حصو پهريون
انساني جسم
نبض ڇا آهي؟
دل جي ڌڙڪڻ سان صاف ۽ آڪسيجن ڀريل رت دل جي کاٻي ڪنوتي مان نڪري
شاهه شريان
(Aorta)
۾ پمپ ٿيندو آهي ته، جيئن سڄي جسم ۾ دور ڪري سگهي.
شاهه شريان ۾ داٻ سان رت اچڻ جي ڪري ان جو ڪجهه
حصو ڦهلجي وڃي ٿو. دل جي ڌڙڪن جي وچ ۾ وقفو ٿيندو
آهي، انهيءَ وقفي دوران شاهه شريان جي ڀت سُسي
اصلي حالت ۾ اچي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري دل ڏانهن
ايندڙ رت انهيءَ شريان ۾ اڳتي ڌڪجي وڃي ٿو. شريانن
جي لچڪ واري خاصيت جي ڪري، واري واري سان سوس ۽
ڦهلاءَ جي هڪ لهر پيدا ٿئي ٿي، جيڪا جسم جي شريانن
جي سڄي نظام ۾ ڊوڙي ٿي. انهيءَ لهر کي ڪنهن به
شريان تي محسوس ڪري سگجي ٿو، پر شرط اهو آهي ته،
شريان کل جي ويجهو ۽ ڪنهن هڏي تي هجي، جيئن ويڻيءَ
۽ لوندڙي وغيره، انهيءَ لهر جي هر هر اچڻ ۽ محسوس
ڪرڻ جو نالو نبض آهي.
جيئن ته، نبض جو درومدار دل جي سسڻ ۽ ڦنڊڻ تي هوندو آهي، تنهن
ڪري اسان کي دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار سرشتي ۾ رت جي
داٻ
(Blood Presure) بابت به معلومات ملي ٿي.
عام طرح نبض ويڻيءَ تي ڏٺي ويندي آهي، ويڻيءَ تي شريان گوشت ۾
لڪل ناهي هوندي، پر کل جي هيٺان هوندي آهي، اتي ان
کي ڦڙڪندي محسوس ڪرڻ آسان هوندو آهي، توهان پنهنجي
نبض کي ڏٺو هوندو يا ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ وقت ڏٺو
هوندو ته، گهڻو ڪري ڊاڪٽر ويڻيءَ تي نبض ڏسندوآهي،
جڏهن به ڊاڪٽر نبض ڏسندو آهي ته، ويڻيءَ ۾ نبض
ڳولي ٽن آڱرين سان ڏسندو آهي.ويڻيءَ کانسواءِ پير
جي پٺي، لوندڙي ۽ ڳچيءَ جي ٻنهي پاسن کان به نبض
ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿي. نبض جو دارومدار جسم جي
رت جي ضرورت تي آهي. آرام واري حالت ۾ ان جي رفتار
گهڻو ڪري 72 کان 80 ڌڙڪا في منٽ هوندي آهي پر ڊوڙڻ
جي صورت ۾، ڏاڪڻ تي چڙهڻ يا ورزش ڪرڻ سان ان جي
رفتار وڌي وڃي ٿي. بيماريءَ جي حالت ۾ به نبض تيز
ٿي ويندي آهي. دل جي بيمارين ۾ نبض يڪسان ناهي
رهندي پر بي ترتيب ٿي ويندي آهي.
ٻارن ۾ به نبض جي رفتار وڏن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي.
دل ڪيئن ٿي ڌڙڪي؟
اسان جي دل ٻٽي پمپ وانگر آهي. ان جو ڪم هر هر سسڻ ۽ ڦنڊڻ سان
رت جي داٻ کي قائم رکڻ آهي. دل جي بناوت چئن خانن
تي مشتمل ٿئي ٿي، ساڄي پاسي وارن خانن جو ڪم،
استعمال ٿيل رت کي گڏ ڪرڻ ڦڦڙن ۾ آڪسيجن حاصل ڪرڻ
لاءِ پمپ ڪرڻ آهي. جڏهن ته دل کاٻي پاسي وارا
خانا صاف رت حاصل ڪري بدن جي مختلف حصن ڏانهن
اماڻن ٿا.
اسان جي زندگيءَ جو دارومدار دل جي ڌڙڪندو رهڻ تي آهي. ڏينهن
رات، جاڳندي سمهندي، هلندي ڦرندي دل ڌڙڪندي رهي
ٿي.جيئن جسم کي رت وسيلي آڪسيجن ۽ توانائي پهچي
سگهي. هن ننڍڙي عضوي جي ڪارڪردگي جو اندازو انهيءَ
مان لڳايو وڃي ٿو ته، ماڻهوءَ جي دل هڪ منٽ ۾
تقريبن 72 ڀيرا ڌڙڪي ٿي، يعني هر ڌڙڪي سان دل مان
سراسري 80 کان 100 سي سي رت خارج ٿئي ٿو. يعني هڪ
منٽ ۾ تقريبن پنج لٽر رت ۽ هڪ ڏينهن ۾ تقريبن ڏهه
هزار لٽر رت پمپ ڪيو وڃي ٿو، ڀڄڻ يا ڊوڙڻ، ڳورو ڪم
ڪرڻ ۽ ورزش دوران دل جو ڪم ڪئي ڀيرا وڌي وڃي ٿو.
هڪ سراسري زندگي جي عرصي ۾ دل مجموعي طور تقريباََ پنجويهه ملين
لٽر کان وڌيڪ رت پمپ ڪري ٿي. سڄو ڪم دل ڪري ٿي،
پيدائش کان موت تائين 60- 70 سال مسلسل سواءِ ڪنهن
وقفي، جي سواءِ ڪنهن رڪاوٽ جي ۽ سواءِ مرمت جي
لڳاتار ڌڙڪندي رهي ٿي.
دل کانسواءِ جسم جا سڀ عضوا دماغ جي اثر هيٺ هوندا آهن ۽ تنتي
تحرڪ وسيلي ڪم ڪندا آهن، جيڪو دماغ يا خرام مغز
مان اعصابي رڳن وسيلي عضون تائين پهچي ٿو، پر قدرت
دل جي ڌڙڪڻ جو سرشتو خودڪار رکيو آهي.
دل جي ڌڙڪڻ جو هيءُ پاڻ مرادو حرڪت جو مرڪز دل جي ساڄي ڪنوتي
(Right Auricle)
۾ مٿئين پاسي واقع هوندو آهي، ان کي سائنس نوڊ
(Sinus Node)
چئبو آهي. هي مرڪز مخصوص گهرڙن
تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پاڻمرادو حرڪت جي پيدائشي
صلاحيت هوندي آهي، تحريڪ اتان شروع ٿي، پهريائين
ٻنهي ڪنوتين يعني دل جي مٿين خانن ۾ ڦهلجندي آهي.
