حصو
پنجون
اسان جي دنيا
توهان
کي خبر آهي ته، دنيا ڪيتري وڏي آهي؟
انسان جو دماغ هڪ ننڍڙي شيءِ آهي. ڪائنات جي وڏي
هئڻ جو تصور يا اندازو لڳائڻ کان مجبور آهي. انسان
انهيءَ جو اندازو لڳائي نٿو سگهي ته، هيءَ دنيا
ڪيتري وڏي آهي.
جيڪڏهن اسان جي وس ۾ هجي ۽ زمين کان مٿي وڃون ۽
پري کان ڏسون ته معلوم ٿيندو ته زمين شمسي سرشتي
جو هڪ حصو آهي ۽ تمام ننڍڙو حصو آهي، شمسي سرشتي ۾
سج جي چوڌاري گهمندڙ ننڍا وڏا سيارا، شهاب ثاقب
شامل آهن.
دنيا ۾ رڳو اسان جو شمسي سرشتو نه آهي، پر ٻيا
انهيءَ
کان
به وڏا سرشتا موجود آهن. انهن مان هڪ ننڍڙو جزو
ڪهڪشان آهي ۽ هڪ ڪهڪشان ڪروڙن ستارن سان ملي ٺهي
ٿو. انهن مان ڪيترا ستارا ته اسان جي مٿان اُڀرندڙ
سج جيترا يا انهيءَ کان به وڏا آهن ۽ پنهنجو
پنهنجو شمسي سرشتو رکن ٿا.
ڪهڪشان
۾ نظر ايندڙ سڀئي ستارا سج آهن. اهي
سڀ
ايترو ته پري آهن جو انهن کي ميلن يا ڪلوميٽرن
بجاءِ نوري سالن ۾ ماپيو ويندو آهي. روشني هڪ سال
۾ گهڻو ڪري 60 کرب ميل سفر ڪري ٿي. زمين کي ويجهي
۾ ويجهو چمڪندڙ ستارو الفانستوري آهي. اهو زمين
کان 250 کرب ميل پري آهي.
سائنسدانن
جو چوڻ آهي ته، ڪهڪشان جي موڪراڻ 100000
x
60 کرب
ميل آهي. انهيءَ ڪهڪشان کان پري لکين ڪهڪشائون آهن
۽ اهي سڀ ڪهڪشائون ڪنهن ٻئي وڏي سرشتي جو حصو آهن.
هاڻي توهان اندازو لڳايو ته، دنيا ڪيتري وڏي آهي،
پر اوهين اندازو لڳائي نٿا سگهو ته، ڪائنات ڪيتري
موڪري آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته، ڪائنات اڃا
به وڌندي پئي وڃي.انهيءَ مان مراد اها آهي ته، هر
ڪجهه عرب سالن کان پوءِ ٻه ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان
پهرين جيترو پري ٿي وڃن ٿيون.
چنڊ اسان سان گڏوگڏ هلندي ڇو محسوس ٿيندو آهي؟
ڏسڻ
۾ چنڊ زمين کان گهڻو پري نٿو لڳي، پر زمين کان
انهيءَ جو مفاصلو سراسري 239000 ميل
آهي،
چنڊ جو قطر 2160 ميل آهي، پر جڏهن چنڊ کي وڏي
دوربين سان ڏسجي ته اهو بلڪل ائين نظر ايندو آهي،
ڄڻ 200 ميل پري هجي.
چنڊ ايترو ويجهو ۽ وڏو لڳڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن اسين 239000 ميلن
جي مفاصلي کي وساري ويهندا آهيون، جڏهن اسين ڪنهن
هلندڙ گاڏيءَ ۾ ويٺا هجون ته، چنڊ گڏوگڏ هلندي نظر
ايندو آهي.
پهرين ڳالهه اها آهي ته، ائين محسوس هئڻ هڪ نفسياتي عمل آهي.
ڪنهن سڙڪ تي سفر ڪندي اسان کي هر شيءِ پنهنجي
ويجهو گذرندي پوئتي ويندي محسوس ٿيندي آهي. وڻ،
گهر، ديواريون، سڙڪون سڀ شيون اسان جي مخالف طرف ۾
وينديون آهن، تنهن ڪري قدرتي طرح اسين سمجهندا
آهيون ته، ٻين شين وانگر چنڊ به پوئتي وڃي، پر
ائين نه. هئڻ تي اسان کي لڳندو اهي ته ڇنڊ اسان
جي پويان هلي ٿو.
پر سوال آهي ته، چنڊ اسان سان گڏوگڏ ڇو ٿو هلي؟ جيئن ته، چنڊ
کان زمين جو مفاصلو تمام گهنو آهي. چند مٽن ۾ اسان
جي گاڏيءَ جي طئه ڪيل مفاصلي جي ڀيٽ ۾ زمين ۽ چنڊ
جي وچ ۾ مفاصلو نهايت گهڻو هوندو آهي، تنهن ڪري
سفر دوران اسان جو چنڊ کي ڏسڻ جي ڪنڊ تبديل ناهي
ٿيندي.
حقيقت ۾ ٿي سگهي ٿو ته، هڪ ئي طرف ۾ ڪيترائي ميل سفر ڪرڻ باوجود
اسان جو، چنڊ کي ڏسڻ جي ڪنڊ بنيادي طرح جيئن جو
تيئن رهندي ۽ اسان جي چوڌاري موجود شيون پوئتي
ويندي ڏسندا آهيون، پر چنڊ اسان کي گڏوگڏ هلندي
محسوس ٿيندو آهي.
ڇا آسمان ۾ موجود سيارا ٽڪرائجي سگهن ٿا؟
آسمان کي ستارن ۽ سيارن سان ڀريل ڏسي شايد توهان کي خيال اچي
ته، ڪنهن ڏينهن اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي وڃن،
پر تارن ۽ سيارن جو ٽڪرائجڻ ممڪن ڪونهي.
