حصو ٽيون
ٻوٽائون عالم
ٻوٽائين تاريخ بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟
زمين جي وجود ۾ اچڻ بابت ڪيترائي نظريا آهن،پر سڀئي
انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته، شروعات ۾ هيءُ نهايت
گئسي حالت ۾ هئي، آهستي آهستي ٿڌي ٿيندي ويئي.
انهيءَ جا بخار چمڻ شروع ٿيا. هوا کان سواءِ ڪجهه
عنصرن، جهڙوڪ: آڪسيجن، هائڊروجن ۽ نائٽروجن وغيره
جن کي اسين گئسن جا نالا ڏيون ٿا. انهن کانسواءِ
سڀئي مادا گهاٽا ٿي هڪ گولي جي شڪل ۾ چڪر کائيندا
رهيا. گهڻي عرصي کان پوءِ مٿيون حصو ٿڌو ٿي ٺوس
صورت بڻجي ويا. سسڻ جي ڪري انهيءَ جو مقدار به
گهٽجي ويو. جيئن جيئن زمين ٿڌي ٿيندي ويئي. ان جي
مٿين سطح تي نشان پوندا ويا، ڏار ٿيندا ويا. انهن
کي جبل ۽ واديون نالو ڏنو ويو. پوءِ برف، بارش ۽
طوفان اچڻ شروع ٿيا.
پٿر ۽ واري بڻجي ويا. واري پيسجي مٽي ۽ اها مٽي
وهي دريائن وسيلي سمنڊ ۾ پوڻ لڳي. اها مٽي اتي ڄمي
سخت ٿي ويئي. آخرڪار جبل بڻجي ويئي. اهڙن جبلن تي
خاص ڳالهه اها هئي ته مٽيءَ جي تهه، تهه مٿان ڄمڻ
ڪري ديوارين جهڙا جبل بڻجي ويا. انهن جبلن کي ٺهڻ
۾ هزارين سال لڳي ويا. هڪڙن ماهرن جو خيال آهي ته،
هڪ فوٽ جو تهه ڄمڻ لاءِ چار هزار سالن جي ضرورت
آهي. موجوده تحقيق مان انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي
آهي ته، پنج لک اڻٽيهه هزار فوٽ ٿلهي چٽان به ملي
ٿي. انهيءَ عمل ۾ ڪيتريون ئي جاندار شيون به دٻجي
وينديون رهيون آهن.
طبعي ماحول جي لحاظ کان ۽ نباتات ۽ حيوانات جي
قسمن وغيره جي لحاظ کان دنيا کي پنجن زمانن ۾
ورهايو ويو آهي، ۽ هر زماني کي حياتيءَ جي مختلف
شڪلين ۾ وجود ۾ اچڻ جي لحاظ کان ورهايو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح هر دور کي زمانن ۾ ورهايو ويو آهي.
انهن زمانن کي وري وڏن وڏن ذيلي ڊويزن
(Sub- Divisions) ۾
ورهايو ويو آهي. ان جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
قديم ترين زمانو،
(Archeozoic Era)
زميني تاريخ جو هي سڀ کان قديم حصو آهي. هن دور ۾
زندگيءَ جا ڪي به آٿار نٿا ملن. هن زماني ۾ زمين
ٺهي سمنڊ ٺهيا، هوائي گولو وجود ۾ آيو. هي عرصو
گهڻو ڪري ٽي هزار لک سالن تي مشتمل آهي.
قديم زمانو
(Proterogoic)
هي دور گهڻو ڪري چار هزار لک سال پهرين شروع ٿيو.
پنج سو ستر ملين سالن تائين رهيو. هن زماني ۾
ابتدائي قسم جي سادي زندگي وجود ۾ آئي. هن زماني ۾
ٻوٽن ۽ جانورن جا جسم نرم هئا. ابتدائي ٻوٽا نيري
سائي الجي آهي. موجوده دور ۾ نيري سائي الجي جا
ڪيترائي ٻوٽا ڪئلشيم ڪاربونيٽ خارج ڪن ٿا ۽ اها هم
مرڪز دائرن ۾ مرتب ٿيندي چوني جو پٿر بڻجي وڃي ٿي،
تنهن ڪري سمنڊ ۾ ملندڙ چوني جي پٿر جا ٺهيل جبل
ممڪن آهي ته، انهيءَ الجي مان ٺهيا هجن.
ابتدائي زمانو
(The Paleozoic Era)
هن دور کي ستن زمانن ۾ ورهايو ويو آهي. اهي زمانا
هن طرح آهن.
(Cambrian) ڪيمبرئين
ڪيمبرئين لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو بنياد
ڪيمبريا
(Cambria) آهي. هن
دور ۾ گرم علائقن جي سمنڊن ۾ الجيءَ جون ڪجهه
جنسون موجود هيون، الجيءَ جا ٻوٽا نهايت سادا ۽
ڪئلشيم ڪاربونيٽ خارج ڪندا هئا. هي زمانو پنج سو
ستر لک سال پهرين شروع ٿي پنج سو لک سال پهرين ختم
ٿيو.
آرڊويسيئن
(Ordovician)
هن زماني جو نالو اتر ويلز جي هڪ تمام پراڻي
خاندان آرڊويسي
(Ordovices) جي نالي
تي رکيو ويو آهي. هن زماني ۾ به حياتي گهڻو ڪري
سمنڊ ۾ ئي هئي. البت ممڪن آهي ته زميني ٻوٽن جي
ابتدا هن ئي دور ۾ ٿي هجي. سامونڊي الجي پنهنجي
پوري جوڀن تي هئي. گهڻيون ئي الجيون ڪئلشيم
ڪاربونيٽ خارج ڪنديون هيون، جن مان ڪئلشيم جبلن جا
وڏا وڏا ذخيرا وجود ۾ آيا. هي زمانو اڄ کان پنج سو
لک سال پهرين شروع ٿيو ۽ چار سو پنجٽيهه لک سالن
تائين اچي ختم ٿئي ٿو.
سائيليورئين
(Silurian)
هن زماني جو نالو برطانيا جي هڪ قديم قوم سائي
ليوريس جي نالي تي رکيو ويو. هن زماني ۾ ٻوٽن سمنڊ
ڇڏي ٻاهر آباد ٿيڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. هي دور زمين
جي گولي تي حياتيءَ جي تاريخ جو اهم موڙ هو، هن تي
آئندي جي ارتقا جو دارومدر هو. هي دور اڄ کان چار
سو پنجٽيهه ملين سال پهرين شروع ٿي، ٽي سو پنجانوي
ملين سال پهرين تائين پهچي ختم ٿئي ٿو.
ڊيوونئين
(Devonian)
هن زماني جو نالو انگلينڊ جي ڊيون شائر
(Devon Shire) ڏانهن
منسوب آهي. هن زماني ۾ ابتدائي زميني ٻوٽا نظر اچن
ٿا. هن دور ۾ سائلو فائيٽلز (Psilophytales)
تمام گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. اهي ٻوٽا ٽريڊو فائيٽ
گروهه سان تعلق رکن ٿا. انهن ۾ اصل پاڙون ۽ پن نه
هئا. واسڪيولي سرشتو ابتدائي حالت ۾ نظر اچي ٿو.
هن دور جي وچين ۽ پوئين عرصي لائيڪوپوڊ، هارس ٽيل،
فرن ۽ ٻجاوان فرن ٻوٽا زمين تي غالب ٿين ٿا. هي
دور اڄ کان ٽي سو پنجانوي ملين سال پهرين کان شروع
ٿي ٽي سو پنجيتاليهه ملين سال پهرين ختم ٿئي ٿو.