ان سان گڏ پهرين اهي سسندا آهن. پوءِ اها تحريڪ
ٻئي مرڪزي اي- وي نوڊ
(A.V. Node)
سان ٿيندي آهي. ٿورڙي وقفي سان دل ۾ اندر خاص ڌاڳن
هس بنڊل
(Bundle of His وسيلي دل جي هيٺين خانن وينٽريڪل
(Ventricles)
۾ پهچي دل جي سڀني عضون تائين پهچي وڃي ٿو، ٿورڙي
وقفي اهي ٻئي سسن ٿا. ائين دل جي ڌڙڪي جا ٻه حصا
ٿيندا آهن، جيڪي آواز به پيدا ڪندا آهن، ڌڙڪڻ جي
پهرين حصي ۾ رت مٿين خانن مان هيٺين خانن ۾ اچي
ٿو ۽ ٻئي حصي ۾ رت ساڄي ڪنوتيءَ مان ڦڦڙن ڏانهن ۽
کاٻي ڪنوتيءَ مان بدن ڏانهن پمپ ڪيو وڃي ٿو.
دل جي تحريڪ تاندرون ۽ گهرڙن ۾ ڦهلجڻ دوران عارضي برقي تبديليون
به پيدا ٿينديون آهن، جن کي اي. سي. جي
(Electrocardiography)
وسيلي رڪارڊ ڪيو ويندو آهي،
جنهن مان ڊاڪٽر خبر لڳائيندا آهن ته، دل جي ڪهڙي
حصي ۾ تحريڪ جي رڪاوٽ يا تاندرون جي ڪمزوري آهي يا
ناهي. انهيءَ سان دل جي بيمارين جي سڃاڻپ ۾ مدد
ملندي آهي.
اسان جي جسم جا عضوا ڪم ڪيئن ڪن ٿا
اسان جي جسم جي گوشت جو گهڻو حصو مشڪن تي مشتمل هوندو آهي ۽ اهي
اسان جي جسم جو تقريبن 50 سيڪڙو حصو آهن، مشڪن جو
مقصد جسم ۾ چرپر پيدا ڪرڻ آهي، اسان جي هر چرپر
پوءِ اها شعوري هجي يا غير شعوري هجي، انهن مشڪن
تي مدار رکي ٿي، مشڪون جسم جي هڏائين پڃري کي هر
پاسي کان ڍڪي جسم جي شڪل ڏينديون آهن.
مشڪون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن. هڪ اهي جن جو ضابطو اسان جي وس
۾ آهي، جيئن : هٿ، پير، گردن وغيره جون مشڪون.
انهن کي
(Voluntary)
مشڪون چئبو آهي. ٻيون اهي
مشڪون آهن، جن تي ضابطو اسان جي وس ۾ ناهي هوندو،
انهن مشڪن کي
(Non Voluntary)
چئبو آهي. دل جي حرڪت، آنڊن جي حرڪت ۽ ٻين اندروني
عضون جي چرپر هن قسم جي مشڪن جي ڪري ٿيندي آهي.
Voluntary
مشڪن جا ٻئي ڇيڙا گهڻو ڪري
ڪنهن جوڙ تان گذري ٻنهي پاسي هڏيءَ سان ڳنڍيل
هوندا آهن، سسڻ جي حالت ۾ هڏا ليور جو ڪم ڏين ٿا ۽
جوڙ (سَنڌَ) تي چرپر جو عمل ضرورت مطابق ممڪن
هوندو آهي.
مشڪن جي بناوت ۾ فرق هي آهي ته، انهن جا گهرڙا خاص قسم جا هوندا
آهن، انهن ۾ سسڻ ۽ ڦنڊجڻ جي صلاحيت هوندي آهي. اهي
تڻجي سگهن ٿيون، گهڻيون مشڪون ڌاڳن جي صورت ۾ ريشن
سان ملي هڪ مڪمل مشڪ ٺاهن ٿيون. هڪ وچولي سائيز جي
مشڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين گهرڙا هوندا آهن، اسان جي
جسم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 650 مشڪون آهن، جسم جا مختلف عضوا
پنهنجي پنهنجي ڪمن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ مشڪن تي
دارومدار رکن ٿا، ٻانهن جون مشڪون ٻانهن جي چرپر
لاءِ ڄنگهن جون مشڪون هلڻ گهمڻ لاءِ آهن. مطلب ته
جسم جي هر قسم جي چرپر لاءِ مشڪن جو هئڻ ضروري
آهي. ان کانسواءِ مشڪون ساهه جي عمل کي به باقاعدي
هلائن ٿيون.
هر مشڪ جو گهرڙو هڪ موٽر وانگر آهي، ان جي هڪ ڇيڙي تي ڏهه ننڍڙن
دٻن جهڙيون بناوتون هونديون آهن، جن ۾ اندر هڪ
مخصوص ڪيميائي مادو هوندو آهي. هي موٽر جي سلنڊر
وانگر ڪم ڪندا آهن، چرپر جي ضرورت مطابق جڏهن دماغ
کان اعصابي رڳن وسيلي پيغام موصول ٿيندو آهي ته،
انهن دٻن ۾ اندر موجود مادو سيڪنڊ جي ڏهين حصي کان
به گهٽ وقفي ۾ ڄمڻ لڳندو آهي، جنهن جي ڪري گهرڙو
سوس کائڻ لڳندو آهي، هڪ مشڪ جي سڀني گهرڙن جي سسڻ
سان مشڪ چرپر ۾ اچي وڃي ٿي ۽ عمل پيدا ٿئي ٿو، مشڪ
جي چرپر جو عمل تمام تيز هوندو آهي، ان کان پهرين
جو اها ڦهلجي، ٻيو پيغام اچي ويندو آهي ۽ اهڙيءَ
طرح هر هر سسي ٿي. سوس جو عمل تيزيءَ سان سلسليوار
عمل ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ طرح مشڪون هڪ عمل ۾ ڍالجي
وينديون آهن ۽ چرپر عمل ۾ ايندي آهي.
سَنڌ ڪهڙيءَ طرح ڪم ڪندا آهن؟
جيڪڏهن اسان جا سڀ هڏا پاڻ ۾ سڌا سنوان ڳنڍيل هجن ها ته، اسين
ڪنهن به قسم جي ڪا به چرپر ڪري نه سگهون ها پر
ائين ناهي. قدرت انهيءَ لاءِ وچ ۾ سَنڌ بنايا آهن،
جيڪي هڏن کي پاڻ ۾ ملائين ٿا ۽ اڳتي پوئتي ٿيندا
رهندا آهن. جيڪڏهن اسان جي جسمن ۾ اهي سنڌ نه هجن
ها ته، اسان لاءِ اهڙيءَ طرح ڀرپور زندگي گذارڻ
ممڪن نه هجي ها. سَنڌ، هڏن جي گاٺ کي گهٽائڻ سان
گڏوگڏ هڪ ٻئي مٿان ترڪڻ جي قابل بنائين ٿا. هڏن جي
انهن حصن جي وچ ۾ جيڪي هڪ ٻئي سان ڳاٺ کائن ٿا.