آسمان تي نظر وجهڻ وقت اسين اهو وساري ويهندا آهيون ته ستارا ۽
سيارا اسان کان ڪيتري مفاصلي تي آهن. انهيءَ ڳالهه
جو صحيح اندازو لڳائڻ لاءِ اسين پنهنجي شمسي سرشتي
۽ انهيءَ جي سيارن تي سوچيون ته، سيارا سج جي ڪشش
جي قوت کان ٻاهر نڪري نٿا سگهن. اهي پنهنجي نيم
گول مدار ۾ گردش ڪندا رهندا آهن، انهن جي رفتار جو
دارومدار سج کان انهن جو پري هئڻ تي آهي.
توهان پنهنجي مٿي کي ڪجهه دير لاءِ سج تصور ڪريو. هاڻي توهان جو
مٿو مختلف سائيزن جي ڪجهه دائرن جي مرڪز ۾ آهي.
اهي دائرا، اهي مدار آهن، جن تي سيارا سج جي
چوڌاري سفر ڪندا آهن. عَطارد سياري يا مرڪيوري جو
مدار توهان جي مٿي يعني سج کان 20 فوٽن جي مفاصلي
تي آهي. انهيءَ جي سائيز مس جي هڪ نقطي جيتري آهي.
وينس يا زهره سيارو 39 فوٽ پري ٻين رنگن مان آهي،
۽ انهيءَ جي سائيز
“O” جيتري آهي. ٽئين دائري ۾ موجود زمين جو گولو وينس کان ڪجهه وڏو
آهي ۽ توهان جي مٿي کان 54 فوٽن جي مفاصلي تي آهي.
انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سج مان اصل مفاصلو 9
ڪروڙ 30 لک ميل آهي.
82 فوٽ پري چوٿين دائري ۾ مريخ، زمين جي گولي کان ننڍو آهي.
انهيءَ کان پوءِ اسان جي شمسي سرشتي جو سڀ کان وڏو
سيارو مشتري يا جوپيٽر اچي ٿو. اوهان جي مٿي (سج)
جي مناسبت سان مشتريءَ جي سائيز شيشي جي چدي جيتري
آهي ۽ انهيءَ جو مفاصلو فٽ بال جي گرائونڊ جي
برابر آهي، ڇهون دائرو
½
انچ نيم قطر سائيز جي زحل جو آهي ۽ اوهان جي مٿي
کان انهيءَ جو مفاصلو ڪنهن ڪالوني ۾ هڪ بلاڪ جي
موڪراڻ جيترو آهي.
1/5 انچ نيم قطر يورينس ٻئي ڪن جيترو پري آهي. يورينس کان ڪجهه
ننڍو نيپچون گهڻو ڪري ٽن بلاڪن جي مفاصلي تي آهي ۽
زمين کان تقريباََ اڌ سائيز جو پلوٽو چئن بلاڪن جي
مفاصلي تي آهي، جيئن ته هر هڪ سيارو ڪنهن تبديلي
کان سواءِ پنهنجي مدار ۾ گردش ڪري ٿو. انهيءَ ڪري
سندن پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ جو ڪو امڪان ڪونهي.
نَکَٽَ ڇا آهن؟
توهان ڪڏهن آسمان ۾ ستارن تي غور ڪيو آهي، يا انهن ۾ شڪليون
ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا جي سڀني علائقن ۾
ماڻهن پنهنجي پنهنجي لحاظ کان نکٽن کي نالا ڏنا
آهن. هاڻي لکٽن کي
CONSTELLATION
نالو ڏنو ويو آهي.
قديم زماني ۾ رومين ۽ يونانين بابل وارن کان نالا سکيا، بابل
وارن ستارن جي ڪجهه شڪلين کي جانورن، ڪجهه کي
بادشاهن ۽ راڻين ۽ پنهنجي داستانن جي هيروئنن جا
نالا ڏنا. يونانين گهڻن نالن کي بدلائي پنهنجي
هيروئنن، مثال طور هر ڪوليس، اوريون، اور پريسئس
وغيره نالا ڏنا. رومين ان ۾ پوءِ اڃا به ان ۾
تبديليون آنديون ۽ اضافا ڪيا. اهي ئي قديم نالا اڄ
به اتي استعمال ٿين ٿا، پر آسمان تي تصويرون ڳولڻ
ايترو آسان ناهي. مثال طور
AQUILLA
باز آهي.
CANIS MAJOR
۽
CANIS MINOR
وڏا ۽ ننڍا ڪتا،
LIBRA تارازي. اصل ۾ اهي تصويرون نه پر پرستارن جا مُچا آهن، جيڪي
انهن شڪلين جهڙا نظر نه ٿا اچن.
150 عيسوي ڌاري مشهور نجومي بطليموس ستارن جي 48 نکٽن جي فهرست
ٺاهي هئي، جيڪي کيس معلوم هئا. البت اها فهرست سڄي
آسمان جي نکٽن جي نه هئي، پوءِ واري دور جي فلڪيات
جي ماهرن ٻيا نکٽ به ڳولي لڌا، جن مان ڪجهه نکٽن
جا سائنسي اوزارن جي نالن تي نالا رکيا ويا جهڙوڪ:
COMPASSES
(پرڪار) ، MICROSCOPE (خوردبين) وغيره.
موجوده دور جي ماهرن آسمان تي 88 نکٽ سڃاتا آهن. سنڌ ۾ وري نکٽن
جانالا، جيتن ۽ ٻين شين جا رکيل آهن، جهڙوڪ:
ڪتيون
ٽيڙو
وِڇون
لُڌا
کٽ
سيارچا (ايسٽرائيڊ) ڇا آهن؟
آسمان تي شين جي دريافت، اڪثر ڪري ڄڻ ته ڪا ڳجهارت ڀڃڻ جي برابر
آهي. سيارچا به اهڙي ئي ڳجهارت آهن.
ٻن مختلف دورن ۾ ٻن ماڻهن ٽائٽس
(Tituis)
۽ بوڊيءَ
(Bode)
سوچيو ته مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ به ضرور ڪو سيارو
هوندو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي وچ م خال تمام گهڻو وسيع
هو. 1801ع ۾ اتي واقعي هڪ سيارو دريافت ٿيو.
انهيءَ جو نالو سيريس
(Ceres)
رکيو ويو، پر اهو فقط 480 ميل قطر وارو ننڍڙو
سيارو هو، تنهن ڪري يقين ٿي ويو ته هي ننڍڙن سيارن
جي جٿي جو هڪ حصو آهي.
