سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب: پهريون

صفحو :4

مليريا مان ڇا مراد آهي؟

مليريا لفظ اطالوي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي: ”گندي هوا“ مخصوص علائقن ۾ مليريا جي عام هئڻ جو سبب اينو فليز (Anopheles) نالي مڇر آهي. هي مڇر مليرياجي جراثيم کي، جيڪو انهيءَ جي جسم ۾ پلندو آهي. انسان  ۾ منتقل ڪندو آهي.

تيز بخار سان گڏ سيءُ لڳڻ ۽ رت جي گهٽتائي مليريا جي عام علامت آهي. مريض جي مرڻ جو سبب دماغ ۾ رت جي نالين ۾ تباهه ٿيل ڳاڙهن ذرڙن جو جمع ٿيڻ آهي. انهن ۾ رت جي گردش جي رڪاوٽ ڪارڻ بڻجندي آهي.

مليريا جا جراثيم اينو فليز مڇر جي معدي ۾ پلندا آهن، جيڪي معدي کان ان جي وات ڏانهن سفر ڪندا آهن، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي چَڪُ پائيندو آهي ته، هي جراثيم ان جي منهن مان نڪري انهيءَ ماڻهوءَ جي رت جي گردش ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ هڪ خاص وقفي کان پوءِ بيماريءَ جون علامتون وقفي وقفي سان ظاهر ٿينديون آهن.

مليريا جو خاتمو انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي ته، اينو فليز مڇر کي ختم ڪيو وڃي. ترقي يافته ملڪن ۾ جتي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو مناسب انتظام، صحت ۽ صفائي جا اصول آهن، اتي هن بيماريءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ انسان داخلي طور پنهنجو دفاع ڪرڻ ۽ خارجي طرح ان کي ختم ڪرڻ جا ذريعا استعمال ڪيا آهن. داخلي طور ڪجهه دوائون، جهڙوڪ: ڪلورو ڪوئين (Chloroquin)، ڪونين (Quninine)، پيلوڊرين (Paludrine)، ڊاراپرم (Daraprim) ۽ ڪن  نين دوائن وغيره جو استعمال آهي، جيڪي انساني جسم ۾ داخل ٿي مليريا جي جراثيم سان جنگ ڪري انهن کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن.

خارجي طور تي مڇر کي ختم ڪرڻ جون تدبيرون ڪيون وڃن ٿيون، ان جو طريقو اهو آهي ته، اهي سڀ جايون صاف ڪيون وڃن ٿيون، جتي اهو پلجي ٿو. بيٺل پاڻي خارج ڪيو وڃي ٿو.

مينهن جي بيٺل پاڻيءَ يا ٻئي گدلي پاڻيءَ ۾ ڊي، ڊي ٽي يا ٻيون جيت مار دوائون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، جنهن سان مڇرن جا آنا ۽ مڇرن جي ٻچن کي ختم ڪيو وڃي ٿو.

 

تپ دق بابت توهان ڇا ٿا ڄاڻو؟

هيءَ بيماري “Tubercle Baccilus” نالي هڪ مخصوص جراثيم سان انسان کي لڳي ٿي. هيءَ هڪ خطرناڪ بيماري آهي. گهر ۾ جيڪڏهن انهيءَ جو هڪ مريض، هجي ته، خاندان جي ٻين فردن ۾ به اها بيماري پکڙجي سگهي ٿي، خاص طور تي صحت ۽ صفائي جي ناقص انتظام واري ڳتيل آبادين ۾ ته، هيءَ آسانيءَ سان ڦهلجي سگهي ٿي.

هي هڪ نهايت موذي مرض آهي، جيڪو آهستي آهستي وڌندو آهي ۽ جسم جي مختلف عضون، جهڙوڪ: ڦڦڙن، آنڊن، هڏين، سنڌَن، غدودن، دماغ، گردن ۽ ڄم سرشتي (Reproductive system) وغيره مان ڪنهن تي به اثرانداز ٿي، ان کي ناڪارو ڪري ڇڏيندي آهي، انهيءَ بيماريءَ جو علاج ڊگهو، مشڪل ۽ مهانگو ٿيندو آهي، جيئن ته ٽي بيءَ جو جراثيم اڪثر ڪري ساهه وسيلي جسم ۾ داخل ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري ڦڦڙن جي ٽي بي سڀ کان وڌيڪ ۽ عام آهي.