قدرت هڪ سڻڀو ليسدار مادو رکيو آهي، ان کي ڪچڙي
هڏي چئبو آهي. ان کانسواءِ ڪچي آني جي اڇاڻ جهڙي
هڪ اڇي گهاٽي پاڻياٺ به انهن سَنڌَن کي ملندي
رهندي آهي، جيڪا انهن کي سڻڀو رکندي آهي، ان کي
سِنوئيل فلوئيڊ جو نالو ڏنو ويو آهي، اهو سڻڀ گاٺ
کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مشيني تيل وارو ڪم ڪري ٿو، جڏهن
سَنڌَ سڪون واري حالت ۾ هوندا آهن ته، اها گهاٽي
پاڻياٺ گهٽ خارج ٿيندي آهي پر چرپر ڪرڻ دوران اها
گهڻي مقدار ۾ پهچڻ لڳندي آهي ۽ سَنڌَن کي ضرورت
مطابق سڻڀو رکندي آهي، انسان جي جسم ۾ چئن قسمن جا
سنڌ ٿين ٿا.
گولي ۽ پيالي وارو سَنڌُ: هن قسم جي سنڌ ۾ هڪ هڏي جو ڇيڙو گول
هوندو آهي، جيڪو ٻئي هڏي جي اهڙي گول پيالي ۾ ويٺل
هوندو آهي ۽ چئن گول ڇيڙِ وارو هڏو هر پاسي حرڪت
ڪري سگهي ٿو.ان جو مثال گول ڪلهي جو سنڌ آهي، اسين
پنهنجي ٻانهن کي هر پاسي گهمائي ۽ ڦيرائي سگهون
ٿا. هن سنڌ جو ٻيو مثال ٻنڌڻ وارو سنڌ آهي، جيڪو
جسم ۾ موجود گولي ۽ پيالي وارن سنڌن ۾ سڀ کان وڏو
آهي پر جيئن ته ان کي وڌيڪ ٽائيٽ ڪري ڦٽ ڪيو ويو
آهي، تنهن ڪري هيڏانهن هوڏانهن گهڻي چرپر نه ٿو
ڪري سگهي.
نيم بيضوي سنڌ: هن قسم جا سَنڌَ، آني جي شڪل جهڙي هڏي ۽ هڪ
بيضوي سنڌ ۾ جُڙيل هوندي آهي مثال طور، ڪرائي جو
سنڌ. هن وسيلي اسين پنهنجي چنبي کي نيم دائري واري
چرپر ڏئي سگهون ٿا پر ان کي هڪ مڪمل دائري جي شڪل
۾ به گهمائي سگهون ٿا. سنڌن جي هن قسم ۾ ٿورڙي
تبديلي سان ”ڪاٺيءَ جوڙ“ ٻڻجي پوي ٿو، جنهن ۾
هڏيون فقط ٻن طرفن ۾ چرپر ڪري سگهن ٿيون، جهڙيءَ
طرح بيل گاڏيءَ جي ڳن تي ويٺل سوار صرف ٻن طرفن
پاسي حرڪت ڪري سگهي ٿو.هن سَنڌَ جو مثال ڪرنگهي جي
هڏي آهي.
قبصي دار سنڌ: اهي سوئڙي جي قبضي وانگر ڪم ڪندا آهن. گوڏن جا
سنڌ هن جو مثال آهن. يعني پني ۽ سٿر کي اسان هن جي
مدد سان پنهنجي ڄنگهه جي ڪنهن هڪ حصي کي پوئتي
جهڪائي سگهون ٿا، پر اڳئين پاسي ساڄي ۽ کاٻي پاسي
نه ٿا جهڪائي سگهون، آڱرين جي وچ وارا سنڌ به هن
قسم سان تعلق رکن ٿا.
ڦرڻا سنڌ: هي سَنڌَ هڏن کي گولائي ۾ ڦيرڻ جي قابل بڻائيندا آهن.
هن قسم جو سَنڌ اسان جي کوپڙي جي هيٺيان موجود
هوندو آهي. جيڪو مٿي کي پوئين پاسي موڙي ڏسڻ جي
قابل بنائيندو آهي. هن قسم جا سنڌ اسان جا ٻانهن
جي وڻيءَ ۾ به موجود هوندا آهن، جيڪي اسان کي ڪرف
۾ ڪُنجيءَ گهمائڻ جي قابل بڻائيندا آهن.
ان کان سواءِ چرپر ڪرڻ ۽ چرپر نه ڪري سگهڻ جي صلاحيت جي لحاظ
کان سنڌن کي مجموعي طور تي ٻن قسمن ۾ ورهايو وڃي
ٿو، جتي هڏا ملي حرڪت ڪري سگهن ٿا. انهن کي متحرڪ
سنڌ چئبو آهي، جڏهن ته حرڪت ڪري نه سگهندڙ سنڌن کي
غير متحرڪ سنڌ چئبو آهي.
پيرن هيٺيان ڪٻ(محراب) جي شڪل ڇو ٿيندي آهي
جيڪڏهن اسين آلن پيرن جي نشانن تي غور ڪريون ته مشاهدو ٿيندو ته
اهي نشان اسان جي پيرن جا سڄا نشان ناهن ڇاڪاڻ ته
پيرن جي تريءَ جو ڪجهه حصو مٿي هئڻ جي ڪري زمين کي
نه ٿو ڇهي.
اصل ۾ پير جي بناوت هڪ قسم جي ٽپائي آهي، جيڪا ٽن جاين تي زمين
کي لڳي ٿي، هڪ جاءِ ان جي پويون حصو يعني کڙي
هوندي آهي، ٻيون ٻه جايون ان جي اڳئين حصي يعني
تريءَ واري حصي ۾ آهن. انهن ٽن جاين تي اسين بيهڻ
جي قابل هوندا آهيون، انهن ٽن وزن کڻڻ وارين جاين
تي ڪيتريون ئي ننڍيون هڏيون ۽ ننڍن وڏن عضون جي
مدد سان پير هڪ محراب
(Arch)
جي شڪل بنائين ٿا، پيرن جو اهو محراب سخت ناهي
هوندو پر لچڪدار هوندو آهي، اها لچڪ ان کي پيرن جي
هڏين جي مخصوص بناوت ڀرڪڻ هڏين ۽ پيرن جي عضون ۽
ليگامينٽون جي ڪري آهي، انجنيئرنگ جي نقطه نظر سان
محراب تعميرات جو هڪ بهترين مثال آهي، جيڪو اسان
جي سڄي جسم جو وزن سواءِ ڪنهن تڪليف جي کڻندو آهي.
پيرن ۾ محراب جي هيٺان واري جاءِ چرٻيءَ سان ڀريل هڪ نرم گديءَ
وانگر هوندي آهي، ان ۾ رت جون نليون، اعصابي رڳون
۽ پتريون هڏيون، هلڻ گهمڻ دوران بار سان دٻجڻ کان
محفوظ رهي پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي.
جڏهن اسين اگهاڙن پيرن تي هلندا آهيون ته، ، پير جي انهيءَ
مخصوص بناوت جي ڪري اسان کي ڪا به تڪليف محسوس
ناهي ٿيندي. سڌن رستن تي هلڻ وقت اسان جي پيرن جون
ڪجهه جايون مسلسل عمل پذير هونديون آهن ۽ پنهنجو
پاڻ کي هڪ مخصوص طرز جي عمل لاءِ ڍالي ڇڏينديون
آهن. زمين جي باقاعدگي ۽ هيٺ مٿانهين صورت ۾ پيرن
جي لچڪدار بناوت هر قدم کان پوءِ پيرن کي هڪ نئين
پوزيشن اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. اهڙيءَ طرح
اسان جا پير پنهنجي محرابن جي نازڪ ڇڪتاڻ وارن
عضون جي ڪري آسانيءَ سان متحرڪ رهنداآهن.
