کير ڇا آهي؟ جانور کير ڪيئن ڏيندا آهن؟
جانورن ۾، گهڻو ڪري گرم رت وارن جانورن ۾ ماديءَ کي ٿڻن وارا
غدود ۾
(Mammary Gland)
ٿيندا آهن. انهن غدودن ۾ هڪ قسم جي رطوبت پيدا ڪرڻ
جي صلاحيت ٿئي ٿي، جنهن کي کير چئبو آهي. کير
پروٽين، سڻڀ. ڪاربو هائيڊريٽ، ۽ معدنيات جهڙين شين
جي ملاوت آهي.
سڀني مماليا جانورن جي کير ۾ مٿيان سڀ جزا ٿيندا آهن، پر کاڌي
جي فرق ڪري، انهن جزن ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي آهي.
جيئن: ٻڪريءَ جي کير ۾ سڻڀ جو مقدار ڳئون جي کير
جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح مختلف جانورن جي
کير ۾ لوڻ جو مقدار به مختلف هوندو آهي جيئن:
مينهن جڏهن پويَرَ ٿيندي آهي، ته منجهس لوڻ جو
مقدار وڌي ويندو آهي، تنهن ڪري کير جو ذائقو نمڪين
ٿي پوندو آهي. مينهن هجي، ڳئون يا ٻڪري، ڀاڳيا
اڳيون کير الڳ ۽ پويون کير اڳ ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته
پوئين کير ۾ سڻڀ وڌيڪ ٿئي ٿو، تنهن ڪري ڄمائن جي
صورت ۾ مکڻ وڌيڪ پيدا ٿئي ٿو.
موسم به کير تي اثر وجهي ٿي. سياري جي مند ۾ کير گهاٽو ٿئي ٿو.
اونهاري ۾ خاص طرح اَرَهڙ جي ڏينهن ۾ کير گهٽجي
وڃي ٿو ۽ ڇڊو پڻ هوندو آهي.
ڪهڙا جانور سڀ قسم جا وڻ“ ٻوٽا ۽ گاهه کائين ٿا؟
جڏهن سڀني جانورن خاص طرح مماليا جي کائڻ جو اڀياس ڪجي ٿو ته،
معلوم ٿئي ٿو ته، ٻڪري ۽ اٺ اهڙا ٻه جانور آهن،
جيڪي سڀ ڪجهه کائين ٿا. ڪي ٻوٽا نهايت زهريلا يا
ڪنڊيدار ٿين ٿا، جانور ڀلجي به انهن ۾ وات نه ٿا
وجهن پر ڏٺو ويو آهي ته، اٺ ۽ ٻڪري اهڙا جانور
آهن، جيڪي هر قسم جو گاهه، وليون، وڻ ٻوٽا کائن
ٿا. خاص طرح اڪ ۽ ٻٻر اهڙا ٻوٽا ۽ وڻ آهن، جن کي
اُٺ ۽ ٻڪريءَ کانسواءِ ٻيو جانور کائي نٿو سگهي.
اهو ئي سبب آهي جو اٺ ۽ ٻڪريءَ جو کير ٻين جانورن
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ٿيندو آهي. ٻڪريون دنيا جي
هر خطي ۾ پاليون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ به ڌڻن جي صورت ۾
پاليون وڃن ٿيون. سنڌ جي ڪاموري ٻڪري نهايت مشهور
آهي. ڪاموري ٻڪريءَ جا ڪن ڊگها ۽ بدن تي چِٽَ
ٿيندا اٿس.
ڇا مماليا
(Mammals)
آنا به ڏيندا آهن؟
اسان جي چوڌاري جيڪي به مماليا
(Mammals)
جانورن جا مثال موجود آهن، سي سڀ ٻچا ڄڻيندا آهن ۽
ماءُ انهن ٻچن کي ٿڻن وسيلي کير پيئاريندي آهي، پر
ڊڪ بل ۽ اسپائني اينٽ ايٽر اهڙي قسم جا مماليا
آهن، جيڪي آنا ڏيندا آهن پر آني مان ٻچو ڦٽڻ کان
پوءِ ماءُ کين کير پيئاريندي آهي، جنهن ڪري هنن کي
مماليا چيو وڃي ٿو.