وقت گذرڻ سان ٽي وڌيڪ سيارا دريافت ٿيا، جن مان سڀني کان وڌيڪ
روشن سيارو سيريس سائيز ۾ اڌ ميل ڊگهو هو. فلڪيات
جي ماهرن جو خيال هو ته، هڪ وڏي سياري جي ٽٽڻ سان
اهي چار ٽڪرا ٿيا، پر 15 سالن جي ڳولا کان پوءِ هڪ
فلڪيات جي ماهر هڪ ٻيو ننڍڙو سيارو ڳولي لڌو ۽ ٻين
سيارن جي ڳولا شروع ڪئي.
1890ع تائين 300 ننڍڙا سيارا لڌا ويا ۽ 1890ع کان 1927ع جي وچ
ڌاري 2000 سيارا لڌا ويا. مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ سج
جي چوڌاري گردش ڪندڙ انهن ننڍڙن سيارن کي
ايسٽيرائيڊ چيو ويو.
هنن سيارن مان 195 سيارن جو قطر 61 ميلن کان وڌيڪ آهي. 502
سيارا 25 ميلن جي وچ ۾، 193 سيارا 10 کان 25 ميلن
جي وچ تي ۽ 22 سيارا 10 ملين کان به ننڍڙا آهن.
جيڪڏهن هن سڀني سيارن جو مقدار هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو وڃي ته اهي
زمين جي مقدار جي 3000 هزارئين حصي جي برابر
ٿيندا، تنهن ڪري سڀئي سيارڙا پاڻ ۾ گڏ ڪجن ته به
هڪ غير اهم سيارو ٺهندو.
هڪ نظريي مطابق، اهي سيارڙا مشتري سان هڪ ننڍڙي سياري جي ٽڪرجڻ
جو نتيجو آهن.
اوهين ڪهڪشان بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
ڪهڪشان آسمان تي ستارن جو مچو آهي. اهي آسمان جي هڪ ڪناري کان
ٻئي ڪناري تائين هيرن جي لڙهي وانگر ڦهليل آهن.
اوائلي زماني ۾ جڏهن ماڻهن اهڙو نظارو ڏٺو ته،
ڏاڍا حيران ٿيا، پر کين انهيءَ جي حقيقت معلوم نه
هئي. هنن ڪهڪشان (ملڪي وي) جون عجيب ۽ دلچسپ
وضاحتون ڪيون، مثال طور: عيسائي دور جي ابتدا ۾
ماڻهو، انهن کي فرشتن جي گذرڻ جو رستو سمجهندا
هئا. سندن خيال هو ته، انهيءَ وسيلي فرشتا آسمان
تي مٿي ويندا آهن، يا وري اهو دروازو هو، جنهن مان
اسين هن پار موجود شان ۽ شوڪت تي نظر وجهي سگهون
ٿا، وغيره وغيره.
اڄ اسان مِلڪي وي جي حقيقت ڄاڻي چڪا آهيون. هي هڪ طرح گهڙيءَ
جهڙو گول ۽ چپترو آهي، جيڪڏهن اوهين مٿي وڃي سگهو
۽ هيٺ ڏسو ته، گهڙيءَ جا ڪنارا اندرئين پاسي نظر
ايندا. انهيءَ ڪري اهي ڪنارا اسان کي پنهنجي
چوڌاري گولائي ۾ نظر ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان ۾
ڪروڙين ستارا آهن. انهيءَ ڪري اهي اسان کي (ملڪي
وي) طور نظر ايندا آهن.
اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ضرور ٿيندي ته ڪهڪشان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي
ارب ستارا آهن. اهڙيءَ طرح ڪهڪشان جي سائيز جو
ڪجهه اندازو ٿي وڃي ٿو. روشنيءَ کي سج کان زمين
تائين پهچڻ ۾ اٺ منٽ لڳندا آهن. ڪهڪشان جي مرڪز
مان روشني سج تائين 27000 سالن م پهچي ٿي.
ڪهڪشان ڦيٿي وانگر پنهنجي مرڪز جي چوڌاري گردش ڪندا آهن. اسين
انهيءَ کي موجوده جاءِ تي 20 ڪروڙ سالن کان پوءِ
ٻيهر ڏسنداسين يا ائين کڻي چئجي ته 20 ڪروڙ سالن
کان پوءِ ڪهڪشان وري ساڳيءَ جاءِ تي پهچندو آهي.
پڇڙ تارن بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟
هڪ دور اهڙو به هو، جنهن ۾ ماڻهو پڇڙ تاري کي ڏسي ڊڄي ويندا
هئا. انهن جو عقيدو هو ته، پڇڙ تارا طاعون جنگين ۽
موت جو بد سوڻ آهن.
اڄ اسان کي پڇڙ تارن جي اصل حقيقت معلوم ٿي چڪي آهي، توڙي جو
اڃا تائين سڀني سوالن جا جواب ملي نٿا سگهن. جڏهن
ڪو پڇڙ تارو ظاهر ٿيندو آهي ته، شروع ۾ اهو روشني
جي هڪ ننڍڙي نقطي جهڙو هوندو پر حقيقت ۾ انهيءَ
جو قطر ڪيترائي هزار ميل هوندو آهي.
روشنيءَ جو اهو نقطو پڇڙ تاري جو مٿو يا نيو ڪليئس هوندو آهي.
سائنسدانن جو اندازو آهي ته، اهو نهري مادي جي
ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن جو هڪ وڏو جهڳٽو آهي ۽ گئسن
انهن ٽڪرن کي گڏي ڇڏيو آهي. اهو راز به اڃا تائين
معلوم ٿي ناهي سگهيو ته اهو مادو ڪٿان آيو.
جڏهن پڇڙ تارو سج جي ويجهو پهچندو آهي، ته گهڻو ڪري پويان پڇ
نظر ايندو اٿس. اهو پڇ نهايت گهاٽين يا ٿلهين گئسن
۽ انهيءَ جي نيو ڪليئس مان نڪرندڙ مادي جي سنهڙن
ذرڙن سان ملي ٺهندو آهي،پڇڙ تاري جي نيوڪليئس جي
چوڌاري هڪ ٽيون حصو
Coma هوندو آهي. اهو مادي جو چمڪندڙ بادل آهي. ان جو قطر ڪڏهن ڪڏهن
ڏيڍ لک ميل يا انهيءَ کان به وڌيڪ هوندو آهي.
