حصو چوٿون
ڪيميا
اوهين رٻڙ بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
رٻڙ تمام گهڻو قديم آهي. انهيءَ جي قدامت صحي ڪا حد مقرر ڪري
نٿي سگهجي.
جڏهن ڪولمبس ٻيو ڀيرو دنيا جي بحري سفر تي روانو ٿيو ته، هن
هيٽيءَ جي ماڻهن کي گولي سان کيڏندي ڏٺو، جيڪو هڪ
وڻ جي کونر مان ٺاهيو ويو هو. پر انهيءَ کان پهرين
ڏکڻ- اوڀر ايشيا جا ماڻهو هڪ قسم جي وڻ جي رسُ مان
تيار ڪيل رٻڙ بابت چڱي ڄاڻ رکندا هئا، ۽ انهيءَ
کي، ٽوڪرين ۽ برنين کي واٽر پروف بنائڻ لاءِ
استعمال ڪندا هئا.
رٻر چار سئو کان وڌيڪ جڙي ٻوٽين ۽ وڻن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو.
پر اهو انهن وڻن مان مختلف مقدار ۾ ملي ٿو. رٻڙ هڪ
لڳ لڳدار – لچڪدر نهري شيءَ اهي، جيڪو
“Latex”
نالي هڪ ڏڌ جهڙي پاڻياٺ مان ٺاهيو وڃي ٿو.
“Latex”
وڻن ۽ ٻوٽن جي کل، پاڙن، ٿڙن، ٽارين پنن ۽ گلن ۾
هوندو آهي، پر گهڻو ڪري رٻر ٻوٽي ۽ وڻن جي ٿڙن ۽
ٽارين جي اندروني کل ۾ ملي ٿو.
“Latex”
پاڻياٺ يا نيم پاڻياٺ مادي جي ذرڙن تي مشتمل هوندو
آهي.
“Latex” ۾ صرف
33% سيڪڙو رٻڙ ۽
66% سيڪڙو سيڪڙو پاڻي هوندو آهي. انهن ذرڙن کي گڏ ڪري هڪ گولو
ٺاهيو ويندو آهي.
سٺي ۾ سٺو رٻر خط استوا جي ٻنهي پاسي ست ست سئو ميل ڦهليل
علائقي ۾ ٿئي ٿو. انهيءَ علائقي کي رٻڙ بيلٽ چئبو
آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته، رٻر کي گرم آبهوا
۽ تمام گهڻي زرخيز مٽيءَ جي ضرورت هوندي آهي. اهو
رٻڙ
(Heava Brasiliensis)
نالي هڪ وڻ مان حاصل ٿئي ٿو. اهو وڻ سڀ کان پهرين
برازيل ۾ هيو. اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ رٻر جي ڪل
پيداوار جو
96%
سيڪڙو اهو ئي وڻ فراهم ڪري ٿو. دنيا ۾ رٻڙ مان
مختلف شيون تيار ڪرڻ وارا پهريان ماڻهو گورا هئا،
جيڪي هڪ اندازي مطابق فرانسيسي هئا.
ڪيمسٽري
(Chemistry)
بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟
پراڻي زماني جي مفڪرن جو خيال هو ته، پتل، ٽامي يا ڪجهه ٻين
ڌاتن کي ڪجهه جڙي ٻوٽين جي مدد سان سون ۾ بدلائي
سگهجي ٿو، تنهن ڪري ڇهين صدي عيسوي جي مسلمان
سائنسدانن جي ڪوشش اها رهي ته، ڪيئن به ڪري سون
ٺاهجي. اهي سون ته نه ٺاهي سگهيا پر انهيءَ ڪوشش ۾
انهن تجربيگاهه ۾ ڪم ڪرڻ جا اهڙا طريقا ڳولهي لڌا
جيڪي موجوده دور جي سائنسي ترقي جو بنياد بڻيا.
انهيءَ سلسلي ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مختلف قسمن جي
شين کي ملائي هڪ نئين شيءِ ٺاهڻ جو رواج پيو.
اهڙيءَ طرح ڪاغذ، چمڙو، رٻڙ، نيل پالش، سيمينٽ،
ڀاڻ ۽ هر قسم جو فولاد وغيره ٺاهڻ جو رواج پيو.
