سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب:  ٻيو

صفحو :5

حصو ٻيو

جانور عالم

جيت (Insects) ڇا آهن؟

جيت جانورن جو اهڙو گروهه آهي، جنهن ۾ لاتعدد جاندار شامل آهن، جيت تڇ گهرڙن يا ننڍ گهرڙن، هڪ گهرڙي ۽ گهڻن گهرڙن وارا ٿين ٿا.

 

تڇ گهرڙن وارا جيت ڇا آهن؟

اهڙا جيت، جيڪي تمام ننڍڙا ٿين ٿا، ايتري تائين جو اهي فلٽر پيپر مان به گذري وڃن ٿا. اهي سائيز جي لحاظ کان هڪ سينٽي ميٽر جي هزارئين حصي يعني 0.001 ملي ميٽر برابر ٿيندا آهن. بناوت جي لحاظ کان اهي ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا، جهڙوڪ: گول، لٺ نما، اپرنگ نما وغيره.

هي جيوڙا جاندارن لاءِ نهايت خطرناڪ آهن، ڇاڪاڻ ته، اهي جانورن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون بيماريون پيدا ڪن ٿا، جهڙوڪ نزلو، زڪام، ارڙي، ماتا، ڦرڙيون، ملو وغيره، اهو ئي سبب آهي، جو سائنسدانن  هنن جاندارن کي وائرس (Virus) نالو ڏنو آهي. وائرس لفظ، لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي : ”زهر“. هي جيت ميزبان جي جسم ۾ رهي زهريلا مادا پيدا ڪن ٿا، جيڪي جسم لاءِ نقصانڪار ٿين ٿا.

 

جيت ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا؟

ڳڻپ ڪري ٻڌائڻ ته، جيت هيترن قسمن جا آهن، اهو سائنس جي وس کان به ٻاهر آهي. اها البت سائنس وسيلي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ اندازي جي آڌار تي سائنسدانن ست لک قسم ٻڌايا  آهن. اهو اندازو سائنسدانن هن طرح لڳايو آهي ته، هڪ زمين جو چورس ٽڪر ماپي ان ۾ جيترن قسمن جا جيت مليا آهن، انهيءَ زمين جي ٽڪري ۽ جيتن جي تعداد کي ضرب ڪري لڳ ڀڳ ست لک قسم ٻڌايا آهن، جيتن جي قسمن ۾ تڇ گهرڙن، هڪ جيو گهرڙن ۽ گهڻ جيو گهرڙن ۾ ڪول ۽ ماڪڙيءَ کان وٺي ويندي نانگ تائين سڀ جيتن ۾ شمار ٿين ٿا. تڇ جيتن ۾ وائرس ۽ هڪ گهرڙي وارن جيتن ۾ اميبا، اينٽ امييا وغيره شامل آهن، اهي جيت اسين عام اک سان ڏسي نٿا سگهون، انهن کي ڏسڻ لاءِ عام خوردبين (Compound Microscope) اليڪٽراني خوردبين (Electronic Microscope) استعمال ڪئي ويندي آهي.

 

جيت ساهه ڪيئن کڻندا آهن؟

جسماني ڪار گذاريون سرانجام ڏيڻ ۽ حياتي کي برقرار رکڻ لاءِ جهڙيءَ طرح انسانن کي آڪسيجن جي ضرورت پوندي آهي، ساڳيءَ طرح جيتن ۾ به ساهه کڻڻ جو سرشتو هوندو آهي. مختلف قسمن جي جيتن ۾ اهو سرشتو مختلف هوندو آهي. ڪن جيتن ۾ ساهه کڻن جو سرشتو نهايت سادو ٿيندو آهي، ڪن جيتن ۾ ساهه کڻڻ جو سرشتو پيچيدو ٿيندو آهي.

پاڻي ۾ رهندڙ ڪيترن جيتن ۾ هي سرشتو نهايت سادو ٿئي ٿو. جيئن: جيلي فش (Jelli Fish) هائڊرا (Hydra) ۽ ڪن ٻين جيتن ۾ ساهه کڻڻ جا عضوا ناهن  ٿيندا. اهي سڌو سنئون پنهنجي ماحول ۾ موجود پاڻيءَ مان آڪسيجن کل رستي جذب ڪندا آهن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٽِمِڻ وسيلي خارج ڪندا آهن. ڪن جيتن ۾ وري ننڍڙا پورَ ٿيندا آهن، جن کي اسپاريڪل (Spiracales) چئبو آهي. اهي سوراخ ٽريڪيا (Trachia) ۾ کلن ٿا. اها نالي اهڙي نموني ڪم ڪندي آهي، جيئن ساهه جي نالي ڪم ڪري ٿي، آڪسيجن اسپاريڪل ۾ ڦهلجي ٿي ۽ نالين مان گذرندي گهرڙي جي تاندوري ۾ سڌو سنئون پهچي ويندي آهي، جتي گهرڙي ۾ ساهه  کڻڻ ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڦهلاءِ جي عمل سان جسم مان خارج ٿي ويندي آهي. اڪثر جيتن ۾ انهن جي ضرورت آهر آڪسيجن جو ڦهلاءُ تزيءَ سان ٿيندو آهي، پر اڏامندڙ جيتن ۾ انهن جا جسم باقاعده هوادار هوندا آهن، ان سرشتي ۾ بدن کي دٻائي ۽ ڪنهن حد تائين ٽريڪيا کي نپوڙي هوا کي جسم کان ٻاهر ڌڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن ٽريڪيا تي داٻ گهٽجي ويندو آهي ته، فضا مان هوا ٻيهر ان ۾ تيزيءَ سان داخل ٿي ويندي.