ترقي يافته ملڪن ۾ صحت جي اصولن تي مشتمل معاشرو ۽ حفاظتي  تدبيرن جي ڪري هيءَ بيماري هاڻي اڻ لڀ آهي پر بدقسمتيءَ سان ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اها بيماري هاڻي به هڪ عام مرض آهي ۽ لکين ماڻهو هر سال ان جو بک ٿي وڃن ٿا. هونءَ ته ٽيوبر ڪل بيسيلس جا ڪيترائي قسم آهن، پر انسان کي هي مرض ان جي ٻن قسمن مان لڳي ٿو. هڪ “Human Stran” آهي،جيڪو انسانن ۾ ملي ٿو ۽ انسان مان انسان تائين پهچي ٿو ۽ ٻيو “Bovine Starn” آهي،. جيڪو ڳئن، مينهن ۾ تپ دق جو ڪارڻ هوندو آهي ۽ انهن جو کير پيئڻ سان انسان ۾ پهچي وڃي ٿو.

خوش قسمتيءَ سان قدرت انسان ۾ اندر، هن بيماريءَ خلاف مزاحمتي سرشتو ڏنو آهي. جنهن جي ڪري گهڻا ماڻهو هن بيماريءَ جي مرض ۽ اثرن کان محفوظ رهن ٿا، جيڪڏهن اها قدرتي مدافعت نه هجي ها ته، ٽين دنيا ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو هن مرض ۾ ڦاسي چڪا هجن ها. هي جراثيم اسان جي ماحول ۾ ايترو عام آهي جو اسان جي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ کي عمر جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ هن بيماريءَ جي جراثيمن کان معمولي انفيڪشن ضرور ٿيندو آهي، جيئن ئي هي جراثيم وات ذريعي اندر پهچندا آهن، ته پنهنجو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن ۾ تپ دق جو پهريون زخم جنهن کي “Primary Complex” چئبو آهي، ٺهندو آهي.  انهيءَ جي خاصيت اها هوندي آهي ته، انهيءَ جاءِ وارا غدود ڦنڊي ويندا آهن. انهيءَ عمل سان گڏ اسان جو قدرتي مزاحمتي سرشتو چرپر ۾ اچي ويندو آهي ۽ انفيڪشن واري جاءِ کي چئني طرفن کان گهيرو ڪري ان کي وڌڻ کان روڪيندو آهي، انهيءَ سان گڏوگڏ  هن پهرين زخم ٿيڻ سان جسم ۾ قوت مدافعت به زور وٺي ويندي آهي ۽ جسم انهيءَ ڳالهه جو اهل ٿي ويندو آهي ته، جيڪڏهن ٻيهر تپ دق جا جراثيم داخل ٿين ته ان سان منهن ڏيئي سگهجي. اهڙيءَ طرح پهرين زخم جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري مدافعت نه صرف انهيءَ انفيڪشن کي ڪنٽرول ڪري ٿي پر سڄي زندگيءَ لاءِ اسان جي جسم ۾ تپ دق خلاف هڪ جهاد پيدا ڪري ٿي، جنهن جي مدد سان ماحول ۾ جراثيم هئڻ باوجود اسين گهڻي حد تائين پنهنجو بچاءُ ڪري وٺندا آهيون. پهرين زخم  مان پيدا ٿيڻ واري انهيءَ ڪارروائي دوران مريض گهڻو بيمار ناهي ٿيندو پر گهڻو ڪري انهيءَ جي ڪا به علامت ظاهر ناهي ٿيندي. البت ڪمزور مريضن يا ننڍن ٻارن کي جيڪڏهن اها بيماري زوردار حملو ڪري ته، مزاحمتي سرشتو انهيءَ تي ضابطو ڪري ناهي سگهندو ۽ پوءِ مريض کي  پهرين ئي مرحلي ۾ تپ دق جي بيماري لڳي ويندي آهي. انهيءَ صورت ۾ بيماري تيزيءَ سان ڦهلجندي آهي ۽ جراثيم رت جي دوري ۾ داخل ٿي وڃن سان موت به ٿي سگهي ٿو. پهرين زخم جي نتيجي ۾ جسم ۾ قوت مدافعت مناسب نه هئڻ ڪري مرض وڌڻ لڳي ٿو ۽ ڦڦڙن جي تپ دق ۾ مريض کي ساهه جي تڪليف، کنگهه، بخار سان گڏوگڏ آهستي آهستي ڦڦڙ ناڪارا ٿي وڃن ٿا.