پيدائش کان وٺي بيهڻ جهڙو ٿيڻ تائين، هلڻ گهمڻ جي عمر تائين
ٻارن جا پير چپترا هوندا آهن، اصل ۾ پيرن جو محراب
هلڻ جي ورزش جي ڪري ٺهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن نسلي يا
مورثي طور تي ڪجهه ماڻهو چپترن پيرن وارا هوندا
آهن. يعني انهن جي پيرن جي محراب جي بناوت ڪمزور
هوندي آهي. ان کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن ورزش جي گهٽتائي
جي ڪري يا گهڻو وقت بيهڻ جي ڪري يا رت جي گردش ۾
گهٽتائي جي ڪري پيرن جا محراب ٻوجهه کڻڻ جي قابل
نه رهندا آهن ۽ ڦهلجڻ لڳندا آهن، نتيجي ۾ پير
چپترا ٿي ويندا آهن.
چپترن پيرن وارا ماڻهو گهمڻ ڦرڻ جي ڪري نسبتاََ جلدي ٿڪجي پوندا
آهن ۽ ڀڄڻ ڊڪڻ ۽ هيٺ مٿانهين تي هلڻ ۽ گهمڻ ۾
تڪليف محسوس ڪندا آهن.
اسان کي بک ڇو لڳندي آهي؟
انسان جي زندگيءَ جو دارومدار کاڌي تي آهي، ڇاڪاڻ ته، جسم جي
سڀني عضون ۽ انهن جي گهرڙن کي پنهنجي زندگي قائم
رکڻ ۽ پنهنجا پنهنجا ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ توانائي
جي ضرورت هوندي آهي. اها توانائي اسين کاڌي مان
حاصل ڪندا آهيون، کاڌي لاءِ اسان کي بک لڳڻ مان
مراد آهي ته، اسان کي وڌيڪ ٻارڻ جي ضرورت آهي.
بک لڳڻ لاءِ قدرت اسان جي جسم ۾ هڪ پاڻمرادو سرشتو بنايو آهي،
جنهن جي ڪري اسان کي بک لڳي ٿي. بک جو احساس کاڌي
جي ضرورت مطابق ٿيندو آهي.
اسان جي دماغ ۾ هڪ بک مرڪز هوندو آهي ۽ ان جي ڪنٽرول لاءِ هڪ
سيري مرڪز“ آهي، جڏهن جسم ۾ کاڌي جون شيون گهٽجي
وڃن ته، بک مرڪز چرپر ۾ اچي اسان کي بک جو احساس
ڏياريندو آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه کائڻ ڏانهن رغبت پيدا
ٿيندي آهي، انهيءَ سان گڏوگڏ هي مرڪز معدي ۽ آنڊن
کي متحرڪ به ڪري ٿو. انهيءَ ڪري جڏهن اسان بکيا
هوندا آهيون ته، معدي مان گرڙ گرڙ جا آواز ٻڌڻ ۾
ايندا آهن، جڏهن ضرورت مطابق کاڌو ملي ويندو آهي
ته، سيري مرڪز چرپر ۾ اچي بک مرڪز کي سست ڪري
ڇڏيندو آهي ۽ بک ختم ٿي ويندي آهي، انهن ٻنهي
مرڪزن کي عملي چرپر ۾ آڻڻ جو دارومدار ڪيترين ئي
شين تي آهي.
جسم ۾ ٿيڻ واري توانائي جي تبديلي بک مرڪز تي اثرانداز ٿئي ٿي،
توهان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هوندو ته، جيڪڏهن گهڻي در
کان کاڌو نه کاڌو هجي ۽ جسم ۾ کاڌي جي گهٽتائي ٿي
وڃي ته، ان جو احساس شديد ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن
وقفي وقفي سان ڪجهه کائندا رهون ۽ جسم ۾ ڪجهه کاڌو
هر وقت موجود هجي ته، تيز بک محسوس ناهي ٿيندي.
اهو به ڏٺو ويو آهي ته، جڏهن به رت ۾ گلوڪوز جو
مقدار گهٽجي وڃي ته بک لڳندي آهي. اهڙيءَ طرح رت
۾
(Free fatty acid)
جي گهٽتائي ٿي وڃي ته، به بک وڌيڪ لڳندي آهي ۽
جڏهن جسم گرم هجي ته بک گهٽ لڳندي آهي. سيءَ جي
مند ۾ بک وڌيڪ لڳندي آهي. انهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي
ته، سيءَ جي ڪري جسم کي مناسب ڪوساڻ قائم رکڻ لاءِ
وڌيڪ توانائي گهربل هوندي آهي ۽ اها توانائي کاڌي
مان حاصل ڪئي ويندي آهي.
روزمرهه جي بک جو سرشتو ڪجهه عادت تي به دارومدار رکي ٿو. اسين
عادت مطابق پنهنجي مقرر ڪيل وقتن تي جسم ۾ کاڌي جي
گهٽتائي هجي يا نه هجي، بک محسوس ڪندا آهيون ۽
کاڌو کائڻ کان پوءِ اسان جي معدي ۾ کاڌي جو ذخيرو
ٿي وڃن جي ڪري دماغ کي بک ختم ڪرڻ جو نياپو ملي
ويندو ۽ پيٽ ۾ بک جو احساس ختم ٿي ويندو آهي.
اسان جو جسم کاڌو ڪيئن هضم ڪري ٿو
اسان جو هاضمي جو سرشتو تقريبن 9 ميٽر (30 فوٽ) ڊگهي ٽيوب ۽ ان
سان لاڳو عضون تي مشتمل آهي، جيڪو وات کان شروع ٿي
وڏي آنڊي جي نيڪال واري سوراخ وٽ ختم ٿئي ٿو. اهو
ٽيوب مختلف جاين تي مختلف ڪمن جي ڪري مختلف شڪليون
اختيار ڪري ٿو. وات زبان، لٻ جا غدود، نڙي، کاڌي
جي نالي (ڳرڻ
(Oesophgus
معدو، ننڍو آنڊو، لبلبو، پتو،
جيرو ۽ وڏو آنڊو سڀ عضوا هاضمي جي عمل ۾ حصو وٺن
ٿا.