هن علم کي شروع ۾ ڪيما گري
(Alchemy)
جو نالو ڏنو ويو. گهڻن محققن جو خيال آهي ته، هي
لفظ يوناني ٻوليءَ جي لفظ
“Cheo”
مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وجهان ٿو“ ، يا
”مان ڍلائي ڪريان ٿو“ ڪجهه محققن جو وري چوڻ آهي
ته، پهريان ڌاتو گر ئي ڪيما گريءَ جو بنياد وجهڻ
وارا هئا. ڪن محققن جو وري خيال آهي ته اهو لفظ
اصل ۾ مصر جي قديم نالي
“Khem” ڪاري زمين مان ورتل آهي.
انهيءَ مان ظاهر آهي ته، ڪيمياگريءَ جي شروعات مصر مان ٿي، پوءِ
جڏهن مسلمان عربن سائنس خاص طرح ڪيمياگري ۾ مهارت
حاصل ڪئي ته هنن ال
(al) اڳياري هنئين. اهڙيءَ طرح ”الڪيميا“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آئي.
پوءِ وري جڏهن باقاعدي علم ڪيميا جي شاخ جو بنياد
پيو ته ”ال“ اڳياڙي هٽائي ويئي ۽ ڪيميا
(Chemistry)
نالو رکيو ويو. اڄڪلهه علم ڪيميا
(Chemistry) سائنس جي شاخن مان سڀ کان اهم شاخ آهي.
ماهرن جي تحقيق مطابق علم ڪيميا جي شروعات 100ع ۾ مصر جي شهر
اسڪندريه ۾ ٿي. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته، هن علم جي
ابتدا ٽين ۽ پنجين صدي ق. م ۾ چين ۾ ٿي. پوءِ اٺين
صدي عيسوي ۾ عربن ڪيميا گري ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي
۽ چوڏهين صدي عيسوي تائين هنن تجربن ۽ مشاهدن
وسيلي هن ۾ قيمتي اضافو ڪيو. جڏهن عرب ڪيميا گرن
جون تحريرون يورپ ۾ پهتيون ته. هنن انهن مان فائدو
ورتو. عرب ڪيميا دانن ۾ بربن حيان جو نالو سرفهرست
آهي. جديد ڪيميادانن جي بانين مان پريسٽلي، بوائل،
لوازي جا نالا قابل ذڪر آهن.
اڄ جي دور ۾ علم ڪيميا ايتري ته وسيع صورت اختيار ڪري چڪو آهي
جو هن جون ڪيتريون ئي شاخون ٿي ويون آهن. اهي
شاخون هن طرح آهن:
نامياتي ڪيميا- غير نامياتي ڪيميا- طبعي ڪيميا- اطلاقي ڪيميا-
حياتياتي ڪيميا- نيو ڪليائي ڪيميا- تجزياتي ڪيميا-
ريڊيائي ڪيميا- جسمي ڪيميا- غذائي ڪيميا- سطحي
ڪيميا.
اوهان کي خبر آهي ته، دونهون ڇا آهي؟
دونهون ڪجهه تيلن جي سڙڻ ۽ ٻرڻ جو اڻ مڪمل نتيجو آهي، انهيءَ
جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن اسين گهڻو ڪري عام
استعمال ٿيندڙ تيل مڪمل طور تي ساڙيون ته دونهون
پيدا نه ٿيندو.
تيلن ۾ گهڻو ڪري ڪاربان، هائڊروجن، نائٽروجن ۽ ٿورڙي سلفر کان
سواءِ شايد ڪجهه معدني خاڪ به هوندي آهي، جيڪڏهن
اهو تيل مڪمل طور تي سڙي به وڃي ته آخري پيداوار
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، آبي بخار ۽ نائٽروجن هوندا
آهن، ۽ اهي هوا ۽ گهم سان گڏجي ڳاري ڇڏڻ وارو ائسڊ
ٺاهيندا آهن.
سڙڻ جو عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ تيل کي تمام گهڻي هوا جو ملڻ ضروري
هوندو آهي، ته جيئن مٿئين گرميءَ جي درجي تي ڀرپور
آڪسيڊيشن
(Oxidation)
ٿي سگهي. اهڙين حالتن کي حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، نتيجي
۾ دونهون پيدا ٿئي ٿو.
ڪنهن شهر ۾ جيڪو دونهون نظر اچي ٿو. اهو سڀ دونهون ناهي هوندو.