پهريون ڪاربونيفرس
(Lover Carboniferus)
هن زماني تي آمريڪا جي مسپي واديءَ جي نالي تي هي
نالو رکيو ويو. هن زماني جو بنياد ڪوئلي تي آهي.
ڇاڪاڻ ته، هن زماني ۾ ڪوئلي جا وڏا وڏا ذخيرا وجود
۾ آيا. هن دور ۾ لائيڪوپوڊ، ٻجائين فرن غلبو حاصل
ڪري ٿي ۽ وڏا وڏا جهنگ وجود ۾ اچن ٿا.
پويون ڪاربونيفرس
(Upper Carboniferus)
هن دور ۾ وڏيون ڌٻڻيون وجود ۾ اچن ٿيون ۽ دڙا دڪا
هلڪي سمنڊ ۾ بدلجي وڃن ٿا. هن دور ۾ ٻجائين فرن،
هارس ٽيلون، مهان لائيڪوپوڊون کان سواءِ ابتدائي
جيمنو اسپرم ٻوٽا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن دور جي عام
ٻوٽن ۾ ڪيلا مائيٽس ليڊو ڊينڊران، سجيليريا سيرو
نيئس ۽ ڪارڊيٽس جا نالا اهم آهن. هي دور اڄ کان ٽي
سو پنجيتاليهه ملين سال پهرين شروع ٿئي ٿو ۽ ٻه سو
ملين سال پهرين تائين اچي ختم ٿئي ٿو.
پرميئن
(Permian)
هن دور تي نالو روس جي هڪ پراڻي صوبي پرم
(Perm) تي رکيو ويو
آهي. هن دور ۾ زمين تي جاگرافيائي تبديليون ظاهر
ٿيون، جنهن جي ڪري پراڻي نباتات صفا ختم ٿي ويئي
يا وري انهن ۾ نئين ماحول سان مطابقت پيدا ڪرڻ
لاءِ ويون وڏيون تبديليون اچي ويون. انهيءَ ڪري
ڪاربونيفرس زماني جا گهڻا ٻوٽا ختم ٿي ويا.
لائيڪوپوڊون ۽ هارس ٽيلون ۾ گهٽتائي ايندي ويئي.
سائيڪيڊ ۽ ڪونيفر قسم جا ٻوٽا ظاهر ٿيا.
وِچون زمانو
(Mesozoic)
هن زماني کي سائڪيڊيز
(Cycades) جو زمانو چيو وڃي ٿو.
هن زماني ۾ گهڻا مهان لائيڪوپوڊ ۽ ٻجايون فرنون
ختم ٿي ويون، جيمنو اسپرم ۾ ڪونيفر، سائيڪيڊ ۽
جنڪگو خاندان تمام گهڻو تيزيءَ سان وڌي ٿو ۽ سڄي
نباتاتي دنيا تي غالب اچي وڃي ٿي، پر انهن ۾ ايتري
ته تيزيءَ سان ترقي ٿي جو هن زماني جي ختم ٿيڻ
ويجهو اينجيو اسپرم ٻوٽا دنيا تي غالب ٿيڻ لڳا. هي
زمانو وري ٽن ننڍن زمانن ۾ ورهايو ويو آهي.
ٽرائي ايسڪ
(Triassic)
هن زماني جو نالو انهيءَ عرصي جي مختلف جبلن جي
ڪري رکيو ويو آهي. اهي جبل جرمني جي مرڪزي علائقي
۾ آهن. هن زماني ۾ ايڪويس ٽيلز
(Equise Tales) ۽
لائيڪو پوڊي ايلز (Lycopodiales)
ٻوٽا پنهنجي بونيفيرس ڀائرن
کان تمام گهڻو گهٽجي وڃن ٿا. فرنن جو تعداد وڌي
ٿو. ٻجايون فرنون ختم ٿي وڃن ٿيون. سائيڪڊون،
جنڪگو ۽ ڪونيفرين جو تعداد وڌي ٿو، ۽ دنيا تي غالب
اچي وڃي ٿو.
هي دور ٻه سو پنجويهه لک سال پهرين شروع ٿي، هڪ سو
نوي، لک سالن تائين ختم ٿئي ٿو.
جراسڪ
(Jurassic)
هن زماني جو نالو فرانس ۽ سئٽزرلينڊ جي وچ ۾ واقع
جيو راضي جبل تان رکيو ويو. هن عرصي ۾ ٻوٽن ۾ بيني
ٽائيٽليز ٻوٽا ملن ٿا. هن زماني ۾ ڪونيفر ۽
سائيڪيڊن جو غلبو نظر اچي ٿو. ڪارڊيٽس ٻوٽا فنا ٿي
وڃن ٿا، جنڪگو خاندان جا ٻوٽا سڄي دنيا ۾ ڦهلجي
وڃن ٿا. هي زمانو هڪ سئو نوي لک سال پهرين شروع
ٿيو. هڪ سئو ڇٽيهه لک سال پهرين ختم ٿئي ٿو.
ڪريٽيشيئس
(Cretaceous)
هن زماني جو نالو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ
(Creta) مان
ورتو ويو آهي. ڪريٽا جي معنيٰ آهي: چاڪ، هن زماني
۾ جيمنو اسپرم ٻوٽن ۾ گهٽتائي شروع ٿئي ٿي، ۽
اينجو اسپرم ٻوٽا ترقي ڪندا آهن. انهن ٻوٽن جا
گهڻا گروهه موجوده زماني ۾ به ملن ٿا. مثلا:
سيليڪيسي خاندان، فيگسي خاندان، الميسي خاندان، في
ايسي خاندان ۽ ميگنولي ايسي خاندان وغيره. هن
زماني جي ختم ٿيڻ کان ڪجهه سال پهرين هڪ ٻج پن
ٻوٽن (Monoceoty ledous)
جي شروعات ٿئي ٿي. ڪوندر ۽ پام جا ٻوٽا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا. هي زمانو اڄ کان ٻه سئو پنجويهه ملين سال
پهرين ختم ٿئي ٿو.
جديد زمانو
(Canozoic)
زمين جو موجوده نقشو
(Topography) گهڻو ڪري
پنجهٺ ملين سال پهرين وجود ۾ آيو. حياتيءَ جي جديد
زماني ۾ ئي ان جا نقش ۽ چٽ اڀريا. هن جي خشڪيءَ جي
منظرن جي ڪردار، براعظمن جون حدون، دريائن جا
رستا، ٻوٽن جي ورهاست هن زماني ۾ مڪمل ٿي. هن دور
۾ ئي هماليه جبل ۽ ڪوهستان سمنڊ جي تهه مان اڀريا
۽ ٻيا گهڻائي جبل نابود ٿي ويا. هن زماني کي ٻن هڪ
جيترن دورن ۾ ورهايو وڃي ٿو. دور ٽيون
(Tertiary) ۽
چوٿون دور (Quaternary)
آخرڪار ٻه لک سالن جي عرصي تي پکڙيل آهي.
ٽئين دور کي وري وڌيڪ پنجن دورن ۾ ورهايو ويو آهي.
اهي دور آهن.
پئلائيوسين
(Palcocene)
ايوسين
(Eocene)
اوليگوسين
Oligocene)
مائيوسين
Miocene)
پلائيوسين
Pliocene)
چوٿون دور وري ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، اهي دور
هن طرح آهن؛
پلسٽوسين
(Pleistocene)
هالوسين
(Holocene)
نباتات جي علم جي ابتدا ڪيئن ٿي؟
ٻوٽن جي علم کي، نباتات چئبو آهي. سائنس ۾ علم
نباتات کي
(Botany) چئبو
آهي. باٽني لفظ اصل ۾ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي،
جيڪا يونان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
ٻوٽن جي پيدائشي تاريخ اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري
انسان جي پيدائشي تاريخ پراڻي آهي. انسان ابتدا
کان وٺي ٻوٽن مان فائدو وٺندو آيو آهي، پر انسان
ٻوٽن جو مشاهدو ڏهين صدي عيسوي ۾ شروع ڪيو. پهرين
مسلمان ڏاهن، هن علم ڏانهن ڌيان ڏنو، پوءِ يورپ جي
ماڻهن ان تي وڌيڪ تحقيق ڪئي.
