سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب: نائون

صفحو :12

چاندي ڇا آهي؟

چانديءَ جو استعمال قديم زماني کان جاري آهي. يورپ جا بادشاهه انهيءَ کي پنهنجي ملڪيت چوندا هئا. اسپين ۾ اوائلي زماني ۾ چاندي جون کاڻيون هيون، انهن کاڻن مان 250 سالن تائين ساليانو 90 لک ڊالرن جي چاندي حاصل ڪئي ويندي هئي.

چاندي سڀني ڌاتن مان وڌيڪ ۽ وڏي پئماني تي استعمال ٿيڻ وارو هڪ ڌاتو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها نهرن چڪن جي صورت ۾ ملندي آهي. هڪ دفعي ناروي ۾ چانديءَ جو منو ٽن هڪ چڪو مليو هيو. پر عام طور چاندي ڪچ ڌاتو آهي، جنهن کي صاف ڪري حاصل ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ڪچ ڌات ۾ چاندي گهڻو ڪري سلفر سان سلور سلفائيڊ طور مليل هوندي آهي. يا ٻين سلفائيڊس جو حصو هوندي آهي. اصل ۾ چانديءَ ۾ ايتري ملاوٽ هوندي آهي جو انهيءَ کي ٻين عنصرن کان الڳ ڪرڻ جا گهڻا طريقا آهن.

چاندي تمام نرم ڌاتو آهي، انهيءَ کي خالص حالت ۾ استعمال ڪري نٿو سگهجي، تنهن ڪري انهيءَ کي ٻين ڌاتن سان ملائي استعمال ڪيو ويندو آهي، مثال طور: چانديءَ جي سِڪَن (Coins) ۾ 90 سيڪڙو چاندي ۽ 10 سيڪڙو ٽامو (Copper) مليل هوندو آهي. زيورن ۽ ٿانون ۾ استعمال ٿيڻ واري چانديءَ ۾  92.5 سيڪڙو چاندي ۽ 7.5 في سيڪڙو ٽامو هوندو آهي.

خالص چاندي صاف هوا ۾ خراب ناهي ٿيندي، انهيءَ ڪاري ٿيڻ جو مطلب آهي ته، انهيءَ ۾ ملاوٽ آهي. سون کان پوءِ چاندي اهڙو  ڌاتو آهي، جنهن تي ڪم ڪرڻ نهايت سولو آهي. هڪ آئونس چانديءَ مان 30 ميل ڊگهي تار ٺاهي سگهجي ٿي. هيءَ بجليءَ جو سٺو پسرائيندڙ آهي.

 

نڪل بابت اوهان کي ڪهڙي خبر آهي؟

نڪل (NICKLE) سوين صنعتن ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿو. نڪل لفظ جرمن ٻوليءَ جو لفظ آهي،

نڪل شهاب ثاقب ۾ ملي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هي آزاد حالت ۾ به ملي ٿو. پر نڪل جو سڀ کان وڏو ذريعو ڪجهه ڪچ ڌاتو آهن، خاص طرح (PYRRHOTTE) جيڪو لوهه، ٽامي ۽ نڪل تي مشتمل هڪ ڌاتو آهي.

نڪل واري ڪچ ڌاتوءَ کي گهڻو ڪري هڪ بٺيءَ ۾ گرم ڪري هڪ گهاٽو ڳار حاصل ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ڪوڪ ملائڻ ۽ ٻيهر گرم ڪرڻ سان نڪل ٺهي پوي ٿو.

نڪل هڪ اڇي چمڪدار ۽ سخت ڌات آهي، تنهن ڪري ان کي مختلف شڪليون ڏيڻ آسان آهي. انهيءَ کان سواءِ نڪل باقي سڀني ڌاتن کان وڌيڪ مقناطيسي مٽيريل آهي. اسان گهڻو ڪري نڪل کي ٻين ڌاتن تي مينا ڪاري جي صورت ۾ ڏسندا آهيون، يعني هي ٻين ڌاتن کي زنگ کان محفوظ رکي ٿو ۽ انهن جي سطح کي نرم بڻائي ٿو.

نڪل گهڻو ڪري مَٺ جي شڪل ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪل جي مَٺُ  سِڪَن ۾ استعمال ٿئي ٿي.ٽي حصا ٽامو ۽ هڪ حصو زنڪ (جست) ملائڻ سان نڪل جرمن سلور جهڙي چمڪندڙ ڌات ٺهي پوي ٿي، جيڪا کائڻ پيئڻ جي ٿانون ۾ استعمال ٿئي ٿي. پر نڪل جو استعمال گهٽ اهميت رکي ٿو. نڪل، پل، ريل، پٽڙيون، انجڻيون، گاڏين جي گيئر وغيره ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو.

 

اوهان کي خبر آهي ته ڪارڪ ڇا آهي، ڪارڪ پاڻيءَ ۾ ڇو ترندو آهي.؟

ڪارڪ پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ تام هلڪو ٿيندو آهي. هن جي ترڻ جو سبب اهو آهي ته، پاڻي انهيءَ جي ڀريل هوا وارن گهرڙن ۾ آسانيءَ سان داخل ٿي نه ٿو سگهي. اهڙيءَ طرح ڪارڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏي نٿو  پر ترندو رهي ٿو.

ڪارڪ “Cork oak” نالي هڪ وڻ مان حاصل ٿئي ٿو. هي وڻ 20 کان 40 فوٽ اوچو ٿئي ٿو ۽ چئن فوٽن تائين موڪرو ٿئي ٿو. هن وڻ جي کل پهريون ڀيرو ويهن سالن جي عمر ۾ لاٿي ويندي آهي. کل لاهڻ سان وڻ کي نقصان نه پر فائدو ٿيندو آهي. ان کان پوءِ نون سالن ۾ ٻيهر انهيءَ جي کل لاٿي ويندي آهي، پوءِ هي کل لاهڻ جو سلسلو هر نون سالن جي وقفي سان سئو سالن تائين جاري رهي ٿو. وقت گذرڻ سان ڪارڪ جي ڪوالٽي بهتر ٿيندي ويندي آهي.