جيتن ۾ هڪ ڳالهه غور جهڙي آهي ته، ٻين جانورن وانگر گئسن جي تبديل رت ذريعي ناهي ٿيندي.

 

 

جيتن جي عمر ڪيتري ٿيندي آهي؟

ڌرتيءَ توڙي پاڻي ۾ موجود ساهوارن جي ڀيٽ ۾ جيتن جي عمر عجب جوڳي آهي. ڪن جيتن جي عمر تمام ٿورڙي ٿئي ٿي، ڪن جيتن جي عمر وري ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾ تمام وڏي ٿئي ٿي. ڊگهي ۾ ڊگهي عمر 17 سال ٿئي ٿي، جيڪا اڪ مڪڙي جهڙي جيت سڪاڊا (Cicada) جي ٿئي ٿي. نانگ جي عمر 10 سال آهي. ڪول جي عمر ست سال ٿئي ٿي، ماکيءَ جي مک جي راڻيءَ جي عمر اٺ سال آهي، تڏڙيءَ جي عمر سراسري طرح اڻويهه سال ٿئي ٿي.

 

خوردبيني جاندار (Microscopic Animals) ڇا آهن؟

ڪي اهڙا جاندار به آهن، جن جو جسم هڪ جيو گهرڙي تي مشتمل ٿئي ٿو. اهڙن جاندارن کي هڪ گهرڙي وارا جاندار چئبو آهي. اهي جاندار عام اک سان نظر ناهن ايندا. انهن جو اڀياس خوردبينيءَ وسيلي ڪيو ويندو آهي. تنهن ڪري انهن جاندارن کي خوردبيني جاندار (Microscopic Animals) چئبو آهي.

اميبا(Amoeba) اينٽ اميبا (Anti Amoeba) پلازموڊيم (Plasmodium)  ۽ ٽراپنوسوما (Trypnosoma) خوردبيني جاندار آهن.

ڇا وائرس، بيڪٽريا ۽ ٻيا هڪ گهرڙي وارا جاندار به پنهنجي حفاظت ڪندا آهن؟

مختلف طريقن سان جهڙيءَ طرح انسان ۽ ٻيا ڪي جاندار پنهنجي پنهنجي حفاظت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح وائرس، بيڪٽيريا ۽ ٻيا هڪ گهرڙي وارا جاندار، جهڙوڪ: اميبا، ڪليميڊوموناس، اينٽ اميبا وغيره به  پنهنجي حفاظت ڪندا آهن. اهي ناسازگار حالتن ۾ پنهنجو پاڻ تي هڪ پردو (Syst) چاڙهي ڇڏيندا آهن. وري جڏهن حالتون سازگار ٿينديون آهن ته، اهو پردو ٽوڙي ٻاهر نڪري ايندا آهن.

 

وائرس بيماريون ڪيئن پيدا ڪن ٿا؟

وائرس جانورن جي جسم ۾ داخل ٿي زهريلا مادا پيدا ڪندا آهن، جيڪي مختلف بيمارين جو ڪارڻ بڻجن ٿا.

وائرس کان بچاءُ ڪيئن ڪجي ٿو؟

وائرس کان بچڻ لاءِ قدرت انسان ۽ ٻين جانورن ۾ مدافعت جي قوت رکي آهي، جنهن جي ڪري، جيڪڏهن وائرس  حملو ڪري ته، قدرت طرفان مهيا ڪيل قوت مدافعت وسيلي انهن کي ناس ڪيو وڃي ٿو. ٻيءَ صورت ٽڪا لڳائڻ (Vaccination) ۽ زهر مار (Anti toxices) وسيلي قوت مدافعت پيدا ڪئي ويندي آهي.

 

ڇا ڪِوِلين جي زندگي انسان جيان اصولن مطابق گذري ٿي؟

جهڙيءَ طرح انسان يا ٻين جاندارن جي زندگي اصولن ۽ ترتيب سان گذري ٿي. اهڙيءَ طرح ڪِوِلين جي زندگي به اصولن ۽ ضابطن تحت گذري ٿي. هڪ وستيءَ جون ڪِوِليون چئن قسمن ۾ ورهايل هونديون آهن.

بادشاهه ڪِول

بادشاهه ڪِول کي پر ٿيندا آهن، ٿلهي ۽ متاري ٿيندو آهي. اها ڪو به ڪم ناهي ڪندو. رڳو آرام ڪندو رهندو آهي ۽ سپاهي ڪِوليون ان جو پهرو ڏينديون آهن. جيڪڏهن ڪِوِلين جي وستيءَ تي ڪو دشمن حملو ڪري ته، سپاهي ڪوليون بادشاهه جي چوڌاري گهيرو ڪري وٺنديون آهن، سڀئي ڪوليون بادشاهه جي حڪم جي تابع هونديون آهن. بادشاهه ڪول کي کاڌو پيتو هڪ جاءِ تي ملندو آهي. ڏينهن ۾ فقط هڪ ڀيرو ٻر مان نڪرندو آهي.