دماغ جي مختلف حصن ۾ تپ دق جا جراثيم رت ۾ داخل ٿي پهچندا آهن ۽ ٿورڙي عرصي ۾ سرسام ۽ بي هوشيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري موت جو ڪارڻ بڻجندا آهن.

هڏن ۽ سنڌن جي تپ دق سان هڏا خراب ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ ناسور بڻجي ويندا آهن ۽ سنڌن جي چرپر متاثر ٿيندي آهي.

آنڊن جي تپ دق ۾ هاضمي جو سرشتو درهم برهم ٿي ويندو آهي ۽ مريض بخار ۽ پيٽ جي ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويندو.

هن مرض کان بچڻ جون ڪجهه تدبيرون آهن، جن سان ماڻهو بچي سگهي ٿو.

مريض جو علاج ڪرائڻ.

ٻارن کي حفاظتي ٽڪا هڻائجن.

صحت جي اصولن جي پابندي ڪجي.

بيماريءَ جي علامت ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ دم طبي معائنو ڪرائجي.

 

ويسر ڇا آهي؟ ويسر ڇو ٿيندي آهي؟

عمر جو هڪ خاص حصو گذرڻ کان پوءِ انسان جي يادگيري ۾ پيدا ٿيڻ وارين تبديلين کي ٻڍائپ يا پوڙهائپ جو ڪارڻ تصور ڪيو وڃي ٿو، تنهن هوندي به اهو ضروري ناهي، ڇاڪاڻ ته عمر جي وڌڻ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي سبب اهڙا ٿي سگهن ٿا، جن سان اهڙيون علامتون اُڀرن ٿيون. انهن مان هڪ انسان جو ڪنهن  مرض ۾ مبتلا ٿيڻ به آهي. پوڙهائپ جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ وارا ماڻهو گهڻو ڪري دماغي ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيندا آهن. انهيءَ مرض کي (ويسر) چئبو آهي. اها عجيب ڳالهه آهي ته، ”ويسر“ واري مريض کي ڪجهه ڪلاڪ اڳ واري ڳالهه ٻولهه به وسري ويندي آهي، پر گڏ گذريل زماني ۾ رونما ٿيڻ وارا واقعا چڱيءَ طرح ياد رهندا آهن.

ماهر، ڊگهي تحقيق کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته، ”ويسر“ واري مريض جو دماغ چڱيءَ طرح ڪم ناهي ڪندو، جنهن ڪري هو ڪنهن به مسئلي ۾ دلچسپي ناهي وٺندو. هو گذريل چوويهه ڪلاڪن ۾ رونما ٿيڻ وارن واقعن کي ياد رکي ناهي سگهندو، پوڙهي ماڻهوءَ جو ذهن ۽ جسم ايتري تائين ڪمزور هوندو آهي، جو هو خود پنهنجو خيال رکي ناهي سگهندو. انهيءَ لاتعلقي ۽ بي اعتمادي جي ڪري ان ۾ ويسر جو مرض پاڙون کوڙيندو آهي.

پوڙهائپ ۾ عقل ضعيف يا ويسر صرف عمر ۾ اضافي جي ڪري ئي نه پر ڪجهه ٻين عارضن جي ڪري به ٿي سگهي ٿي. ٻانهن جي ڏڪڻي ۽ هٿن جو ڏڪڻ ۽ اهڙي قسم جا ٻيا مرض جن بابت اسين سمجهون ته، وڏي عمر جي ڪري ٿي ويا هجن. اصل ۾ هي رسولين سبب ظاهر ٿيندا آهن. کاڌي جي گهٽتائي، انفيڪشن يا دوائن جي گهڻي استعمال سان حافظو گهٽ يا وري ختم ٿي ويندو آهي ۽ مريض اداس رهندو آهي، جيڪڏهن هنن مان ڪنهن هڪ جي ڪري پيدا ٿيڻ واري پوڙهائپ جهڙي حالت جو علاج ڪرائجي ته، ماڻهو ڪيترن سالن تائين صحتمند زندگي گذاري سگهي ٿو.