انهيءَ کل کي لاهڻ کان پوءِ نرم ڪرڻ لاءِ اوٻاريو ويندو آهي ۽ سڪائي دنيا ۾ موڪليو وڃي ٿو. ڪچو ڪارڪ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪ جو نالو ڪارڪ ووڊ آهي، جيڪو جانيون بچائڻ وارين شين، فلوٽس ۽ بوتلن جو منهن بند ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

ٻئي قسم جو نالو ”گرائنڊنگ ڪارڪ“ آهي، انهيءَ کي پيهڻ ۽ گرم ڪرڻ کانپوءِ انهيءَ ۾ ڪا کئونر ملائي پائپن جو رنگ گاڏين جي گيسڪٽس وغيره ۾ استعمال ٿئي ٿو.

موجوده دور ۾ ڪارڪ جو سڀني کان وڏو استعمال ڪمرن کي سائونڊ پروف بنائڻ ۾ ٿئي ٿو.

 

ائٽمي توانائي ڇا آهي؟

ائٽمي توانائي ائٽم مان حاصل ٿئي ٿي. هر ائٽم ۾ اندر توانائي جا پارٽيڪلس هوندا آهن. توانائي ائٽم جي حصن کي گڏي يا ملائي رکندي آهي، تنهن ڪري ائٽمي توانائي ۾ ائٽم جو مرڪز ئي توانائي جو مرڪز هوندو آهي. ۽ ائٽم جي ٽٽڻ يا ڦاٽڻ تي اها توانائي خارج ٿئي ٿي، پر ائٽمن سان گڏ توانائي حاصل ڪرڻ جا اصل ۾ ٻه طريقا آهن. هڪ کي فشن (Fission) يعني ”ڦاڙڻ“ چئبو آهي. ٻئي کي فيوزن (Fusion) چئبو آهي. جڏهن فشن ٿيندو آهي ته، ٻه ائٽم ملي هڪ ٿي ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ توانائي جو تمام گهڻو مقدار گرمي جي صورت ۾ خارج ٿيندو آهي. سج کان اچڻ واري توانائي، سج تي ٿيڻ واري فشن جي نتيجي ۾ ئي پيدا ٿيندي آهي. اها ائٽمي توانائي جو هڪ قسم آهي.

ائٽمي توانائي جي هڪ صورت فشن (Fission) جي عمل جو نتيجو آهي. اهو عمل انهيءَ وقت ٿيندو آهي، جڏهن هڪ ائٽم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو آهي. انهيءَ ڪري ائٽمن تي نيوٽران جهڙن پارٽيڪلس جي بمباري ڪئي ويندي اهي. نيوٽران جي بمباري ڪرڻ سان ائٽم هر ڀيري ڦاٽندو ناهي  دراصل گهڻو ڪري ائٽم ڦاٽڻ کان بچي ويندا آهن، پر يورينيم ۽ پلوٽونم مناسب حالتن تحت ڦاٽي پوندا آهن.

يورينيم جو هڪ قسم “U-235” (يورينم جو آئسو ٽوپ) نيوٽرانن سان ٽڪرائجڻ تي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو آهي،  توهان کي خبر آهي ته انهيءَ مان ڪيتري توانائي پيدا ٿيندي آهي؟ هڪ پائونڊ U-235 هڪ پائونڊ ڪوئلن کي ساڙڻ سان حاصل ٿيڻ واري توانائي کان 10 لک ڀيرا وڌيڪ توانائي ڏيئي ٿو. يورينم جو هڪ ننڍڙو پٿريءَ جيترو ذرڙو هڪ بحري جهاز يا هوائي جهاز يا هڪ جنريٽر هلائي سگهي ٿو.

 

توهان کي خبر آهي ته ائٽم ڪيترو وڏو آهي؟

لفظ ائٽم (Atom) يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، انهيءَ جي معنيٰ آهي:  ”اڻ ورهاست قابل“يونان وارا ائٽم ڪنهن به شيءِ جي ننڍي کان ننڍي ذرڙي کي چوندا هئا.

اڄ اسان ائٽم جي مرڪز ۾ ويهن کان وڌيڪ ذرڙن کي معلوم ڪري ورتو آهي، سائنسدان کي يقين آهي ته، ائٽم اليڪٽرانن، پروٽانن، پوزيٽرونز، نيوٽران، هائپرونز، ميسونز ۽ نيوٽرينوز سان ملي ٺهيو آهي.

اليڪٽران تي ڪاٽو چارج ذرڙا هوندا آهن. پروٽان تي واڌو چارج هوندي آهي. پروٽان اليڪٽران کان 1.836 ڀيرا  وزني هوندو آهي، نيوٽران تي ڪا به بار ناهي هوندي. هي پروٽان کان وزني ٿيندو آهي، پوزيٽران تي واڌو چارج هوندي آهي. وزن ۾ اليڪٽران، جي ٻه هزارئين حصي برابر ٿيندو آهي. ميسونز تي نه واڌو نه وري ڪاٽو چارج ٿي سگهي ٿي. هائپرونز، پروٽان کان وڏا هوندا آهن.

اسان کي اها ڳالهه اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهي ته، اهي سڀ ذرڙا پاڻ ۾ ملي ائٽم ڪيئن ٺاهين ٿا، پر اهي ائٽم اهڙا عناصر ٺاهين ٿا، جيڪي هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن، انهيءَ ڪري عنصرن جي درجي بندي، ائٽمي وزن مطابق ڪئي ويندي اهي. مثال طور انهيءَ جدول ۾ هائڊروجن ”1“ ۽ لوهه ”55“ آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته لوهه جو هڪ ائٽم هائڊروجن جي ائٽم کان 55 ڀيررا وزني هوندو آهي.

پر اهو وزن تمام ننڍڙو آهي. هائڊروجن جي هڪ ائٽم جو وزن هڪ گرام جي ملين ملين ملين ملين وين حصي برابر آهي. ائٽمن جي ننڍي سائيز جو اندازو ڪرڻ لاءِ اچو ته ڏسون ته هڪ گرام هائڊروجن ۾ ڪيترا ائٽم ٿيندا آهن:

جواب هن طرح آهي ته: 6 سان 23 ٻڙيون جيڪڏهن توهان ڳڻن شروع ڪريو ۽ في سيڪنڊ هڪ ائٽم ڳڻيو ته صرف هڪ گرام هائڊروجن ۾ موجود ائٽم ڳڻڻ ۾ توهان کي ڏهه هزار ملين سال لڳي ويندا.

