سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب: --

صفحو :3

 رت جو رنگ ڳاڙهو ڇو ٿيندو آهي؟

انسان جي جسم ۾ شريانن ۽ نسن ۽ وار نلين ۾ ڊوڙندڙ ڳارهو رت، اسان جي جسم جو ٻارهون حصو آهي. رت گهڻين ئي مختلف  شين مرڪبن ۽ گهرڙن تي مشتمل ٿيندو آهي، جن مان هر هڪ جزي جو هڪ مخصوص ڪم ۽ اهميت آهي.

رت جا ٻه اهم جزا آهن،. هڪ مايو جزو جنهن کي پلازما (Plasma) چئبو آهي ۽ ٻيو گهرڙيائي جزو، جيڪو اڇن گهرڙن (White Blood Cell) ۽ ڳاڙهن گهرڙن (Red Blood Cell) تي مشتمل هوندو آهي. اڇا گهرڙا هڪ سيڪڙو هوندا آهن ۽ ڳاڙها گهرڙا 99 سيڪڙو هوندا آهن. رت جو  ڳاڙهو رنگ انهن ڳاڙهن  گهرڙن جي ڪري ٿيندو آهي. اهي ننڍڙا گول مول ۽ چپتڙا آهن. اهي گهرڙا اسان جي رت ۾ تقريبن 35 بلين هوندا آهن. اهي هر هڪ وقت چرپر ڪندا رهندا آهن. تندرست حالت ۾ رت جي پلازما ۽ گهرڙن جو تناسب  42:85 هوندو آهي. سينٽريفيوج مشين وسيلي پلازما ۽ گهرڙن کي الڳ الڳ ڪيو وڃي ته، پلازما 58 في سيڪڙو  ۽ گهرڙا 42 في سيڪڙو بيهندا آهن.

پلازما رت جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي مشتمل هوندو آهي ۽ پاڻي کان ٿورو گهاٽو ٿيندو آهي. ان جو رنگ هلڪو ڦلڪو يا زرد ٿيندو آهي. ان ۾ رت جي گهرڙن کانسواءِ پروٽين جسم دافع (Antibodies) جيڪي مرض جي خلاف جنگ ڪندا آهن. فائبرين افزا (Fibrinoger) سڻڀ نشاستا، کاڌو، لوڻ ۽ ڪيتريون ئي ٻيون شيون مليل هونديون آهن.

رت جي گهرڙن ۾ اڇا گهرڙا فقط هڪ سيڪڙو هوندا آهن ۽ ڳاڙها گهرڙا 99 سيڪڙو هوندا آهن ۽ اسانجي جسم ۾ قوت مدافعت جي عمل ۾ مخصوص ڪردار ادا ڪن ٿا. رت جي ڳاڙهن جزن جو اهم ڪم جسم کي آڪسيجن پهچائڻ آهي. رت جا ڳاڙها گهرڙا هڏي جي مِک مان پيدا ٿيڻ کان پوءِ جيئن ئي پنهنجي شڪل مڪمل ڪندا آهن، انهن جو مرڪز غائب ٿي ويندو آهي.

هيمو گلوبن هڪ ڳاڙهو مادو آهي، جيڪو پروٽين ۽ فولاد جو مرڪب آهي. هيموگلوبن جي خاصيت آهي ته آڪسيجن کي پاڻ ۾ سمائيندو آهي. رت جڏهن ڦڦڙن مان گذرندو آهي ته، ، رت جي ڳاڙهن ذرڙن جو هيموگلوبن، ساهه کڻڻ تائين آڪسيجن کي جذب ڪري جسم جي هڪ هڪ عضوي جي گهرڙن، تائين آڪسيجن رت جي دوري سان گڏ پهچي ويندي آهي. واپسيءَ جي سفر ۾ ساڳئي طريقي سان جسم مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ هيموگلوبن سان ملي نسن وسيلي واپس ڦڦڙن ڏانهن موڪلي ويندي آهي. جتان اها ساهه کڻڻ جي عمل سان خارج ڪئي ويندي آهي.

ڳاڙهن گهرڙن جي سراسرري عمر 120 ڏينهن ٿيندي آهي. انهن جي ٽوڙ ڦوڙ گهڻو ڪري تريءَ ۾ ٿيندي آهي. ناڪاره گهرڙن جي جاءِ تي هر وقت نوان گهرڙا پيدا ٿيندا رهندا آهن. جيڪڏهن ڳاڙهن گهرڙن ۾ هيمو گلوبن گهٽجي وڃي يا انهن جي پيدا ٿيڻ جو عمل سست ٿي وڃي ته، رت ۾ ڪمي يا انيميا جي ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ انسان ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ مختلف بيماريون پيدا ٿي پون ٿيون.