هڪ ٻي شيءِ جيڪا دماغ کي بهتر بنائي ٿي، اها آڪسيجن آهي، کليل هوا ۾ ورزش ڪرڻ سان وڌيڪ مقدار ۾ آڪسيجن حاصل ڪري ڪنهن به مريض جي حالت بهتر بنائي سگهجي ٿي. آڪسيجن رت ۾ شامل ٿي دماغ تائين پهچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه ماڻهو عمر جي اضافي جي باوجود چاڪ ۽ چڱا ڀلا ۽ تندرست نظر ايندا آهن.

 

قد ڪيئن وڌندو آهي؟

سڀئي جاندار شيون واڌ ويجهه ڪن ٿيون، اهي شڪل، قد بت ۽ بناوت کانسواءِ پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۾ به ترقي ڪن ٿيون.

واڌ ويجهه جو ڪارڻ بڻجڻ واريون سڀ کان اهم قوتون شروع کان ئي زندهه شين ۾ اندر موجود هونديون آهن، انهن قوتن کي مورثي چئبو آهي. انسانن سميت سڀ جاندار واڌ ويجهه جي مختلف مرحلن مان گذرندا آهن. يعني ايمبريو، فيٽس، ڄم، ننڍپڻ، جواني، پختي عمر ۽ پوءِ پوڙهائپ.

ڪن مخلوقن ۾ ڄم جو مرحلو نهايت مختصر هوندو آهي. ڪي پکي آنن مان نڪرندي ئي اُڏي سگهندا هن. گني پگ پيدا ٿيڻ کان ٽن ڏينهن کانپوءِ پنهنجو خيال پاڻ رکي سگهندو آهي. انسان اندازي مطابق 20 سالن جي عمر ۾ پهچي بالغ ٿيندو آهي.

نئين ڄاول ٻار ۾ سڀئي تنتي گهرڙا پهريائين موجود هوندا آهن. يعني هن جي دماغ، ريڙهه جي هڏي  ۽ جسم جي هر حصي جا تنتي گهرڙا، انهن تنتي گهرڙن جي وچ ۾ رابطي جي ترقي کيس پنهنجي حرڪتن تي قابو پائڻ جي قابل بنائي ٿي. هو تربيت پائي ٿو ۽ معاشري جي ماڻهن وانگر عمل کي اپنائي ٿو. تنهن ڪري سڀني انسانن جي واڌ ويجهه گهڻي ڀاڱي هڪ جهڙي هوندي آهي، پر ڪجهه اهم فرق موجود هوندا آهن. سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ واڌ ويجهه هڪ ئي انداز سان ٿيندي آهي، پر انهيءَ جي ترقيءَ ۾ فرق ٿي سگهي ٿو.

ماڻهن  جا جسم زندگيءَ جي شروعاتي هفتن ۾، پوءِ جي ڀيٽ ۾ تيزيءَ سان وڌندا آهن، پهرين سال جي آخر کان پهرين انهن جي وڌڻ جي رفتار سست ٿي ويندي آهي. سڄي ٻالپڻي دورران هو  هڪ مناسب رفتار سان وڌندا آهن، پوءِ واڌ ويجهه جي رفتار ۾ ٻيهر تيزي اچي ويندي آهي.

ڇوڪرين جو اهو مرحلو گهڻو ڪري 11 ۽ ڇوڪرن جو 12 کان 14 سالن جي عمر جي وچ ۾ شروع ٿئي ٿو. ان کان پوءِ وڌڻ جي شرح ٻيهر گهٽجندي وڌندي رهي ٿي. انسان شروع ۾ ڪجهه عرصو ڊيگهه ۽ پوءِ موڪر ۾ وڌي ٿو. ڪجهه ماڻهن جي واڌ ويجهه ۾ دير به ٿي سگهي ٿي.

 

اسان جي واڌ ويجهه بيهجي ڇو ويندي آهي؟

ٻار جو قد پيدائش وقت سراسري هڪ فوٽ 8 انچ هوندو آهي. ايندڙ ويهن سالن ۾ هن جو قد ٽيڻي واڌ سان گهڻو پنج فوٽ اٺ انچ ٿي ويندو آهي.