ڇا ڪي مماليا
(Mammals)
اُڏامندا به آهن؟
ڏٺو ويو آهي ته، ڪن مماليا
(Mammals)
کي ٻانهن ۽ پيرن جي وچ واري حصي ۾ کل جي سنهڙي
جهالر هوندي آهي، جيڪا کين هوادان جو ڪم ڏيندي
آهي. اهي مماليا وڻن جي ٽارين سان ابتا لٽڪيا
رهندا آهن، رات جو شڪار ڪرڻ نڪرندا آهن. ڪيڙا ۽
ماڪوڙا سندن خوراڪ هوندي آهي. هنن ۾ حواسي سرشتو
ترقي يافته هوندو آهي، رات جو اُڏامڻ وقت آواز جون
لهرون ڪڍندا آهن، جيڪي آڏو واريءَ شيءِ سان
ٽڪرائجي واپس اينديون آهن ۽ هي رستو تبديل ڪري
ڇڏيندا آهن. هنن ۾ ٻڌڻ جي طاقت تمام گهڻي ٿيندي
آهي. چمڙو
(Bat)
هن قسم جو مماليا آهي.
ڇا ڪي مماليا مڇيءَ جهڙا به ٿيندا آهن؟
ڪي مماليا اهڙا به ٿيندا آهن، جن جي بناوت مڇيءَ سان ملندڙ
جلندڙ ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن جون ٻانهون ۽ ٽنگون
چَپَن وانگر هونديون آهن. اهي کاري ۽ مٺي پاڻيءَ ۾
ملن ٿا. وهيل
(Whale)
۽ ٻلهڻ
(Dolphin)
هن قسم جا مماليا آهن، وهيل کاري پاڻي يعني سمنڊن
۾ ۽ ٻلهڻ مٺي پاڻيءَ يعني دريائن، کڏن ۽ کاري
پاڻيءَ ۾ ملي ٿي.
وهيل ڇا آهي؟
وهيل جو سائنسي نالو
(Balacnoptera Musculus) آهي ۽ انگريزيءَ ۾ کيس وهيل
(Whale)
چئبو آهي. سنڌي ۾ انهيءَ کي مانگر مڇ چئبو آهي. هي
سامونڊي جانور آهي. ان جي وات ۾ سوراخ ٿيندا آهن،
جنهن جي ڪري ننڍيون ننڍيون مڇيون ٻيا ننڍا سامونڊي
جانور ڇڻي ان جي وات ۾ اچي پوندا آهن، جن کي کائي
ويندي آهي. اها هر منٽ کان پوءِ پاڻيءَ مٿين سطح
تي اچي ساهه کڻي وري پاڻيءَ ۾ هلي ويندي آهي.
وهيل کي هڪ ٻچو ٿيندو آهي، ٻچي کي کير ڌارائيندي آهي. وهيل
پاڻيءَ جي سطح تي ليٽي ٻچي کي کير ڌارائيندي آهي.
وهيل جي ڊيگهه سو فوٽن تائين ٿيندي آهي ۽ وزن هڪ
سو ويهه ٽنن تائين ٿي سگندو آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ مورڙي ۽ مانگر مڇ جو قصو تمام گهڻو مشهور آهي.
مانگر مڇ مورڙي جا ڀائر کائي ويو هو، جنهن تي
مورڙي حرفت سان کيس ڦاسائي ماريو هو.
چراغ بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
چراغ جو سائنسي نالو
(Hyaena Hyaena) ۽ انگريزي نالو
(Striped Hyaena) آهي. هن جو رنگ گهڻو ڪري زرداڻ مائل ڀورو ٿئي ٿو. هي بناوت جي
لحاظ کان ٻين جانورن کان مختلف ٿئي. هن جون اڳيون
ٽنگون پوين ٽنگن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڊگهيون ٿينديون
آهن. انهيءَ ڪري هن جو جسم اڳيان مٿي هوندو آهي.
هن جي ڳچي ڊگهي ۽ ٿلهي ٿيندي آهي. ڳچيءَ تي ڊگها
ڊگها وار ٿيندا اٿس. قد گهڻو ڪري ڏيڍ ميٽر جي لڳ
ڀڳ ٿيندو اٿس.