نهيءَ ۾ مٽيءَ جا ذرڙا. نباتاتي مواد ۽ ٻيا مادا
به ٿي سگهن ٿا. اهي سڀ ڪشس ثقل جي ڪري آهستي آهستي
ويهندا ويندا آهن. ننڍن شهرن يا ڳوٺاڻن علائقن ۾
هي مواد هڪ سال دوران هڪ چورس ميل علائقي ۾ 75 کان
100 ٽن هوندو آهي. وڏن صنعتي علائقن ۽ شهرن ۾
انهيءَ جو مقدار ڏهوڻو ٿي سگهي ٿو.
دونهون تمام وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿو. هي صحت، ملڪيتن ۽ ٻوٽن
کي خراب ڪري ٿو. وڏن صنعتي شهرن ۾ هي اس جي شدت کي
۽ خاص طرح الٽرا وايوليٽ شعاعن کي گهٽ ڪري ٿو،
جيڪي صحت لاءِ لازمي آهن.
جيڪڏهن هوا دونهين کي نه پکيڙي نه وڏن صنعتي شهرن ۾ هر روز ڌنڌ
هجي، حقيقت ۾ جن جاين تي دونهيندار ڌنڌ هوندو آهي،
اتي ڦڦڙن ۽ دل جي بيمارين سان مرڻ وارن جو تعداد
وڌي ويندو آهي.
ٻوٽن تي دونهين جو تمام گهڻو نقصانڪار اثر ٿيدو آهي. دونهون
ماڻهن ۾ ساهه کڻن جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهندو آهي ۽
گهربل روشني روڪيندو آهي. اڪثر دونهين ۾ موجود
ائسڊ ٻوٽن کي سڌو سنئون نقصان پهچائي ٿو.
موجوده دور ۾ گهڻن ئي شهرن ۾ دونهين پيدا ڪندڙ فضائي آلودگي
خلاف قدم کنيا پيا وڃن.
اوهين سموگ
(Smog)
بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
صنعتي گئسون هڪ قسم جو ڌنڌ ٺاهن ٿيون، انهيءَ ڌنڌ کي
(Smog) چئبو آهي.هن ۾ ساهه کڻڻ سان ماڻهن کي کنگهه ٿيڻ لڳندي آهي،
جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڪجهه مخصوص ذرڙا به موجود هجن ته
اهي زهريلا ثابت ٿي سگهن ٿا.
هوا ۾ دونهون هر وقت موجود هوندو آهي. ٺوس (سخت) مادن جي ننڍڙن
ننڍڙن ذرڙن کي دونهون يا دز چئبو آهي. جيڪي هوا ۾
گردش ڪندا رهندا آهن. دز پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ صنعتن ۾
ٻرڻ يا سڙڻ جو عمل به آهي، توهين فيڪٽرين جي چمنين
مان دز دونهين جي شڪل ۾ نڪرندي ڏسندا هوندا.
اهڙي قسم جي دونهين جو مقدار يقين ڪرڻ کان ٻاهر آهي. توهان کي
خبر هجي ته،نيويارڪ 69 ٽن، شڪاگو 61 ٽن، ۽ لاس
اينجلس 33 ٽن في چورس ميل هر مهيني آهي. شهر جي
صنعتي عمارتن وارن حصن ۾ انهيءَ جو مقدار 200 ٽن
في چورس ميل به ٿي سگهي ٿو.
4 کان 9 ڊسمبر 1952ع دوران لنڊن جي شهر ۾ گهڻو ڪري 1000 ماڻهو
(Smog) جي لپيٽ ۾ اچي مري ويا.
(Smog) هڪ خطرناڪ شيءِ آهي. اهو ئي سبب آهي جو شهرن مان دونهون گهٽائڻ
جي زوردار مهم هلائي وڃي ٿي. انهن کانسواءِ دونهون
اڏائڻ وارين مشينن ۾ اهڙا انتظام ڪيا ويا آهن ته،
جيئن دونهون اُڏي فضا ۾ نه وڃي سگهي پر هوا ۾
خطرناڪ دونهين
(Smog)
جو اڃا تائين حل ناهي لڌو ويو.