راڻي ڪِوِل :

راڻي ڪِوِل، بادشاهه کان به وڌيڪ ٿلهي ۽ سٻر ٿيندي آهي. هن کي به پَرَ ٿيندا آهن. هيءَ ٻِرَ ۾ پنهنجي جاءِ تي ليٽي آرام ڪندي رهندي آهي. ان کي کاڌو پيتو به  اتي هڪ جاءِ  تي ملندو آهي. هيءَ ايتري قدر مست هوندي آهي، جيڪڏهن کيس کاڌو نه ملي ته، پاڻ تلاش ناهي ڪندي. بس ويٺي ويٺي بُک ۾ مري ويندي آهي.

سپاهي ڪوليون:

سپاهي ڪوليون گهرن جي حفاظت ڪنديون آهن، دشمن حملو ڪري ته، انهن سان مقابلو ڪنديون آهن، بادشاهه ۽ راڻي ڪول جي خدمت چاڪري ڪنديون آهن. انهن جو جسم صاف ڪنديون آهن.

مزدور ڪِوِليون :

مزدور ڪِوِليون تمام گهڻو محنتي هونديون آهن، جتي ٻرن ۾ اهي رهن ٿيون، اتي ٻج پوکينديون آهن، جڏهن فصل پچي ويندو آهي ته، کڻي ٻرن ۾ گڏ ڪنديون آهن. هي ڪوليون گلن جي رس ڪڍي پيئنديون آهن، ۽ بچيل رس مئل ڪولين جي جسمن ۾ ڀري ڇڏينديون آهن. اها رس سيءَ جي مند ۾ ڪتب آڻينديون آهن.

 

ڇا ڪِوِليون گهر ٺاهي  رهنديون آهن؟

ڪِوِليون گهر ٺاهي رهنديون آهن. سندن گهر ويهارو فوٽ زمين ۾ هوندا آهن. انهن جي گهرن ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون ٿينديون آهن. ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ ان جمع ڪنديون آهن ته، ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ رهنديون آهن ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪنديون آهن.

راڻي ڪِوِل هڪ ڪوٺيءَ ۾ آنا ڏيندي آهي. دائي ڪوليون انهن آنن جي پرورش ڪنديون آهن، جڏهن آنن مان  ٻچا ڦٽندا آهن، ته انهن کي کاڌو کارائينديون آهن، وهنجارينديون آهن ۽ اُس ۾ ڪڍي خشڪ ڪنديون آهن.

 

ڪِوِليون ڪهڙو ڪم ڪنديون آهن؟

ڪِوِليون تمام وڏي محنت ڪنديون آهن.  اهي بهار جي مند ۾ پنهنجي گهرن جون ڪوٺيون کائڻ جي شين سان ڀري ڇڏينديون آهن، جيڪي سيءَ ۽ مينهن جي مند ۾ ڪم آڻينديون آهن.

ڪِوِليون وڌ ۾ وڌ  ستن سالن تائين زندهه رهنديون آهن. ڪول پنهنجي وزن کان ٽي سئو سيڪڙو وڌيڪ بار يا وزن کڻي سگهنديون آهن.

جڏهن ڪا ڪول زخمي ٿي پوي ته، ٻي ڪول جلدي پنهنجي منهن مان ڌاڳي جي شڪل ۾ لِٻَ ڪڍي زخم سڀي ڇڏينديون آهن. ڪِوِليون هڪ قطار ٺاهي هلنديون آهن ۽ سنگهي ڪري هڪ ٻئي کي سڃاڻنديون آهن.

ڪِوِليون رات جو سمهنديون آهن، اهي وڌ ۾ وڌ چار ڪلاڪ آرام ڪنديون آهن.

 

تانيئڙي (Spider) بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟

تانيئڙي کي ڪوريئڙو به  چئبو آهي. مٿس اهو نالو تاني اُڻڻ تان پيو آهي. هن کي ڇهه ڄنگهون ٿينديون آهن ۽ ٻه پتريون ٻانهون. سندس منهن جي اڳيان هونديون آهن، پويان هڪ ٿيلهي ٿيندي اٿس. تانيئڙي جي مادي هڪ جهول ۾ ڇهه سئو آنا ڏيندي آهي، هوءُ انهن سڀني آنن کي ڦڪي رنگ جي سنهڙن ڌاڳن ۾ ويڙهي لٽڪائي ڇڏيندي آهي.

مارچ ۽ اپريل جي مهينن ۾ آنن مان ننڍا ٻچا نڪري ايندا آهن. اهي ٻچا پنهنجي دنب جي ٿيلهي مٿي ڪري هڪ سنهڙو ريشمي ڌاڳو هوا ۾ اڇلائيندا آهن ۽ پوءِ انهيءَ ڌاڳي تي هوا ۾ سَئِرُ ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن سبب اهو ڌاڳو ٽٽي پوي ته تانيئڙي جو ٻچو انهيءَ وقت پنهنجي دنب مان هڪ ٻيو ڌاڳو ڪڍي وٺندو آهي، تانيئڙي جو ٻچو پيدا ٿيندي ئي ڪاريگر هوندو آهي. هو وڏي ڪاريگريءَ سان ڪنهن به جاءِ تي ڄار اُڻي وٺندو آهي. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين ريشمي ڌاڳو اُڻي ان تي سفر ڪندو آهي.