هي عجيب جانور آهي. هن جي خوراڪ ٻين خونخوار جانورن کان مختلف
آهي. اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ضرور ٿيندي ته، هي
عام طور هڏا کائي پنهنجو پيٽ ڀريندو آهي. مضبوط
کان مضبوط هڏي کي به پنهنجي ڏندن سان ڀڃي وٺندو
آهي. عجب ڳالهه اها آهي ته، هي پنهنجي خوراڪ ڏسي
آواز ڪڍندو آهي ته،ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو ماڻهو کلي
رهيو هجي. ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ رڍن ۽ ٻڪرين تي به حملو
ڪندو آهي. پر ڪتن سان مقابلو ڪري ناهي سگهندو. ڪتن
کان ڏاڍو ڊڄندو آهي.
هن جي عمر اٽڪل ٽيويهه سال کن ٿئي. هي پاڪستان جي ڳتيل علائقن ۽
اتر اولهه وارن جابلو علائقن کان سواءِ هر هنڌ
ملندو هو پر هاڻي نظر نٿو اچي.
بگهڙ
(Wolf)
بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
بگهڙ جو سائنسي نالو
(Canis lupus pallipes) آهي. هي ڪتي سان ملندڙ جلندڙ جانور آهي. قد اٽڪل ٽن کان
چار فوٽ ۽ پڇ 16 کان 17 انچن تائين ٿيندو اٿس. وزن
23 کان 25 ڪلو گرامن تائين ٿيندو اٿس. هن جا ڏند
تمام گهڻو تيز ۽ چمڪدار ٿيندا آهن، جڏهن هي پنهنجي
شڪار تي حملو ڪندو آهي ته. هن جي جسم جا وار اُڀا
ٿي ويندا آهن ۽ وڌيڪ خوفناڪ ٿي ويندو آهي. وار
ڀوري سليٽي رنگ جا ٿيندا اٿس.
بگهڙ، کاڌي خوراڪ لاءِ ميلن جا ميل ڀڄندو آهي. گهڻو ڪري ولرن جي
صورت ۾ شڪار ڪندو آهي. حملو ڪرڻ کان پهرين شڪار جي
چوڌاري گهيرو ڪندا آهن ۽ آهستي آهستي گهيرو سوڙهو
ڪندا وڌندا ويندا آهن.
بگهڙ وغيره آباد علائقن ۾ جٿن جي صورت ۾ رهندا آهن. هر هڪ گروهه
جو هڪ اڳواڻ هوندو آهي، گرمي هجي يا سردي، ڏينهن
جو هي زمين جي چُرن ۽ غارن ۾ رهندو آهي.
اوهين لُڌڙي
(Otter)
بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
لڌڙو پاڻيءَ ۾ ترڻ ڄاڻي ٿو. هي وڏي کان وڏي پاڻيءَ ۾ آسانيءَ
سان ترندو آهي، پاڻيءَ ۾ ساهه کڻڻ وقت پاڻيءَ جي
مٿينءَ سطح تي هليو ايندو آهي. هن جي پيرن جي چنبن
۾ بدڪ جي پيرن جيان جهلي هوندي آهي، جيڪا کيس ترڻ
۾ مدد ڪندي آهي. هن جي مُڇَ جا وار تمام گهڻو حساس
ٿيندا آهن، جن جي وسيلي پٿرن جي هيٺان يا ڪناري ۾
لڪل مڇين جي خبر پوندي اٿس.
لُڌڙو اهڙي ٻَر ۾ رهندو آهي، جنهن جو هڪ پاسو پاڻيءَ ۾ ۽ ٻيو
خشڪي تي کُلندو هجي. هي چار ٻچا ڄڻيندو آهي. هن
جي سراسري عمر اڻويهه سال ٿيندي آهي. هن جا ٻه قسم
ٿين ٿا پر هڪرو قسم جيڪو سنڌو درياءَ ۾ ٿئي ، تمام
گهڻو مشهور آهي.