هن جي وڌڻ جو عمل جاري ڪيئن ٿو رهي؟ هي هڪ اهم سوال آهي ۽ هڪ سوال اهو به آهي ته جسم وڌندي وڌندي بيهجي ڇو ويندو آهي؟ ان جو آسان جواب اهو آهي ته جسم ۾ موجود غدودن (Glands) جو هڪ سرشتو اسان جي واڌ ويجهه کي ڪنٽرول ڪندو آهي. هن سرشتي کي اينڊو ڪرائين غدود (Endo Crine Gland) چئبو آهي. اينڊو ڪرائين غدود هي آهن: ڳچيءَ ۾ ٿائرائيڊ غدود  (Thyraid Gland) ۽ دماغ سان پچيوٽري غدود (Pitutary Gland) ڳنڍيل هوندو آهي. ڇاتيءَ ۾ ٿائرائيڊ غدود (Thyraid Gland)، پچيوٽري غدود اسان جي هڏين جي نشونما ڪري ٿو، جيڪڏهن هي وڌيڪ ڪم ڪري ته اسان جون ٽنگون ۽ ٻانهون تمام گهڻو ڊگهيون ۽ هٿ ۽ پير تمام وڏا ٿي وڃن ٿا، پر جيڪڏهن انهيءَ جي ڪارڪردگي صحيح نه  هجي ته اسان جو قد ننڍڙو ئي رهندو ۽ واڌ نه ڪندو.

پيدائش وقت ٻار جو ٿائرائيڊ غدود وڏو هوندو آهي ۽ ٻالپڻي دوران وڌندو رهندو آهي. 13 يا 14 سالن جي عمر ۾ هي سسڻ لڳندو آهي. ٿائرائيڊ ۽ جنسي غدودن جي وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو ملي ٿو، جيستائين ٿائرائيڊ غدود وڌندو رهندو آهي. تيستائين جنسي غدود ننڍو هوندو آهي، جڏهن جنسي غدود وڌڻ شروع ڪندو آهي ته، ٿائرائيڊ غدود جي واڌ ويجهه بيهجي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو گهڻو ڪري 22 سالن جي عمر ۾ جنسي طور بالغ ٿيڻ تي ماڻهوءَ جي واڌ ويجهه بيهجي ويندي آهي.

ڪڏهن ڪڏهن جنسي غدود تمام گهڻو تيز وڏا  ٿي ويندا آهن ۽ ٿائرائيڊ غدودن جي وڌڻ جي رفتار پهرين سست ٿي ويندي آهي. اڪثر هن سبب جي ڪري ڪجهه ماڻهن جا قد سراسري قد کان گهٽ رهندا آهن. جيئن ته انسان جون ٽنگون دير سان ۽ جسم جا باقي حصا وڌيڪ وڌندا آهن، انهيءَ ڪري وقت کان اڳ ۾ واڌ ويجهه ٽنگن کي ننڍو ڪري ڇڏيندي آهي.

جيڪڏهن جنسي غدود دير سان وڌن ته  ٿائرائيڊ غدود پنهنجو ڪم جاري رکندو آهي ۽ ماڻهوءَ جو سراسري قد کان، قد وڌي ويندو آهي. اصل ۾ انسان 25 سالن جي عمر کان پوءِ آهستي آهستي وڌندا  رهندا آهن ۽ 35 يا  40 سالن جي عمر ۾ پنهنجي پوري قد تائين پهچندا آهن. ان کان پوءِ انسان 10 سالن ۾ تقريبن اڌ انچ ننڍا ٿيڻ لڳندا آهن. انهيءَ ڪري پوڙهائپ ۾ سنڌن ۽ ريڙهه جون ڪچڙيون هڏيون (Cartilages) خشڪ ٿي وڃن ٿيون.

 

اسان کي پگهر ڇو ايندو آهي؟

جسم کي هڪ مستقل بٺي تصور ڪري سگهجي ٿو. اسان جو کاڌل کاڌو ٻارڻ آهي. جنهن کي جسم ٻاريندو ۽ ساڙيندو آهي. هن عمل ۾ گهڻو ڪري 2500 ڪيلوري هر روز اسان جي جسم ۾ استعمال ٿئي ٿي.