تانيئڙو شڪار ڪيئن ڪندو آهي؟

تانيئڙو تاني اُڻي صبر سان هڪ پاسي ويهي رهندو آهي ۽ شڪار جو انتظار ڪندو آهي. جڏهن ڪا مَکِ، پوپٽ يا ٻيو ڪو جيت انهيءَ تانيءَ واري ڄار ۾ اچي ڦاسندو آهي ته، تانيئڙو هڪدم اچي پنهنجي شڪار کي جهٽ هندو آهي، تانيئڙو سڀ کان پهرين پنهنجي وات مان هڪ قسم جو زهر ڪڍي سيءَ وانگر شڪار جي بدن ۾ داخل ڪندو آهي. انهيءَ زهر جي ڪري ڄار ۾ ڦاٿل جاندار بي هوش ٿي ويندو آهي، پوءِ تانيئڙو آرام سان ان جي چوڌاري تارن جو ڄار ويڙهي ڇڏيندو آهي. پوءِ ان کي ڇڪي پنهنجي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن بک لڳندي اٿس. تڏهن اچي ان کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي.

تانيئڙو تاني ڪيئن اُڻندو آهي؟

تانيئڙي (Spider) جي تاني جي هر هڪ تار ۾ چار تارون  ٿين ۽ هر تار ۾ سنهڙيون تارون هونديون آهن. مطلب ته، تانيئڙي جي جيڪا سنهڙي تار اسان کي نظر اچي ٿي، اصل ۾ چار هزار سنهڙين تارن سان ملي ٺهيل هوندي آهي، مطلب ته ڪوريئڙي جي جسم ۾ چار هزار سنهڙيون ناليون هونديون آهن ۽ هر ناليءَ مان هڪ تار نڪرندي آهي.

جنهن جاءِ تي ڪوريئڙي کي ڄار ٺاهڻو هوندو آهي، پهرين اتي هڪ کونر جهڙو مادو ڪڍي لڳائيندو آهي. پوءِ تارن جي مدد سان ڄار اڻندو آهي. ڪوريئڙو ڇهه ڪنڊي جي شڪل ۾ ڄار تيار ڪندو آهي. ڄار اڻن وقت ڪوريئڙو هر هڪ تار تي ڇهه ست ڀيرا ايندو آهي. هر ڀيري هڪ نئين تار وڇائيندو آهي. اهڙيءَ طرح هر تار مضبوط ٿي ويندي آهي.

تانيئڙي کي اکيون ڪيتريون ٿينديون آهن؟

تانيئڙي کي اٺ اکيون ٿينديون آهن، هر هڪ اک ۾ ننڍيون ننڍيون هزارين جهليون ٿينديون آهن. انهن جهلين جي مدد سان تانيئڙو شڪار کي پري کان ڏسي وٺندو آهي. هن جون اکيون ساڄي کاٻي پاسي چرپر ناهن ڪنديون. اکين جون جهليون کيس ڏسڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.

 

ماکي جي مکين بابت توهين ڇا ٿا ڄاڻو؟

ماکيءَ جو مانارو، ماکيءَ جو ڪٽورو هوندو آهي، ماناري ۾ مکا، ڇهن ڪنڊن وارا خانا ٺاهيندا آهن، ماناري ۾ ٽن قسمن جا مکا هوندا آهن.

راڻي مک (Honey Queen)

ماکيءَ جي هر ماناري ۾ هڪ راڻي هوندي آهي. اها ماناري تي حڪومت ڪندي آهي. راڻي مک پاڻ ڪو به ڪم ناهي ڪندي، جڏهن  ڪم ڪرڻ واريون مکيون مانارو تيار ڪنديون آهن، تڏهن راڻي مک وڏي مان ۽ شان سان اچي هر خاني ۾ ليئو پائي ڏسندي آهي. ڪم ٺيڪ ٿي رهيو آهي يا نه. راڻي مک سان نوڪرياڻيون مکيون به ساڻ هونديون آهن، جيڪي نوڪرن وانگر ان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هونديون آهن، جڏهن مانارو تيار ٿي ويندو آهي، ته راڻي مک لاءِ هڪ خاني ۾ بسترو لڳايو ويندو آهي، راڻي مک انهيءَ بستري تي آرام ڪندي آهي ۽ آنا ڏيندي آهي. هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ هزار جي لڳ ڀڳ آنا ڏيندي آهي.