اسين جيئن ئي کاڌو کائڻ شروع ڪريون ٿا ته هاضمي جو عمل شروع ٿي
وڃي ٿو. وات ۾ ڏند کاڌو چٻاڙي پيهن ٿا. وات جي لٻ
۾ موجود شيون نشاستي کي ٽوڙڻ ڦوڙڻ جو عمل شروع ڪن
ٿيون، کاڌي جي نالي تقريبن 9 انچ ڊگهي آهي، انهيءَ
مان لنگهندي کاڌو مليل جليل حالت ۾ معدي ۾ پهچي
ٿو. هتي اهو ٻن کان ٽن ڪلاڪن تائين رهي ٿو. معدي
جي ڀت جي سسڻ ۽ ڦهلجڻ جي عمل جي ڪري کاڌي کي ٽوڙڻ
ڦوڙڻ ۾ مدد ملي ٿي، معدي جي رطوبت کاڌي ۾ چڱيءَ
طرح ملي وڃي ٿي ۽ معدي ۾ موجود تيزاب ۽ سڻڀو عرق
کاڌي تي اثرانداز ٿين ٿا، ان کي ٽوڙي ايترو ته
سهڙو ڪيو ويندو آهي، جيئن اهو رت ۾ شامل ٿي سگهي.
ڳار جي صورت ۾ کاڌو ننڍي آنڊي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو،
جيڪو 20 فوٽ ڊگهو آهي، اتي کاڌي ۾ لبلبي ۽ پتي جون
رطوبتون به شامل ٿين ٿيون. آنڊن ۾ موجود وار نلين
وسيلي هضم ٿيل کاڌو رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. رت سان
گڏ اهو پهرين جيري ۾ وڃي ٿو. ڪجهه کاڌو جيري ۾ گڏ
ٿئي ٿو ۽ باقي رت جي گردش سان گڏجي سڀني گهرڙن
تائين پهچي ٿو.
اڻ هضم ٿيل جزا وڏي آنڊي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. ان سان گڏ گهڻو پاڻي
وڏي آنڊي مان جذب ٿي رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. باقي
ڦوڳ وڏي آنڊي مان خارج ٿي وڃي ٿو.
اسان جي جسم جو ڪنٽرول سسٽم ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟
انسان جي جسم ۾ ٻن قسمن جو ڪنٽرول سسٽم ڪم ڪري ٿو، جيڪي گڏيل
طريقي سان اسان جي سڀني عضون جي فعلن جو ذميدار
آهن، انهن مان هڪ تنتي سرشتو
(Nervous system)
۽ ٻيو اندرين غدودن جو سرشتو
(Hormonal system)
آهي.
1- تنتي سرشتو:
هي دماغ، پل مغز ۽ ان سان لاڳو سڀني تنتي نسن تي مشتمل آهي،
تنتي سرشتي جا گهرڙا خاص قسم جا هوندا آهن، جن کي
نيوران
(Neuron)
چئبو آهي، انهن ۾ تنتي تحريڪ
پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي، جنهن جي وسيلي اهي
هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين نياپا پهچائيندا يا
حاصل ڪندا آهن.
اسان جو دماغ کوپري ۾ ۽ پل مغز ڪرنگهي ۾ محفوظ آهي، ان کي تازو
۽ توانو رکڻ لاءِ انهيءَ جي چوڌاري وکن جي وچ ۾ هڪ
شفاف مايو ٿيندو آهي، دماغ هڪ نرم عضوو آهي، ان جا
ڪيترائي حصا هوندا آهن، جن ۾ مختلف ڪنٽرول سسٽم
ترتيب سان هوندا آهن، اسان جا سڀ عمل پوءِ اهي
ارادي هجن يا غير ارادي.، انهن تي ڪنٽرول دماغ جو
هوندو آهي، جڏهن به اسين ڪو ڪم ڪرڻ چاهيندا آهيون
ته تنتين وسيلي دماغ انهن مشڪن ۽ ٻين عضون کي
پيغام پهچائي ڪم جو ڪنٽرول ڪندو آهي، جسم ۾ ٿيڻ
وارن سڀني غير ارادي ڪمن ۽ اندرين عضون جي مختلف
سرشتن، جهڙوڪ: ساهه کڻڻ جي سرشتي، رت جي سرشتي،
هاشمي جي سرشتي وغيره جو مرڪز به دماغ ۾ هوندو
آهي، ان کانسواءِ سنگهڻ ۽ ذائقي محسوس ڪرڻ جو تعلق
به دماغ سان آهي. پل مغز گهڻو ڪري 45 سينٽي ميٽر
ڊگهو ٿيندو آهي ۽ دماغ ۽ جسم جي وچ ۾ پيغام
پهچائڻ جو ڪم ڪندو آهي، تنتي نسن جو اسان جي جسم ۾
ڄار وڇايل آهي، اهي تنتيون جسم جي هر حصي ۽ هر
عضوي تائين پيغام کڻي وڃڻ ۽ دماغ تائين پهچائڻ جو
ڪم ڪن ٿيون، اهو پيغام رسائڻ جو سلسلو تنتي تحريڪ
جي صورت ۾ هوندو آهي.
2- اندروني غدودن جو سرشتو
(Hormonal system)
غدودن
(Endocrine Glands) تي دارومدار رکي ٿو. انهن غدودن جي رس کي هارمون چئبو آهي. اهي
ڪيميائي قاصدن جو ڪم ڪن ٿيون، غدود ۾ پيدا ٿيندڙ
رس وار نلين وسيلي رت ۾ شامل ٿي ويندي آهي. اهڙِءَ
طرح پوري جسم جو دورو ڪندي آهي، هارمونس حياتيءَ
جي سڀني ڪمن ۽ روز مرهه جي ڪمن، ذهني نشونما ۽ ڄم،
مطلب ته هر شيءِ کي متاثر ڪن ٿا ۽ مخصوص ڪيميائي
عملن کي تيز يا سست ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح اهي مختلف
عضون ۽ تاندورن جي سرگرمين کي گهٽائيندا يا
وڌائيندا آهن. هارمون جو پنهنجو پنهنجو هدف هوندو
آهي، جنهن جي دائري ۾ رهي، اهي مخصوص گهرڙن تي
اثرانداز ٿين ٿا ۽ جسم جي عملن تي ضابطو رکن ٿا.
بيڪار مادا اسان جي جسم مان ڪيئن خارج ٿين ٿا
جسم جي مختلف سرشتن ۾ ٿيڻ وارن ڪيميائي ۽ گهرڙيائي عملن جي
نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ وارن خراب ۽ نقصانڪار مرڪبن کي
بيڪار مادا چئبو آهي، اهي اسان جي جسم مان هيٺين
ذريعن سان خارج ٿين ٿا :
1- آنڊن وسيلي:
گهڻا ٺوس بيڪار مادا وڏي آنڊي مان نڪرندا آهن، کاڌي مان جسم
لاءِ فائدي وارن ۽ ضروري جزن جي هضم ۽ جذب ٿيڻ
کان پوءِ باقي بچيل ٺوس مادا معدي ۽ آنڊي مان
ڪاڪوس جي صورت ۾ خارج ٿي ويندا آهن.
2- بڪين وسيلي:
گهرڙن جو زهريلو ۽ نقصانڪار مواد يوريا آهي، جيڪو هر گهرڙي مان
خارج ٿيڻ کان پوءِ رت ۾ شامل ٿيندو رهندو آهي،
جڏهن اهو رت بڪين مان لنگهندو آهي ته، اهي ان کي
ڇاڻي وٺنديون آهن ۽ يوريا رت مان نڪري پاڻيءَ ۾ حل
ٿي بڪين جي نلين مان گذرندو پيشاب جي شڪل ۾ خارج
ٿي ويندو آهي، بڪيون رت مان سڀئي بيڪار مادا ڇاڻي
پيشاب سان گڏ ڪڍي ڇڏينديون آهن.