هيءَ گرمي تمام گهڻي آهي. ايتري گرميءَ مان اسين 6 ڪلو پاڻيءَ کي اوٻاري سگهون ٿا. اسان جي جسم جي سڄي گرمي ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ جسم ۾ گرميءَ کي ضابطي ۾ رکڻ جو هڪ مڪمل سرشتو موجود  آهي. صرف بيمار ٿيڻ تي ئي اها گرمي وڌندي آهي. اسان کي خبر آهي ته، اسان جي جسم جو گرميءَ جو درجو سراسري 98.6 ڊگري فارن هائيٽ آهي.

پگهر جو عمل جسم جي بٺيءَ کي مناسب گرمي پد تي رکڻ جو هڪ طريقو آهي. اصل ۾ اسان جي دماغ جو هڪ حصو جسم جي گرمي پد کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ان ۾ اندر وڌيڪ ٽي شعبا آهن. هڪ مرڪز ڪنٽرول، ٿڌو ڪندڙ مرڪز ۽ گرم ڪندڙ مرڪز.

فرض ڪريو ته ڪنهن سبب رت جو گرمي پد گهٽجي ويو آهي. هاڻي گرميءَ وارو مرڪز ڪم ڪرڻ لڳندو آهي، خاص غدود ٻرڻ لاءِ وڌيڪ ڪيميائي مادا ٿيندا آهن، مشڪون ۽ جيرو وڌيڪ ٻارڻ خرچ ڪندا آهن ۽ پوءِ سُتت ئي گرمي پد وڌڻ لڳندو آهي.

هاڻي فرض ڪريو، ڪنهن سبب جي ڪري رت جو گرمي پَدُ وڌي وڃي ٿو ته، پوءِ ٿڌ وارو مرڪز ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. ٻارڻ جي سڙڻ (Oxidation) جو عمل سست ٿي وڃي ٿو.  هڪ ٻيو اهو واقعو به ٿيندو آهي، اهو اُهو آهي ته، کل (Skin) ۾ موجود  نسون (Vessels)  کلي پونديون آهن، جنهن سان اجائي ۽ واڌاري گرمي خارج ٿي ويندي آهي.

ڪا به پاڻياٺ جڏهن بخار بڻجي اڏامندي آهي ته، گرمي به سان کڻندي آهي، مثال طور: اسين وهنجڻ کان پوءِ ٿڌ محسوس ڪندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي کل کي لڳندڙ پاڻي بخار بڻجي اُڏامڻ وقت اسان جي جسم جي گرمي به کڻي ويندو آهي، جنهن جي ڪري جسم ۾ گرمي گهٽجي ويندي آهي، تنهن ڪري پگهر جسم کي ٿڌو رکڻ جي عمل جو حصو آهي.

پگهر جو عمل ڪنهن ڦوهاري وانگر اسان جي جسم جي اندر کي ڌوئي ٿو. پاڻياٺ ڦڙن جي صورت ۾ اسان جي جسم جي پل  ۾ موجود سوراخن وسيلي ٻاهر نڪرندي آهي. اهي ننڍڙا ڦڙا هڪدم بخارن جي صورت اختيار ڪري جسم کي ضرورت مطابق ٿڌ پهچائيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پگهر جي حالت ۾ پکي آڏو ويهڻ سان فرحت محسوس ڪندا آهيون.

 

اُڃَ ڇو لڳندي آهي؟

اسان جي جسم جو 50 کان 60 سيڪڙو پاڻياٺ تي مشتمل آهي. هڪ جوان ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ 250 ملي ليٽر پاڻي پگهر وسيلي ۽ 750 ملي ليٽر پيشاب وسيلي خارج ڪري ٿو.

ٻئي پاسي اسين پاڻي پيئون يا نه پيئون، پر پنهنجي جسم ۾ پاڻي موڪليون ٿا. جڏهن جسم کاڌي کي هضم ڪري ٿو ته روزانو انهيءَ کاڌي مان هڪ اندازي مطابق 250 ملي ليٽر پاڻي حاصل ڪري ٿو، پر پاڻيءَ جو نيڪال ۽ پاڻي حاصل ڪرڻ جو هي عمل جسم جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي. اڃ لڳڻ انهيءَ ضرورت جي نشاندهي آهي.