راڻي مک ٽن قسمن جا آنا ڏيندي آهي. پهرين قسم جي آنن مان راڻي مک پيدا ٿيندي آهي. ٻئي قسم جي آنن مان نر مکا پيدا ٿيندا آهن ۽ ٽئين قسم جي آنن مان ورڪر مکا پيدا ٿيندا آهن. جيڪڏهن راڻي مک مري وڃي ته، ورڪر مکا ماناري مان ڪنهن هڪ مک وٺي راڻي بڻائيندا آهن، جيڪڏهن سڄي ماناري ۾ آنو نه هجي ته سڀ مکا کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندا آهن. مانارو اجڙي ويندو آهي ۽ مکيون بک وچان مري وينديون آهن، راڻي مک اٺ سالن تائين زندهه رهندي آهي.

نر مکا

هي نهايت سست ٿيندا آهن، اهي ڏنگ به ناهن هڻندا، جڏهن نر وڌيڪ ڪاهل ٿي ٿلهو متارو ٿي ويندو آهي ته، مادي مکا انهيءَ کي کڻي ٻاهر آڻيندا آهن ۽ هوا ۾ مٿي کڻي وڃي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اهو هيٺ ڪرندي ئي سڀ مادي مکا مٿس ڪڙڪندا آهن ۽ ماري ختم ڪري ڇڏيندا آهن.

مزدور مکا

هي مکا وڏا محنتي ٿيندا آهن، سڄو ڏينهن ڪم ڪندا آهن. اهي گلن جو رس چوسي آڻي ماناري ۾ گڏ ڪندا آهن ۽ ان مان ماکي ٺاهيندا آهن.

مزدور مکا ڏينهن رات ڪم ڪندا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ ڇهه ست هفتا زندهه رهندا آهن. سيءَ ۾ گهڻا مکا مري ويندا آهن، تنهن هوندي به اهي ماناري کي سيءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سيءُ گهڻو پوي ته ورڪر مکا راڻيءَ جي چوڌاري هڪ دائرو ٺاهي وٺندا آهن ۽ رڻيءَ مک کي گرمي پهچائيندا  آهن.

 

ستارو مڇي (Star Fish) ڇا آهي؟

هيءَ ڪا به مڇي نه آهي، پر ڪنڊائن جاندارن (Phylum Echinodermata) جي گروهه جو هڪ جاندار آهي. ان جي شڪل ستاري جهڙي هوندي آهي. هن کي پنج ٻانهون  ٿينديون آهن، جيڪي ستاري جهڙي شڪل ٺاهن ٿيون، چرپر ڪرڻ لاءِ ٽيوبن جهڙا پير (Tube Feet) ٿيندا اٿس، پيرن ۾ اندر ناليون ٿينديون اٿس. انهن نالين جي سسڻ ۽ ڦنڊن سان هيءَ آهستي آهستي چرپر ڪندي آهي. پيرن جي مدد سان شڪار ڪندي آهي.

 

جل ٿل واسي جانور ڇا کي چئبو آهي؟

اسين جيڪي به جانور ڏسون ٿا سي يا ته، خشڪي يعني زمين تي زندگي گذاريندا آهن يا وري پاڻيءَ ۾ رهندا آهن، پر ڪي جانور اهڙا به آهن، جيڪي پاڻيءَ ۾ به رهندا آهن، ۽ زمين تي به زندگي گذاريندا آهن. اهڙا جانور جيڪي زمين توڙي پاڻيءَ يعني ٻنهي جاين تي زندگي گذارين ٿا. تن کي جل ٿل واسي جانور چئبو آهي.

انهن جانورن جي پوين پيرن ۾ هڪ جهلي هوندي آهي، جيڪا کين پاڻيءَ ۾ ترڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. انهن جانورن کي چار ٽنگون ٿينديون آهن، جن جي مدد سان زمين تي ٽپ ڏيئي هلندا آهن. انهن جو مٿو ٽڪنڊي شڪل جو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻه اڀريل وڏيون  گول اکيون هونديون اٿن، خشڪي تي ناسن وسيلي ۽ پاڻيءَ ۾ کل رستي ساهه کڻندا آهن. اهي ٿڌي رت وارن جانورن ۾ شمار ٿين ٿا. سيليمينڊر (Salemender)، ٽوڊ (Toad) ڏيڏر (Frog) هن قسم جا جانور آهن.

 

ڏيڏر پاڻيءَ ۾ ساهه ڪيئن کڻندو آهي؟

ڏيڏر اهڙو جاندار آهي، جيڪو زمين تي رهندو آهي، ته ناسن وسيلي ساهه کڻندو آهي ۽ پاڻيءَ ۾ کل رستي ساهه کڻندو آهي، ڏيڏر جي کل تمام سنهڙي  ٿيندي آهي. ان ۾ تمام گهڻيون سنهيون وار نليون ٿينديون آهن. ان کان سواءِ ڏيڏر جي کل ۾ غدود به ٿيندا آهن، جيڪي هڪ قسم جو لڳلڳدار مادو پيدا ڪندا آهن. جنهن جي ڪري ڏيڏر جي کل سڻڀي رهندي آهي. ڏيڏر جي کل کي هٿ لائي يا ڇهي اهو لڳ لڳدار مادو ڏسي سگهجي ٿو. اهو سڻڀو مادو پاڻيءَ ۾ موجود آڪسيجن کي جذب ڪري ٿو. آڪسيجن کل مان ٿيندي وار نلين ۾ هلي ويندي آهي ۽ اتان سڄي جسم ۾ ڦهلجي وڃي ٿي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ساڳيءَ طرح کل مان نڪري پاڻيءَ ۾ ملي وڃي ٿي.