اوهان کي گدڙ
(Jakal)
جي خبر آهي؟
گدڙ جي شڪل ڪتي سان ملندڙ جلندڙ ٿيندي آهي، پر رنگ سليٽي مائل
ڀورو ٿيندو اٿس. ڪرنگهي وارا وار ڪاراڻ مائل هوندا
اٿس، منهن ۽ جسم جي باقي حصن جو رنگ سليٽي ٿيندو
اٿس. اکين ۽ ڳچيءَ جي پاسي اوسي وارا وار سليٽي
ٿيندا اٿس.
گدڙ ميداني توڙي جابلو علائقن ۾ ملي ٿو. ميداني علائقن ۾ گهاٽن
ٻوڙن ۽ گهاٽين پوکن ۾ ۽ زمين ۾ چُرون ٺاهي رهندو
آهي. ڏينهن جو آرام ڪندو آهي، رات جي وقت شڪار
لاءِ نڪرندو آهي.
گدڙ جي آواز کي ”روڙ“ يا ”اوناءِ“ چئبو آهي. گدڙ جي عمر پندرهن
سال ٿيندي آهي. گدڙ جي ماديءَ کي گداڙي چئبو آهي.
لومڙي
(Fox)
بابت اوهان کي خبر آهي؟
لومڙيءَ جو سائنسي نالو
(VULPES VULPES) آهي. لومڙي جا ڪيترائي قسم ٿين، پر سڀني کان ڳاڙهي رنگ واري
لومڙي عام آهي.
لومڙيءَ جو جسم پڇ جي ڀيٽ ۾ ننڍو هوندو آهي. پڇ گهاٽن ۽ ڊگهن
وارن سان ٿيندو اٿس. پڇ جي چوٽي اڇي ٿيندي اٿس. نر
۽ مادي هڪ جهڙا ٿيندا آهن. لومڙي جي پڇ سميت ڪل
ڊيگهه گهڻو ڪري 16 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي.
لومڙي چالاڪي، هوشياري ۽ ڏاهپ ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. هيءَ تيز
ڀڄندي آهي. هن جي ڊوڙڻ جي رفتار 40 کان 45 ڪلوميٽر
في ڪلاڪ آهي، غير آباد علائقن ۾ رهندي آهي. ڪيڙا
ماڪوڙا، نانگ ۽ ٻيا ننڍا جانور هن جي خوراڪ آهن.
سرديءَ جي مند ۾ مادي ٽن کان چار ٻچا ڏيندي آهي.
اوهين ڄاهي
(HEDGEHOG)
بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟
ڄاهي جو سائنسي نالو
(HEMIECBINUS MEGALOTIS) ۽ انگريزي ۾
Hedgehog
چوندا اٿس. هي هڪ ننڍڙو جانور آهي. ان جي جسم جي
ڊيگهه پنجن کان ستن انچن تائين ٿيندي آهي ۽ پڇ اڌ
انچ کان اڍائي انچن تائين ٿيندو اٿس. جسم تي هلڪي
ڀوري ڪاراڻ مائل رنگ جا ڪنڊا ٿيندا اٿس، اهي کيس
شڪار ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪندا آهن.
ڄاهو خطري وقت پنهنجو پاڻ کي سوڙهو ڪري گول بال جهڙو بڻائي
ڇڏيندو آهي ۽ ڪنڊا اُڀا ٿي پوندا اٿس. جڏهن شڪار
ڪندو آهي ته، پنهنجي ڪلهن جا ڪنڊا شڪار کي وهائي
ڪڍندو آهي، جنهن سان شڪار زخمي ٿي پوندو آهي. ڪڏهن
ڪڏهن شڪار ٿيل جاندار مري به ويندو آهي. انهيءَ کي
هڏن سميت کائي ويندو آهي.
ڄاهو سرديءَ جي مند جي شروع ۾ چئن پنجن مهينن لاءِ ٻر ۾ وڃي
سمهي پوندو آهي. ان کان پهرين کل جي هيٺان چرٻيءَ
جو ٿلهو تهه ٺاهيندو آهي. ڄاهي کي مٿان کان هيٺ
ڪرڻ سان ڌڪ ناهي لڳندو، ڇاڪاڻ ته جسم جا سوئا کيس
گديءَ جو ڪم ڏيندا آهن.