 

اوهين ايڪسري (X-Ray) بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟

جرمنيءَ جي ولهم روئنٽگن 1895ع ۾ ايڪسري دريافت ڪيو. انهيءَ ڪري انهن کي روئنٽگن (Roentgen rays) جو نالو ڏنو ويو.

ايڪسري روشنيءَ جا ڦهلجندڙ ڪرڻا آهن. هي پنهنجي لهري ڊيگهه ۽ توانائي جي حوالي سان روشنيءَ جي ڪرڻن کان مختلف آهن. ڪنهن ايڪسري ٽيوب مان گهٽ ۾ گهٽ لهري ڊيگهه، سائي روشنيءَ جي لهري ڊيگهه جو 15 هزارن کان 10 لکون حصو ٿي سگهي ٿي. ايڪسري اهڙا ڪرڻا آهن. جيڪي اهڙين شين مان به گذري ويندا آهن، جن مان روشني گذري نٿي سگهي، لهري ڊيگهه جيتري مختصر هوندي لهرون اوترو ئي وڌيڪ ڦهلاءَ واريون بڻجي وينديون.

ايڪسريز هڪ ايڪسرٽ ٽيوب ۾ پيدا ٿيندا آهن. انهيءَ ٽيوب ۾ هوا پمپ ڪئي ويندي آهي. ايتري تائين جو اصل مقدار جو مشڪل سان 10 ڪروڙيون حصو باقي رهجي ويندو آهي. هي ٽيوب گهڻو ڪري شيشي جو ٺهيل هوندو آهي. انهيءَ ۾ ٻه اليڪٽروڊس هوندا آهن. انهن مان هڪ کي ڪئٿوڊ چئبو آهي. ان تي ڪاٽو چارج هوندي اهي. ان ۾ ٽنگسٽن تار جو هڪ ڪوائل (ويڙهوٽو) هوندو آهي، جنهن کي بجلي جي ڪرنٽ سان گرم ڪري اليڪٽران خارج ڪيا ويندا آهن. ٻئي کي ائنوڊ چئبو آهي. انهيءَ کي ”ٽارگيٽ“ به چئبو آهي.

اليڪٽران ڪئٿوڊ مان نڪري تيز رفتار سان ائنوڊ ڏانهن وڌندا آهن، ڇاڪاڻ ته، انهن جي وچ ۾ مفاصلو هوندو آهي. اهي 60.000 کان 000، 5 7 1 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ائنوڊ سان ٽڪرائبا آهن، ائنوڊ، ٽنگسٽن مان ٺهيل هڪ گول سيخ آهي ۽ اها اليڪٽرانن کي هڪ دم روڪيندي آهي. انهن اليڪٽرانن جي گهڻي ڀاڱي توانائي گرميءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي پر انهيءَ مان ڪجهه ايڪس تابڪاري بڻجي هڪ جاري مان ايڪسري طور نڪرندي آهي.

ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته، جسم جي هڏن جي ايڪسري تصوير ڪيئن ورتي ويندي آهي. تصوير هڪ قسم جو پاڇو آهي. ايڪسريز جسم ۾ اندر گذرندي ۽ فلم تي پاڇو ڇڏيندا آهن. فلم جي ٻنهي پاسي هڪ حساس روغن جو تهه لڳل هوندو آهي. ڌوپڻ کان پوءِ اهو عام فوٽو گرافڪ جهڙو بڻجي ويندو آهي. هڏيون ۽ ٻيون شيون جن مان ايڪسري آسانيءَ سان گذري نه ٿا سگهن، انهن جا پاڇا اونداها هوندا آهن ۽ انهيءَ ڪري فلم ۾ روشن نظر ايندا آهن.

 

اوهان کي خبر آهي ته آواز جي رفتار ڪيتري آهي؟

جڏهن ڪو به آواز پيدا ٿيندو آهي ته ، ڪٿي نه ڪٿي لرزش (Vibrating) نالي هڪ شيءِ موجود هوندي آهي. ڪا شيءِ تيزيءَ سان اڳتي پوئتي  حرڪت ڪري رهي هوندي آهي. آواز جي شروعات ڏڪندڙ يا لرزندڙ شيءِ سان ئي ٿئي ٿي، پر آواز کي سفر ڪرڻ لاءِ ڪو وسيلو يا ذريعو به گهرجي، انهيءَ کي ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا کيس سندس نڪرڻ واري جاءِ کان ٻڌڻ واري جاءِ تائين پهچائي. اهو وسيلو ڪا به شيءِ ٿي سگهي ٿي. هوا، پاڻي، مادي شيون، ايتري تائين جو مٽي به. هندستان جا ماڻهو آواز ٻڌڻ لاءِ زمين تي ڪن رکندا هئا.

سنڌ ۾ اها ڳالهه عام آهي، هت جڏهن به ڪو زلزلو ايندو آهي ته ڪتي ۽ ڪن ٻين جانورن کي اڳ ۾ خبر پئجي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتو زمين تي ڪن رکي سمهندو آهي.

جيڪڏهن ڪو وسيلو نه هجي ته، آواز کي سفر ڪرڻ لاءِ ڪو ذريعو نه ملندو. انهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته آواز لهرن جي صورت ۾ سفر ڪندو آهي. ڏڪندڙ ۽ لرزندڙ شيون ماليڪيولن يا ذرڙن کي اڳتي منتقل ڪنديون وينديون آهن. هر ذرڙو حرڪت کي پاڻ کان اڳئين ذرڙي تائين پهچائيندو آهي، ۽ نتيجي ۾ صوتي يا اوز جون لهرون پيدا ٿينديون آهن.

جيئن ته، آواز جي سفر ڪرڻ جا وسيلا هوا کان وٺي پاڻيءَ تائين  شامل آهن، تنهن ڪري ظاهر آهي ته، آواز جي لهرن جي رفتار به مختلف هوندي آهي. جڏهن اسين آواز جي رفتار پڇندا آهيون ته، اهو به پڇڻو  پوندو آهي ته ڪهڙي ذريعي سان؟

هوا ۾ آواز جي رفتار گهڻو ڪري 1100 فوٽ في سيڪنڊ (750 ميل في ڪلاڪ) آهي، پر اها  رفتار 32 ڊگري فارنهائيٽ گرمي پد لاءِ آهي. جيڪڏهن گرميءَ جو درجو وڌي ته، انهيءَ سان آواز جي رفتار به وڌندي ويندي آهي.