 

سياري ۾ ڏيڏر نظر ڇو ڪو نه ايندا آهن،

اهي ڪيڏانهن ويندا آهن؟

جيئن ته، ڏيڏر ٿڌي رت (Cold Blooded) وارو جانور آهي، تنهن ڪري سياري جي مند ۾ آلين جاين ۾ هليا ويندا آهن، اهي اتي ساهه ته کڻندا آهن پر باقي ڪم يا سرگرميون سرانجام ناهن ڏيندا. جڏهن موسم مناسب ٿيندي آهي ته ٻاهر نڪري ايندا آهن. ڏيڏر جي انهيءَ حياتيءَ کي هائبرنيشن (Hybernation) چئبو آهي.

ڏيڏر شڪار ڪهڙي نموني ڪندو آهي؟

ڏيڏر جي زبان ۽ ٻين جانورن جي زبان جي بناوت ۾ فرق آهي، ٻين جانورن جي زبان جو اڳيون ڇيڙو آزاد ۽ پويون ڇيڙو نڙيءَ سان جڙيل ٿئي ٿو، پر ڏيڏر جي زبان جو پويون ڇيڙو آزاد ۽ اڳيون ڇيڙو ڪيوٽي سان جڙيل ٿئي ٿو. ڏيڏر جي زبان ۾ ميوڪس نالي لڳلڳدار مادو پيدا ڪندڙ غدود هوندا آهن. جڏهن ڪو شڪار (جيت جڻيو) ويجهو ايندو اٿس ته، پنهنجي سڄي زبان ٻاهر ڪڍندو آهي ۽ شڪار سندس زبان سان لڳي پوندو آهي. هو زبان کي هڪ دم واپس وات  ۾ کڻي ويندو آهي. ڏيڏر کي مٿينءَ ڄاڙيءَ جي ڇت ۾ تيز ۽ نوڪدار ڏندن جو جهگٽو ٿيندو آهي. ڏيڏر ڏندن سان چٻاڙيندو ناهي پر صرف شڪار کي سوگهو ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح کاڌي کي ڳهي ڇڏيندو آهي.

 

اوهين نانگ بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟

نانگ جو شمار ڪرنگهي وارن جانورن ۾ ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته، هنن کي پٺيءَ ۾ هڏائون پڃرو ٿئي ٿو. هنن کي ڪرنگهي ۾ ريڙهيون ٿين ٿيون.

ماهرن اندازو لڳايو آهي ته، دنيا ۾ اٽڪل نانگن جا 2400 قسم آهن. انهن مان اٽڪل 200 قسم زهريلا آهن، جن جي ڏنگڻ سان، ڏنگيل جانور مري سگهي ٿو. ڪاريهر ۽ ان جون ٻيون ذاتيون، جهڙوڪ، اليهر، تلهير، وسيهر، واسينگ، پدم، ان کان سواءِ کپر، لنڊي، گڊو وغيره زهريلا نانگ آهن. باقي نانگن ۾ يا ته ايترو زهر نه ٿو ٿئي جو ڪنهن کي ڏنگڻ سان ٻيو جانور مري وڃي يا وري ڪيترن نانگن ۾ زهر  بنهه ٿيندو ئي ناهي، جهڙوڪ: پاڻيءَ واتڙيو وغيره.

زهريلن نانگن ۾ وات جي مٿئينءَ ڄاڙيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان  ٻه ڏند ٿيندا آهن، ڏندن جي وچ ۾ هڪ سوراخ هوندو آهي، مٿينءَ ڄاڙيءَ ۾ زهري غدود جي ٿيلهي ٿيندي آهي. ان جي چوڌاري هڪ مشڪ ٿئي ٿي. جڏهن نانگ چڪ هڻندو آهي، ته اها مشڪ زهر جي ڳوٿريءَ تي داٻ وجهي ٿي ۽ زهر ڳوٿريءَ مان نڪري ڏندن جي سوراخ مان ٿيندو چڪ هڻڻ واري جاندار جي جسم ۾ پهچي ٿو.

نانگ جو زهر تنتي سرشتي کي متاثر ڪري ٿو ۽ جانور چرپر ڪرڻ کان بيوس ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته، تنتي سرشتو ساهه کڻڻ ۽ دل جي ڌڙڪڻ تي ضابطو رکندو آهي. جڏهن تنتي سرشتو متاثر ٿئي ٿو ته، جانور مري وڃي ٿو.

 

نانگ چرپر ڪيئن ڪري ٿو؟

نانگن کي چرپر ڪرڻ لاءِ ڪي به پير ناهن ٿيندا. اهي مشڪن ۽ ڇلرن وسيلي چرپر ڪندا آهن، تنهن ڪري سائنسدانن گروهه بندي ڪندي انهن جو درجو سُرڻا يا ريڙهيون پائيندڙ (Reptile) رکيو آهي.