ابوالقاسم الزهروي پهريون مسلمان آهي، جنهن ٻوٽن
جي علم بابت هڪ ڪتاب ”نباتات“ لکيو. ان کان پوءِ
ابن البيطار (1248-1181) ٻوٽن تي کوجنا ڪئي ۽ 1400
ٻوٽن جو تفصيلي اڀياس پيش ڪيو. ”ابن البيطار“
الگاميه في الادوايه المجردا“ نالي ڪتاب ۾ اهڙو
تفصيل آندو آهي. ان کان پوءِ خاموشي ڇانئجي ويئي ۽
وري اڻويهين صدي عيسوي ۾ هن علم ڏانهن ڌيان ڏنو
ويو.
يورپ جي ماهرن اڻويهين صدي عيسوي ۾ تحقيق شروع
ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهرين چارلس ڊارون قدم
کنيو، جيئن پوءِ تيئن هي علم ويو ترقي ڪندو. بعد ۾
هن کي مختلف شاخن ۾ ورهايو ويو. اهي شاخون هن طرح
آهن. پلانٽ ائنٽامي، جينيٽڪس، ايڪالاجي،
پئلوباٽني، پلانٽ فزيالاجي، پلانٽ پئٿالاجي وغيره.
باغن جي پوکڻ جو سلسلو ڪڏهن ۽ ڪيئن شروع ٿيو
ٻوٽن پوکڻ جي تاريخ اصل ۾ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا
حيران ڪندڙ هئڻ سان گڏوگڏ ڊگهي به آهي. هزارين سال
اڳ ٻوٽن، تاجرن جي هئڻ سان، تحفي طور ۽ تجارت ۾
ڏيڻ ۽ وٺڻ جي ڪري سڄي دنيا گهمي فري ورتي، زمين
مٽي ۽ موسمن جي هڪجهڙائي جي ڪري اهو ممڪن ٿيو ته،
مختلف علائقن جي ماڻهن پري پري کان ٻوٽا آڻي
پوکيا، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪهڙن ماڻهن سڀ کان
پهرين ٻوٽا پوکيا. قديم زماني جي تاريخ ۽ پراڻي
مصوري جي فن پارن مان ثبوت ملن ٿا ته، ٻوٽن جي
پوکيءَ جو اهو سلسلو هزارين سال پراڻو آهي.
چين وارن جي سرزمين چڱي پراڻي آهي ۽ انهيءَ مان
اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، اهي ماڻهو قدرتي طور گلن،
باغن ۽ آرائشي ٻوٽن جي پوکڻ جا شوقين هئا، چينين
پنهنجي ملڪ ۾ گهڻائي باغ لڳايا ۽ انهن باغن ۾ طرح
طرح جا ٻوٽا، پوکيا، پر هو پنهنجي مخصوص مزاج جي
ڪري دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهي متعارف ڪرائي نه
سگهيا.
قدرتي منظرن جون تصويرون ڪڍڻ جي شروعات چين کان
ٿي. ٻوٽن پوکڻ ۽ اپائن جو فن بونسا ۽ طاس باغبائي
جو طريقو انهيءَ منظر ڪشيءَ جي پيداوار آهي، چين
وارا مختلف ٻوٽن ۽ گلن کي علامتن طور استعمال ڪندا
آهئا. مثال طور: ”سولب“ ، بهار ۽ نفاست جي علامت
هو، جڏهن ته ڪنول، سانوڻ ۽ سچائي جي علامت طور
استعمال ٿيندو هو. گل دائودي ۽ گلاب وغيره جي پوکڻ
جي فن ۾ چينين کي مهارت حاصل هئي. ٻين ملڪن مان
ٻوٽن کي حاصل ڪري کڻي اچڻ جو سهرو قديم جاپاني
ماڻهن تي آهي.
گلن جي پوکڻ ۽ پيوندڪاري جي سلسلي ۾ ميڪسيڪو جا
قديم ماڻهو به چينين کان گهٽ نه هئا. هنن وٽ
پيوندڪاريءَ جو رواج تمام قديم زماني کان هلندو
پيو اچي. موجوده دور جي ڪن ٻوٽن جي قسمن جي بنياد
بابت چوڻ ڏاڍو مشڪل آهي. باغباني جي فن بابت قديم
دور جي ماڻهن جي صلاحيت ۽ مهارت کي ڏسي ماڻهو
حيران ٿيڻ کان رهجي نٿو سگهي.
آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ به ٻوٽن پوکڻ جو فن تمام
گهڻو پراڻو آهي. نباتات جي ماهرن ٻوٽن جي ڪجهه اهم
قسمن جي نشاندهي ئي آهي، جن کي آسٽريليا ۽
نيوزيلينڊ جي قديم نسلن ترقي ڏني. ايران وارا
انهيءَ لحاظ کان مٿانهون درجو رکن ٿا. هنن سڀ کان
پهرين خوشبودار ۽ ڇانوري وارن وڻن سان سينگاريل
باغ ٺاهيا. باغ عدن انهيءَ جو عمدو مثال آهن.
ايراني مصوريءَ جو هڪ وڏو حصو انهيءَ باغ جي عڪاسي
ڪري ٿو. ايراني مصوري ۾ باغ عدن، جنت جي استعاري
طور استعمال ٿيندو هو، تاريخي دستاويزن مان معلوم
ٿئي ٿو ته، خسرو ٻيو، 590ع ۾ ٽي سئو ايڪڙن جي
ايراضيءَ تي مشتمل هڪ شاندار جنت ٺهرائي هئي.
ايران ۾ اسان کي ڪيترن ئي قسمن جا آثار ملن ٿا، جن
جو تعلق بنواميه جي آخري دور سان آهي.
مسلمان بادشاهه باغن رَکائڻ جا ڏاڍا شوقين هئا. هو
جتي به ويندا هئا، تمام وڏا باغ لڳائيندا هئا.
اهڙيءَ طرح باغباني جي فن ترقي ڪئي ۽ ٻوٽن جون
ڪيتريون ئي جنسون تيار ڪيون ويون.
مغلن کي ته، باغبانيءَ جو جنون هو. هنن جا پوکيل
باغ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. بابر بادشاهه جو چاچو ته،
باغن رکائن جو وڏو شوقين هو. سمرقند ۾ تمام وڏا
باع رکايا هئا. کانئس متاثر ٿي بابر برصغير ۾ باغ
رکايا، جيڪي اڄ به اسان جي آڏو موجود آهن.
اوهان کي خبر آهي ته ٻوٽا ساوا ڇو ٿيندا آهن؟
ٻوٽن جو سائو هجڻ هڪ بنيادي قانون آهي. ٻوٽا هڪ
سائي مادي جنهن کي ڪلورو فل
(Chloro Phyll)
چئبو آهي، جي ڪري ساوا ٿيندا
آهن. اهو سائو مادو هڪ لحاظ کان ٻوٽن جي حياتي
آهي، ڇاڪاڻ ته، اهو مادو ٻوٽن کي مٽيءَ ۽ هوا مان
مرڪتب کڻي کاڌو ٺاهڻ جي قابل بڻائي ٿو. ڪلورو فل
نه فقط ٻوٽن لاءِ پر جانورن لاءِ به اهم آهي،
جاندارن جي خوراڪ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ٻوٽن جي
محتاج آهي.