 

رت ڄمي ڇو پوندو آهي؟

اسان جي جسم ۾ رت رڳن يا نلين وسيلي لڳاتار گردش ڪندو رهندو آهي، انهيءَ گردش وسيلي اسان جي جسم جي هر حصي کي آڪسيجن، کاڌو ۽ گرمي پهچندي رهي ٿي. رت جو هڪ خاص مقدار انساني زندگيءَ لاءِ ضروري آهي، جيڪڏهن ڪنهن حادثي يا بيماريءَ جي ڪري رت انهيءَ حد کان گهڻو وهي وڃي ته، موت واقع ٿي وڃي ٿو. هڪ صحتمند ماڻهو پنهنجي رت جو  وڌ ۾ وڌ 1/3 حصو نقصان برداشت ڪري سگهي ٿو.

رت جي رڳن جي زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ رڳن کان ٻاهر رت ضايع ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدرت طرفان رت ۾ ڄمڻ جي صلاحيت هوندي آهي. Clotting جي ڪري رت ڄمي زخمي نلين جي پيوند ڪاري ڪري ٿي ۽ وڌيڪ رت وهڻ کان رڪجي وڃي ٿو. انهيءَ صلاحيت جي آڌار تي هميشه هلڪن ڦلڪن ڌڪن سان رت نڪرڻ کان ڪجهه دير ۾ پنهنجو پاڻ ئي بند ٿي وڃي ٿو، جيڪڏهن رت ۾ ڄمڻ جي صلاحيت نه هجي ها ته، ڌڪ لڳڻ کان پوءِ رت ايترو تيزيءَ سان وهي وڃي ها جو موت واقع ٿي وڃي ها. الله تعاليٰ رت کي ڄمڻ جي صلاحيت ڏيئي انسان کي انهيءَ خطري کان بچايو آهي.

رت جي ڄمڻ جو عمل جيڪڏهن رڳن ۾ اندر هجي ها ته، اهو به خطرناڪ ڳالهه هجي ها پر اتي به قدرت ڪمال رکيو آهي. رت جيستائين رڳن جي نرم ديوارين سان لڳو رهندو آهي، تيستائين نه ٿو ڄمي، انهيءَ خاصيت جي بنياد تي رت سڻڀ وارن شيشي جي ٿانون ۾ محفوظ ڪري ضرورت مطابق ٻيهر انساني جسم ۾ منتقل ڪرڻ ممڪن آهي.

رت جي چمڻ جو عمل، رت جي نالين جي زخمي ٿيڻ سان ئي شروع ٿي ويندو آهي، هڪ ٻئي پويان ڪيترن ئي ڪيميائي عملن کان پوءِ آخرڪار فائبرين (Fibrin) نالي هڪ شيءِ جي باريڪ ڌاڳن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندا آهن. اهي ڌاڳا رت جي ذرڙن کي پنهنجي اندر جڪڙي وٺندا آهن ۽ رت جا گهرڙا ڌٻڻ جهڙل شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن. انهيءَ مرحلي تي رت جي حرڪت بند ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح رڳ مان رت وهڻ  بيهجي ويندو آهي. فائبرين جا ڌاڳا مضبوط ۽ لچڪدار هئڻ ڪري گهرڙن کي پاڻ ۾ هڪ پيڙهي جي شڪل ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن. وقت گذرڻ تي اهي پيڙها ٺوس يا سخت ٿي ويندا آهن.

رت ڄمڻ جو عمل ٽن کان چئن منٽن ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي. ڪن ماڻهن ۾ ڪجهه عملن جي گهٽتائي جي ڪري رت جي ڄمڻ جي رفتار سست هوندي آهي. يا وري بلڪل ناهي ڄمندو. ننڍپڻ کان ئي اهڙا ماڻهو معمولي سببن جي ڪري خطرناڪ حد تائين رت وهي وڃن جي ڪري مري ويندا آهن. اهڙيءَ ئي هڪ حالت کي هيمو فيليا (Haemophilia) نالو ڏنو ويو آهي.

هن مرض جو مثال برطانيا جي راڻي وڪٽوريا آهي. هن جي مڙس ۽ خود راڻي کي هي مرض وراثت ۾ مليو، نتيجي ۾ ان جي اولاد جي نسل مان ڇهه ٻار هن مرض جو شڪار ٿيا.

 

انساني جسم جي واڌ جا جزا ڪهڙا آهن؟

انسان سميت سڀ جاندار هڪ شفاف گهاٽي، آني جي سفيدي جهڙي مادي جا ٺهيل آهن. انهيءَ زندهه مادي کي پروٽو پلازم (Protoplasm) چئبو آهي. اهو پروٽو پلازم ننڍن ننڍن خوردبيني ٿيلهين ۾ بند هوندو آهي، جنهن کي خليو، سيل (Cell) يا گهرڙو چئبو آهي، اسان جو جسم اهڙن اڻ ڳڻين گهرڙن جو مجموعو آهي. هڪ اندازي مطابق اسان جي جسم ۾ گهرڙن جو تعداد 75 ٽريلين (000000، 000000، 000000، 75) جي لڳ ڀڳ هوندو آهي، جهڙيءَ طرح هڪ جڳهه سرن جي ٺهيل ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح اسان جو جسم به گهرڙن جي ننڍڙين سرن جو ٺهيل هي، جن کي فقط خوردبين وسيلي ڏسي سگهجي ٿو. سراسري طرح هڪ گهرڙو هڪ ملي ميٽر جي هزارئين حصي 1/1000 ملي ليٽر) برابر هوندو آهي.