نانگن جي اندرئين حصي ۾ وڏا ڇلڙ ٿيندا آهن، جن جي سُرڻ سان هو چرپر ڪندو آهي. ٿيندو هيئن آهي ته، نانگ جي ڪنڊي جي هر هڪ ريڙهه ۾ هڪ پاسري ٿيندي آهي. هر هڪ پاسري الڳ هوندي آهي، البت ريڙهيون پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿينديون آهن، انهن جي بيهڪ اهڙي نموني جي آهي جو هي پاسريون آزاديءَ سان ڦري گهمي سگهن ٿيون. هر هڪ پاسري جو آخري ڇيڙو پيٽ وارين مشڪن جي ڇلڙ سان ڳنڍيل ۽ گهيريل ٿئي ٿو. اهي ڇلڙ اندرئين پاسي حرڪت ڪن ٿا. نانگ جڏهن سُرندو آهي ته، پنهنجي جسم کي انگريزي اکر (S) جي شڪل وانگر وَٽُ ڏيندو آهي. ڪي نانگ ته ايترو تکو ڊوڙندا آهن، جو سندن پويان ڪڍ ڊوڙندڙ ماڻهو کين پهچي ناهي سگهندو يا ڪي نانگ ماڻهوءَ پويان ڊوڙندا آهن ۽ ماڻهو ڪيترو به تکو ڇو نه ڊوڙي کيس پهچي ڏنگيندا آهن، نانگ ڊوڙڻ مهل وڪڙ هڻندو ته، اُڏامندي محسوس ٿيندو آهي. نانگ پاڻيءَ ۾ به تيز رفتاريءَ سان هلندو آهي. سندس سڄو جسم پاڻيءَ ۾ ٻڌل هوندو اٿس. فقط منڍي ٻاهر هوندي اٿس.

نانگ کائيندو ڪيئن آهي؟

نانگ شڪار کي ڳهندو آهي. ڏٺو ويو آهي ته، نانگ پاڻ کان وڏا جانور شڪار ڪري ڳهي ويندو آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته، نانگ جي وات ۽ نڙيءَ وارا هڏا لچڪدار ٿين ٿا. ان کان سواءِ وات ۽ نڙيءَ واريون مشڪون به لچڪدار ٿين ٿيون، منجهن ڍري ٿيڻ ۽ ڇڪجڻ جي حد کان وڌيڪ خاصيت ٿئي ٿي. تنهن ڪري نانگ ڪيڏي به وڏي شڪار کي مارڻ بجاءِ ڳڙڪائي ڇڏيندو آهي. سندس پيٽ جون مشڪون سسڻ ۽ ڦنڊڻ سان شڪار کي ڳوهي مارينديون آهن. اهڙيءَ طرح ان کي هضم ڪري ڇڏيندو  آهي.

 

نانگ نسل ڪيئن وڌائيندا آهن؟

جيترا نانگن جا قسم آهن، ظاهر آهي ته، منجهن فرق به اوترا ئي هوندا، تنهن ڪري اسين انهن بابت پوري ڄاڻ رکي نٿا سگهون. اسان کي خبر آهي ته، اهي جانور جن جا ڪن ٻاهر نڪتل يعني ظاهر ظهور هوندا آهن، سي ٻچا ڄڻيندا آهن، جن جا ڪن ظاهر ناهن هوندا سي آنا لاهيندا آهن ۽ آنن مان ٻچا ڦٽي نڪرندا آهن. انهيءَ اصول موجب نانگ به آنا لاهيندڙ جانورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. حقيقت به  ائين آهي ته، نانگ آنا لاهيندا آهن.

نانگن جا آنا بناوت ۾ ڪجهه ڊگهيرا ۽ ننڍڙا ٿين ٿا، ايتري تائين جو جهرڪيءَ جي آني کان به ننڍا ٿيندا آهن. هڪ نانگ ڪيترا آنا لاهيندو، ان لاءِ به ڪجهه چئي نٿو سگهجي. البت هڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا مطابق اڙل نانگ 107 آنا لاهي ٿو. مطلب ته نانگ آنا تمام گهڻا لاهيندو آهي. هڪ ٻئي انسائيڪلو پيڊيا مطابق ڪجهه نانگ اهڙا به آهن جيڪي ٻچا ڏيندا آهن.

 

ٻلهڻ ڇا آهي؟

ٻلهڻ جو شمار مماليا ۾ ٿئي ٿو. ان جو سائنسي نالو (Platanista Indica) ۽ انگريزي نالو (Indus Dolphin) آهي. هي ٻچي کي کير ڌارائيندي آهي، ٻلهڻ کي ديد (نظر) ڪا نالي ماتر هوندي آهي، پر ڪائنات جي خالق منجهس ٻي صلاحيت رکي آهي. هيءَ منهن مان آواز جون لهرون ڪڍندي آهي. اهي لهرون آڏو واري شيءِ سان ٽڪرائجي موٽ کائينديون آهن، جنهن ڪري هن کي اڳيان واري شيءِ جي خبر پئجي ويندي آهي.

ٻلهڻ ساهه پاڻيءَ جي مٿاڇري تي کيڏندي آهي، تنهن ڪري هر هر پاڻيءَ جي مٿاڇري تي هلي ايندي آهي، منهن نوڪدار ٿيندو اٿس ۽ جسم ڏٽيءَ نما ٿيندو اٿس.