ڪلوروفل ٻوٽن جي پنن جي گهرڙن، ڏانڊين ۽ گلن ۾
ٿيندو آهي. انهيءَ جي ڪري ئي ٻوٽا سج جي روشنيءَ
مان توانائي جذب ڪري، نامياتي جزن ۾ بدلائين ٿا.
انهيءَ عمل کي روشنائي ترڪيب
(Photo synthesis)
چئبو آهي. فوٽو سينٿيسز
يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهنن جي معنيٰ هن طرح
آهي:
فوٽو
= روشني ۽ سنٿيسز =
گڏ ڪرڻ.
خدا جي قدرت ڏسو ڪي ٻوٽا وري اهڙا به آهن جن ۾
سائو مادو
(Chloro Phyll)
ناهي ٿيندو پر پوءِ به اهي
زندهه رهندا آهن. آخر اهي ڪيئن زندهه رهندا؟ هي
سوال عجب يا حيرت ۾ وجهندڙ ضرور آهي، کنڀيون ۽
گهڻا ئي فنگس اهڙا آهن، جن ۾ ڪلورو فل ناهي
ٿيندو. انهيءَ ڪري اهي پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪري
ناهن سگهندا، تنهن ڪري اهي ٻين طريقن سان پنهنجو
کاڌو تيار ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي ٻوٽا جانورن مان
کاڌو حاصل ڪن ته، انهن کي ”مفت خور“
(Parasites)
چئبو آهي، جيڪڏهن اهي ڳريل
سڙيل ٻوٽن ۽ جانورن مان کاڌو حاصل ڪن ته انهن کي
گند خور (Saprophytes)
چئبو آهي.
خزان ۾ ٻوٽن جي پنن جو رنگ تبديل ڇو ٿيندو آهي؟
گرميءَ جي مند ۾ ڪن ٻوٽن جو رنگ سائو نظر ايندو
آهي. اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته، سائي رنگ جا
ڪيترائي شيڊ ٿيندا آهن، پر ائين لڳندو آهي، ڄڻ
سڀني کي هڪ ئي برش سان رنگ پئنٽ
(Paint) ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به خزان جي
مند ۾اهي ئي پن هر قسم جا رنگ اختيار ڪري وٺندا
آهن. اهي سڀئي رنگ ڪٿان ايندا آهن؟
اسين ڄاڻون ٿا ته، پنن جي سائي هئڻ جو سبب سائو
مادو
(Chloro Phyll) آهي.
ڪلورو فل هر هڪ پن ۾ موجود هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري
پنن جو سائو رنگ انهيءَ ڪلورو فل جي ڪري ٿيندو
آهي، پنن ۾ ٻيا رنگ به موجود هوندا آهن پر ڪلورو
فل جي گهڻائي جي ڪري، اسين ٻين رنگن کي ڏسي ناهيون
سگهندا.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته: باقي اهي ڪهڙا رنگ آهن؟
اهي رنگ ڪاربان، هائڊروجن ۽ آڪسيجن تي مشتمل آهن.
هر هڪ مرڪب
“Xanthophyll” ڦڪي
رنگ جو هوندو آهي. پن ۾ انهيءَ جو مقدار 23 في
سيڪڙو هوندو آهي. گجرن کي نارنگي رنگ ڏيڻ وارو
مرڪب
(“Carotene” به
پنن ۾ موجود هوندو آهي، هڪ ٻيو تيل
Aanthocyanin آهي،
جيڪو تيز ۽ سخت رنگ ظاهر ڪندو آهي.
گرميءَ جي موسم ۾ سائو مادو (ڪلورو فل) نظر ايندو
آهي، جڏهن ته ٻيا تيل نظر ناهن ايندا. جڏهن اهو
ٿڌو ٿيندو آهي ته، پنن ۾ موجود کاڌو ڏارين ۽ ٽارين
ڏانهن وڌي ويندو آهي، جيئن ته، ٿڌين ۾ وڌيڪ کاڌو
ناهي ٺهندو، تنهن ڪري ڪلورو فل وکري ويندو آهي،
جيئن ئي ڪلورو فل غائب ٿيندو آهي ته، اتي موجود
ٻيا تيل ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
سردين
جي اچڻ سان گهڻن ئي سدا بهار وڻن جا سڀئي پن ناهن
ڇڻندا. پر آهستي آهستي سڄو سال ڪرندا رهندا آهن،
تنهن ڪري اهي سڄو سال ساوا رهندا آهن.
اوهان کي خبر آهي ته ٻج ڇا آهن؟
جاندار
شين جي واڌ ويجهه لاءِ الله تعاليٰ هڪ سرشتو قائم
رکيو آهي، جهڙيءَ طرح پکي پنهنجي نسل جي واڌ لاءِ
آنا ڏيندا آهن، اهڙيءَ طرح ٻوٽا وري ٻج پيدا ڪندا
آهن، جن مان نئون ٻوٽو پيدا ٿيندو آهي.
ٻوٽي جا گل بار آور ٿيڻ کان پوءِ ٻج ڦٽندا آهن.
جڏهن ٻج ڦٽي ۽ پچي وڃي ته پوءِ انهيءَ کي آرام هئڻ
گهرجي، آرام جو اهو عرصو مختلف ٻجن جي مختلف قسمن
۾ مختلف ٿيندو آهي. گهڻا ئي ٻج سڄي سياري جي مند ۾
آرام ڪرڻ کان پوءِ ڦٽندا آهن.
ٻجن جي ڦٽڻ لاءِ گهم، آڪسيجن ۽ گرمي گهربل هوندي
آهي. ڪجهه ٻوٽن جي ڦٽڻ ۽ واڌ ويجهه لاءِ روشني
ضروري هوندي آهي. جيڪڏهن واڌ ويجهه هڪ مخصوص
وقت تائين شروع نه ٿئي ته اهو مري ويندو آهي، تنهن
ڪري ضروري آهي ته، ٻجن کي مستقبل ۾ استعمال لاءِ
خشڪ ۽ مخصوص گرميءَ جي درجي تي رکڻ گهرجي.
ٻجن جي شڪل ۽ صورت، سائيز، رنگ وغيره ۾ تمام گهڻو
فرق هوندو آهي. مختلف ٻوٽن جا ٻج مختلف طريقن سان
ٺهندا آهن، جيئن: هڪ قسم
جي ٻج جي مرڪز ۾ ننڍڙو نئون ٻوٽڙو هوندو آهي.
انهيءَ گونچ جي چوڌاري کاڌي جو ذخيرو هوندو آهي،
جيڪو نئين ڄاول ٻوٽي کي پاڙون ڦٽڻ ۽ پڪڙڻ تائين
کاڌو مهيا ڪندو آهي.
جيڪڏهن
ڪو ٻج بار آور ٿئي ۽ ننڊ واري عرصي کان پوءِ کيس
موزون گهم، آڪسيجن ۽ گرمي ملي ته اهو ڦٽڻ
لڳندو آهي. واڌ ويجهه گهڻو ڪري انهيءَ وقت شروع
ٿيندي آهي، جڏهن گهم ٻج تائين پهچندي آهي، ٻج پاڻي
جذب ڪري ڦنڊي پوندو آهي، ٻج جا گهڻا حصا وڌندڙ
ٻوٽي ۾ شامل ٿي ويندا آهن، ٻج جو کوپو لهي پوندو
آهي. ايتري تائين ڦٽندو ويندو آهي، جو هو پنهنجا
ٻج ٺاهڻ شروع ڪندو آهي.
ٻج ننڍا ۽ وڏا ٿي سگهن ٿا. بيگونيا جا ٻج ايترا ته
ننڍا ٿيندا آهن جو ذرڙي وانگر نظر ايندا آهن.