3- کل وسيلي:
بيڪار مادن جو ڪجهه مقدار اسان جي کل وسيلي به خارج ٿئي ٿو.
پگهر جا غدود جڏهن پگهر خارج ڪندا آهن ته کل ۾
موجود گهرڙن مان نڪرندڙ بيڪار مواد به پگهر ۾ حل
ٿي خرج ٿي ويندو آهي. کل ۾ موجود بيڪٽيريا جي عمل
سان ٿورڙي عرصي ۾ خراب بوءِ به پيدا ڪندا آهن،
جيڪڏهن کل صاف، سٺي ۽ جراثيمن کان پاڪ هجي ته،
پگهر ۾ وڌيڪ ڌپ بڻجي ناهي سگهندي.
4- ساهه وسيلي:
جسم ۾ آڪسيجن جي استعمال ٿيڻ سان جيڪا ڪاربان ڊءِ آڪسائيڊ ٺهي
ٿي، اها گئس، بيڪار مادو آهي اها هر گهرڙي مان
خارج ٿي وار نلين وسيلي رت تائين پهچي ٿي، جتان رت
جي ڳاڙهن گهرڙن وسيلي ڦڦڙن ۾ پهچي ساهه جي عمل
وسيلي خارج ٿي وڃي ٿي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي آڪسيجن
داخل ٿئي ٿي.
اسان جون بڪيون ڪم ڪيئن ڪن ٿيون؟
بڪيون انسان جي جسم ۾ پيٽ ۾ پوئين پاسي ڀوري ناسي رنگ جون
راهين جي ٻج جي شڪل جهڙيون پٺيءَ جي ڪنڊي جي ٻنهي
پاسي ٿين ٿيون. ساڄي بڪي کاٻي بڪيءَ جي ڀيٽ ۾
ٿورڙو هيٺ هوندي آهي، بڪيون اسان جي جسم مان غير
ضروري ۽ بيڪار مادن کي ٻاهر خارج ڪن ٿيون، بيڪار
مادن جي نيڪال ۾ انهن جي تمام وڏي اهميت آهي، اصل
۾ جسم مان بيڪار ۽ غير ضروري شين جو نيڪال ايترو
ئي اهم آهي، جيترو جسم لاءِ ضروري شين جو پهچڻ.
بڪيون اهو ڪم نهايت سهڻي طريقي سان سرانجام ڏين
ٿيون. اهي غير ضرروري ۽ بيڪار شين کي پيشاب جي شڪل
۾ ٻاهر ڪڍنديون رهن ٿيون.
بڪين جي چوڌاري هڪ غلاف نموني ڪيپسول هوندو آهي، جيڪو آسانيءَ
سان لهي سگهندو آهي. هن غلاف ۾ هلڪي سليٽي رنگ جي
بڪي ويڙهيل ٿيندي آهي. هر هڪ بڪيءَ جي ٻاهرين حصي
۾ رت جون وار نليون ننڍڙا ڇڳا ٺاهين ٿيون، جيڪي
هڪ نازڪ جهلي ۾ ويڙهيل بال جهڙي شڪل اختيار ڪنديون
آهن، جن کي گلو ميرولائي چئبو آهي.
جسم جي ٻين سڀني عضون جي مقابلي ۾ بڪين جي هر گهڙيءَ مان سڀ کان
وڌيڪ رت گذرندو آهي، انهن گلو ميرولائي ۾ رت جو
داٻ وڌيڪ هئڻ ڪري رت مان پاڻي ڇاڻڻ وسيلي بومين
ڪيپسول ۾ داخل ٿي مڙيل ٽيوبن ۾ هلڻ لڳندو آهي،
ٽيوبن جي پاسي واريون وار نليون ان مان ضروري لوڻ
۽ فالتو پاڻي واپس رت ۾ ڇڪي وٺنديون آهن ۽ باقي
پيشاب رهجي ويندو آهي، جيڪو گهاٽو ٿي مثاني ڏانهن
اچي ٿو. سنهڙين نلڙين ۾ موجود پاڻي واپس رت ۾
موڪلي بڪيون جسم کي مناسب گهميل رکڻ ۾ مدد ڏين
ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پگهر اچي ٿو پر اهو
وڌيڪ پاڻي نه پيئندو هجي ته بڪيون پاڻ مرادو وڌيڪ
پاڻي رت ۾ موٽائينديون آهن، بڪين جون اهي نالڙيون
رت ۾ تيزاب جي مقدار کي به ڪنٽرول ڪن ٿيون، جيئن
ته رت کاري (پي ايڇ
=
704) هوندي آهي ۽ خراب مادا وڌيڪ تيزابيت پيدا
ڪندا آهن، جنهن ڪري بڪيون انهن کي جلدي خارج
ڪنديون آهن ۽ انهيءَ طريقي سان رت جو کاراڻپڻو
قائم رهي ٿو.
بڪين جون وار نلڙيون جسم ۽ رت ۾ زهريلي دوائن، فالتو لوڻن ۽
جراثيمن جي زهر ۽ باقي مادن وغيره کي به خارج
ڪنديون رهن ٿيون، اهي تمام ننڍڙيون وار نلڙيون هر
بڪيءَ جي اندروني حصي ۾ گڏجي وينديون آهن، پيشاب
اتان هيٺ ٻن نالين ۾ وڃي ٿو. انهن کي يوريٽر يعني
پيشاب ناليون چئبو آهي. اهي ٻنهي پاسي بڪين مان
پيشاب کي مثاني تائين پهچائين ٿيون، اهي ناليون
پيٽ جي پوئين ڀت سان گڏوگڏ مثاني جي پوئين پاسي
وڃي کلن ٿيون، مثاني جو ڪم پيشاب گڏ ڪرڻ آهي،
جتان خواهش مطابق ٻاهر خارج ڪيو وڃي ٿو.
اسان جا وار ڪيئن وڌن ٿا؟
سائنسدانن جي جديد تحقيق مطابق وار هڪ مهيني ۾ اندازاََ 12 ملي
ميٽر وڌندا آهن، رات جو وار گهٽ رفتار سان وڌندا
آهن، ڏينهن شروع ٿيڻ سان ئي انهن جي وڌڻ جي رفتار
وڌي وڃي ٿي.