جسم جي مختلف حصن جا گهرڙا شڪل بناوت ۽ ڪم جي لحاظ کان الڳ الڳ هوندا آهن.

پر انهن جا بنيادي عنصر هڪ جهڙا هوندا آهن، انساني گهرڙ ۾ هيٺيان عنصر هوندا آهن؛

آڪسيجن 65 سيڪڙو

هائڊروجن 10 سيڪڙو

نائيٽروجن 3 سيڪڙو

ڪاربان 18 سيڪڙو

سوڊيم پوٽيشيم، سلفر، ڪلورين، ڪئلشيم، فاسفورس، ڪلورين، مئگنيشيم، ٽامو، نڪل، ڪنجهو، فلورين 4 سيڪڙو، انهن عنصرن جو 2/3 سيڪڙو حصو پاڻيءَ جي حالت ۾ هوندو آهي، گهرڙن ۾ اهي عنصر پيچيدا مرڪب ٺاهن ٿا، جيڪي زندگيءَ جي عمل لاءِ ضروري آهن، تنهن ڪري انهن کي آڪسيجن ۽ کاڌو گهربل هوندو آهي. هر هڪ گهرڙي کي هڪ ٻاهرين جهلي هوندي آهي، جيڪا کيس ٻئي گهرڙي کان الڳ رکندي آهي. ان ۾ اندر پروٽو پلازم هوندو آهي،. اهو ٺوس يا سخت ذرڙو آهي، ان کي نيوڪلئيس چبو آهي. هر هڪ گهرڙو هڪ زندهه ايڪو آهي. هي واڌ  ويجهه به ڪندو آهي. جڏهن هڪ گهرڙو ضايع ٿي وڃي ته، ٻيو اهڙو ئي گهرڙو ان جي جاءِ ولاريندو آهي.

 

هڏا ڇا آهن؟

جهڙيءَ طرح جاين، مشينن يا فرنيچر جو پنهنجو ڍانچو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح انساني جسم جو به هڪ ڍانچو ٿيندو آهي، اهو ڍانچو هڏن جي پڃري تي مشتمل ٿيندو آهي. اهي هڏا مضبوط ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته، سڄي جسم جو ٻوجهه کڻن ٿا ۽ جسم کي سهارو ڏيندا آهن. اهي هڏا شڪل ۽ صورت، جسامت ۽ پيدائش جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان مختلف ٿيندا آهن. اسان جي جسم ۾ انهيءَ لحاظ کان ٽن قسمن جا هڏا آهن.

ڊگها هڏا

هن قسم جا هڏا ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ آهن.

چپترا هڏا

هن قسم جا هڏا مٿي ۽ ڪلهن ۾ هوندا آهن.

ننڍا هڏا

هن قسم جا هڏا هٿن، گوڏن ۽ ڪرنگهي ۾ هوندا آهن.

هڏا جانورن جي جسامت مطابق ننڍا ۽ وڏا هوندا آهن، جهڙوڪ: ڪن مڇين ۽ ننڍن پکين جا هڏا ننڍڙا ۽ سنهڙا ٿيندا آهن، جڏهن ته هاٿين ۽ ڊائنوسارن جا هڏا ايترا وڏا هوندا آهن جو انهن جو وزن ڪي ئي سَوَ ڪلو گرام هوندو آهي.

 

هڏا ڇا جا ٺهيل هوندا آهن؟

بناوت جي لحاظ کان سڀ هڏا هڪ جهڙا هوندا آهن. هڏي جو ٽيهه سيڪڙو (30%) حصو بناوتي عنصرن يعني هڪ مضبوط پروٽين (Collogen) جي سخت ڌاڳن تي مشتمل هوندو آهي ۽ 60 سيڪڙو معدني شين يعني چوني (Calcium) ۽ فاسفورس جو ۽ 10 سيڪڙو ٻين معدنيات تي مشتمل ٿئي ٿو. هڏي جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو نامياتي جزي ڪولوجن جي مضبوط ڌاڳن جي صورت ۾ هڪ خاص ترتيب سان ڦهليل هوندو آهي. ان جي وچ ۾ هڏي جا گهرڙا آسٽيوبلاسٽ ۽ آسٽيو ڪلاسٽ هوندا آهن، جن سان هڏن جي ٺهڻ جو عمل ٿيندو آهي. نامياتي مادو هڏي جي مضبوطيءَ جو ڪارڻ آهي. هڏي جو غير نامياتي مادو 2/3 سيڪڙو هوندو آهي. ان جو گهڻو جزو ڪئلشيم فاسفيٽ آهي، جيڪو هڏي کي ان جي سختيءَ ڏئي ٿو. ڪجهه هڏين ۾ وچ جي نالي ۾ چرٻيدار مادو هوندو آهي، جنهن کي مِکُ (Marrow) چئبو آهي. اهو نامياتي مادو آهي، جنهن جي غذا تمام گهڻي هوندي آهي. هڏين جو باقي 10 سيڪڙو ٻين غير نامياتي شين، جهڙوڪ: مئگنيشيم وغيره تي مشتمل هوندو آهي. هڏي ۾ اندر ٿورڙو پاڻيءَ جو مقدار به هوندو آهي. عمر جي نسبت سان هڏين ۾ معدني مادي جو مقدار ڪجهه وڌندو ويندو آهي.