پڇڙ تارن جو پڇ مختلف شڪلين ۽ مختلف سائيزن جو ٿيندو آهي. ڪجهه
ننڍا ۽ ٿلها، جڏهن ته ڪجهه ڊگها ۽ سنهڙا ٿين ٿا.
انهن جي ڊيگهه گهڻو ڪري 50 لک ميل ٿيندي آهي. ڪڏهن
ڪڏهن اهو پڇ 10 ڪروڙ ميلن تائين ڊگهو ٿي ويندو
آهي. ڪجهه پڇڙ تارن کي پڇ ناهي ٿيندو.
پڇڙ تاري جي پڇ جي ڊگهي هئڻ سان گڏوگڏ رفتار به وڌندي ويندي
آهي، ڇاڪاڻ ته، اهو سج ڏانهن وڌي رهيو هوندو آهي،
تڏهن هڪ دلچسپ ڳالهه اها هوندي آهي، ته جڏهن ڪو به
پڇڙ تارو سج کان پري ٿي وڃي ٿو ته، انهيءَ جو مٿو
پويان ۽ پڇ اڳئين پاسي هوندو آهي. انهيءَ جو ڪارڻ
اهو آهي ته، سج کان ايندڙ روشني جو داٻ ايتري قدر
شديد ٿيندو آهي، جو پڇڙ تاري جي پڇ ۾ موجود سڀئي
ننڍڙا ننڍڙا ذرڙا سج واري پاسي کان پري هليا ويندا
آهن.
جڏهن پڇڙ تارا سج کان پري هليا ويندا آهن، ته انهن جو پڇ اڳيان
هوندو آهي. سج کان پري سفر دوران پڇڙ تارن جي
رفتار آهستي آهستي گهٽجندي ويندي آهي ۽ پوءِ نظر
کان اوجهل يا غائب ٿي ويندا آهن. پڇڙ تارا
ڪيترائي سال نظرن کان اوجهل رهي سگهن ٿا، پر گهڻا
ٻيهر ظاهر ٿي ويندا آهن، پڇڙ تارا مسلسل سج جي
چوڌاري چڪر لڳائيندا رهندا آهن، انهن کي هڪ چڪر
پورو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو عرصو گهربل هوندو آهي،
مثال طورر: هيليڪا پڇڙ تارو 75 سالن ۾ سج جي
چوڌاري هڪ چڪر پورو ڪري ٿو.
موجوده دور ۾ فلڪيات جي ماهرن گهڻو ڪري 1000 پڇڙ تارن جي فهرست
ٺاهي آهي پر اسان جي شمسي سرشتي ۾ ڪيترائي لک پڇڙ
تارا موجود آهن، جن کي اسين ڏسي نٿا سگهون.
ٽٽل ستارا ڇا آهن؟
انسان هزارين سالن کان آسمان تان ٽٽي ڪرندڙ ستارن کي ڏسندو آيو
آهي. هو حيرت وچان انهن تي سوچيندو رهيو آهي، هنن
بابت هڪ دور ۾ اهو عقيدو هو ته، اهي ڪنهن ٻي دنيا
مان اچن ٿا.
اڄ اسان ڄاڻي چڪا آهيون ته، اهي ستارا ناهن، انهن کي ”شهاب
ثاقب“ چئبو آهي. اهي خلا ۾ سفر ڪندڙ ننڍا ننڍا
نهرا ۽ سخت جسم آهن. اهي زمين جي گولي تان به گذري
سگهن ٿا.
شهاب ثاقب جڏهن اسان جي فضا ۾ اچن ٿا، تڏهن انهن کي ڏسي سگهون
ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي روشنيءَ جي ليڪ پويان ڇڏيندا
آهن، اها روشني هوا سان گاٺ جي ڪري پيدا ٿيندي
آهي.
عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته شهاب ثاقب جا ذرڙا تمام ننڍڙا، پِنَ
جي مٿي جيترا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو وزن
ڪيترائي ٽن ٿيندو آهي. گهڻا شهاب ثاقب زمين جي فضا
مان گذرڻ وقت گرم ٿي سڙي ويندا آهن، فقط وڏا شهاب
ثاقب ئي ڪڏهن ڪڏهن زمين تائين پهچي سگهندا آهن.
سائنسدانن کي يقين آهي ته، هر روز هزارين شهاب ثاقب زمين تي
ڪرندا آهن، پر زمين جي گهڻي سطح تي پاڻي هئڻ جي
ڪري اهي گهڻو ڪري سمنڊن ۽ ڍنڍن ۾ ڪري پوندا آهن،
ڪڏهن ڪڏهن شهاب ثاقب اڪيلائي آسمان تي ظاهر ٿيندا
آهن ۽ ڪنهن به پاسي سفر شروع ڪندا آهن پر اڪثر
انهن جو تعداد هزارن ۾ هوندو آهي. زمين سج جي
چوڌاري گردش دوران انهن جٿن جي ويجهو اچي ويندي
آهي ۽ اهي زمين جي فضا جي مٿئين تهن تي اچي ٻري
پوندا آهن.
شهاب ثاقب ڪٿان ايندا آهن؟ هاڻي فلڪيات جي ماهرن جو خيال آهي
ته، مخصوص عرصي کان پوءِ ايندڙ شهاب ثاقبن جا جٿا
پڇڙ تارن جا ٽٽل ٽڪرا آهن، جڏهن پڇڙ تارا ٽٽندا
آهن ته، انهن جا لکين ٽڪر خلا ۾ هيڏانهن هوڏانهن
ڦرندا رهندا آهن. انهن ٽڪرن جا ميڙ خلا ۾ باقاعدي
مدارن يا رستن تي هلندا آهن. اهڙي قسم جو جٿو 33
سالن کان پوءِ زمين جي رستي کان ٽپندو آهي.