جيڪڏهن اسان جي جسم تي ڦٽڻ وارا وار الڳ الڳ ۽ اڪيلي ڦٽڻ بجاءِ
هڪ ئي ڊگهي تار جي شڪل ۾ ڦٽن ها ته شايد اسين اهو
اندازو لڳائڻ جي قابل هجون ها ته اسان جي جسم تي
ڪيتري ڊيگهه سان وار ڦٽن ٿا، انهيءَ صورت ۾ وارن
جي انهيءَ تار جي وڌڻ جي رفتار ٽي سينٽي ميٽر في
منٽ هجي ها ۽ سال جي پڇاڙيءَ تائين انهن جي ڊيگهه
37 ميل يا 59 ڪلوميٽرن تائين پهچي وڃي ها. مختلف
ماڻهن جي جسم تي مختلف قسم جا وار ڦٽن ٿا. ڪارن
ماڻهن جي مقابلي ۾ سفيد فام قومن جا وار ڪجهه قدر
وڌيڪ نرم ۽ ملائم هوندا آهن، جڏهن ته ڳاڙهن وارن
وارن ماڻهن جا وار ٿلها، بي سرا ۽ ڇڊا هوندا آهن.
وار اسان جي بناوت، سهڻائپ بخشين ٿا، ان کانسواءِ مٿي جا وار
مٿي کي سيءَ، گرميءَ ۽ لُڪَ جي اثرن کان بچائين
ٿا. ڀروون ۽ پنبڻين جا وار اک کي دونهين ۽ مٽيءَ
کان محفوظ رکن ٿا ۽ نڪ جا وار ساهه جي نالين ۾
مٽيءَ جي وڃڻ کي روڪين ٿا.
ماڻهو گنجا ڇو ٿيندا آهن؟
مٿي جي وارن جي ڪِرڻَ کي گنجي پڻو چئبو آهي، گنجي پڻي جا
ڪيترائي قسم ٿين ٿا ۽ انهن جا مختلف ڪارڻ ٿين ٿا،
هڪ عام گنجائپ صحتمند نوجوان مردن ۾ اڪثر ٿي ويندي
آهي. 95 سيڪڙو اهڙن ماڻهن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو به
آخري سبب معلوم ٿي ناهي سگهيو، هڪ ئي خاندان جا
گهڻائي ماڻهو اڪثر ان جو شڪار هوندا آهن، جنهن مان
اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته هيءَ هڪ موروثي ڪيفيت
آهي، جيڪا جينس
(Genes)
وسيلي اولاد ۾ منتقل ٿئي ٿي،
ڇاڪاڻ ته، اهڙي نموني جي گنجائپ مردن ۾ ئي ٿيندي
آهي، تنهن ڪري ان جو تعلق جنسي هارمون جي اثرن جي
ڪري به ٿي سگهي ٿو.
عام طرح اهڙو گنجي پڻو ٻن طريقن سان ظاهر ٿئي ٿو. هڪ ”چوٽيءَ جي
گنجائپ“ جنهن ۾ سڀ کان پهرين وار مٿي جي چوٽي
(تارون) کان ڪرڻ شروع ٿيندا آهن ۽ پوءِ آهستي
آهستي گنج واري حصي جي گولائي وڌندي ويندي آهي،
ٻئي طريقي ۾ پهرين مٿي جا وار گهٽجڻ شروع ٿيندا
آهن، جنهن سان گنجائپ مٿي جي مٿئين حصي تائين
ڦهلجي ويندي آهي.
جيئن ته، گنجائپ جو ڪارڻ مقرر ناهي، تنهن ڪري ان جو ڪو به علاج
ناهي. توڙي جو دواساز ڪمپنين ۽ ٻين ماڻهن اخبارن
۾ اشتهارن وسيلي اڪثر ان جو ڪامياب علاج جو اعلان
ڪندا رهندا آهن، پر حقيقت اها آهي ته صدين کان طبي
ڪاوشن جي باوجود اڄ ڏينهن تائين اهڙو موءثر علاج
ڳولهي ناهي لڌو ويو.
اهڙيءَ طرح هڪ ڀيرو گنجائپ ٿي وڃي ته بهتر آهي ته ماڻهو علاج
ڪرائڻ جو خيال دل تان لاهي ڇڏي. گنجائپ علامتي به
ٿي سگهي ٿي، جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جيئن :
مٿي جي کل جو انفيڪشن
(Scalp infection) يعني سوڄ ۾ کل جي خراب ٿي وڃڻ سان وار ڪري پوندا آهن ۽
نوان وار ڦٽڻ بيهجي ويندا آهن. کل جو اهو انفيڪشن
بيڪٽيريا، وائرس يا فنگس مان ڪنهن به هڪ جي ڪري ٿي
سگهي ٿو. اڪثر اهڙي گنجائپ ۾ گول گول دائرا ٿي
پوندا آهن يعني
(Oval Patches)
جيڪي وارن جي هڪدم ڪرڻ سان ظاهر ٿيندا آهن.
کل جي مڪمل صحتيابي جي صورت ۾ وار ٻيهر نڪري ايندا آهن پر
جيڪڏهن کل تي مستقل اثر رهجي وڃن ته اهي دائرا به
رهجي ويندا آهن.
ڪڏهن وري سخت يا ڊگهين بيمارين جهڙوڪ: ٽائفائيڊ، نمونيا، سرسام
وغيره ۾ به ڪڏهن ڪڏهن وار ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن،
پر صحت بحال ٿيڻ تي ٻيهر ڦٽي پوندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ٻارن ۾ خراب کاڌي پروٽين جي گهٽتائي، رت جي گهٽتائي
يا عام ڪمزوريءَ جي ڪري وار ڪري پوندا آهن. اها
حقيقي گنجائپ ناهي هوندي ۽ مناسب توجهه ۽ کاڌي ڏيڻ
سان وارن جي صحت بحال ٿي ويندي آهي ۽ ٻيهر ڦٽڻ
شروع ٿي ويندا آهن، ڪينسر جي علاج ۾ استعمال ٿيڻ
واريون دوائون ۽ هارمون واريون دوائون ان جو مثال
آهن. دوائن جو استعمال بند ٿيڻ کان پوءِ آهستي
آهستي وار نڪرڻ شروع ڪندا آهن.
هارمون ڇا آهن
اسان جي جسم جي بناوت، واڌ ويجهه ۽ ان جا مختلف سرشتا، جهڙوڪ:
هاضمي جو سرشتو، ساهه کڻڻ جو سرشتو، رت جو سرشتو،
نسن جو سرشتو، ڄم جو سرشتو وغيره کي ڪنٽرول ڪرڻ
لاءِ قدرت جسم ۾ ٻه ڪنٽرول سسٽم رکيا آهن:
هارمون سرشتو يا اعصابي ڪنٽرول
نسن جو سرشتو يا ڪيميائي ڪنٽرول.
هارمون اهي ڪيميائي رطوبتون آهن، جن کي جسم ۾ موجود مخصوص غدود
(Glands)
پيدا ڪن ٿا. انهن غدودن کي
اينڊوڪرائين غدود
(Endocrine Glands)
چئبو آهي، انهن غدودن جي خاصيت
اها آهي ته، انهن ۾ ڪا به نالي ناهي ٿيندي پر انهن
جو پيدا ڪيل مادو سڌو سنئون رت ۾ شامل ٿي ويندو
آهي، تنهن ڪري انهن کي بنا ناليءَ غدود
(Ductless Glands)
چئبو آهي.