ڄاهي ۾ ڏسڻ جي قوت گهٽ هوندي آهي. البت ٻڌڻ جي قوت تيز ٿيندي
اٿس. جنهن جي مدد سان اوندهه ۾ پنهنجي شڪار کي
آسانيءَ سان ڳولي وٺندو آهي. هي رات جو ٻاهر
نڪرندو آهي ۽ شڪار ڪندو آهي.
ڪوئا، ماڪوڙا ۽ نانگ ڄاهي جو شڪار آهن، ڄاهي جي مادي چار ٻچا
ڏيندي آهي. ٻچن کي ڄمڻ وقت انهن جي پٺيءَ تي نرم
ڪنڊا هوندا آهن، جيڪي ڄمڻ کان پوءِ پندرهن منٽن ۾
سخت ٿي ويندا آهن. ڄاهو سنڌ ۾ عام ٿئي ٿو
پسنگ بابت اوهين ڇا ٿا ڄاڻو؟
جابلوئي ٻڪر کي پسنگ چئبو آهي. ان جو سائنسي نالو آهي
(CAPRA AEGAGRUS BYTHI)
۽ انگريزيءَ ۾
(SINDH WILD GOAT) چئبو آهي. هي سنڌ جي کيرٿر جبل ۾ ملي ٿو. جابلو علائقي وارا هن
کي ”سرا“ به چوندا آهن.
پسنگ عام ٻڪرين جي ڀيٽ ۾ گهڻو خوبصورت ٿيندو آهي. پيدائش وقت ان
جو رنگ زرداڻ مائل ڀورو ٿيندو آهي، جڏهن نَرُ چئن
سالن جو ٿيندو آهي ته، ان جي آڳي تي ڪاري رنگ جو
پَٽو ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، جيڪو پٺي جي ڀوري
رنگت ۽ پيٽ جي سفيدي کي هڪ ٻئي کان جدا ڪندو آهي،
جڏهن اهو پنجن سالن جو ٿي ويندو آهي ته سڄو هلڪي
سليٽي رنگ جو ٿي ويندو آهي. هن جا سڱ ڏاڍا سهڻا،
وزندار ۽ ڊگها ٿيندا آهن، عام طرح سڱن جي ڊيگهه
100 سينٽي ميٽرن تائين هوندي آهي. ماهرن پسنگ جي
سڱن جي ڊيگهه 130 سينٽي ميٽرن تائين رڪارڊ ڪئي
آهي.
مادي پسنگ جا سِڱَ فقط 6 انچ ڊگها ٿيندا آهن. نر جو وزن 70 کان
90 ڪلو گرامن تائين هوندو آهي. پڇ ڊگهو ٿيندو
اٿس. ان جا وار ڪارا ٿيندا آهن، کيرٿر جبل ۾ پيدا
ٿيندڙ وليون ٻوٽا ۽ ميوا هن جي کاڌ خوراڪ آهن.
پسنگ جا ٻچا پيدائش کان پوءِ 10 ڏينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ لڳندا آهن ۽ 4
کان 5 مهينن تائين ماءُ جو کير پيئندا آهن.
اُٺ کي صحرائي ٻيڙو ڇو چيو وڃي ٿو؟
ڪو زمانو اهڙو به هو، جڏهن انسان صحرائون ۽ بيابان جهاڳڻ لاءِ
جانورن کي استعمال ڪندا هئا. خاص طرح وارياسو
علائقو جهاڳڻ لاءِ اٺ کي استعمال ڪيو ويندو هو.
اٺ وسيلي نه فقط بيابانن ۾ سواري ڪئي ويندي هئي پر
بار ڍوئڻ جو ڪم به اٺ کان ورتو ويندو هو. انهيءَ
ڪري اٺ کي صحرائي ٻيڙو يا ريگستاني جهاز، چوندا
هئا.
اُٺ، سواءِ کاڌي پيتي جي ڪيترائي ڏينهن ريگستان ۽ بيابانن ۾ بار
سميت هلي سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ کيس ٿوهو ٿئي ٿو.