سرنهه جا ٻج به ننڍڙا ٿيندا آهن، ناريل جا ٻج 40
پائونڊن تائين ڳرا ٿي سگهن ٿا. ڪجهه ٻوٽن ۾ ڊزن کن
ٻج ٿيندا آهن، ڪن ٻوٽن ۾ وري هزارين ٻج ٿيندا آهن،
جن مان هڪ ميپل
(Maple) آهي.
ٻجن کي پکيڙڻ جا ڪي مخصوص طريقا آهن. ڪي ٻج پاڻيءَ
۾ وهي ٻين هنڌن تائين پهچن ٿا ته، ڪي وري هوا ۾
اڏامي، ڪي وري جانورن جي جسم جي وارن ۾ چنبڙي ٻين
هنڌن تائين پهچن ٿا.
اوهين گلن بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
گل، ٻوٽي جو هڪ اهم حصو آهي. مختلف ٻوٽن ۾ گل
مختلف ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هر گل جو رنگ
۽ روپ الڳ هوندو آهي. اڪثر گلن جي هڪ مکڙي ٿيندي
آهي، جيڪا هڪ ئي ڏانڊيءَ تي نڪرندي آهي، کسکس جو
گل ۽ گل لالا، وڏا گل آهن، انهن جون پنريون رنگين
۽ چمڪندڙ ٿينديون آهن. اڪ جا گل وري اڇا ۽ ننڍڙا
ٿين ٿا، جيڪي ڇڳن جي صورت ۾
هوندا آهن. گل، ميوو ۽ ٻج پيدا ڪندا آهن، ٻجن مان
وري نوان ٻوٽا پيدا ٿيندا آهن. گل جا چار حصا
هوندا آهن. هر هڪ حصي جو خاص ڪم هوندو آهي.
پنکڙيون
گل ۾ گل پن جن کي پنکڙيون چئبو آهي، اهي چمڪدار ۽
خوشبودار هونديون آهن، جنهن جي ڪري ڪيڙا ۽ ماڪوڙا
ان ڏانهن ڇڪجي هليا ايندا آهن.
گل ڪٽورا
پنڙين جي هيٺان گل ڪٽورا ٿيندا آهن جن کي سيپل
(Sepals)
چئبو آهي، منجهن مٺاڻ سان ڀريل رس
(Nectar)
هوندي آهي. ماکيءَ جون مکيون هن ئي رس مان ماکي
تيار ڪنديون آهن.
نر ٻور ڏانڊيون
(Stamen)
هن حصي ۾ ڪجهه ڏانڊيون ٿينديون آهن. انهن جي مٿئين
حصي
۾ گهنڊيءَ جي شڪل ۾ نر ٻور
(Pollen)
هوندو آهي. نر ٻور ڪيڙن ماڪوڙن جي پرن ۽ پيرن ۾
چنبڙي پوندو آهي. جڏهن اهي ڪيڙا ماڪوڙا هڪ گل کان
ٻئي گل تائين ويندا آهن. ته، نر ٻور ٻئي مادي گل
ڏانهن منتقل ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح گل ڳڀجندو آهي.
ڪڏهن وري نر ٻور هوا ۾ اڏامي، هڪ گل کان ٻئي مادي
گل تائين پهچندو آهي. اهو گل جي صراحيدار نالي
(Stigma)
مان ٿيندو ٻج داني
(Ovary) ۾
پهچي ٿو. ٻج، ٻج دانيءَ ۾ ٺهندو آهي.
بهار
جي مند ۾ گهڻو ڪري سڀني ٻوٽن ۽ گلن ۾ نوان گل
اڀرندا آهن. دنيا ۾ گلن جو سڀ کان وڏو خاندان ڊيزي
خاندان آهي.
گلن ۾
خوشبوءِ
۽ رنگ ڪيئن ايندو آهي؟
هيءُ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ سوال آهي. ممڪن آهي ته،
اوهان ۽ اسان انهيءَ سوال تي ڪڏهن غور نه ڪيو هجي
۽ اهو به ممڪن آهي ته، اسان انهيءَ سوال تي سوچيو
هجي پر جواب نه ملڻ تي نااميد ٿي انهيءَ سوال کي
ئي نظرانداز ڪري ڇڏيو هجي.
هاڻي اسين هن سوال کي ٻن حصن ۾ ورهائي جواب
ڏينداسين، پهرين اسين انهيءَ جي وضاحت ڪنداسين ته،
گلن کي خوشبوءِ ڪيئن ملي ٿي؟
پنن ۾ موجود مخصوص تيل جي ڪري گلن ۾ خوشبوءِ اچي
ٿي. اهي تيل
(Oils)
ٻوٽي جي واڌ ويجهه دوران پاڻ مرادو پيدا ٿين ٿا.
اهي ضروري تيل نهايت پيچيده مرڪبن جي ٽٽڻ سان جڏهن
بخار ٺهندا آهن ته اسين انهيءَ مان اچڻ واري بوءِ
کي سنگهي وٺندا آهيون.
گل جي خاص قسم جي خوشبوءِ انهيءَ جي بخارن مان ٺهڻ
واري تيل ۾ موجود ڪيميڪلن تي دارومدار رکي ٿي.
اهڙيءَ طرح اهي ئي تيل نه صرف ٻوٽن جي گلن ۾ ملندا
آهن، پر اڪثر پنن، کل، پاڙن ۽
ٻجن ۾ به موجود هوندا آهن. مثال طور: مالٽي ۽ ليمن
جا تيل ميون ۾ بادامن ۽ دال چيني وغيره جا تيل
کلن ۾ هوندا آهن.
هاڻي اسين سوال جي ٻئي حصي طرف اچون ٿا. سوال آهي
ته، گلن ۾ رنگ ڪيئن اچي ٿو؟
گلن کي ڳاڙهو، نيرو، ڄاموئي رنگ به تيل ڏين ٿا.
انهن تيلن جو نالو
“Anthocyanin” آهي.
هي تيل
(Oils)
گلن جي سيلن ۾ حل ٿي ويندا آهن. ٻيا رنگ، جهڙوڪ :
پيلو ۽ سائو ٻين تيلن جي ڪري ٿيندا آهن، تنهن ڪري
اسين گلن ۾ رنگن جو ڪارڻ
(Anthocyanin) ۽
“Plastids”
نالي وارن تيلن کي چئي سگهون ٿا. هڪ گروپ مخصوص
رنگ ڏئي ٿو ۽ ٻيو باقي رنگن جو ڪارڻ بڻجي
ٿو.
سائو
مادو (ڪلورو فل) ڇا آهي؟
ڪلورو
فل لفظ، يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن ڪلورو
(Chloro) ۽ فائلون
(Phyllon)
مان ٺهيو آهي. ڪلورو جي معنيٰ آهي: ”سائو“ ۽
فائلون جي معنيٰ آهي: ”پن“ يعني پن سائو مادو.
ڪلورو
فل هڪ رنگين مادو آهي، جيڪو ٻوٽي جي پنن ۾ ٿئي ٿو،
جنهن
جي ڪري ٻوٽن جا پن ساوا نظر ايندا آهن. ڪلورو فل
ٻوٽي ۾ اهم ڪم سرانجام ڏئي ٿو. هي سج جي روشني
پڪڙي ان جي مدد سان هوا جي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽
پاڻي ملائي کاڌي ۾ تبديل ڪندو آهي.
ٻوٽن ۾ انهيءَ کان سواءِ ٻيا رنگدار مرڪب هوندا
آهن، پر ڪلورو فل جي اهميت پنهنجي
آهي ۽ تمام اهم آهي. ٻين رنگين مرڪبن جي اهميت
ڪلورو فل جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو گهٽ آهي. انهيءَ جي
باوجود انهن کان سواءِ ٻوٽن جو گذارو مشڪل آهي.