هڏو ڀڄڻ جي صورت ۾ ان جو ٻيهر جڙڻ ننڍڙن گهرڙن (Osteoblast) جي مدد سان عمل ۾ ايندو آهي. اهي گهرڙا هڪ چونيدار شيءِ خارج ڪندا آهن، جيڪا هڏي کي ٻيهر ڳنڍي سخت ۽ مضبوط بنائي ڇڏيندي آهي. اهي گهرڙا هڏين جي قدرتي نشونما ۾ به مدد ڏيندا آهن، انهن گهرڙن کي اوسٽيو ڪلاسٽ (Osteoclast) چئبو آهي. پراڻن تاندرون ۽ پراڻن گهرڙن کي ختم ڪندي آهي ته جيئن نَوَن گهرڙن جي نشونما جو رستو کلي پوي. هڏي جي نورن گهرڙن جي ٺهڻ ۽ پراڻن جي خاتمي جو عمل سڄي عمر جاري رهي ٿو.

 

ڏند ڇا جا ٺهيل هوندا آهن.

ڏند گهڻو ڪري معدني لوڻن جا ٺهيل هوندا آهن، جن ۾ ڪئلشيم ۽ فاسفورس اهم آهن، ڏند جي هڏي جو نالو ڊينٽائن (Dentine) آهي، جيڪو سخت مضبوط هوندو آهي، ان جو  مٿيون حصو، جيڪو ڪرائون جي مٿان هوندو آهي، انکي انيميل (Enamel) چئبو آهي. هي هڪ سفيد، چمڪدار ۽ سخت مادي جو تهه آهي، سيمينٽم (Cementum) هڪ هڏي جهڙو مادو آهي، جيڪو ڄاڙي ۾ ڏند کي ڄميل رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ڏند جي اندرئين حصي ۾ ڊينٽائن ۾ اندر ڏند ڳَرُ (Plulp)  ٿيندي آهي. ڳر ۾ تنتيون، شريانون ۽ نسون هونديون آهن، جن وسيلي ڏند کي طاقت پهچي ٿي. اهي سڀ پاڙ جي ويجهو ڏند ۾ داخل ٿين ٿيون.

جڏهن اوهين آئيني ۾ پنهنجا ڏند ڏسندا ته، اوهان کي مشاهدو ٿيندو ته جسامت ۽ شڪل جي لحاظ کان اهي هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن. ڏندن جي پوري سيٽ ۾ چار قسم شامل آهن ۽ اهي سڀ الڳ الڳ پنهنجو مخصوص ڪم سرانجام ڏين ٿا. وات جي وچ ۾ سامهون نظر اچڻ وارن ڏندن کي ڪُترڻ وارا ڏند يا انسائيزرز (Incisors) چئبو آهي.اهي ميون کي ٽُڪي کائڻ ۽ مانيءَ ۽ ٻين شين کي ٽوڙڻ جو ڪم ڪن ٿا. ٻيو قسم نوڪدار ڏندن جو آهي، انهن کي ڪينائن (Canine) چئبو آهي. انهن جي نوڪ تيز ۽ سنهڙي ٿيندي آهي. اهي ٽُڪِڻ وارن ڏندن جي ٻنهي پاسي هوندا آهن ۽ کاڌي کي ڪٽڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. ٽيون قسم ٻه شاخي ڏندن جو آهي، جيڪي نوڪدار ڏندن جي پويان ٿيندا آهن ۽ انهن کي پري مولر (Pre molar)  چئبو آهي. اهي کاڌي کي پيهندا آهن، جنهن جي ڪري کاڌي کي هضم ڪرڻ آسان ٿي پوندو آهي. انهن ڏندن کي هوڙون يا هڙٻون چئبو آهي.

 

اسان جا ڦڦڙ ڪم ڪيئن ڪن ٿا؟

اسان جي جسم ۾ ساهه کڻن جو هڪ سرشتو موجود آهي، جنهن ۾ ڦڦڙ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا آهن. رت ۽ هوا جي وچ ۾ گئسن جي مٽا سٽا، ڦڦڙن ۾ ٿيندي آهي، جنهن ۾ آڪسيجن رت ۾ اندر داخل ٿيندي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ رت کان ٻاهر نڪري ويندي آهي، ٽڪنڊي جي شڪل جا ٻه نرم ۽ نازڪ ڦڦڙ اسان جي سيني ۾ ٻنهي پاسي پاسرين جي پڃري ۾ محفوظ هوندا آهن، انهن جي وچ ۾ دل رت ۽ کاڌي جون اهم ناليون هونديون آهن. ڦڦرن جي بناوت اسفنجي ٿيندي آهي، يعني ان جو گوشت لچڪدار، ڦهلجڻ ۽ سسڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڦڦرن جي بناوت ۾ بي شمار ننڍڙيون هوا جون ٿيلهيون ٿينديون آهن. جن کي ايلو يولائي (Alveolii) چئبو آهي. هوا جون اهي خوردبيني ٿيلهيون هڪ ٻئي کان سنهڙين ديوارن وسيلي الڳ هونديون آهن،انهن سنهڙين ڀتين ۾ رت جون نهايت سنهڙيون وار نليون ڄار وانگر وڇايل هونديون آهن. هوا ۽ رت کي انهن ڀتين جا فقط ڪجهه گهرڙا هڪ ٻئي کان الڳ ڪندا آهن، جنهن جي ڪري گئسون آسانيءَ سان ان جي وچ مان گذري وينديون آهن، جڏهن ساهه وسيلي ٻاهر اچڻ واري هوا ٿيلهين ۾ ڀرجي ويندي آهي ته گهربل گئسن کي استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ اڻ گهربل گئس کي ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي.