منهن ۽ گلي جو خشڪ ٿيڻ، اڃ لڳڻ جي ڪري ناهي ٿيندو. انهيءَ خشڪيءَ جا ڪي ئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، جيئن: پريشاني، ورزش، ٿڪَ ٺهڻ جي عمل ۾ سستي وغيره.

وات ۾ گهڻو پاڻي ۽ پيشاب سان مثاني جو ڀريل هئڻ باوجود به اسان کي اُڃ لڳندي آهي. اسان کي اڃ لڳڻ جو سبب اسان جي رت ۾ لوڻ جي عنصرن ۾ تبديلي آهي. اسان جي رت ۾ لوڻ ۽ پاڻيءَ جو خاص مقدار موجود هوندو آهي. جڏهن انهن جي نسبت بدلجي وڃي ته اُڃ لڳندي آهي.

اسان جي دماغ جو هڪ حصو ”اُڃ مرڪز“ لوڻ جي گهٽتائي جو اطلاع موڪليندو آهي. اتان پيغام واپس دماغ ۾ ويندو آهي ۽ اسين اڃ محسوس ڪندا آهيون.

 

اسان کي ٿَڪُ ڇو ٿيندو آهي؟

ٿَڪُ کي اصل ۾ زهريلو خيال ڪيو وڃي ٿو. جسم جي ڪا به مشڪ ڪم ڪرڻ وقت لئڪٽڪ ائسڊ (Lactic Acid) پيدا ڪندي آهي، جيڪڏهن ٿڪل مُشڪ مان ليڪٽڪ ائسڊ ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ وري ڪم ڪرڻ لڳندي.

ڏينهن جو اسان جي جسم ۾ ليڪٽڪ ائسڊ جو ”زهر“ ڦهلجندو آهي. مشڪن جي چرپر دوران جسم ۾ ڪجهه ٻيا مادا به پيدا ٿين ٿا، جن تي ٿڪائون ٽاڪسن (Toxins) چئبو آهي. رت انهن مادن يا مرڪبن کي جسم جي ٻين حصن تائين کڻي ويندو آهي، جنهن جي ڪري سڄو جسم خاص طرح دماغ ٿَڪُ محسوس ڪندو آهي.

هي رڳو ڪيميائي عمل ناهي، هي هڪ حياتياتي عمل به آهي، اسين ٿَڪُ کي هڪدم دور نه ٿا ڪري سگهون. گهرڙن کي ”ٻيهر چارج“ ڪرڻو پوندو آهي. ٿڪجڻ کان پوءِ جسم جي توانائي بحال ڪرڻ لاءِ هميشه ننڊ جي ضرورت پوندي آهي، پر ميز تي ويهي ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن کي ٿڪجڻ کان پوءِ سمهڻ جي خواهش نه ٿئي، انهيءَ جي ابتڙ هو گهمڻ جي ڪندا آهن.

جڏهن جسم جو ڪو به مخصوص حصو ٿڪبو آهي، مثال طور: دماغ، اکيون، هٿ ۽ ٽنگون، ته پوءِ تازو ۽ توانو ٿيڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته، جسم جي ٻين حصن کي متحرڪ ڪيو وڃي. حقيقت ۾ اسين سرگرمين وسيلي به آرام ڪري سگهون ٿا.

سرگرمين جي ڪري پگهر وڌيڪ مقدار ۾ نڪرندو آهي. رت وڌيڪ تيزيءَ سان گردش ڪندو آهي. غدود وڌيڪ فعال ٿي ويندا آهن ۽ جسم جي ٿڪل حصن مان مادا نڪري ايندا آهن. پر جيڪڏهن توهان پوريءَ طرح ٿڪل آهيو ته ان لاءِ بهترين شيءِ ننڊ آهي.

 

ڪي ماڻهو کاٻيڙا ڇو ٿيندا آهن؟

گهڻو ڪري ماڻهو ساڄي هٿ سان ڪم ڪندا آهن. کاٻي هٿ سان ڪم ڪرڻ جي سبب لاءِ هڪ نظريو آهي، اهو اِهو آهي ته : ”جسم جا ٻئي حصا پاڻ ۾ هوبهو هڪ جهڙا ناهن هوندا. اسان جي منهن جو ساڄو حصو کاٻي حصي کان ٿورڙو مختلف هوندو آهي. اسان جون ٻئي ٽنگون به هڪ جهڙيون طاقتور ناهن هونديون. اسان جا ٻئي پير به ڊيگهه جي لحاظ کان مختلف ٿيندا آهن ۽ اهو فرق سڄي جسم جي سڀني عضون ۾ موجود هوندو آهي.