مثال طور: رنگدار مرڪبن جو هڪ قسم ايٿو سيانن
(Anthocyanin) آهي.
هي مرڪب مختلف قسمن جي گلن ۾ ملي ٿو. هي لفظ به
يوناني
ٻوليءَ جي ٻن لفظن اينٿو معنيٰ ٻه ۽ سيانوس معنيٰ
”نيرو“ مان ٺهيو آهي. اوهين اندازو لڳائيندا هوندا
ته، شايد هي نيري رنگ جا گل هوندا پر اوهان کي اهو
ڄاڻي حيران ٿيڻ گهرجي ته اينٿو سيانن مرڪب ڳاڙها
به ٿي سگهن ٿا ته، بنفشي به ٿي سگهن ٿا.
هي گلاب جي گلن ۽ ڪن ٻين ٻوٽن جي گلن ۾ رنگ پيدا
ڪندا آهن، انهيءَ کان سواءِ پيلي رنگ جا مادا به
ٻوٽن ۾ هوندا آهن، پر ٻوٽن جي سڃاڻپ جو رنگ سائو
آهي ۽ هن رنگ جو ڪارڻ ڪيميائي مادو آهي. هن
ڪيميائي مادي کي سڀ کان پهريائين ٻن فرانسيسي
ڪيميادانن، جن مان هڪ جو نالو پيري جي پيليئير ۽
ٻئي
جو
نالو بي ڪيونتو آهي، واضح ڪيو.
هنن سائنسدانن ٻوٽي جي انهيءَ حاصل ڪيل مادي تي
ڪلورو فل نالو رکيو ۽ ڪلورو لفظ صرف رنگ جو اظهار
ڪري ٿو.
ڇا ٻوٽا به ساهه کڻندا آهن؟
جهڙيءَ
طرح عام جانور يا خود پنهنجو مثال ئي وٺو، پنهنجي
زندگيءَ جي سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ ساهه کڻندا
آهيون. اهڙيءَ طرح ٻوٽا به پنهنجي سرگرمين کي جاري
رکڻ لاءِ ساهه کڻندا آهن.
ٻوٽن ۾ ساهه کڻڻ جو سلسلو نرالو هوندو آهي. ٻوٽا
رات جي وقت آڪسيجن کڻندا آهن ۽ ڪاربان ڊاءِ
آڪسائيڊ خرج ڪندا آهن. اهي پنن ۾ موجود سوراخن، جن
کي اسٽوميٽا
(Stomata)
چئبو آهي، وسيلي ساهه کڻندا آهن. آڪسيجن انهن
سوراخن ۾ داخل ٿي گهرڙن جي وچ ۾ موجود وٿين ۾ هلي
ويندي اهي، جتان اها ميزوفل گهرڙن ۾ ڦهلجي ويندي
آهي.
ٻوٽا رات جو آڪسيجن گئس کڻندا آهن ۽ ڪاربان ڊاءِ
آڪسائيڊ گئس خارج ڪندا آهن ۽ ڏينهن جو به ساهه
کڻندا آهن. پر ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ روشنائي ترڪيب
(Photosynthesis) جي
عمل ۾ خرچ ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري انهن ۾ ساهه
کڻڻ جو عمل ظاهر ناهي ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو
رات جو وڻن هيٺان سمهڻ کان منع ڪئي ويندي آهي.
ڇاڪاڻ ته، انسان کي گهربل آڪسيجن گئس ٻوٽا کڻي
ويندا آهن. ٻيو ته اهي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ
گئس خارج ڪندا آهن. انسان به ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ
خارج ڪندا آهن. انهيءَ ڪري رات جو وڻن هيٺان سمهڻ
کان منع ڪئي ويندي آهي. جهڙيءَ طرح انسانن ۾ ساهه
کڻن دوران ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس خاارج جو عمل
ظاهر هوندو آهي، پر ٻوٽن ۾ اهڙو عمل ظاهر ناهي
ٿيندو، ڇاڪاڻ ته، اها روشنائي ترڪيب جي عمل ۾ خرچ
ٿي ويندي آهي.
ڇا ٻوٽا کاڌو ذخيرو ڪندا آهن؟
ٻوٽن ۾ روشنائي ترڪيب جي عمل سان جيڪو کاڌو تيار
ٿئي ٿو. اهو فلوئم نالين وسيلي ٻوٽي جي سڀني حصن
تائين پهچي ٿو. جيئن ته فلوئم نالين جو سرشتو ٻوٽي
جي سڀني حصن تي موجود هوندو آهي، تنهن ڪري کاڌو
آسانيءَ سان پنن مان ٻين حصن تائين پهچي وڃي ٿو.
کاڌي جي پهچ جو عمل ٻوٽن ۾ پاڻي ۽ لوڻن جي عمل کان
مختلف هوندو آهي. يعني پاڻي ۽ لوڻ پاڙن مان پنن
تائين ايندا آهن، جڏهن ته کاڌو پنن کان ٿڙ ۽ ٿڙ
کان پاڙن ڏانهن ويندو آهي.
پنن ۾ جيڪو کاڌو ڪاربو هائيڊريٽس
جي
صورت ۾ ٺهي ٿو، ان جو ڪجهه حصو پنن جي نشونما ۾
استعمال ٿئي ٿو، جڏهن وڌيڪ حصو سڪروز جي شڪل ۾
فلوئم وسيلي ٻين حصن ۾ وڃي ٿو. ضرورت کان وڌيڪ
کاڌو نشاستي ”سڪروز“، جي صورت ۾ ٻوٽي جي زمين هيٺ
حصي ۾ ذخيرو ٿيڻ لاءِ هليو ويندو آهي. نشاستي ۽
سڪروز کان سواءِ ڪجهه معدني جزا به ٻوٽي ۾ زمين
هيٺ حصن ۾ ذخيرو ٿيندا آهن. ڪن ٻوٽن ۾ وري اهو ٻين
حصن ۾ گڏ ٿئي ٿو. موري، گجر، گوگڙو، ادرڪ، اهڙا
ٻوٽا آهن، جن جي پاڙن ۾ کاڌو گڏ ٿيندو آهي ۽ انهن
جون پاڙون ٿلهيون ٿينديون وينديون آهن.
ڪن
ٻوٽن، جهڙوڪ: ٿوم، بصر ۾ ٿوري عرصي لاءِ کاڌو پنن
۾ گڏ ٿيندو آهي، بعد ۾ اهو کاڌو زمين هيٺ حصن ۾ گڏ
ٿيندو آهي ۽ کاڌي گڏ ٿيڻ جي ڪري ڳنڍيون ٺهي
پونديون آهن، جن کي بلب چئبو آهي.
انهيءَ کانسواءِ اهو کاڌو ٻجن ميون ۾ به گڏ ٿيندو
آهي.
بهار
جي مند ۾ ذخيرو ٿيل کاڌو ٻيهر نشاستي ۽ کنڊ ۾
تبديل ٿي هيٺان کان مٿي ويندو آهي، جتي ٺهندڙ نون
گونچن ۽ پنن جي ٽارين جي ڪم ايندو آهي.
ڇا ڪي ٻوٽا جيت کائيندا آهن؟
اهو صحيح آهي ته، ڪجهه ٻوٽا اهڙا به آهن، جن کي
سائو مادو ناهي هوندو ۽ پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪرڻ
جي قابل ناهن هوندا، پر انهن ۾ نائٽروجني لوڻن ۽
امائنو ائسڊ جي گهٽتائي ٿيندي آهي، تنهن ڪري اها
گهٽتائي جيتن کي ماري هضم ڪري پوري ڪندا آهن.