 

آبي منگهڻ (The Water Boot man)

آبي منگهڻ جو جنسي نالو ”چُت تيراڪ“ يعني پٺيءَ جي ٻل تي ترڻ وارو جيت آهي. ان جو سائنسي نالو (Notonectic Glauca) آهي. Glauca هن کي جسم ۽ ٽنگن تي واردار اُڀارن جي رنگ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. آبي منگهڻ پٺيءَ جي زور تي پاڻيءَ ۾ ترندو آهي. هن جي پٺ پاڻيءَ جي سطح تي ترڻ لاءِ نهايت موزون هوندي آهي. هن جي پٺ ٻيڙيءَ وانگر هوندي آهي. فرق اهو آهي ته، ٻيڙي آڏو نوڪدار ۽ پويان چپتري هوندي آهي. هن جي پٺ اڳيان چپتري ۽ پويان نوڪدار هوندي آهي.

هي رستن جي ڀرپاسي واري پاڻيءَ ۾ ملي ٿو.

آبي منگهڻ جي مٿي جي ويجهو سينو هوندو آهي ۽ باقي جسم جي نسبت ۾ چڱو وڏو ٿيندو آهي. پيٽ چپترو ۽ وزن هلڪو ٿيندو اٿس.

جيڪڏهن هن جو هيٺان مشاهدو ڪيو وڃي ته، اها ڳالهه  واضح ٿي ويندي ته، هن جون ٽنگون هلڻ، ڀڄڻ يا ٽپا ڏيڻ لاءِ ناهن هونديون، اڳيون ٽنگون تمام ننڍڙيون هونديون اٿس ۽ عام طرح سيني هيٺان مُڙيل هونديون اٿس. ترڻ دوران به اهي  ساڳيءَ حالت ۾ رهنديون آهن. انهن جو استعمال ڪنهن مناسب شڪار يا کاڌي کي پڪڙڻ يا آبي گاهه جي تيلن ۽ پنن وغيره کي پڪڙڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي، ٽنگن جو وچ وارو جوڙ ڪجهه ڊگهو، مضبوط جوڙدار، اندرين پاسي جهڪيل هوندو اٿس ۽ مسلسل استعمال ۾ رهندو آهي. هي آرام واري حالت ۾ هجي يا پٿرن ۽ آبي ٻوٽن سان چنبڙيل هجي، هي ٽنگون گهڻو ڪري صرف لنگر اندازي جي لاءِ ئي استعمال ڪندو آهي.

ڄنگهن جو ٽيون جوڙو پهرين ۽ ٻئي جوڙي جي ڀيٽ ۾ مختلف ٿيندو اٿس. هن جون ٽنگون ڊگهيون ٿينديون آهن ۽ انهن تي تمام گهڻو نرم ۽ نازڪ وارن نما بناوت جي هڪ جهالر ٿيندي آهي. اهي ڄنگهون شڪل ۽ صورت ۾ ٻيڙيءَ جي چَپَنِ جهڙيون هونديون آهن. هنن ڄنگهن جي مدد سان هو کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ غوطا لڳائيندو ۽ هر طرف ترندو آهي. ترڻ وقت اڳتي ڌڪو پيدا ڪرڻ لاءِ چپو نما ٽنگون پوريءَ طرح ڦهلجنديون آهن ۽ وارن جي جهالر پاڻيءَ کي دٻائڻ ۽ حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ اڳئين طرف ڦهلجي ويندي آهي، پوئين پاسي ڌڪو ٽنگ تي لڳل پترن وارن جي ڪري سولو ٿي ويندي آهي ۽ ٽنگ جو مينهن جي پڇ جهڙو ڇيڙو پاڻيءَ تي تمام گهٽ گاٺ کائي آسانيءَ سان ترندو آهي. هي پاڻي ۾ ڪائي تي آرام ڪندو آهي ته، ان جو ٻيڙيءَ نما جسم ۽ چپو نما ٽنگون ڏاڍو دلچسپ نظارو پيش ڪنديون آهن.

آبي منگهڻ کي پر به ٿيندا آهن. اهي ڪافي وڏا ۽ رڳ پر (Nervures) سان ڀريل هوندا آهن. اهي جزوي طور جهليدار هوندا آهن ۽ سيني پاسي سختيءَ سان جڙيل هوندا آهن. هن کي ساهه کڻن لاءِ آڪسيجن حاصل ڪرڻي پوندي آهي. ان کي پوشان هيٺيان ناسون ٿينديون آهن. جيڪي تازي هوا جذب ڪنديون رهنديون آهن ۽ پاڻيءَ سان ڪڏهن به بند ناهن ٿينديون، ڇاڪاڻ جو اهي پاڻيءَ کان مڪمل طور محفوظ رهنديون آهن.

آبي منگهڻ کي ننڊ ناهي ايندي. هي پنهنجيون طاقتور ڄاڙيون شڪار جي جسم ۾ کُپائي سڀ رت چوسي وٺندو آهي. ان جي خشڪ کل ڦٽي ڪري ڇڏيندو آهي.

هي ٻين جيتن وانگر لاروا ۽ پيوپا جي مرحلن مان گذري بالغ ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org