مختلف خاصيتن وارا هارمون يا ڪيميائي رطوبتون پيدا ڪرڻ وارا اهي
غدود جسم ۾ ڪيترن هنڌن تي ملن ٿا. غدودن کان سواءِ
جسم جي ڪجهه ٻين عضون، مثال طور: جيرو ۽ بڪيون به
ڪجهه مخصوص رطوبتون پيدا ڪندا آهن.
مختلف قسمن جا هارمون جسم ۾ پنهنجو مخصوص اثر پيدا ڪندا آهن.
عام طور تي انهن جو ڪم جسم جي اندروني سرگرمين
۽فعلن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. ڪجهه اهم غدود ۽ انهن
مان پيدا ٿيڻ وارن هارمون ۽ انهن جي ڪمن جي ڄاڻ
هيٺ ڏجي ٿي:
1- بلغمي غدود
(Pitutary Glands)
هي غدود دماغ ۾ انسان جي کوپڙيءَ ۾ ٿئي ٿو. ان جا ٻه حصا ٿيندا
آهن ۽ انهن ٻنهي حصن مان ڪيترائي هارمون خارج ٿي
رت ۾ شامل ٿينداآهن، جيڪي جسم جي واڌ، جسم ۾ پاڻي
جي سرشتي ۽ ٻين غدودن جي رطوبتن جي مقدار کي
ڪنٽرول ڪندا آهن.
2- ورقي غدود
(Thyroid Glands)
هي غدود نڙيءَ ۾ ٿيندو آهي ۽ اهڙا هارمون پيدا ڪندو آهي، جيڪي
اسان جي جسم جي واڌ ويجهه ۽ نشونما لاءِ نهايت
ضروري آهن، ۽ جسم جي سڀني گهرڙن تي اثرانداز
ٿيندا آهن.
3- بڪيائي غدود
(Adrenal Glands)
هي غدود بڪين جي مٿان ٿئي ٿو. ان مان پيدا ٿيندڙ هارمون بلڊ
پريشر ۽ جذبن جي ردعمل کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ جسم ۾
لوڻ کي به ڪنٽرول ڪري ٿو.
4- لبلبو :
لبلبي جو هارمون رت ۾ گلوڪوز جي مقدار کي ضابطي ۾ رکي ٿو.
اهڙيءَ طرح جسم جا ٻيا غدود به مختلف هارمون پيدا
ڪن ٿا، جيڪي جسم جي سرگرمين کي باقاعدگيءَ سان
جاري رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
چرٻي ڇا آهي؟
توهان ڏٺو هوندو ته، ڪي ڪي ماڻهو بنهه سنهڙا ۽ سُڪڙا هوندا آهن،
پر ڪي ماڻهو وري ٿلها متارا ٿيندا آهن. ٿلهن متارن
ماڻهن جي جسم ۾ چرٻي گهڻي هوند آهي،چرٻيءَ جي گهڻي
مقدار جي ڪري ئي ماڻهوءَ جو جسم ٿلهو متارو ٿيندو
آهي، هونءَ ته، جسم لاءِ چرٻيءَ جو مناسب مقدار
نهايت ضروري آهي ۽ چرٻي اسان جي جسم جو اهم جزو
آهي، جسم جي ڪيترن ئي ڪمن لاءِ چرٻي ضروري آهي.
جهڙوڪ :
کاڌي جي ذخيري لاءِ : جسم ۾ کاڌو ذخيرو ڪرڻ جو عمل چرٻيءَ جي
صورت ۾ ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته چرٻي سٺن ٻارڻن مان هڪ
ٻارڻ آهي، اسان جي جسم جو روزانو عام ٻارڻ کنڊ
(Sugar)
آهي، جنهن کي اسين نشاستي
(Starch)
مان حاصل ڪندا آهيون، کنڊ نهايت آسانيءَ سان ٻارڻ
طور روز مرهه جي ڪمن ۾ استعمال ٿي ويندي آهي، اسان
جي ضرورت جي 50 سيڪڙو ضرورت ۽ توانائي اسان کي
کاڌي جي کنڊ مان حاصل ٿيندي آهي. البت چرٻي ٿورو
مشڪل سان استعمال ٿيندي آهي پر کنڊ جي برابر مقدار
جي مقابلي ۾ ٻيڻي توانائي رکي ٿي، کنڊ جي هڪ گرام
مان چار ڪئلري توانائي حاصل ٿيندي آهي ۽ چرٻيءَ جي
هڪ گرام مان 9 ڪئلري توانائي حاصل ٿيندي آهي،
انهيءَ ڪري جسم ۾ کاڌي جي ذخيري طور چرٻي نهايت
موزون آهي، جڏهن اسين پنهنجي جسم جي ضرورت کان
تمام گهڻو گهٽ کاڌو کائيندا آهيون ته، ذخيرو ٿيل
چرٻي استعمال ٿيڻ لڳندي آهي، اسان جي ضرورت جي 35
سيڪڙو ضرورت ۽ توانائي اسان کي چرٻيءَ مان حاصل
ٿيندي آهي.
چرٻي هڪ نرم مادوآهي، جيڪو پاڻي صاف ڪرڻ طور ڪم ڪندو آهي ۽ مشڪن
جي وچ ۾ ڄرٻيءَ جي گهرڙن جي موجودگي ان کي نرم ۽
ٿلهو بڻائي ٿي ۽ اسان ان تي آرام سان ويهي سگهون
ٿا، پيرن جي ترين ۾ ان جي موجودگيءَ جي ڪري اسان
جو اڀو بيهڻ، هلڻ گهمڻ آسان ٿي پوي ٿو. هٿن جي
ترين ۾ اها هٿن کي نرم رکي ٿي، چرٻيءَ جا گهرڙا
گول مٽول چرٻيءَ سان ڀريل ڦوڪڻن وانگر هوندا آهن،
جن کي دٻائي نٿو سگهجي، جسم ۾ چرٻيءَ جي موجودگي
جسم کي نرمائي ۽ سڻڀائي ڏئي ٿي.
چرٻيءَ جو ٽيون ڪم جسم جي گرميءَ جي درجي کي برابر رکڻ آهي. هي
هڪ روڪيندڙ يا وچ ۾ ايندڙ مادو آهي، جنهن جي ڪري
اسان جي جسم ۾ گرميءَ جو درجو برقرار رهي ٿو.
عام مرداڻي جسم ۾ تقريباََ 10 سيڪڙو ۽ عام عورتن جي جسم ۾
تقريبن 23 في سيڪرو چرٻي هوندي آهي، جسم جي ڪجهه
حصن ۾ چرٻي گڏ ٿيڻ جو عمل وڌيڪ هوندو آهي، ڪن جاين
تي گهٽ گڏ ٿيندي آهي، مثال طور: ڪن، نڪ، مٿي ۽
سنڌن تي چرٻيءَ جا گهرڙا ناهن هوندا يا وري تمام
گهٽ ٿيندا آهن.
جسم ۾ چرٻيءَ جي گهڻائي صحت لاءِ نقصانڪار آهي ۽ گهڻين ئي
بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿي، جهڙوڪ : ٿلهن ماڻهن ۾
مٺن پيشابن، دل جون بيماريون ۽ بلڊ پريشر پيدا
ڪندي آهي.
|