صراحي دار ٻوٽو پچر ”پلانٽ“ ۽ ”سارا سينيا“ هن قسم
جا ٻوٽا آهن، هي صراحي دار ٿيندا آهن. هنن ٻوٽن کي
گهگهي يا ٿيلهي جهڙي شڪل جا پن هوندا آهن. اهي پن
رنگ ۽ مٺاڻ جي ڪري ڪشش رکندا آهن، جيت صراحي يا
گهگهي مان ماکي ۽ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ جيئن ئي
لهندا آهن ته، اندر ڦاسي پوندا آهن، ڇاڪاڻ ته پنن
جي ڀتين تي موجود ڪنڊا
(Bristils)
انهن کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪيندا آهن. ۽ اهي ڦٿڪي
ڦٿڪي مري ويندا آهن، مئل جيتن کي هي ٻوٽا هاضمي
دار غدودن جي رطوبتن جي مدد سان هضم ٿيڻ
لائق بنائي، جذب ڪري وٺندا آهن.
ڇا ڪي ٻوٽا پاڻ ۾ کاڌي جي ڏي وٺ به ڪندا آهن؟
اسان جي معاشري ۾ ڪجهه ٻوٽا اهڙا به آهن، جيئن
انسان پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻوٽا به پاڻ
۾ گڏ رهندا آهن ۽ کاڌي جي ڏي وٺ ڪندا ۽ پاڻ ۾
امداد جي اصول تي هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آهن.
مثال
طور: مٽرن جي ٻوٽي جي پاڙ ۾ ڪجهه ڳوڙهيون
(Nodules)
هونديون آهن، جن ۾ بيڪٽيريا ٿيندا آهن. اهي
بيڪٽيريا ٻوٽي جي واڌ لاءِ هوا جي نائٽروجن کي
نائٽريٽس ۾ بدلائيندا آهن ۽ بدلي ۾ هو ڪجهه تيار
ٿيل کاڌو مٽرن کان وٺندا آهن.
هن قسم جي گذاري کي
(Symbiosis) ۽
ٻوٽن کي
(Symbionts)
چئبو آهي.
ڇا ڪي ٻوٽا گند کائيندا آهن؟
اهو صحيح آهي، اسان جي زمين تي اهڙا ٻوٽا به ملن
ٿا، جيڪي مئل جانورن يا وڻن ٽڻن جي ڳريل سڙيل پنن
تي ڄمندا آهن ۽ انهن ڳريل سڙيل مادن مان کاڌو حاصل
ڪندا آهن. اهي ٻوٽا پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪري ناهن
سگهندا، تنهن ڪري پنهنجو کاڌو مئل نامياتي مادن
مان حاصل ڪندا آهن.
فنجائي
بيڪٽريا جون ڪيتريون ئي جنسون گند خور ٿينديون
آهن. اهي هاضميدار انزائيم بنائيندا آهن، جن جي
مدد سان نامياتي مرڪب جي ٻاهر هضم ڪندا آهن. اهڙي
طرح هڪ سادو مواد ٺهي پوندو آهي. انهيءَ کي سيل
وال وسيلي پروٽو پلازم جذب ڪري وٺندو آهي.
ڪجهه
ٻوٽا، جهڙوڪ: مونو ٽروپا هندستاني پائپ ۽ نيوٽيا
هن قسم جا عجيب ٻوٽا آهن. هنن ٻوٽن جي پاڙن تي پاڙ
وار ناهن ٿيندا. انهن جون پاڙون هڪ قسم جي ڦڦونڊي
سان لاڳاپو قائم ڪري وٺنديون آهن، جيڪي کيس پاڙ
وار جو ڪم ڏينديون آهن. انهن
کي
زمين ۾ موجود جسمن مان کاڌو جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون
آهن.
اسان جي چوڌاري ماحول اهڙي قسم جون کنڀيون
(Mush room) ۽ سينور
(Moulds) آهن.
کنڀيون تڏهن زمين تي اُڀرنديون آهن، جڏهن مينهن
وسندو ۽ زمين تي موجود وڻن ٻوٽن جا پن ڳري سڙي
ويندا آهن يا اُتي اُڀرنديون آهن،
جتي
مئل جانور پيل هجي.
هنن ٻوٽن ۾ سائو مادو ڪلورو فل ناهي ٿيندو.
ڇا جانورن وانگر ٻوٽا به چرپر ڪندا آهن؟
ٻوٽا جانورن جيان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ته،
وڃي ناهن سگهندا. البت انهن ۾ ڪي لاڙا ۽ رجحان
ٿين ٿا، جيڪي ٻوٽن جي چرپر ثابت ڪن ٿا، جيئن: ٻوٽا
زمين هيٺان ڦٽي پنهنجو رخ سج جي روشنيءَ ڏانهن ڪن
ٿا.
ڪي
ٻوٽا اوندهه ۾ رکڻ سان نيسائجي وڃن ٿا. انهن جا پن
بند ٿي لڙڪي پوندا آهن. جهڙوڪ: شفتل
(Trifolium)
اهڙي طرح ڪن ٻوٽن جي پنن ۾ جيڪڏهن هٿرادو گرميءَ
جو درجو وڌايو وڃي ته، ڪجهه منٽن ۾ ٽڙي پوندا آهن.
جهڙوڪ: زعفران
(Crocus) جو
ٻوٽو.
هن قسم جي چرپر کي ناسٽڪ چرپر
(Nastic Movement)
چئبو آهي.
هڪ گهرڙي وارا ٻوٽا، جهڙوڪ: ڪلي ميڊو موناس
(Chlamydomonas)،
موسس
(Mosses) ۽ فرن
(Forns) ۾
اُسَ ۽ ڇانوَ جو احساس ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري هي
چرپر ڪندا آهن. ڪلئميڊو موناس تيز اُسَ کان ڀڄندو
آهي
وغيره. هنن قسم جي چرپر کي ٽيڪٽڪ چرپر
(Tactic Movement)
چئبو آهي.
ٻوٽن جا ٻاهريان حصا، ڪن عملن جي ڪري پنهنجو پاسو
موڙي اوسر ڪندا آهن، جيڪڏهن ٻوٽو ڇانوَ ۾ اڀري، يا
ٻين وڻن جي هيٺان اڀري ته انهيءَ جو ٿڙ موڙ کائي
سج جي روشنائي واري طرف ٿي ويندو آهي. انهيءَ
چرپر کي فوٽو ٽراپزم
(Photo Tropism)
چئبو آهي.
ڇا ٻوٽا جانورن وانگر بيڪار مادا به خارچ ڪندا
آهن؟
ٻوٽا به جانورن جيان بيڪار مادا خارچ ڪندا آهن.
البت ٻوٽن کي جانورن جيان نيڪال لاءِ خاص عضوا
ناهن ٿيندا، تنهن هوندي به اهي بيڪار مادا خارچ ڪن
ٿا. بيڪار مادا
خارج
ڪرڻ لاءِ ٻوٽن ۾ مخصوص طريقا هوندا آهن.
ٻوٽن ۾ بيڪار مادا اجايو ۽ واڌو پاڻي، لوڻ ۽
نائٽروجني مادا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ آڪسيجن تي
مشتمل هوندا آهن.
جهڙيءَ
طرح بيڪار مادن جو جانورن جي جسم مان خارج ٿيڻ
نهايت ضروري آهي. اهڙيءَ طرح ٻوٽن مان به بيڪار
مادن جو نيڪال ضروري آهي، جيڪڏهن اهي مادا جسم ۾
رهجي وڃن ته اهي ٻوٽي لاءِ نقصانڪار آهن.