شهاب ثاقب زمين جي ڪشش ثقل جي ڪري ان ڏانهن ايندا آهن. 467 قبل
مسيح ۾ هڪ شهاب ثاقب زمين تي ڪريو هو ۽ رومي مورخن
ان کي اهم واقعو قرار ڏنو هو.
سج چمڪندڙ ڇو آهي؟
جڏهن توهين رات جو چمڪندڙ ستارن ۽ چمڪندڙ چنڊ کي ڏسندا آهيو ته،
اوهان هڪ ئي شيءِ ڏسي رهيا هوندا آهيو. انهيءَ
ڳالهه تي اوهان کي مشڪل سان يقين ايندو.
سج اصل ۾ هڪ سيارو آهي، پر حقيقت اها آهي ته، هي زمين جي تمام
ويجهو ستارو آهي، جيئن ته اوهين ڄاڻو ٿا ته،
زندگيءَ جو دارومدار سج تي آهي. سج جي گرمي نه هجي
ها ته، زندگي وجود ۾ نه اچي ها. سج جي روشنيءَ کان
سواءِ ساوا ٻوٽا، جانور ۽ نه وري انسان ئي هجن ها.
اسين جنهن زمين تي رهون ٿا، سج انهيءَ کان 9 ڪروڙ 30 لک ميل پري
آهي. سج جو مايو زمين کان تيرهوڻو وڌيڪ آهي، پر هڪ
اهم ڳالهه اها آهي ته، سج زمين وانگر نهرو جسم
ناهي.
اسان کي اها ڳالهه ائين معلوم ٿئي ٿي ته، سج جي سطح جو گرميءَ
جو درجو 11000 فارن هائيٽ آهي. هي گرميءَ جو درجو
ايترو ته وڌيڪ آهي جو ڪو به ڌاتو يا پٿر گئس ۾
تبديل ٿي وڃي، تنهن ڪري ممڪن آهي ته، سج گئس جو
گلوب يا گولو هجي، ڪجهه ورهيه پهريائين تائين
سائنسدانن کي يقين هو ته، سج جي روشني يا گرمي ڏيڻ
جو سبب ان جو ٻرڻ آهي، پر سج لکين سالن کان گرم
آهي. ڪا به شيءِ ايتري ڊگهي عرصي تائين ٻرندي رهي
نه ٿي سگهي.
اڄ جي سائنسدانن کي يقين آهي ته سج جي گرمي اهڙي عمل جو نتيجو
آهي، جيئن ائٽم بم ۾ ٿيندو آهي. سج مادي کي
توانائيءَ ۾ تبديل ڪري ٿو. هي عمل ٻرڻ جي عمل کان
مختلف آهي، ٻرڻ جو عمل مادي کي هڪ صورت مان ٻيءَ
صورت ۾ تبديل ڪندو آهي، پر جڏهن مادو توانائي ۾
تبديل ٿيندو هجي ته، تمام ٿورڙي مادي مان توانائي
جو تمام وڏو مقدار پيدا ڪري سگهجي ٿو. هڪ آئونس
مادو ايتري توانائي پيدا ڪري سگهي ٿو، جو 10 لک ٽن
پٿر پگهرجي وڃن. تنهن ڪري مادي جو لڳاتار توانائي
۾ تبديل ٿيڻ جو ڪري چمڪندو رهي ٿو، ۽ سج جي ڪل
مادي جو صرف هڪ في سيڪڙو انهيءَ کي 150 ارب سالن
تائين گرم رکڻ لاءِ ڪافي آهي.
اوهين گهم بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
جيڪڏهن توهين شيشي جي ٿانو ۾ برف وجهي ميز تي ڪجهه وقت رکو ته،
ڇا ٿيندو؟ ٿانوَ جي ٻاهرين طرف بخار گڏ ٿي ويندا
آهن ۽ انهن بخارن کي گهم چئبو آهي.
اها گهم ڪٿان آئي؟ هن سادي سودي سوال جو جواب اهو آهي ته، هوا ۾
آبي بخارن جي صورت ۾ هر وقت گهم موجود رهي ٿي.
بخار شيشي جي ٿانو جي ٿڌيءَ سطح تي ڄمي پوڻ جي ڪري
ڏيکاربا آهن، پر هوا ۾ موجود گهم نظر ناهي ايندي.
اها هر جاءِ تي ايتري تائين جو ڏن وڏن صحرائن ۾ به
موجود هوندي آهي.
هوا ۾ گهم هميشه موجود هوندي آهي، پر هڪ جيتري ناهي هوندي.
انهيءَ لاءِ به مطلق
(Absolute)
۽ نسبتي
(Relative)
گهم اصطلاح استعمال ڪيا ويندا آهن. هاڻي اچو ته
سمجهون ته انهن جو مطلب ڇا آهي. هوا جي هر ڪعب فوٽ
۾ گهڻا ئي
Grains
موجود آهن، جيڪڏهن هوا ۾ چار
Grains في ڪعب فوٽ آهن ته، توهان کي اهو سمجهه ۾ نه ايندو ته توهان
خوشگوار محسوس ڪندا يا نه. توهان جي جسم مان گهم
جيتري آسانيءَ سان خارج ٿيندي اوترو ئي توهان وڌيڪ
آرام محسوس ڪندا. هوا جي بخارن واري طاقت جو
دارومدار گرميءَ جي درجي تي آهي. مطلق گهم انهيءَ
بابت ڪجهه نٿي ٻڌائي البت نسبتي گهم في سيڪڙو
ٻڌائيندي آهي، مڪمل طور تي آبي بخارن ۾ ٽٻيل هوا ۾
سو سيڪڙو گهم هوندي آهي. گرميءَ جو درجو جيتري قدر
وڌيڪ هوندو اوترو ئي وڌيڪ آبي بخار کڻي سگهندو،
تنهن ڪري گرم ڏينهن ۾ 90 سيڪڙو گهم جو مطلب سخت
هٻس (ٻوسٽ) آهي. اهڙي ڏينهن ۾ اوهين سخت تڪليف
محسوس ڪندا آهيو.