اوهين ريڊيم بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
ريڊيم هڪ تابڪاري
(Radioactive)
عنصر آهي. عنصر ائٽمن سان ملي ٺهن ٿا. گهڻو ڪري
ائٽم پائيدار هوندا آهن، جنهن جو مطلب آهي ته اهي
ڪڏهن به تبديل نه ٿا ٿين، پر ڪجهه وزني ائٽم ٽٽي
ٻين قسمن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. ڀڃ ڊاهه جي انهيءَ
عمل کي تابڪاري
(Radioactivity)
چئبو آهي.
هر تابڪار عنصر هڪ مخصوص شرح سان شعاع ڏيڻ ذريعي ٽٽندو آهي.
انهيءَ شرح کي تيز يا سست ڪرڻ جو ڪو به طريقو
معلوم ناهي ٿي سگهيو. ڪجهه تيزيءَ سان ۽ ڪجهه وري
آهستي آهستي تبديل ٿيندا آهن، پر سڀني صورتن ۾
انسان انهيءَ عمل کي ڪنٽرول ڪري نٿو سگهي.
ريڊيم ۾ هميشه ڀڃ ڊاهه جاري رهندي آهي. ايتر تائين جو ريڊيم
شيهي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
مثال طور: اڌ گرام ريڊيم گهٽ وزن وارن ائٽمن کي 1590 سالن ۾
تبديل ڪندو. باقي ريڊيم به 1590 سالن ۾ تبديل ٿي
ويندو ۽ ايندڙ 1590 سالن ۾ هي شيهو بڻجي ويندو.
ريڊيم کي 1896ع ۾ مادام ڪيوري
(Skldowsha Curie)
۽ سندس مڙس پيري ڪوري
(Pierre Curie)
دريافت ڪيو.هو هڪ ٽن
(Pitchblende)
کي صاف ڪري رهيا هئا. جيڪو گهڻو ڪري يورينيم
آڪسائيڊ تي مشتمل هڪ معدنيات ٿيندو آهي. کين
معلوم هو ته، يورينيم مان نظر نه اچڻ وارا شعاع
خارج ٿي رهيا آهن، پر هنن محسوس ڪيو ته اتي ڪو ٻيو
مادو به ضرور موجود آهي، جيڪو وڌيڪ طاقتور آهي،
پهرين کين هڪ ٻيو تابڪاري عنصر پولونئم مليو ۽
آخرڪار هو ريڊيم جو ننڍڙو ذرڙو ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ريڊيم ٽن قسمن جا شعاع خارج ڪري ٿو. الفا، بيٽا، گيما شعاع.
الفا شعاع هيليم گئس جي تيزيءَ سان حرڪت ڪندڙ ذرڙا
(Particles)
آهن، بيٽا شعاع تيز رفتار اليڪٽران آهن ۽ گيما
شعاع ايڪسري جهڙا شعاع آهن، اهي گهڻو ڪري هر شيءِ
گهري ويندڙ ٿيندا آهن. انهن مان ڪو شعاع جڏهن به
خارج ٿيندو آهي ته جنهن ائٽم مان هي نڪرندا آهن.
اهو هڪ مان ٻئي عنصر ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، انهيءَ
کي ”ائٽمي ڪاياپلٽ“ چئبو آهي.
پاڻي ڇا آهي؟
پاڻي هڪ بي ذائقي، بي پوءِ ۽ بي رنگ پاڻياٺ آهي، جيڪو سڀني
جاندارن ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ هوندو آهي. هيءَ
مٽيءَ ۾ هر جاءِ ملي ٿو ۽ هوا ۾ به مختلف مقدارن ۾
ملي ٿو.
هاڻي اچو ته اوهان کي پاڻي جي بناوت بابت ڄاڻ ڏيون، پاڻي ٻن
گئسن جو مرڪب آهي. اهي گئسون آهن: آڪسيجن۽
هائڊروجن. هائڊروجن هلڪي ۽ آڪسيجن وزني آهي. جڏهن
آڪسيجن جو هڪ ائٽم ۽ هائڊروجن جا ٻه ائٽم پاڻ ۾
ملن ٿا ته پاڻيءَ جو ماليڪيول ٺهي ٿو.