پاڻيءَ ۾ آواز جي رفتار هوا جي رفتار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، جڏهن پاڻيءَ جو گرميءَ جو درجو 46 ڊگري فارنهائيٽ هجي ته انهيءَ ۾ 4708 فوٽ في سيڪنڊ يا 3210 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندو آهي ۽ لوهه  ۾ آواز جي رفتار 11160 ميل في ڪلاڪ ٿيندي آهي.

شايد توهين سوچيو ته بلند آواز جي رفتار ملڪي آواز جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندي پر، ائين نه آهي. رفتار جو دارومدار صرف ذريعي تي آهي.

جيڪڏهن توهان آواز جو هڪ دلچسپ تجربو ڪرڻ چاهيو ته پاڻيءَ ۾ بيهي ٻه پٿر ٽڪرايو. هاڻي پاڻيءَ ۾ هيٺ وڃي انهن پٿرن کي ٻيهر ٽڪرايو. اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته هوا جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ ۾ آواز جي رفتار ڪيتري تيز آهي.

 

 

اوهين تابڪاري بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟

اڄ جي دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جنهن ڪڏهن به تابڪاريءَ بابت نه ٻڌو هجي. اسين ڄاڻون ٿا ته، ائٽمي بمن جي آزمائشي تجربن سان تابڪاري پيدا ٿئي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو اڄ ڪلهه انسانيت کي پيش ايندڙ سڀ کان وڏو مسئلو آهي پر تابڪاري اصل آهي ڇا؟ ۽ اها انسانيت لاءِ ڇو نقصان ڪار آهي؟

هن کي سمجهڻ خاطر ائٽم کان شروع ڪريون ٿا، هر قسم جو ائٽم ڪجهه حد تائين اسان جي سجائين سرشتي (شمسي سرشتي( وانگر ٺهيل هوندو آهي، سج بجاءِ هڪ نيو ڪليئس هوندو آهي ۽ ان جي چوڌاري سيارن جي جاءِ تي اليڪٽران گهمندا آهن، نيوڪليئس هڪ يا وڌيڪ واڌو چارج وارن ذرڙن سان ملي ٺهي ٿو.

تابڪاري انهيءَ وقت ٿيندي آهي، جڏهن ڪنهن واقع نتيجي ۾ ائٽم هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ذرڙن کي پنهنجي نيو ڪلئيس کان پري ڌڪيندو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ ائٽم مان شعاع (گيما شعاع) جي صورت ۾ توانائي خارج ٿيندي آهي.

ڪجهه عنصر قدرتي طور تي تابڪاري هوندا آهن. انهن جو ائٽم لڳاتار ذرڙن کي خارج ڪندو رهندو آهي. انهيءَ کي ”پکڙڻ“ چئبو آهي. جڏهن ذرڙا خارج ڪيا ويندا آهن ته عنصر ۾ تبديلي ايندي آهي. اهڙيءَ طرح ريڊيم جيڪو قدرتي طرح تابڪاري آهي. ذرڙا ٻاهر موڪليندو آهي ۽ ٻين عنصرن ۾ منتشر ٿيندو آخرڪار شيهو بڻجي ويندو آهي.

هاڻي سائنسدانن هٿرادو طريقي سان تابڪاري پيدا ڪرڻ جو طريقو ڳولي لڌو آهي، ائٽمن تي مخصوص عنصرن جي بمباري ڪري انهن ائٽمن ۾ انتشار پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي تابڪاري بنائڻ جو طريقو ڳولي ڪڍيو ويو آهي، تڏهن ئي سائنسدان ائٽمي توانائي خارج ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو انهن مشينن کي ”ائٽم ٽوڙ واري“ چئجي ٿو.

تابڪاري انسان لاءِ خطرناڪ ڇو آهي؟ هي هڪ سوال آهي، جيڪو اوهان جي ذهنن ۾ اڀرندو هوندو. هاڻي  اچو ته اوهان کي تابڪاري جي نقصانن بابت ٻڌايون. توهان ٽوڙيل ائٽمن ۾ اڏندڙ انهن ذرڙن جي تصوير ٿورو ذهن ۾ آڻيو. جڏهن اهي ذرڙا ٻين ائٽمن سان ٽڪرائجن ٿا ته انهن کي به ٽوڙيندا ۽ انهن جو ڪيميائي ڪردار بدلائي ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن اهي ذرڙا جسم جي زندهه گهرڙن سان ٽڪرائجن ته يقين سان اتي به تبديلي پيدا ڪندا. اهي کل ۽ رت جي ڳاڙهن گهرڙن کي ساڙي تباهه ڪرڻ کانسواءِ ٻين سيلن ۾ به تبديلي آڻي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح تابڪاري ڪيترن ئي حوالن سان انسان لاءِ مفيد هئڻ سان گڏوگڏ خطرناڪ ۽ موتمار به ٿيندا آهن.

 

اوهان کي خبر آهي ته چاڪ ڇا آهي؟

موجوده دور ۾ اهو ماڻهو ناهي، جنهن چاڪ نه ڏٺو هجي يا جنهن جو چاڪ سان واسطو نه پيو هجي. توهان کي اهو ڄاڻي حيرت ضرور ٿيندي ته، چاڪ اصل ۾ هڪ جاندار ٿيندو هو. سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ نهايت ننڍڙن ننڍڙن ٻوٽن ۽ جانورن جي ڪيترين ئي صورتن جي چادر وڇايل آهي. انهن جانورن مان هڪ جانور کي “Foraminifera” چئبو آهي. انهن جا ڍانچا نرم هوندا آهن، جڏهن اهي جانور مرندا آهن ته انهن جا ڍانچا  ٻڏي  سمنڊ جي تري ۾ هليا ويندا آهن. وقت گذرڻ تي انهن ڍانچن جو هڪ ٿلهو تهه ٺهي پوندو آهي. انهيءَ عمل ۾ لکين سال لڳي ويندا آهن. اهو آهستي آهستي ڪمپريس ٿي نرم ملائم اسٽون جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي، جنهن کي اسين چاڪ چئون ٿا.

جيئن ته، زمين جي سطح تي مختلف ڦهلائن اڪثر پاڻيءَ هيٺ زمين کي اُڀاري خشڪ زمين بنايو. اهڙيءَ طرح اونهائن سمنڊن ۾ ٺهيل چاڪ جا تهه مٿي اچي ويا. بعد ۾ پاڻي نرم حصن کي ڪٽي ڇڏيو ۽ چاڪ جون وڏيون وڏيون ٽڪريون ڇڏي ڏنيون.