نوري سال ڪيئن دريافت ٿيو؟
اسين روشنيءَ بابت وضاحت سان ڪجهه چئي نٿا سگهون، پر انهيءَ جي
پيمائش ڪرڻ ممڪن آهي، اسان کي گهڻو صحيح اندازو
آهي ته روشنيءَ جي رفتار ڪيتري آهي، جيئن ته نوري
سال فقط هڪ سال ۾ روشنيءَ جي شعاعن جو طئه ڪيل
مفاصلو آهي، تنهن ڪري هن جي دريافت جو تعلق
روشنيءَ جي رفتار ماپڻ سان آهي.
هي ڪارنامو فلڪيات جي ماهر اوليئس روئمر 1676ع ۾ سرانجام ڏنو.
هن سوچيو ته جيوپيٽر جي هڪ چنڊ گرهڻ اوتري ئي دير
رهندي آهي، جيتري دير زمين سج جي سامهون جيوپيٽر
جي مخالف طرف ۾ پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندي رهندي
آهي، پوءِ جڏهن زمين پنهنجي اڳينءَ حالت ۾ واپس
اچي ته ٻيهر شيڊيول ۾ ايندي.
گڏ ڪيل وقت ۾ گهڻو ڪري 17 منٽن جو فرق نڪتو. انهيءَ جو مطلب اهو
ٿي سگهي ٿو ته، روشنيءَ کي زمين جي مدار جي نيم
قطر جو مفاصلو طئه ڪرڻ ۾ ايترو وقت لڳو جو صحيح
طرح اهو مفاصلو 186000000 ميلن جي لڳ ڀڳ هو. جيئن
ته روشنيءَ کي گهڻو ڪري 1000 سيڪنڊ (اندازي مطابق
17 منٽ) لڳا هوندا. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته،
روشنيءَ جي رفتار گهڻو ڪري 186000 ميل في سيڪنڊ
هئي.
پروفيسر البرٽ مائيڪلسن روشنيءَ جي رفتار جو صحيح اندازو لڳائڻ
۾ ڪي ئي سال لڳايا. هن هڪ ٻيو طريقو استعمال ڪري
186284 ميل في سيڪنڊ جو حساب لڳايو. هاڻي انهيءَ
کي بالڪل درست سمجهيو وڃي ٿو.
هاڻي اسين انهيءَ رفتار کي هڪ سال ۾ سيڪنڊن سان ضرب ڪنداسين ته
سال دوران روشنيءَ جو طئه ڪيل مفاصلو معلوم ٿي
ويندو. اهو آهي 5880000000000 (يعني 58 کرب 80
ارب) ميل. انهيءَ کي نوري سال چئبو آهي.
بادل کِنوڻِ کانپوءِ ڇو گجندا آهن؟
کنوڻ جو کنوڻ ۽ بادل جو گجڻ اهي ابتدائي شيون آهن، جن قديم دور
۾ انسان کي خوف ۽ حيرت ۾ وِڌو، چمڪو ڏسڻ ۽ گاج
ٻڌڻ سان هو سوچيندو هو ته، ديوتائون ضرور ڪاوڙ ۾
آهن. اهي چمڪي ۽ گجي انسان کي سزا ڏيئي رهيا آهن.
بجلي ۽ گاج جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ انسان کي برقي وهڪ جي حوالي
سان هڪ حقيقت کي ذهن ۾ رکڻو پوندو. اسان کي خبر
آهي ته شيون واڌو ۽ ڪاٽو طور تي اليڪٽراني چارج
ٿيل هونديون آهن. واڌو چارج، ڪاٽو چارج لاءِ
زبردست ڪشش رکندي آهي.
چارج ٿيڻ تي هيءَ ڪشش اڃا به وڌيڪ طاقتور ٿي ويندي آهي. آخرڪار
هڪ اهڙو نڪتو ايندو آهي، جتي انهن جي وچ ۾ حائل
هر شيءِ جهڙوڪ: هوا انهن کي الڳ الڳ رکي نه ٿي
سگهي. هڪ ڊسچارج انهيءَ داٻ کي ختم ڪندو آهي ۽
ٻنهي جسمن کي بجليءَ جي لحاظ کان برابر بنائي
ڇڏيندو آهي.
کنوڻ چمڪڻ جي معاملي ۾ به ائين ئي ٿيندو آهي. گهم جي بي شمار
ڦڙن تي مشتمل هڪ بادل تي ٻئي بادل يا زمين جي ابتڙ
چارج ٿيندي آهي. ٻنهي جي وچ ۾ بجليءَ جو داٻ جڏهن
وچ واري موجود هوا جي رڪاوٽ کي ٽوڙڻ جي حد تائين
پهچي ويندو آهي ته کنوڻ چمڪندي آهي. ڊسچارج انهيءَ
رستي هلندو آهي، جتان گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽ هجي. اهو ئي
سبب آهي جو کنوڻ اِنگڙِ وِنگڙِ ٿيندي آهي.
بجلي کڻي وڃن لاءِ هوا جي صلاحيت جو دارومدار انهيءَ جي گرميءَ
جو درجي، گهاٽائي ۽ گهم تي آهي. گهميل هوا ۾ بجلي
تمام گهڻو تيزيءَ سان سفر ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي
جو گهڻو ڪري مينهن شروع ٿيڻ تي کنوڻ چمڪڻ بند ٿي
ويندي آهي، گهميل هوا هڪ پسرائيندڙ ڪنڊڪٽر
بنائيندي آهي، جنهن وسيلي بجلي جي چارج آرام سان
نظر اچڻ کان سواءِ سفر ڪندي آهي.
بادل ڇو گجندا آهن؟ جڏهن بجلي جو ڊسچارج موجود هجي ته اردگرد جي
هوا تيزيءَ سان ڦهلجندي ۽ سسندي آهي. واڌ ۽ سوس
ٿيڻ تي هوا تيزيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ٿيند ي
آهي. انهن جهوٽن جو زوردار ٽڪاءُ ئي گاج جو ڪارڻ
آهي، گاج جو آواز آهستي آهستي گهٽجڻ ۽ وڌڻ جو سبب
اهو آهي ته، جڏهن اها پري هوندي آهي ته، آواز جون
لهرون هڪ بادل کان ٻئي بادل تائين اڳتي پوئتي عڪس
ڇڏينديون آهن.