ٻوٽا پاڻيءَ ۽ لوڻ زمين مان حاصل ڪندا آهن. انهن
مان گهڻو پاڻي، لوڻ ۽ نامياتي مرڪبن جو گهڻو مقدار
ٻوٽي جي مخصوص حصن ۾ ذخيرو ٿيندو آهي، جنهن مان
ڪجهه مقدار انهن حصن جي ڪري پوڻ جي
صورت
۾ ضايع ٿي ويندو آهي. سيل وئڪيول ۽ ڪجهه پنن جي
سيل وال
(Cell wall) ۾ ڪئلشيم
آڪسي ليٽ
(Calcium Oxilate) جا
قلم
(Crystals) ۽ ڪئلشيم
ڪاربونيٽ جي ڪرسٽل جي موجودگيءَ بيڪر مادن جا
مثال آهن.
ٻوٽن ۾ پاڻيءَ جو وڌيڪ مقدار ٻوٽن جي پنن ۾ موجود
سوراخن
(Stomata)
مان بخارن جي صورت ۾ خارج ٿيندو آهي.
ٻوٽن ۾ ٽوڙ ڦوڙ
(Metabolism) ساهه
کڻن، ڪري ڪجهه گئسون، جهڙوڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽
روشنائي ترڪيب عمل دوران آڪسيجن خارج ٿيندي آهي.
ساهه کڻڻ جو عمل هر وقت جاري رهي ٿو. البت روشنائي
ترڪيب جو عمل فقط ڏينهن جو ٿيندو آهي.
سڄي
ڏينهن ۾ ساهه کڻڻ جي عمل دوران ملڻ واري ڪاربان
ڊاءِ آڪسائيڊ، فوٽو سينٿيسز لاءِ استعمال ڪندا آهن
۽ رات جو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پنن ۾ موجود سوراخن
وسيلي فضا ۾ خارج ڪندا آهن. ٻوٽن ۾ ڏينهن جو
آڪسيجن پيدا ٿيند ي آهي، جيڪا پنن جي سوراخن مان
خارج ڪندا آهن.
ڪجهه
ٻوٽا
ريٻڙي جهڙو مادو پيدا ڪندا آهن مثال طور: رٻڙ
گوئيل
(Guayle) ۽
ريزن
(Reson)
وغيره پائن
(Pine) جي
وڻن مان کونر ۽ ٻيا ريٻڙيدار مادا خارج ٿين ٿا.
ڀينڊي تماڪ ۽ ٻين ٻوٽن مان لڳ لڳدار مادو خارج ٿئي
ٿو.
ڪن
وڻن ۽ ٻوٽن ۾ وري بيڪار مادا نڪرندا ٿڙ جي ڇوڏي
جي صورت ۾ سخت
ٿيندا ويندا آهن ۽ آخرڪار ڇوڏو ٿڙ تان لهي پوندو
آهي. اهڙيءَ طرح بيڪار مادا ٻوٽي کان الڳ ٿي ويندا
آهن. ڪن وڻن ۽ ٻوٽن ۾ وري بيڪار مادا پنن ۾ گڏ
ٿيندا رهندا آهن ۽ پن سڪڻ شروع ڪندا آهن، اهڙيءَ
طرح پن ڇڻي پوندا آهن ۽ بيڪار مادا جدا ٿي ويندا
آهن.
کُنڀي
(Mushroom) بابت
اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟
مينهن وسڻ کان پوءِ گند وارين جاين، ڇيڻن جي ڍيرن
۽ وارياسين علائقن ۾ ڇٽيءَ نما بناوتون اُڀري
اينديون آهن. انهن کي کنڀي چئبو آهي انهن ٻوٽن کي
سائنس ۾
(Mushroom)
چئبو آهي ۽ انهن گند خور ٻوٽن
(Saprophytes) ۾ شمار
ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ
ته، اهي مئل جانورن، ٻوٽن ۽ وڻن جي ڳريل سڙيل جاين
تي اُڀرنديون آهن، اهي ڳريل سڙيل مادن کي سادن
مرڪبن ۾ تبديل ڪنديون آهن.
کنڀين
۾ نسل جي واڌ دمڙن
(Spores) وسيلي
ٿيندي آهي. کنڀيءَ جي ڇٽي واري حصي ۾ لکن جي تعداد
۾ ڪارا دمڙا
(Spores)
ٿيندا آهن، جيڪي هوا ۾ پکڙجي ويند اآهن ۽ پري پري
تائين پهچي ويندا آهن ۽ انهن مان نيون کنڀيون پيدا
ٿينديون آهن.
کنڀين
جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، انهن ۾ پروٽين تمام گهڻي
مقدار ۾ هوندي آهي. کنڀين جا اڪثر قسم کاڌي طور
استعمال ڪيا ويندا آهن. البت ڪجهه قسم تمام گهڻا
زهريلا ٿيندا آهن، تنهن
ڪري
انهن جي سڃاڻپ کان سواءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
ڇاڪاڻ ته، زهريلويون کنڀيون کائڻ وارين کنڀين
جهڙيون ئي ٿين ٿيون.
ڇا ڪي ٻوٽا پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ناهن ڪندا. اهي
کاڌو ڪيئن حاصل ڪندا آهن؟
اهو صحيح آهي ته، ڪجهه ٻوٽن جا قسم پنهنجو کاڌو
پاڻ تيار ڪري ناهن سگهندا. اهي پنهنجي کاڌي لاءِ
ٻين ٻوٽن تي ڀاڙيندا آهن. پاڙن وارن ٻوٽن کي
ميزبان
(Host)
چئبو آهي. هي اهي ٻوٽا آهن، جن کي پاڙون ناهن
ٿينديون. البت هسٽوريا نالي هڪ قسم جون بناوتون
ٿينديون آهن، جيڪي ميزبان ٻوٽي ۾ داخل ڪري ان مان
پنهنجو کاڌو حاصل ڪندا آهن، تنهن ڪري اهڙن ٻوٽن کي
مفت خور ٻوٽا
(Parasites)
چئبو آهي.
اهڙن مفت خور ٻوٽن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي،
انهيءَ جا قسم هي آهن:
هڪڙا ٻوٽا اهڙا آهن، جيڪي سڄو کاڌو ميزبان مان
حاصل ڪندا آهن. اهڙن ٻوٽن کي سڄو مفتخور
(Total Parasite)
چئبو آهي. هنن ٻوٽن ۾ عام ٻوٽن وانگر سائو مادو
(Chlorophyll)
ناهي ٿيندو. انهيءَ ڪري هي پنهنجو کاڌو پاڻ تيار
ناهن ڪري سگهندا، پنهنجي زندگي جون سڀ ضرورتون
ميزبان مان حاصل ڪندا آهن. پاڻ ٿلها متارا ٿي
ويندا آهن پر ميزبان ڪمزور ٿيندو ويندو آهي.
بيپاڙي هن قسم جو مشهور ۽ عام ٻوٽو آهي. اها هيڊي
رنگ جي
ٿيندي آهي، جيڪا وڻن ۽ ٻوٽن تي نظر ايندي آهي. هن
ٻوٽي ۾ ساوا پن به ڪو نه ٿين .
اهڙن ڪن ٻوٽن ۾ وري سائو مادو ڪلورو فل ۽ ساوا پن
ٿيندا آهن. اهي پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندا آهن.
البت ميزبان کان لوڻ ۽ پاڻي چوسي وٺندا آهن. اهڙن
ٻوٽن کي جزوي مفت خور
(Partial Parasite)
چئبو آهي. بند
(Loranthus)
مسلٽ
(Mistlietoe)
هن قسم جا مثال آهن. هنن ٻوٽن کي رس چوسڻ واريون
پاڙون ٿينديون آهن، جيڪي ميزبان ۾ داخل ڪري لوڻ ۽
پاڻي چوسي وٺندا آهن. هنن ۾ گل، ميوا ۽ ٻج به نه
ٿيندا آهن.
|