سٺي ۾ سٺو چاڪ انگلينڊ مان اچي ٿو. اتي هر سال 50 لک ٽن کان به وڌيڪ چاڪ پيدا ٿئي ٿو. انسان سوين سالن تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ چاڪ  استعمال ڪندو آيو آهي. بورڊ تي لکڻ لاءِ استعمال ٿيڻ واري چاڪ کان اسين واقف آهيون، انهيءَ جي شڪل قائم رکڻ لاءِ ان ۾ کونر جهڙو مرڪب ملايو ويندو آهي. نهايت سٺي چاڪ ۾ 95 سيڪڙو چاڪ هوندو آهي، انهيءَ کي رنگين به بڻايو ويندو آهي.

جڏهن چاڪ کي ڌوئي آٺاريو وڃي ته سفيدو چيو ويندو آهي. چاڪ دوائن، ڪاغذ، پينٽس، پائوڊر ۽ ٽوٿ پيسٽ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

 

ائٽم بم ڇا آهي؟

”ائٽم (Atom) يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: وڌيڪ نه ٽٽندڙ ذرڙو“. اصطلاحي معنيٰ موجب ائٽم اهو ننڍڙي ۾ ننڍڙو ذرو آهي، جنهن کي وڌيڪ ٽوڙي نه سگهجي. سائنسدانن جو چوڻ  آهي ته، جيڪڏهن هڪ ڪروڙ ائٽم سڌي لائين ۾ هڪ ٻئي جي لڳو لڳ رکجن ته صرف هڪ انچ ڊيگهه ٿيندي.

ائٽم بم نالي مان ظاهر آهي ته، هي هڪ قسم جو بم آهي. هي اهڙو بم آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪيرايو وڃي ته اتي سوين ميلن ۾ تباهي ۽ بربادي ڦهلائي ڇڏيندو آهي.

ائٽم بم ٺاهڻ لاءِ جوهري توانائي گهربل هوندي آهي، جوهري توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي عنصر (Elements) استعمال ڪيا ويندا آهن، جن جا ائٽم ڀاري هوندا آهن. اهي اندروني طرح وڌيڪ پيچيدا هوندا آهن. انهيءَ ڪري ائٽم بم بنائڻ لاءِ يورينيم عنصر استعمال ٿئي ٿو. يورينيم جي نشاني U ۽ ائٽمي نمبر 92 ۽ ائٽمي مايو 238.029 آهي. يورينيم  تابڪاري عنصر آهي. ان مان پاڻ مرادو نظر نه ايندڙ طاقتور شعاع نڪرندا رهندا آهن، يورينيم جو هڪ ائٽم ٽٽي، تمام گهڻي توانائي مهيا ڪري ٿو. ان کي جوهري توانائي چئبو آهي.  انهيءَ توانائي کي تباهي پيدا ڪرڻ لاءِ ائٽم بم جي شڪل ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

1933ع ۾ هٽلر جڏهن جرمنيءَ جو حڪمران ٿيو ته، هن يورپ تي حملو ڪيو، جنهن ڪري ٻي عالمي جنگ شروع ٿي انهيءَ جنگ ۾ جرمني، اٽلي ۽ جاپان هڪ طرف هئا، برطانيا، فرانس، روس ۽ آمريڪا ٻئي طرف هئا. جڏهن آمريڪا کي خبر پئي ته جرمني ائٽم بم ٿو ٺاهي، ته آمريڪي صدر، سائنسدانن جي ڪانفرنس ڪوٺائي جلد کان جلد ائٽم بم ٺاهڻ لاءِ چيو. نتيجي ۾ جولاءِ 1945ع ۾ آمريڪي سائنسدانن ائٽم بم جو پهريون ڪامياب تجربو ڪيو پر ان کان اڳ ۾ جرمني هٿيار ڦٽا ڪري چڪو هو، تنهن ڪري جرمنيءَ تي ائٽم بم ڪيرائڻ جي نوبت پيش نه آئي. البت ان جي ساٿي ملڪ جاپان، هار نه مڃي، آخرڪار آمريڪا جي صدر ٽرومين، جاپان کي الٽيميٽم ڏنو ته، هڪ دم جنگ بند ڪري نه ته مٿس اهڙي بلا نازل ٿيندي، جنهن جو هو تصور به نٿا ڪري سگهن، پر جاپان ان کي نظرانداز ڪيو، تنهن ڪري آمريڪا ڇهين (6) آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شهر هيروشيما تي ائٽم بم ڪيرايو. هيروشيما جي آبادي چار لک ايڪٽيهه هزار ٽي سئو ڇٽيهه (431336) هئي. ان مان هڪ لک ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا. باقي هميشه لاءِ اپاهج بڻجي ويا. سڄو شهر مٽيءَ جو ڍير بنجي ويو. جاپان اڃا به نه مڃيو ته 10 آگسٽ 1945ع تي انهيءَ جي ٻئي شهر ناگا ساڪي تي ائٽم بم ڪيرايو ويو. ان شهر جو به ساڳيو حال ٿيو، نتيجي ۾ جاپان مجبور ٿي هٿيار ڦٽا ڪيا.

موجوده دور ۾ سائنس اڃا به ترقي ڪئي آهي ۽ اڃا به وڏا وڏا ائٽم بم تيار ڪيا ويا آهن. چيو وڃي ٿو ته، موجوده دور جي ڀيٽ ۾ ان زماني جا هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي ڪيريل بم ڦٽاڪا هئا.

هن وقت اٺن نون ملڪن وٽ ائٽم بم آهن. آمريڪا وٽ ايترا ائٽم بم آهن، جو پوري دنيا هڪڙي پلڪ ۾ دز ٿي اُڏامي وڃي.

