيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ڇڏيائين.

”روئين ڇو پئي؟“

هن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ”مونکي گدامڙي سڀني کان وڌيڪ پياري آهي.“

”ڇا!“

”ها.“

”ته تون گدامڙيءَ کي ڪُهي ڇڏيندينءِ؟“

”ها.“

”ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“

”ڇو نه ٿيندو.“ هن وراڻيو، ”حضرت ابراهيم به ته حضرت اسماعيل کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ نڪتو هو.“

”پر حضرت ابراهيم ته دنبو ڪٺو هو.“

”ها، پر ڪُهڻ ته اسماعيل کي ويو هو نه.“

کيس سمجهائڻ لاءِ چيم ”حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل جي قصي جي ياد تازي رکڻ لاءِ اسان جانورن جي قرباني ڏيندا آهيون. تون وري گدامڙيءَ جي قرباني ڪيئن ڏيندينءَ؟“

”منهنجو ايمان خراب نه ڪر.“ هن دڙڪو ڏيندي چيو، ”مونکي بزرگ فرشتي حڪم ڏنو آهي، ته الله جي راهه ۾ سڀ کان پياري شيءَ قربان ڪيان.“

ٽن سالن جو پتاشو ۽ چئن سالن جي گدامڙي اسان جي بحث کان بي نياز، هڪ ٻئي کي چيڙائي رهيا هئا. مون کي ستن ئي ٻارن  مان گدامڙي وڌيڪ وڻندي آهي. گهر واريءَکي پتاشو وڻندو آهي.

کيس چيم، ”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ مولائڻ.“

”نه، نه.“ هن هڪدم چيو، ”منهنجو ايمان خراب نه ڪر.“

”پر.....“

”بس.“ هن ڇت ڏانهن ڏسندي، فيصلو ڪندي چيو، ”مان گدامڙيءَ کي الله جي راهه ۾ قربان ڪنديس.“ پوءِ گنڀير لهجي ۾ چيائين، ”آسمان مان ٻڪري لهي آئي، ته پوءِ گدامڙيءَ کي ڇڏي ٻڪري ڪهنديس.“

مون وڏي واڪ چيو، ”پر توکي گدامڙي پياري ناهي.“

”آهي.“

”ناهي.“

”آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 15 14 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com