روشنيءَ جي رفتار 186284 ميل في سيڪنڊ ۽ هوا ۾ آواز جي رفتار
1100 فوٽ في سيڪنڊ هوندي آهي، تنهن ڪري اسان کي
هميشه چمڪو پهرين نظر ايندو آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ
گاج ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
اوهان کي خبر آهي ته انڊلٺ ڇا آهي؟
قدرت جي ڪارنامن مان انڊلٺ به هڪ حسين ۽ دلچسپ نظارو آهي. شروع
کان انسان هن بابت سوچيندو آيو آهي. عظيم يوناني
فلاسفر ارسطو به انڊلٺ جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي. هن سوچيو ته اها سج جا شعاع مينهن سان
ٽڪرائجڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي ۽ هن جو خيال غلط هو.
حقيقت ۾ سج جي روشني يا عام سفيد روشني سڀني رنگن جو مجموعو
ٿيندي آهي. توهان جيڪڏهن صابڻ جي بڙبڙي سان
روشنيءَ کي ٽڪرائجندي ڏٺو هوندو ته، اڇي روشني
مختلف رنگن ۾ ورهائجي ويندي آهي. اسين ڳاڙهو،
نارنگي، پيلو، سائو رنگ ڏسندا آهيون.
اهڙي انداز ۾ روشنيءَ کي ورهائي سگهڻ واريءَ شيءِ کي ”منشور“
(Prism) چئبو آهي. انڊلٺ رنگن جي هڪ ڪمانيدار پٽي آهي، جيڪا مينهن ڦڙن
مان گذرڻ واري روشني ورهائجڻ سان ٺهي ٿي. مينهن
ڦڙا منشور جو ڪم ڏيندا آهن.
انڊلٺ تڏهن ڏيکاربي آهي يا ٺهندي آهي، جڏهن مينهن وسڻ دوران سج
ظاهر ٿئي، سج توهان جي پويان ۽ مينهن آڏو واري طرف
هئڻ گهرجي. سج توهان جي ڪلهي جي مٿان مينهن ڦڙن ۾
چمڪندو آهي. جيڪو روشنيءَ کي مختلف رنگن جي پٽيءَ
۾ بدلائي ٿو. سج توهان جي اکين ۽ انڊلٺ جي وچ واري
نقطي کي سڌائي ۾ هئڻ گهرجي.
جيڪڏهن سج آسمان تي تمام گهڻو مٿي هجي ته سڌ پيدا ناهي ٿيندو.
اهو ئي سبب آهي جو انڊلٺ اڪثر ڪري صبح سوير يا شام
جو نظر ايندي آهي. صبح واري انڊلٺ جو مطلب آهي ته
سج اوڀر ۾ چمڪي رهيو آهي ۽ مينهن اولاهان وَسي
رهيو آهي، ٻيپهري واري انڊلٺ جو مطلب آهي ته سج
اولاهان ۽ مينهن اوڀاران آهي.
توهم پرست ماڻهن جو يقين آهي ته انڊلٺ بدبختيءَ جو اشارو آهي.
انهيءَ جي خيال ۾ روح انڊلٺ جي پل تي چڙهي آسمان
تي هليا ويندا آهن ۽ جڏهن انڊلٺ ظاهر ٿئي ته
انهيءَ جو مطلب يقيني مطلب ڪنهن جو موت آهي.
اسان وٽ سنڌ ۾ به انهيءَ بابت مختلف ڏند ڪٿائون آهن. ڪن ماڻهن
يا ايئن کڻي چئجي ته ڪن قبيلن جو نظريو آهي ته،
اها حضرت امام حسين ۽ امام حسن جي هندوري جي واڳ
آهي.
ڇا سڀئي بادل مينهن وسائيندا آهن؟
پهرين ته اسين اهو ڏسون ته بادل ڇا آهي؟ بادل هڪ گهاٽو ڌنڌ آهي،
توهان کي خبر آهي ته هوا ۾ هيشه آبي بخار موجود
هوندا آهن، گرميءَ جي مند ۾ هوا ۾ بخار وڌي ويندا
آهن. ڇاڪاڻ ته، گرميءَ جو درجو وڌي ويندو آهي.
جڏهن هوا ۾ گهم وڌي وڃي ته گرميءَ جي درجي ۾ ٿورڙي
به گهٽتائي بخارن کي
Condense
يا گهاٽو ڪري ننڍن ننڍن ڦڙن ۾ تبديل ڪري ٿي.
جڏهن اهو پاڻي ڦڙن سان ڀريل گهٽ گرميءَ جي درجي واري اوچائي تي
وڃي ٿو ته، گهٽائي اڃا به وڌي ويندي آهي ۽ بادل
ٺهندا آهن. پاڻيءَ جا ماليڪيول ملي پاڻيءَ جا ڦڙا
ٺاهن ٿا.
جيڪڏهن بادل ۾ موجود پاڻيءَ جا ڦڙا گرم هوا سان ملن ٿا ته، اهي
بخارن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ بادل غائب ٿي ويندا
آهن، تنهن ڪري بادلن جي شڪل مسلسل بدلجندي رهندي
آهي. انهيءَ ۾ موجود پاڻي ڪڏهن بخارن ۾ ۽ ڪڏهن وري
پاڻياٺ ۾ تبديل ٿيندو رهندو آهي.
ڪنهن بادل ۾ پاڻيءَ جي ڦڙن جو وزن هوندو آهي، تنهن ڪري زمين جي
ڪشش ثقل کين وسڻ تي مجبور ڪندي آهي. ڪجهه بادلن
مان پاڻي جا ڦڙا زمين ڏانهن ايندي گرم هوا مان
گذرڻ دوران وري بخارن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، تنهن
ڪري بادل مينهن ناهن وسائيندا.
جيڪڏهن بادل جي هيٺان هوا وڌيڪ گرم ناهي ته پوءِ پاڻيءَ جا ڦڙا
بخارن ۾ ناهن بدلجندا، پر گهاٽاڻ جي ڪري وڏا ٿي
ويندا آهن، ۽ اهي زمين تي ڪرڻ لڳندا آهن.