 

مواصلاتي سيارو ڇا آهي؟ اهو ڪم ڪيئن ڪندو آهي؟

سيارو گهمندڙ شيءِ کي چئبو آهي،جيئن چنڊ اسان جي زمين جو هڪ قدرتي سيارو آهي. انهيءَ اصول تحت ڪجهه هٿرادو سيارا زمين جي مدار ۾ ڇڏيا ويا آهن. انهن ۾ پاڻمرادو ڪم ڪندڙ اوزار ۽ ٽرانسميٽر ۽ رسيور لڳايا ويندا آهن، جيڪي انسان جي مدد کان سواءِ خلا جون حالتون اسان ڏانهن نشر ڪندا رهندا آهن. انهيءَ کان سواءِ انهن کان مواصلات يعني نياپا سنيها رسائڻ ۽ ٽيليويزن پروگرامن کي تمام پرانهين پنڌ تائين پهچائڻ جو ڪم به ورتو ويندو آهي. هڪ ملڪ  مان نياپا ۽ سنيها وصول ڪري ٻئي ملڪ موڪليا ويندا آهن، جتي انهن کي رسيور وسيلي ٻڌو ويندو آهي.  ٽيليويزن جا پروگرام ريڊيو پروگرام، تار، ٽيليفون وغيره پري پري تائين پهچائڻ ۾ وڏي آساني ٿئي ٿي. ڪمپيوٽر جي ايجاد کان پوءِ انٽرنيٽ پروگرام تحت دنيا مختصر ٿي هڪ ڪمري يا ائين کڻي چئجي ته هڪ دٻي جيتري ٿي ويئي آهي. اهو سڀ ڪجهه هٿرادو سياري وسيلي ممڪن ٿي سگهيو آهي، مختلف مقصدن لاءِ مختلف سيارا ڪم اچن ٿا. اهڙو سيارو جيڪو پيغام رسائڻ ۽ نياپا سنيها  حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. انهيءَ کي اسين مصنوعي سيارو چئون ٿا.

مصنوعي سيارو هميشه زمين جي چوڌاري گردش ڪندو رهي ٿو.

جهڙيءَ طرح چنڊ هميشه گردش ڪندو رهي ٿو. ممنوعي سيارو جيئن ئي بيهندو آهي ته، ڪري پوندو آهي. سياري تي هميشه ٻه قوتون ڪم ڪنديون  رهنديون آهن. هڪ کيس اڳتي وڌڻ يا ڌِڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته، ٻي وري زمين پاسي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي. انهيءَ ڪري سيارو نه ته خلا ۾ گم ٿيندو آهي. نه وري زمين ڏانهن واپس ايندو آهي.

هن وقت روس، آمريڪا، هندستان ۽ چين وغيره جا مصنوعي سيارا ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان جو مسنوعي سيارو به ويجهڙائي ۾ ڪم شروع ڪرڻ وارو آهي.

 

ريڊيائي دوربين ڇا آهي؟ اها ڪهڙي ڪم ايندي آهي؟

آسمان ۾ ڪيترائي اهڙا ستارا آهن، جيڪي روشنيءَ کان سواءِ ريڊيائي لهرون به خارج ڪندا  آهن. انهن لهرن جي وصول ڪرڻ لاءِ ريڊيائي دوربين ايجاد ڪئي ويئي آهي. ريڊيائي دوربينون ڪيترين ئي شڪلين جون ٿين ٿيون.

وڏي ۾ وڏي ريڊيائي دوربين برطانيا ۾ جوڊڙل بئنڪ ۾ لڳل آهي. اها گول ڇٽيءَ نما هڪ اينٽينا (Antenna) تي مشتمل آهي. اها ريڊيائي لهرن کي هڪ نقطي تي گڏ ڪندي آهي، جتي رکيل رسيور انهن برقي لهرن کي هڪ ايمپلي فائر ۾  موڪليندا آهن. انهن لهرن کي ڪيترا ڀيرا وڏو ڪري طاقتور برقي وهڪ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. اهي رڪارڊنگ مشين ۾ هليون وينديون آهن. اها مشين ڪاغذ جي هڪ گول بنڊل تي ريڊيائي لهرن جو گراف تيار ڪندي آهي.

ريڊيائي دوربين وسيلي ڪهڪشان ۽ ان کان به پري ڪيترن ئي جسمن جو پتو پيو آهي.

 

ريڊار (Radar) ڇا آهي؟

ريڊار، لهرن جو هڪ اهڙو اوزار آهي، جيڪو هڪ ملڪ کي پنهنجي دشمن ملڪ جي جهازن جي هوا ۾ اڏام جي ڄاڻ ڏيندو آهي، جيئن ئي ريڊار جي اسڪرين تي دشمن جي هوائي جهاز جو نشان نظر ايندو آهي، جهاز مار توپون نشانو وٺي گولا اڇلائينديون آهن ۽ انهيءَ ملڪ جو هواباز پنهنجي جهاز کي اڏائي ريڊار وسيلي دشمن جي جهاز کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.

ريڊار ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي موٽ کائن واري اصول تهت ڪم ڪندو آهي. هن ۾ بجلي کي لهرن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. انهن لهرن جو نهري شيءِ کان سواءِ ڪا به شيءِ رستو روڪي نٿي سگهي، جهڙ به انهن جو رستو روڪي نٿو سگهي. جڏهن اهي لهرون ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي موٽ کائينديون آهن ته ٽي وي، نما اسڪرين تي ٻڌائينديون آهن ته، اهي ڪهڙيءَ شيءِ سان ٽڪرائجي موٽي آيون آهن ۽ اهو پڻ ٻڌائينديون آهن ته، اها شيءِ ڪيتري مفاصلي تي آهي. اهي برقي لهرون ٻه لک اسي هزار ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان هلنديون آهن.

ريڊار (Radar) آمريڪا جي هڪ سائنسدان، نالي ٽيلر هنگ 1922ع ۾ ايجاد ڪيو. مختلف جاين لاءِ مختلف سائيز جا ريڊار استعمال ڪيا ويندا آهن.

 

توهان کي راڪيٽ بابت خبر آهي؟

راڪيٽ سائنس جي ايجادن مان هڪ اهم ايجاد آهي. اوهان راڪيٽ کي اڏامندي ڏٺو هوندو. اِهو تمام گهڻو دونهون ڪڍندو آهي. اهو دونهون جيتري قوت سان ٻاهر نڪري ٿو، اوتري قوت سان راڪيٽ اڳتي وڌي ٿو.