ٻين شين وانگر پاڻي به ٽنهي حالتن ۾ ملي ٿو. پاڻياٺ انهيءَ جي
عام حالت آهي، نهري حالت کي برف چئبو آهي ۽ گئس
حالت آبي بخارن کي چئبو آهي. انهن ٻنهي صورتن جو
دارومدار گرمي پد تي آهي. ٻڙي درجي سينٽي گريڊ يا
32 f ڊگري فارنهائيٽ تي هي نهري صورت اختيار ڪري وٺندو آهي. 100
درجا سينٽي گريڊ يا 212 درجا فارنهائيٽ تي گئسي
صورت اختيار ڪري وٺندو آهي. انهيءَ عمل کي بخارن
جو عمل
(Vaporation) چئبو آهي.
جيڪڏهن اوهين برف جي ٽڪري کي ڪمري ۾ رکو ته پگهرجي پاڻي ٿي
پوندو. پاڻيءَ کي جيڪڏهن گرم ڪبو ته ٻاڦ جي صورت
اختيار ڪري وٺندو آهي.
پاڻي نهايت سٺو ڳاريندڙ ۽ جذب ڪندڙ آهي، هي نهرين شين کي پاڻ ۾
ڳاري ڇڏيندو آهي.
باهه ڇا آهي؟
ٻَرَڻ جي عمل کي سائنسي ٻوليءَ ۾ گرميءَ جي شدت
(Combustion) چئبو آهي. انهيءَ جا مختلف قسم آهن، پر اڪثر ڳالهين ۾ هي هڪ
نهايت سادي عمل جو واقع ٿيڻ آهي. يعني آڪسيجن جو
ڪنهن ٻرڻ واري مادي سان ملڻ آهي.
باهه گرمي پيدا ڪندي آهي، جيڪڏهن اهو عمل تيز هجي ته اسان کي
شعلو يا تيز روشني نظر ايندي آهي يا اسين ٻرڻ جي
عمل کي محسوس ڪندا آهيون، جيئن ڪنهن ڌماڪي ۾ ٿيندو
آهي. جڏهن ڪاٺي يا ڪاغذ آڪسيجن سان ملندو آهي ته
گهڻو ڪري شعلو پيدا ٿيندو آهي، پر اسين پنهنجي
گاڏي جي انجڻين ۾ به ٻرڻ جو عمل ڏسندا آهيون.
گوسولين
(Gasoline) هوا مان آڪسيجن حاصل ڪري ٻرندي آهي.
گاڏين جي انجڻين ۾ ٻرڻ جو عمل ايترو ته تيز ٿيندو آهي جو انهيءَ
کي اسين ڌماڪي جو نالو ڏئي سگهون ٿا. ٻئي پاسي ٻرڻ
جو عمل ايتري تائين آهستي ٿيندو آهي جو اسان کي
سالن تائين نظر ايندو آهي. مثال طور: جڏهن لوهه کي
زنگ لڳندو آهي ته اصل ۾ انهيءَ ۾ ٻرڻ جو هڪ سست
رفتار عمل جاري رهندو آهي. جڏهن ٻرڻ جو سست رفتار
عمل ٿيندو آهي ته، نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري گرمي هوا
۾ وڃي نه ٿي سگهي، تنهن ڪري انهيءَ جو گرمي پد،
انهيءَ نقطي تائين پهچي سگهي ٿو، جتي ٻرڻ جو عمل
تيز شروع ٿيندو آهي، انهيءَ کي پاڻ مرادو ٻرڻ جو
عمل چئبو آهي. هي عمل ڪنهن بند جاءِ ۾ رکيل تيل
وارن خراب ڪپڙن جي ڍير ۾ ٿي سگهي ٿو. تيل هڪ سست
آڪسيجائيندڙ يا ٻرڻ جي عمل مان گذرندو ته، نتيج ۾
گرمي ڏيندو آهي، جيئن ته گرمي ٻاهر نه ٿي نڪري
سگهي، تنهن ڪري گڏ ٿيندي ويندي آهي ۽ آخرڪار ايتري
مقدار ۾ گرمي گڏ ٿي ويندي جو ڪپڙا ڀڀڙ ٿي ويندا.
ٻرڻ جي عمل لاءِ آڪسيجن قدرتي عنصر آهي. اسان جي چوڌاري موجود
هوا ۾ تقريبا 21 سيڪڙو آڪسيجن هوندي آهي. اها
آڪسيجن هميشه ٻرڻ کي عمل داخل ٿيڻ لاءِ تيار رهندي
آهي، ٻرڻ يا سڙڻ جي قابل مواد به آڪسيجن جيترو
ضروري آهي. اسين انهيءَ مواد کي
(Inflamable) يعني آتش گير چونداسين، جن آتش گير مادن کي اسين منصوبي سان
ٻاريندا آهيون. انهن کي ٻارڻ چئبو آهي. مثال طور:
ڪاٺيون، ڪوئلو، گاسليٽ پيٽرول ۽ ڪجهه گئسون ٻارڻ
طور استعمال ٿين ٿيون.