اهي لچڪدار ڦڦڙ اسان جي سيني ۾ هوا سان ڀريل رهندا آهن، جڏهن اسين ساهه اندر کڻندا آهيون ته هوا نڪ وسيلي داخل ٿي هوا جي نالي، نڙگهٽ، ٽريڪيا ۽ برونڪائي کان ٿيندي هوا جي ٿيلهين تائين پهچندي آهي ۽ ڦڦڙ ڦنڊي ويندا آهن. جڏهن اسين ساهه ٻاهر ڪڍندا آهيون ته، ڦڦڙ سُسي ويندا آهن ۽ انهيءَ رستي سان هوا ٻاهر نڪري ايندي آهي. ساهه کڻڻ جو عمل ارادي ۽ غير ارادي هوندو آهي، انهيءَ بابت سوچجي يا نه سوچجي هي عمل باقاعدي جاري رهي ٿو. اسين بنا سوچڻ سمجهڻ جي ساهه کڻندا رهندا آهيون. هڪ گهرڙيءَ لاءِ به ناهيون بيهندا ۽ نه وري ارادو ڪندا آهيون ته، هاڻي ساهه کڻڻو آهي.

ڦڦڙ ڪڏهن به هوا کان خالي ناهن ٿيندا. انهن ۾ ٿوري هوا ضرور رهندي آهي. توڙي جو اسين انهيءَ هوا کي ٻاهر ڪڍڻ جي پوري ڪوشش ڪريون، پر ڪجهه هوا جو مقدار اندر رهندو آهي. ان کي ريزيڊيول (Residual air) چئبو آهي. بالغ ماڻهو 7 پوائنٽن جي لڳ ڀڳ هوا رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن ته، عورت جي صلاحيت 5 پوائنٽ هوا آهي.

ڦڦڙن جي بيماريءَ جي صورت ۾ جيڪڏهن انهن جي ڪارڪردگي کي چڪاس ڪرڻي هجي ته، ٻه شيون حاصل ڪيون وينديون آهن. هڪ ته، ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته منجهن ڪيتري هوا اندر کڻي سگهڻ جي صلاحيت آهي. ٻيو ته وڌ ۾ وڌ ڪيتري هوا ٻاهر ڪڍي سگهن ٿا.

پيدائش کان پهرين ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار ساهه ناهي کڻندو ۽ ان جا ڦڦڙ هوا کان صفا خالي هوندا آهن.ان کي ماءُ وسيلي آڪسيجن وارو رت سڌو سنئون پهچندو آهي. پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٻار ۾ ساهه کڻن جو عمل شروع ٿيندو آهي.

 

اسان جو جسم رت جا گهرڙا ڪيئن تيار ڪندو آهي؟

اسان جي رت  ۾ ٻن قسمن جا گهرڙا هوندا آهن. هڪ اڇا گهرڙا ۽ ٻيا ڳاڙها گهرڙا، اڇا گهرڙا تعداد ۾ تمام گهٽ هوندا آهن، اهي هڪ سيڪڙو ٿيندا آهن، انهن جي شڪل، صورت ۽ سائيز هڪ جهڙي ناهي ٿيندي، جسامت ۾ ڳاڙهن ذرڙن کان وڏا هوندا آهن ۽ پنهنجي بناوت ۽ ڪارڪردگيءَ جي لحاظ سان ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن.

هڪ ڪعب ملي ميٽر رت ۾ انهن جو تعداد 6000 کان 8000 تائين هوندو آهي، اهي جسم ۾ اندر هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين چرپر ڪري سگهندا آهن ۽ بيمارين جي جراثيمن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

ڳاڙها گهرڙا رت ۾ داخل ٿيڻ کان پهريائين پنهنجو نيوڪليئس يا مرڪز غائب ڪندا آهن. هڪ ڪعب ملي ميٽر ۾ گهڻو ڪري 50 لک ڳاڙها گهرڙا هوندا آهن. هي ننڍا ۽ هڪ جهڙا هوندا آهن. انهن ۾ فولاد جو جزو هوندو آهي، انهن جو ڪم ساهه کڻڻ ذريعي ايندڙ تازي هوا مان آڪسيجن کڻي جسم جي سڀني حصن تائين پهچائڻ آهي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ڦڦڙن تائين پهچائڻ آهي. رت ۾ ڳاڙها گهرڙا 99 سيڪڙو هوندا آهن.