راڪيٽ جي اها چرپر نيوٽن جي حرڪت جي ٽئين قانون مطابق آهي. هن قانون مطابق ”عمل “Action” ۽ ردعمل “Reaction” پاڻ ۾ برابر هوندا آهن. راڪيٽ جي انجڻ ۾ پاڻياٺ آڪسيجن، ڪنهن ٻئي ٻارڻ سان گڏ ڪري رکي ويندي آهي، جيڪا فيول (Fule) کي ٻرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جنهن ڪري گرم گئسون ٺهن ٿيون، جيڪي تيز رفتاريءَ سان راڪيٽ جي مخالف طرف ۾ نڪرن ٿيون، جنهن جي ڪري راڪيٽ جي مخالف طرف ۾ زور لڳي ٿو. انهيءَ ڪري راڪيٽ مٿي حرڪت ڪري ٿو. انهيءَ زور کي اڇل (Trust) چئبو آهي. راڪيٽ انهيءَ اڇل واري زور جي ڪري مٿي اُڏامي ٿو.

خلائي سفر ۾ استعمال ٿيڻ وارا راڪيٽ ڪيترن ئي حصن يا طبقن تي مشتمل هوندا آهن، جڏهن هڪ حصي جو ٻارڻ سڙي پورو ٿي ويندو آهي ته، اهو راڪيٽ کان الڳ ٿي ويندو آهي، پوءِ ٻيو ۽ ان کان پوءِ ٽيون حصو ڪم شروع ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح گهربل رفتار حاصل ڪئي ويندي آهي. راڪيٽ ۾ ڪيترن ئي قسمن جو ٻارڻ استعمال ٿيندو آهي. آمريڪا جن راڪيٽن جي مدد سان اپالو پروگرام تحت خلابازن کي چنڊ تي موڪليندو رهيو آهي، انهن ۾ پاڻياٺي آڪسيجن ۽ پاڻياٺي هائڊروجن کان ڪم ورتو ويو آهي.

تمام گهڻي طاقتور راڪيٽ جو نالو ”سيٽزن پچو“ آهي.

 

پروجيڪٽر ڇا آهي؟ اهو ڪيئن استعمال ٿئي ٿو؟

پروجيڪٽر لفظ جي معني آهي: ”اُڇليندڙ“ سنڌي ۾ ان کي ”عڪس اڇلڻو“ چئي سگهجي ٿو. توهان کي جيڪڏهن اسڪول جي ليبارٽريءَ يا سينيما هال ۾ فلم ڏسڻ جو موقعو مليو هجي ته، اوهان ڏٺو هوندو ته، هن مشين وسيلي فلم جو عڪس پردي تي اڇليو ويندو آهي. هڪ خاص رفتار (Speed) سان ان مان عڪس گذرندو آهي ۽ اهو عڪس هڪ هڪ ڪري پردي تي ڪرندو آهي، تڏهن به ان جو عڪس هڪ سيڪنڊ جي سورهين حصي تائين انسان جي اک جي پردي تي قائم رهندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ عڪس مس ٺهندو آهي ته، ٻيو عڪس اکين تي ڪرندو آهي، اهڙيءَ طرح ڪا به شيءِ بيٺل نظر اچڻ بجاءِ چرپر ڪجندي نظر ايندي آهي.

 

پروجيڪٽر پردي تي عڪس ڪيئن اڇليندو آهي؟

پروجيڪٽر ۾ تيز روشني ڏيڻ وارو هڪ برقي بلب لڳل هوندو آهي. ان جي هڪ پاسي عڪس ڦهلائڻ وارو شيشو لڪيل بلور (Concave Lens) ۽ ٻئي پاسي هڪ ڪنڊينسر (Condenser) هوندو آهي. بلب لڪيل بلور جي ڊيگهه تي رکيل هوندو آهي، تنهن ڪري جيتري روشني لڪيل بلور تي پوندي آهي. اها عڪس بڻجي متوازن شعاعن جي صورت ۾ ڪنڊينسرن تي پوندي آهي. روشني ڪنڊينسرن مان گذري سامهون رکيل سلائڊ کي روشن ڪندي آهي. سلائيڊ جي سامهون اپٽيل بلور (Convex lens) هوندو آهي، جنهن کي پروجيڪٽنگ لينس چئبو آهي. سلائيڊ انهيءَ شيشي جي F1  ۽   F2 جي وچ ۾ هوندي آهي. انهيءَ ڪري شيشي جي مدد سان سلائيڊ جو حقيقي عڪس وڏو ۽ ابتو عڪس پردي تي ٺهندو آهي. انهيءَ لاءِ سلائيڊ ابتي رکي ويندي آهي. انهيءَ جو عڪس پردي تي سڌو پوندو آهي.

 

صابڻ ميراڻ يا مٽي ڪيئن صاف ڪندو آهي؟

عيسوي دور کان پهرين انسان انهيءَ شيءِ مان واقف ڪو نه هو، تنهن ڪري چئي سگهون ٿا ته، صابڻ جي تاريخ ٻن هزار سالن کان پراڻي ناهي.

صابڻ، چرٻي ۽ تيل تي الڪلي جي عمل سان ٺاهيو ويندو آهي. سادي طريقي سان انهيءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انهن کي گڏ اٻارڻ سان صابڻ  ٺهي پوي ٿو. استعمال ٿيڻ واري الڪلي ۾ گهڻو ڪري سوڍا ۽ پوٽاش هوندو آهي.

 

هاڻي سوال آهي ته صابڻ مٽي يا ميراڻ

صاف ڪيئن ڪندو آهي؟

هن سوال جو جواب هيئن آهي ته: ”صابڻ مٽي ۽ گندگي کي ايترن ته ننڍڙن ذرڙن ۾ ورهائيندو آهي، جو پاڻي انهن کي آسانيءَ سان وهائي ويندو آهي.

هن باري ۾ هڪ وضاحت ائين به ڪئي ويندي آهي ته، صابڻ مٽي يا گندگيءَ کي کل تي بيهڻ ناهي ڏيندو. پاڻي کل تي هڪ باريڪ ۽ لچڪدار جهليءَ طور ڇانئجي ويندو آهي ۽ گندگيءَ جي ذرڙن جي چوڌاري گهري نه ٿو سگهي، پر صابڻ مليل پاڻي اهو  ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي.

صابڻ ۽ صفائي وارن ٻين مرڪبن کي ڊٽرجنٽ چئبو آهي. ڊٽرجنٽ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ اهي، جنهن جي معنيٰ ”وهائي وڃڻ“ گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته، ڊٽرجنٽ صابڻ ناهي هوندو، پر حقيقت ۾ صفائي ڪرڻ وارا سڀئي مرڪب ڊٽرجنٽ هوندا آهن.