هاڻي جڏهن اسين دماغ تي اچون ٿا ته، خبر پوي ٿي ته توڙي جو انهيءَ جو ساڄو ۽ کاٻو حصو آهي، پر اهي ٻئي حصا هڪ جهڙو ڪم نٿا ڪن. يقين سان چيو وڃي ٿو ته، دماغ جو کاٻو، حصو ساڄي حصي تي غالب هوندو آهي.

دماغ کان نڪرندڙ تنتيون ڪلهن وٽ اچي هڪ ٻئي کي ڪٽينديون آهن ۽ ايئن ساڄي پاسي واريون تنتيون جسم جي کاٻي پاسي ۽ کاٻي پاسي واريون تنتيون ساڄي پاسي هليون وينديون آهن، تنهن ڪري دماغ جو ساڄو حصو کاٻي کي ۽ کاٻو حصو ساڄي طرف کي ڪنٽرول ڪري ٿو.

هاڻي جيئن ته، دماغ جو ساڄو ۽ هڪ کاٻو حصو آهي، پر ٻئي حصا ساڳيءَ طرح ڪم نٿا ڪن، يقين سان چئي سگهجي ٿو. دماغ جو کاٻو حصو ساڄي تي غالب پئجي وڃي ٿو.

دماغ مان نڪرندڙ تنتيون ڪلهن وٽ اچي هڪ ٻئي کي ڪپين ٿيون ۽ ايئن ساڄي طرف ۾ هلڻ واريون تنتيون جسم جي کاٻي حصي ۽ کاٻي حصي واريون جسم جي ساڄي حصي ۾ هليون وڃن ٿيون، تنهن ڪري دماغ جو سڄو حصو، کاٻي ۽ کاٻو حصو ساڄي طرف کي ڪنٽرول ڪري ٿو.

هاڻي جيئن ته دماغ جو کاٻو حصو غالب ٿيندو آهي، تنهن ڪري ساڄو حصو وڌيڪ هوشيار ۽ فعال بڻجي ويندو آهي. اسين دماغ جي کاٻي اڌ جي مدد سان پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڪم

 

اک جو موتيو بند (Cataract) ڇا آهي؟

انسان جي پوڙهو ٿيڻ سان جسم ۾ جتي تبديليون پيدا ٿين ٿيون اتي اک جي بلور ۾ به ڌنڌلاڻ اچي ويندي آهي، جنهن جي ڪري مريض کي گهٽ نظر ايندو آهي. اک جو هي مرض پوڙهائپ ۾ ٿيندو آهي. اصل ۾ اک جي بلور جي اندر گدلي يا غير شفاف مادو آهستي آهستي لهندو آهي. جڏهن نظر ۾ ڌنڌلائي اچي وڃي ۽ صاف ڏسي نه سگهجي ته سمجهڻ گهرجي ته اک ۾ موتيو لهي ايندو، انهيءَ کي سڃاڻن جي هڪ نشاني ٻي به آهي. ان جو مريض روشنيءَ جي مقابلي ۾ هلڪي روشنيءَ ۾ وڌيڪ صاف ڏسي سگهندو آهي. گهٽ روشنيءَ ۾ جيئن ته اک جي ماڻڪي ڦهلجي ويندي آهي تنهن ڪري اک ۾ وڌيڪ روشني داخل ٿيڻ ۽گذرڻ جي ڪري مريض کي صحيح ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

موتيو جي ڪري اک جي ماڻڪي جو رنگ ڪاري بجاءِ ڀورو يا اڇو نظر ايندو آهي. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي اک ۾ موتيو مڪمل طور تي لهي اچي ته ان جي اک جو سڄو بلور ڌنڌلو ٿي ويندو آهي.

اڄڪلهه جراحي جي علم وسيلي موتيي جو مڪمل عالج ممڪن آهي. جراحي وسيلي انهيءَ گندي بلور کي ڪڍيو ويندو آهي ۽ ان جي بدلي عينڪ يا هٿرادو بلور وڌو ويندو آهي. جنهن سان نظر ٺيڪ ٿي ويندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org