هڪ بالغ مرد جي جسم ۾ گهڻو ڪري ڇهه ليٽر رت هوندو آهي ۽ ان ۾ گهڻو ڪري 25 بلين رت جا گهرڙا ترندا ڦرندا آهن. رت جا گهرڙا جسامت ۾ تمام ننڍڙا ٿيندا آهن، جن کي فقط خوردبين وسيلي ڏسي سگهجي ٿو.

اهي گهرڙا آخر ڪٿان ايندا آهن؟ اهي آخر ڪهڙي ڪارخاني ۾ ڌڙا ڌڙ تيار ٿيندا آهن؟ انهن جي پيدا ٿيڻ واري صلاحيت يقين سان حيران ڪندڙ آهي. خاص طرح جڏهن ته، هر گهرڙو هڪ مقرر وقت کان پوءِ ختم ٿي ويندو آهي ۽ انهيءَ جي جاءِ نئون گهرڙو وٺندو آهي.

رت جي گهرڙن جي پيدائش هڏن جي مک آهي. جيڪڏهن اوهين ڳاڙهاڻ مائل اسفنجيءَ جهڙي مِک کي خوردبين سان ڏسندا ته توهان کي ان ۾ ملائڻ وارن تاندرون جي ڌاڳن ۾ رت جي وار نلين جو هڪ ڄار اڻيل نظر ايندو . وار نلين جي انهيءَ ڄار جي وچ ۾ بي شمار رت جا ذرڙا بنائڻ وارا گهرڙا ملندا. رت جا گهرڙ انهيءَ مک ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ مختلف مرحلن مان گذري مڪمل ٿيندا آهن، تيار گهرڙو وار نلين ۾ داخل ٿي رت جي وهڪ ۾ گڏجي ويندو آهي، هي عمل هر وقت جاري رهندو آهي. رت جا ڳاڙها گهرڙا رت جي وهڪ ۾ داخل ٿيڻ کان پهريائين پنهنجو مرڪز وڃائيندا آهن ۽ پروٽو پلازم مان ٺهيل هڪ ڦوڪڻي وانگر هوندا آهن. جيڪي ڳاڙهي  مادي هيمو گلوبن (Haemoglobin) سان ڀريل هوندا  آهن.

انساني هڏي جي مک انسان جي آڪسيجن جي ضرورت مطابق پنهنجو پاڻ کي ڍاليندي آهي. تنهن ڪري جبلن جي چوٽين تي رهڻ وارن ماڻهن جي رت جا گهرڙا سمنڊ جي سطح تي رهندڙ ماڻهن جي مقابلي ۾ ٻيڻا هوندا آهن، ڇاڪاڻ جابلو علائقن ۾ آڪسيجن جو داٻ گهٽ هوندو آهي.

 

ڇا انسان جو ڇڪ نقصانڪار آهي؟

توهان سڀني کي خبر آهي ته نانگ جو ڏنگيل پاڻي به گهري ناهي سگهندو. انهيءَ عرصي کان اڳ ۾ ئي مري ويندو آهي پر انسان جو چڪ پاتل به ٿڏي تي مري سگهي ٿو، جيڪڏهن چڪ پائڻ سان زخم ٿي پوي ته نهايت خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪتي جي وات وانگر انسان جو وات به جراثيمن جو گهر هوندو آهي. انسان جي وات ۾ بي شمار جراثيم هر وقت موجود هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انسان ڪاوڙ ۾ اچي هڪ ٻئي کي چڪ پائيندا آهن. انهيءَ سان ڪڏهن ڪڏهن کل ڪٽجي پوندي آهي ۽ رت ۾ جراثيم داخل ٿي ويندا آهن، ان سان انهيءَ ماڻهوءَ کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

اوهين ڪتي جي چڪ بابت ته ڄاڻندا هوندا. نامناسب علاج جي ڪري پاڻي سِڪڻ (Hydro Phobia) ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح ماڻهوءَ جي چڪ پاتل جو به صحيح علاج  ڪرائڻ ضروري آهي. علاج نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ساڳيا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

جيڪڏهن توهان جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ته، ڪهڙن ماڻهن جو چڪ وڌيڪ متاثر ڪري ٿو؟ ڪهڙا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿين ٿا؟ انهيءَ لاءِ رونالڊ جي مشاهدي جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي. هو چوي ٿو ته، چڪجڻ جو گهڻو شڪار پوليس وارا ٿيندا  آهن، جڏهن پولس وارا ڪنهن چور کي پڪڙيندا آهن ته چور پوليس کان بچڻ ۽ آزادي حاصل  ڪرڻ لاءِ کين چڪ وجهندا آهن. ڪتو جڏهن به انسان کي چڪ هڻندو آهي ته، جسم جي هيٺئين حصي ۾ چڪ هڻندو آهي. جڏهن انسان کي انسان چڪ هڻندو آهي ته، جسم جي مٿئين حصي ۾ خاص طرح هٿ ۽ ٻانهن ۾ چڪ وِجهندو آهي، جسم جا مٿيان حصا جيئن ته وڏي مغز، پل مغز جي وڌيڪ ويجهو هوندا آهن، تنهن ڪري انفيڪشن جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. انهيءَ ڪري اسان کي پنهنجي جسم کي هٿ لائڻ کان پهرين ڪنهن به اهم شيءِ سان هٿ  ڌوئڻا پوندا آهن، تنهن ڪري ڪتي يا انسان جي چڪ جي صورت ۾ هڪ دم علاج ڪرائڻ گهرجي.