ٻرڻ جي عمل دوران هوا مان آڪسجن جا به ائٽم ٻارڻ مان ڪاربان جي
هڪ ائٽم سان ملي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٺاهن ٿا.
اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته اسان جي جسم ۾
گرمي ۽ توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ جاري رهڻ جو عمل به
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٺاهي ٿو، جنهن کي اسين ساهه
وسيلي ٻاهر ڪڍندا آهيون.
آڪسيجن ڇا آهي؟
آڪسيجن ڪائنات ۾ سڀني کان وڌيڪ مقدار ۾ ملندڙ عنصر آهي. آڪسيجن
(Oxygen) يوناني لفظ
Oxygine
مان ورتل آهي.
Oxygine
ٻن لفظن
Oxys
۽
Genes
سان ملي ٺهيو آهي.
Oxys
جي معنيٰ آهي: ”تيز“ ۽
genes
جي معنيٰ آهي: ”پيدا ٿيل، يعني آڪسيجن اها شيءِ
آهي، جنهن جي ڪري تيز ذائقو (کَٽِ) پيدا ٿئي ٿو.
آڪسيجن کي کٽو مادو به چيو وڃي ٿو.
آڪسيجن زمين جي خال جو اڌ ۽ هوا جي ٻنهين حصي تي مشتمل آهي.
هيءَ ساهه وسيلي ڦڦڙن ۾ پهچي ٿي ۽ پوءِ رت جا
ڳاڙها گهرڙا
(Cell)
کيس جسم جي گهرڙن ڏانهن کڻي ويندا آهن. اتي هيءَ
انساني مشينري لاءِ گهربل گرمي ٺاهيندي ۽ کاڌي کي
ساڙيندي آهي.
آڪسيجن آسانيءَ سان ٻين گهڻن عنصرن، سان ملي ويندي آهي، جڏهن
اهڙو واقعو ٿيندو آهي ته، اسين انهيءَ کي آڪسيجڻ
(Oxidation)
چونداسين ۽ هن آڪسيجڻ تمام گهڻو تيزيءَ سان ٿئي
ته، ٻرڻ جو عمل ٿيندو آهي. آڪسيجڻ جي سڀني صورتن ۾
گرمي خارج ٿيندي آهي. ٻرڻ جي عمل ۾ گرمي ايتري قدر
تيزيءَ سان خارج ٿيندي آهي، جو انهيءَ کي ٻاهر
نڪرڻ جو موقعو ئي ناهي ملندو. گرمي پد تمام گهڻو
وڌي ويندو آهي ۽ شعلو ظاهر ٿيندو آهي.
هڪ طرف تيز آڪسيجڻ
(Oxidation)
باهه پيدا ڪندي آهي ۽ ٻئي پاسي ٻئي قسم جي آڪسيجڻ
آهي، جيڪا انسان جي جسم ۾ کاڌي کي ساڙيندي ۽
زندگيءَ جو عمل جاري رکندي آهي پر آڪسيجڻ جا سست
رفتار عمل هر جاءِ تي ملن ٿا، جڏهن لوهه کي زنگ
لڳندو آهي، الڪوهل سرڪي ۾ تبديل ٿيندو آهي ته
آڪسيجڻ جو عمل جاري رهندو آهي.
جڏهن اسين هوا ۾ ساهه کندا آهيون، اهو بنيادي طور تي نائٽروجن ۽
آڪسيجن جو عمل آهي. انهيءَ ڪري اسين هوا مان خالص
آڪسيجن تيار ڪري سگهون ٿا. انهيءَ لاءِ هوا کي
ايتري گهٽ پد تي آڻي ٿڌو ڪيو ويندو آهي، ته اها
پاڻياٺ ٿي ويندي آهي. ٻڙي ڊگري فارنهائيٽ گرمي پد
کان
300 f
ڊگري فارنهائيٽ هيٺ هوندي آهي. پاڻياٺ ٿورو مٿي
گرمي پد تي ايندي ئي اٻرڻ لڳندي آهي. پهرين
نائٽروجن اٻري ختم ٿي ويندي آهي ۽ باقي صرف آڪسيجن
رهجي ويندي آهي. ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي
بچائڻ لاءِ آڪسيجن ڏني ويندي آهي.