 

شيشو ڇا مان ٺاهيو ويندو آهي

شيشو ٺاهڻ لاءِ مخصوص مواد پگهاري ٿڌو ڪيو ويندو آهي، نتيجي ۾ انهن جا اٿئٽم غير منظم انداز ۾ ترتيب وٺندا آهن، مٽيءَ ۾ موجود گهڻو ڪري 95 سيڪڙو ڪچو مواد شيشي سازيءَ ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو، تنهن هوندي به اهم هي آهن:

واري يعني سليڪا، سوڍا، لائم اسٽون، بوريڪس، بورڪ ائسڊ، ميگنيشيم، آڪسائيڊ ۽ ليڊ آڪسائيڊ.

پهرين شيشو  قدرت تيار ڪيو، جيڪو گهڻو ڪري 45 لک سال پهرين زمين جي مرڪز ۾ پگهريل، جبل جي طح کان ٻاهر نڪري آيو ۽ آتش فشان جي شڪل ۾ زمين چيري، سليڪا تي مشتمل گرم لاوو ٿڌي ٿيڻ تي جبل جيتري سخت شڪل اختيار ڪري ورتي.

انسان گهڻو قديم دور کان شيشو ٺاهيندو آيو آهي. پنج هزار سالن کان وڌيڪ عرصو اڳ مصر وارا رنگين شيشو  بنائڻ جو فن ڄاڻيندا هئا. هنن اهو رنگين شيشو  ڪچن ٿانون تي لڳائڻ ۽ موتي ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو. مصر ۾ 3500 سال پهرين به عطرن لاءِ شيشي جون بوتلون ٺاهيون وينديون هيون.

پهرينءَ کان پنجين صدي عيسوي دوران روم جي سلطنت ۾ شيشي سازيءَ جو فن عروج تي پهتو. انسان انهيءَ ئي دور ۾ شيشي کي مختلف شڪلين ۽ سائيزن جو بنائڻ سکي ورتو هو.

اڄ ڪلهه شيشي ٺاهڻ لاءِ گهڻائي طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا، پر بنيادي طريقو اهو ئي آهي. ته شيشي لاءِ ڪچو مال آڻي توري فارمولا تحت ملايو  ويندو آهي. پوءِ انهيءَ ملاوت ۾ ڀڳل شيشو به ملايو ويندو آهي، جيئن پگهريل شيشو حاصل ٿيندو آهي. پوءِ انهيءَ کي مختلف شڪلين ۾ ڍاليو ويندو آهي.

 

 

ڳوڙها آڻندڙ گئس (آنسو گئس) ڇا آهي؟

آنسو گئس،انهن گئسن مان هڪ گئس آهي، جيڪي انساني جسم تي اثر ڇڏين ٿيون. اهي گئسون انسان کي لاچار، مجبور يا ماري وجهن ٿيون. اهڙين گئسن مان ڳوڙها آڻيندڙ گئس به هڪ آهي. ڪجهه گئسون ڦڦڙن ۾ سوزش پيدا ڪري ساهه کڻن جي سرشتي کي ناڪارو بنائي ڇڏينديون آهن. شڪار ٿيڻ وارو ماڻهو کنگهي کنگهي وڏيءَ مشڪل سان ساهه کڻندو آهي. ڪجهه گئسن جي ڪري جسم تي ڦلوڪڻا پئجي ويندا آهن. ڳوڙها آڻيندڙ گئس اکين جي چوڌاري ميڪس ممبرين نالي جهليءَ ۾ سوزش پيدا ڪندي آهي، جنهن جي ڪري اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا آهن. ڳوڙها آڻيندڙ گئس اصل صورت ۾ کنڊ جهڙو نهرو مادو آهي. اها گرم ڪرڻ سان بخارن جي صورت اختيار ڪندي آهي ۽ اکين کي متاثر ڪندي آهي. هن گئس کي گرنيڊ ۾ وجهي فائر ڪيو ويندو آهي. اها بادل وانگر ڦهلجندي آهي ۽ ماڻهوءَ کي لاچار بنائي ڇڏيندي آهي.

 

زرڪونيم ڇا آهي؟

1789ع ۾ جرمنيءَ جي هڪ ڪيميادان مارٽن هنرج ڪلپروٿ هڪ نيم قيمتي پٿر زرڪون (Zercone) مان هڪ نئون ڌاتي آڪسائيڊ حاصل ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ آڪسائيڊ ۾ موجود ڌات کي زرڪونيم “Zirconium” جو نالو ڏنو. هن نالي ۾ ium پڇاڙي ڏنل آهي، جيڪا لاطيني ٻوليءَ مان ورتل  آهي. اها پڇاڙي خاص طرح ڌاتن جي نالن سان آخر ۾ لڳائي ويندي آهي.

زرڪون هڪ عام معدني پٿر آهي، جنهن کي ڪيميائي لحاظ کان زرڪونيم سليڪيٽ چيو ويندو آهي. هي گهڻو ڪري گهڻن رنگن ۾ چوڪنڊن قلمن يا داڻن جي شڪل ۾ ملي ٿو. اهي قلم عام طور غير شفاف هوندا آهن.

لفظ زرڪون Zircon جرمن ٻوليءَ جي لفظ Zirkon مان ورتل آهي، جيڪو خود جرگون Jargon جي بدليل صورت آهي. هي هلڪي رنگ جو قيمتي پٿر آهي، جيڪو هيري سان ملندڙ جُلندڙ آهي. هن کي زرقون لنڪا يا زرقان به چيو ويندو آهي. “Jargon” لفظ فرانسيسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، اتان اطالوي زبان ۾ آيو ۽ Giagone ٿيو. اتان وري عربي ٻوليءَ ۾ آيو ۽ ”زرقون“ ٿيو. اتان ايران ۾ آيو ۽ زرڪون ٿيو. ان جي معنيٰ هن طرح آهي: زر معنيٰ سون ۽ ”ڪون“ معنيٰ آهي: ”رنگ جو“  يعني هن جي معني آهي: ”سونهري رنگ جو پٿر.“

زرڪونيم، معدني زرڪون مان حاصل ٿيڻ واري سليٽي رنگ جو سخت ڌاتي عنصر آهي. هن کي ڌاتو گيريءَ ۽ ڪيميائي صنعتن ۾ رڳڙائي ۽ صفائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org