 

بلڊ پريشر مان ڇا مراد آهي؟

بلڊ پريشر کي اسين سنڌيءَ ۾ ”رت جو داٻ“ چئون ٿا. اهو داٻ رت جو اهو مقدار آهي، جيڪو دل پمپ ڪرڻ ۽ شريانن جي مزاحمت جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. اهو داٻ سڌو سنئون شريانن جي ڀتين تي پوي ٿو.

رت جي دوري ۾ وڌ ۾ وڌ بلڊ پريشر انهيءَ وقت ٿيندو آهي، جڏهن دل جي کاٻي ڪنوتي سسندي آهي. رت هڪ قوت سان شريانن ۾ داخل ٿيندو آهي. ان کي سسٽالڪ (Systolic) داٻ چئبو آهي. جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ داٻ ٻيهر ايندڙ ڌڙڪي کان هڪ دم پهريائين واقع ٿيندو آهي. جڏهن دل ڦهلجندي آهي، انهيءَ کي ڊايا اسٽولڪ پريشر (Diastolic Pressure) چئبو آهي.

بلڊ پريشر ماپڻ لاءِ هڪ خاص اوزار استعمال ڪيو ويندو آهي. ان ۾ پاري جو ڪالم ٿيندو آهي. اهو ڪالم داٻ جي ڪري مٿي چڙهندو ۽ هيٺ لهندو آهي. انهيءَ کي ملي ميٽر ۾ ماپيو ويندو آهي. ڊايا اسٽالڪ پريشر (Diastolic Pressure) عام حالت ۾ 80 ملي ميٽر ٿيندو آهي. ڊاڪٽري زبان ۾ ان کي 120/80 جي شڪل ۾ لکيو ويندو آهي.

بلڊ پريشر هر هڪ ماڻهوءَ ۾ هڪ جهڙو ناهي ٿيندو، پر مختلف طبيعت رکندڙ جوان عورت توڙي مرد ۾ مناسب بلڊ پريشر جون حدون هن طرح ٿينديون آهن.

سسٽالڪ 120 کان 150 ملي ميٽرن تائين ۽ ڊايا سسٽالڪ 60 کان 90 ملي ميٽرن تائين هوندو آهي. بلڊ پريشر جو دارومدار عمر تي به ٿيندو آهي. يعني ٻارن، جوانن ۽ پوڙهن ۾ رت جو داٻ (Blood pressure) مختلف ٿيندو آهي.ٻارن ۾ 90/60 مناسب هوندو آهي. جڏهن ته عمر سان گڏ شريانن ۾ تڻ اچي ويندي آهي، جنهن جي ڪري 60 سالن  جي عمر وارن ماڻهن ۾ مناسب رت جو داٻ 150-90 کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. جڏهن بلڊ پريشر انهيءَ حد ۾ هوندو آهي ته رت جي نالين ۽ رڳن جي ڀتين تي غير ضروري داٻ وِجهڻ کان سواءِ رت صحيح گردش برقرار رکندو آهي. جڏهن حد کان وڌي وڃي ته، رت جي انهيءَ داٻ کي هاءِ بلڊ پريشر (High Blood Pressure) چئبو آهي، جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار آهي. رت جي داٻ (Blood Pressure) جو دارو مدار ٻن ڳالهين تي هوندو آهي هڪ ته دل مان رت جي نيڪال جو مقدار ٻيو شريانن ۾ ڦهلجڻ جي صلاحيت هڪ صحت مند نوجوان هڪ منٽ ۾ گهڻو ڪري 4.5 ليٽر ت پمپ ڪري ٿو. جيڪڏهن انهيءَ مقدار ۾ غير معمولي اضافو ۽ مسلسل اضافو ٿيندو ته رت جو داٻ وڌي ويندو. شريانن ۾ قدرتي طور سسڻ ۽ ڦنڊڻ جي صلاحيت هوندي آهي، جيڪا عمر جي وڌڻ سان گڏوگڏ شريانن ۾ سختي اچي وڃن جي ڪري ڪجهه گهٽ ٿي وڃي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن غير معمولي سختي اچي وڃن يا ڪالسٽرول (Cholestrol) جي ڄمي وڃڻ جي ڪري ڦنڊڻ جي صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي، تنهن ڪري بلڊ پريشر وڌي وڃي ٿو.

ٻيون ڪيتريون ئي شيون رت جي داٻَ کي متاثر ڪن ٿيون، جهڙوڪ: وزن جو وڌڻ، ذهني ڇڪ، ورزش وغيره، تماڪ نوشي سان به رت جي داٻ ۾ واڌارو اچي ٿو. گرم کاڌا کائڻ جي ڪري به بلڊ پريشر وڌي ٿو.