تيزاب ڇا آهي؟
تزاب جو نالوو ٻڌندي ذهن تي اهو تاثر اڀري اچي ٿو ته، تيزاب هڪ
ساڙيندڙ يا نامياتي شين ۽ جاندارن جي جسم کي خراب
ڪندڙ شيءِ آهي. اهو ڪنهن حد تائين صحيح به آهي، پر
اوهان کي اها خبر هجي ته اها خاصيت (ساڙڻ واري
خاصيت) ڪن ٿورن تيزابن ۾ ٿئي ٿي. هونءَ ته کاڌي ۾
گهڻائي تيزاب هوندا آهن ۽ اهي تيزاب صحت لاءِ تمام
گهڻو ضروري هوندا آهن. ڪجهه تيزاب وري دوائن،
پينٽس، ڪاسميٽڪس ۽ صنعتي شين ۾ استعمال ٿين ٿا.
تيزاب ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا. اسين تيزابن کي ٻن گروهن ۾
ورهائي سگهون ٿا. هڪڙا نامياتي تيزاب ۽ ٻيا غير
نامياتي تيزاب.
سلفيورڪ ايسڊ هڪ نهايت اهم صنعتي تيزاب آهي. اهو اکين لاءِ
نهايت خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. هائڊرو ڪلورڪ ائسڊ
هڪ سخت تيزاب آهي. هي سلفيورڪ ائسڊ ۽ عام لوڻ
وسيلي ٺاهي سگهجي ٿو. هن کي ٻين ڪيميڪلن ٺاهڻ لاءِ
استعمال ڪري سگهجي ٿو. هي ڌاتن جي صفائيءَ لاءِ
بهترين آهي. انساني جسم ۾ گندرف جو تيزاب (هائڊرو
ڪلورڪ) گهٽ مقدار ۾ ٺهي ٿو.
نائٽرڪ ائسڊ، کل ۽ اکين کي نقصان پهچائڻ وارو هڪ طاقتور تيزاب
آهي، جڏهن ته بورڪ ائسڊ هڪ ڪمزور تيزاب آهي. هي
اٽليءَ ۾ قددرتي طرح ملندو آهي. هي سرامڪس،
سيمينٽ، تيلن ۽ ڪاسميٽڪس ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪڏهن
وري جراثيمن کي مارڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پر
انهيءَ مقصد لاءِ وڌيڪ سٺو نه آهي، ڪاربونڪ ائسڊ،
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مان ٺهندو آهي. آرسينڪ ائسڊ
جراثيمن کي مارڻ لاءِ يا ناس ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو
ويندو آهي.
نامياتي تيزاب، غير نامياتي تيزابن وانگر طاقتور ناهن ٿيندا،
ايسيٽڪ ائسڊ سرڪي ۾ ملي ٿو. کير ۾ کنڊ خمير کڻي
ٿي، ته ليڪٽڪ ائسڊ ٺاهي ٿو، ان سان کير کٽو ٿي وڃي
ٿو. پر انهيءَ مان پنير ٺاهي سگهجي ٿو.
هونءَ ته تيزابن جي ڪهاڻي ڊگهي ۽ پيچيده آهي. ڪجهه انسانن لاءِ
خطرناڪ پر صنعت لاءِ فائديمند آهن. ڪجهه وري
انسانن لاءِ ضروري آهن. ڪي تيزاب کاڌي مان حاصل
ڪيا ويندا آهن ته ڪي وري جسم پاڻمرادو ٺاهيندو
آهي.
هيري بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟
هيرن کي قديم زماني کان ئي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. حقيقت
۾ پندرهين صدي عيسوي کان پهرين هيرا ايترو ته
ناياب هئا. جو صرف بادشاهه ۽ راڻيون ئي انهن جا
مالڪ هوندا هئا. 1430ع ڌاري هيرن کي زيورن ۾
استعمال ڪرڻ جي شروعات ٿي.
(Agnes sorol)
نالي هڪ عورت اهي فيشن طور فرانسيسي درٻار ۾
استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. اتان سڄي يورپ ۾ هي رواج
ڦهليو. نتيجي ۾ هندوستان ۾ ماڻهن کي 300 سالن کان
وڌيڪ عرصي تائين هيرن ڳولڻ جو جنون رهيو.