مينهن کي ڪيئن ماپيندا آهن؟
مينهن جي ماپ هڪ اوزار مينهن پيمان
(Rain Gauge)
سان ڪئي ويندي آهي. هي هڪ خالي ٽيوب جي شڪل جهڙو
ٿيندو آهي. انهيءَ جو هيٺيون ڇيڙو بند ۽ هيٺين
ڇيڙي تي هڪ
Funnel
لڳل هوندي آهي.
مينهن پيمان
(Rain Gauge)
کي کليل جاءِ تي رکيو ويندو آهي ۽ هڪ اسڪيل انهيءَ
ڪرندڙ مينهن جو مقدار ٻڌائيندو آهي. موسميات جي
محڪمي جو چوڻ آهي ته هڪ انچ مينهن مخصوص علائقي تي
پاڻيءَ جو هڪ انچ ٿلهو تهه وِڇائڻ لاءِ ڪافي آهي.
جنهن جاءِ تي ساليانو 10 انچن کان گهٽ بارش پوي، انهيءَ کي صحرا
چئبو آهي. 10 کان 20 انچ مينهن چراگاهه ٺاهڻ لاءِ
ڪافي آهي. جڏهن ته، گهڻن علائقن ۾ پوکي راهي لاءِ
20 انچن کان وڌيڪ بارش گهربل هوندي آهي.
جيڪڏهن گرميءَ جي مند ۾ 100 انچن کان وڌيڪ مينهن وسي ته، ساوڪ
ايتري گهاٽِ ٿي ويندي آهي جو ٻوٽن جو ساهه گهٽجڻ
لڳندو آهي، برازيل وچ آفريڪا ۽ هندستان جي جهنگن ۾
اهو معاملو عام آهي. هندستان جي هڪ علائقي ۾
ساليانو 450 انچ مينهن پوي ٿو. انهيءَ جي ڀيٽ ۾
مصر ۾ صرف ڏيڍ انچ مينهن پوي ٿو.
ماڪ ڇا آهي؟ اوهين ماڪ بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
ماڪ جو نالو وٺندي اوهين آسانيءَ سان سمجهي ويندا ته، اسين ڪنهن
بابت ڳالهه ڪري رهيا آهيون، پر اوهان کي خبر هجي
ته، اوهين غلط سوچي رهيا آهيو. يا ائين چئون ته،
اوهان جي راءِ غلط آهي. حقيقت ۾ اوهان جو قصور به
ناهي، اهي رايا شروع کان وٺي غلط سرجيا ويا آهن ۽
انهن بابت ڪيترائي سڄا سارا ڪتاب لکيا ويا آهن.
ارسطو جي دور ۾ تقريبا 2000 سال پهريائين تائين پَڪَ سان چيو
ويندو هو ته ”ماڪ به مينهن وانگر ڪرندي آهي“ پر
حقيقت ۾ ماڪ ڪرندي ناهي، عام طرح تي توهان صبح جو
سوير ٻوٽن جي پنن تي نظر ايندڙ ڦڙن کي ماڪ چوندا
آهيو، پر هاڻي انهيءَ کي ماڪ نه ٿو سمجهيو وڃي.
ماڪ جي حقيقت کي سمجهڻ کان پهرين اسان کي پنهنجي چوڌاري موجود
هوا بابت ڪجهه ڄاڻڻ ضروري آهي. هوا ۾ گهم جو هڪ
خاص مقدار هوندو آهي. گرم هوا، ٿڌي هوا جي ڀيٽ ۾
ڪيترو ئي وڌيڪ گهم کڻي سگهندي آهي، جڏهن هوا ڪنهن
ٿڌيءَ سطح سان ٽڪرائجي ٿي ته، ڪجهه هوا گهاٽي ٿي
وڃي ٿي ۽ انهيءَ ۾ موجود گهم ننڍڙن ڦڙن جي صورت ۾
سطح تي لڳي پوي ٿي. اها آهي ماڪ، ٿڌي سطح جو
گرميءَ جو درجو هڪ مخصوص حد کان هيٺ ڪرڻ تي ئي
ماڪ ٺهندي آهي. مثال طور توهين هڪ گلاس يا پالش
ڪيل ڌاتوئي ٿانوَ ۾ پاڻي رکو ته انهيءَ جي سطح تي
ماڪ گڏ نه ٿيندي. پاڻيءَ ۾ ٿورڙي برف رکجي ته به
ايتري دير تائين ائين نه ٿيندو، جيستائين گلاس يا
ٿانو جي سطح جو گرميءَ جو درجو مخصوص حد تائين نه
ڪيرائجي. انهيءَ حد کي
(Dew Point) چئبو آهي.
فطرت ۾ ماڪ ڪيئن ٺهندي آهي؟ پهرين ڳالهه ته اها آهي ته، گهم
سان سٿيل گرم هوا هئڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ هوا
کي ٿڌي سطح سان ٽڪرائجڻ گهرجي. ڪچي مٽيءَ يا اڱڻ
تي ماڪ ناهي ٺهندي، ڇاڪاڻ ته، سچ لهڻ کان پوءِ به
گرمي رهندي آهي، پر گاهه جي پنن تي ماڪ اچي سگهي
ٿي، جيڪي ٿڌا ٿي ويندا آهن.
ته پوءِ اسين ٻوٽن تي نظر ايندڙ ماڪ کي ماڪ ڇو چئون ٿا؟ سبب اهو
آهي ته صبح وقت ٻوٽن ۾ نظر اچڻ واري گهم جو ٿورڙو
حصو ماڪ ٿيندو آهي، جڏهن ته گهڻو حصو خود ٻوٽن مان
اندران پيدا ٿيل هوا آهي، پنن جي سوراخن ۾ گهم اچي
وڃي ٿي. اها پنن کي زمين مان پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ
ٻوٽي جي پاڻيءَ جي سرشتي جو هڪ سلسلو آهي. اهو عمل
ڏينهن جو شروع ٿئي ٿو ته، ته جيئن پنن جي سطح سج
جي گرمي برداشت ڪري سگهي. اهو عمل رات جو به جاري
رهي ٿو.
دنيا جي ڪجهه علائقن ۾ رات جو ايتري مقدار ۾ ڌنڌ ٿي ويندو آهي،
جو انهيءَ کي گڏ ڪري جانورن کي پيئاريو ويندو آهي. |