 

پوليو ڇا آهي؟

پوليو تڪڙو ڦهلجندڙ هڪ بيماري آهي، انهيءَ جو سڄو نالو پوليو مائي لٽس (Polio myolitis) آهي. هي هڪ قسم جو ٻارن جو فالج آهي، پوليو گهڻو ڪري ٻالپڻي ۾ حملو ڪندو آهي. هي ڪهڙي به عمر جي ماڻهوءَ کي پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿو. پوليو به هڪ وبا جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو.

پکڙجي لڳندڙ بيماريون اُهي بيماريون آهن، جيڪي هڪ مريض مان ٻئي کي لڳي سگهن. ٿيون. انهن جو پکڙڻ ساهه کڻڻ، کنگهڻ، ٿڪ اڇلڻ، کائڻ، پيئڻ ۽ مريض جي استعمال ٿيل ٿانون ۽ ٻين شين وسيلي ڦهلجنديون آهن. پوليو ٽن قسمن جي وائرس وسيلي ڦهلجي ٿو، جن کي پوليو وائرس هڪ (Polio-1)، پوليو وائرس ٻه (Polio-II) ۽ پوليو وائرس ٽي (Polio-III) چئجي ٿو.

پوليو وائرس عام طرح نڪ ۽ وات وسيلي جسم ۾ داخل ٿين ٿا. انهيءَ بيماريءَ جا چار درجا (Stages) آهن. پهرئين درجي ۾ اهي جراثيم نڪ ۽ وات وسيلي نڙيءَ ۾ پهچي هلڪي سوزش پيدا ڪن ٿا، جيڪا آس پاس جي حصن کي متاٿر ڪري ٿي، ٻئي درجي ۾ اهي وائرس رت ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. رت ۾ ڦهلجڻ جي ڪري جسم ۾ بيماريءَ جهڙي ڪيفيت پيدا ڪندا آهن، جنهن جي ڪري تيز بخار ٿي پوندو آهي، جسم ۾ سور ٿيڻ لڳندو آهي ۽ مشڪن ۾ تڻ پيدا ٿي پوندي آهي، ٽئين درجي ۾ اهي اعصابن تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا ۽ سرسام جهڙي حالت  پيدا ٿي سگهي ٿي.

چوٿين درجي ۾ اهي دماغ يا پل مغز جي گهرڙن تي اثرانداز ٿي جسم جي ڪهڙي به حصي ۾ فالج جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. دماغ جي اهم جاين (Vital Centers) تي حملي جي صورت ۾ هڪ دم موت ٿي سگهي ٿو. اهو ضروري ناهي ته، هر اهو ماڻهو، جنهن ۾ اهي وائرس داخل ٿي ويندا آهن، فالج جي درجي تائين پهچي. خوش قسمت ماڻهن ۾ اها بيماري پهرئين ٻئي يا پوءِ ٽئين درجي تائين پهچي بيهجي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح ان جو نشانو بڻجندڙ بيشمار ماڻهن مان صرف ڪجهه ماڻهو شديد متاثر ٿي فالج جي ڪري اپاهج ٿيندا آهن.

پوليو جي هڪ حملي کان پوءِ، اهو ڪيترو به هلڪو ڇو نه هجي، جسم ۾ انهيءَ خاص وائرس جي خلاف قوت مدافعت پيدا ٿي ويندي آهي، پر باقي ٻنهي قسمن جا وائرس پوءِ به بيماري پيدا ڪري سگهن ٿا.

جسم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ وائرس گهڻو ڪري تنتي سرشتي تي اثر ڪندا آهن. وائرس تنتن تائين پهچڻ لاءِ يا ته سڌو سنئون تنتن وسيلي يا وري رت وسيلي پل مغز ۽ دماغ ۾ پهچي، انهن جي خاڪي رنگ جي مادي وارن گهرڙن ۾ نشو نما پائيندا آهن، اعصابي گهرڙا سوزش جي ڪري سُڄي پوندا آهن ۽ اهي جن عضون کي ڪنٽرول ڪندا آهن. مفلوج ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن اهي تنتون جلد صحتمند ٿي وڃن ته، عضوا ٻيهر ٺيڪ ٿي ويندا آهن.

گهڻو ڪري 50 سيڪڙو مريضن تي پوليو جو اثر معمولي، 30 سيڪڙو ماڻهن تي وچولو ۽  14 سيڪڙو ماڻهن تي شديد اثر ٿيندو آهي. ان کانسواءِ 6 سيڪڙو موت جو شڪار ٿي ويندا آهن.

گذريل ڪجهه سالن کان پوليو ويڪسين (Polio Vaccin) جي ايجاد ۽ کوجنا جي ڪري پوليو جو خطرو ڪنهن حد تائين ختم ٿي ويو آهي.

جيڪڏهن ڪو ڪٿي واقعو ٿئي به ٿو ته، انهيءَ ۾ انسان جو پنهنجو قصور آهي ۽ پنهنجي ڪوتاهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org