جڏهن هندستان ۾ هيرن جو ذخيرو ختم ٿي ويو ته، وري برازيل ۾ هيرا
ملڻ لڳا. هي 1725ع جو واقعو آهي ته، جهنگ ۾ گهميل
آبهوا صورتحال کي ڏکيو بنائي ڇڏيو هو. پر 160 سالن
کان وڌيڪ عرصي تائين برازيل سڄي دنيا کي هيرا
فراهم ڪيا.
اڄڪلهه هيرن جو خاص ماڳ مڪان ڏکڻ آفريڪا آهي، جتان 1867ع ۾
اتفاق سان هيرن جا وڏا ذخيرا مليا. هڪ غريب هاريءَ
جي پٽ کي هڪ خوبصورت پٿر مليو. هن جي لالچي
پاڙيسريءَ پٿر ڏسندي ئي سڃاڻي ورتو ته، هي هيرو
آهي ۽ جڏهن هن انهيءَ هيري کي وِڪيو ته دنيا جا
کاڻيون کوٽڻ وارا اتي پهچي ويا. ٽن سالن ۾ هيرن جا
وڏا ذخيرا ڳولي لڌا ويا.
ٽامي بابت اوهان کي ڪهڙي خبر آهي؟
انسان، ڌاتن ۾ سڀني کان پهرين سون ۽ پوءِ ٽامو ڳولي لڌو. تاريخ
جي شروعات کان پهرين پٿر جي دور جا انسان به ٽامو
استعمال ڪندا هئا.
سنڌ جا ماڻهو پنج هزار سئو سال پهرين ٽامي کي باقاعدي ٿانون ۽
مورتين، ۾ استعمال ڪندا هئا.
ٽامو گهڻي حد تائين خالص حالت ۾ ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته، شايد انسان
پهرين ٽامي جي وڏن ٽڪرن کي پهريون ڀيرو انهيءَ ڪري
هٿ لڳايو يا کنيو، ڇاڪاڻ ته اهي کيس ڏسڻ ۾ ڀلا لڳا
هئا. هي اهڙو ڌاتو هو، جنهن کي ڪٽي هٿيار، خنجر ۽
مورتيون ٺاهڻ نهايت سولو هو. بعد ۾ ٽامي کي پگهارڻ
جو فن سکيو ۽ پوءِ انهيءَ ۾ ملاوٽ ڪري ٿانون ٺاهڻ
جي شروعات ڪئي.
چيو وڃي ٿو ته، مصر جا احرام ٺاهڻ لاءِ به ٽامي جي هٿيارن کان
ڪم ورتو ويو هو.
ٽامي ۽ ٽن (قلعي) جي مٺ
(Alloy)
يعني ڪنجهي جي ايجاد کان پوءِ ٽامي جي واهپي ۾ اڃا
به واڌارو آيو ۽ انهيءَ جو وڌيڪ مقدار کوٽي ڪڍڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي، پر لوهه جي ايجاد کان پوءِ ٽامي جي
استعمال ۾ گهٽتائي اچي ويئي. ٽامو بجليءَ جو سٺو
پسرائيندڙ (يعني بجليءَ کي پاڻ مان گذارڻ وارو)
آهي، تنهن ڪري بجليءَ جي صنعت ۾ تمام گهڻو استعمال
ٿئي ٿو.
تمام ٿورن ماڻهن ٽامي کي اصل حالت ۾ ڏٺو هوندو. اوهين بجليءَ جي
تارن ۽ ٻين استعمال جي شين ۾ جيڪو ٽامو ڏسو ٿا اهو
اصل حالت ۾ ناهي اصلي ٽامو چمڪدار، گلابي مائل
ڏاتو آهي، جيڪو هوا لڳڻ جي ڪري گهاٽي ڳاڙهي رنگ جو
ٿي ويندو آهي. اسين جيڪو ٽامو ڏسندا آهيون، انهيءَ
جو رنگ سرخيءَ مائل نسواري هوندو آهي، هي هڪ
آڪسائيڊ آهي، جيڪو ڌاتو ۽ هوا جي آڪسيجن ملڻ جي
ڪري ڪيميائي عمل سان ٺهي ٿو. |