ٿوهي ۾ چرٻي هوندي آهي، جنهن کي بيابانن ۾ کاڌي نه
ملڻ جي صورت ۾ استعمال ڪندو آهي. هڪ سائنسي اندازي
موجب ٿوهي ۾ 45 ڪلوگرامن تائين چرٻي ٿئي ٿي. ان
کان سواءِ اٺ جي معدي جا ٽي ڀاڱا ٿيندا آهن. هڪ ۾
اوڳر رکندو آهي، ٻئي ۾ کاڌو هضم ڪرڻ واريون رسون ۽
ٽئين ۾ اوڳر ٿيل کاڌو هضم ڪندو آهي. ان کان سواءِ
پهرين ٻن خانن ۾ پاڻي سانڍڻ جون ننڍيون ٿيلهيون
ٿينديون اٿس. اهي ٿيلهيون مشڪن ڀڪوڙڻ سان بند ۽
ڍرو ڪرڻ سان کلي پونديون آهن، جڏهن صحرائن ۽
بيابانن ۾ اُڃ لڳندي اٿس ته، مشڪون کولي گهرج آهر
پاڻي کڻي وٺندو آهي، ٿيلهين وارو پاڻي اٺ کي ڇهن
کان ڏهن ڏينهن تائين هلي ٿو.
بيابانن ۾ جڏهن قافلن جي مسافرن جو پاڻي اتفاق سان کٽي ويندو هو
۽ اُڃ مرڻ لڳندا هئا، ته اٺ ماري ان جي معدي جي
ڳوٿرين کي نپوڙي پاڻي حاصل ڪندا هئا.
صحرائن ۽ وارياسن علائقن ۾ جتي ماڻهو جو هلڻ گهمڻ ڏکيو هوندو
آهي، اتي اٺ آسانيءَ سان سفر ڪري سگهندو آهي،
ڇاڪاڻ ته اٺ جي پيرن ۾ نرم گديون ٿينديون آهن،
جيڪي کيس وارياسي يا پٿريلي علائقي ۾ هلڻ ۾ مدد
ڪنديون آهن. اٺ وارياسن توڙي پٿريلن علائقن ۾ ڏهه
10 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندو آهي.
سوپيري کي سوپير ٿيندا آهن؟
ٻٻر جي وڻن تي ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي سانپي جهڙو هڪ ڪيڙو نظر ايندو
آهي، جنهن کي اسين سوپيري
(Centipede)
يعني سو پيرن وارو چوندا آهيون. اوهان ڪڏهن به هن
جا سئو پير نه ڳڻيا هوندا. حقيقت ۾ هن جا ڪجهه قسم
اهڙا ٿيندا آهن، جن کي سئو پير ٿيندا آهن. ڪجهه
قسمن جا وري سو کان به وڌيڪ يا گهٽ هوندا آهن.
حقيقت ۾ هي جانورن جو هڪ گروهه آهي، جنهن کي هزار پيري
(Myriapoda)
چئبو آهي. هي هڪ نالو آهي، هن جو مطلب هزار پيرن
واري نه پر گهڻن پيرن واري آهي. سائنسدانن مطابق
لکين سال اڳ هڪ سئو ۽ هڪ هزار پيرن وارو جانور
موجود هئا.
سوپيري کي ٽنگون جوڙڻ جي صورت ۾ هونديون آهن. اهي گهڻن ئي حصن
واري جسم سان ڳنڍيل هونديون آهن. سوپيريءَ جي مٿي
تي ٻه ڊگهيون مُڇون ۽ ٻه زهردار
(Claws)
ٿيندا آهن.
سوپيري آنن مان پيدا ٿيندي آهي. ان جا ڪجهه قسم پورين ٽنگن سان
ٻاهر نڪرندا آهن. ڪن کي پيدائش وقت 14 ٽنگون
هونديون آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ ٽنگون به
نڪري اينديون آهن.
مکيون پنهنجون ٽنگون ڇو گهنديون آهن؟
گهريلو مک انسان جي نهايت دشمن آهي. اها هر سال لکين ماڻهن جي
موت جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ڇاڪاڻ ته، هيءَ بيماريءَ
وارا جراثيم ڦهلائي ٿي.
جڏهن توهان ڪنهن مک کي پنهنجيون ٽنگون پڻ ۾ گهندي ڏسو ته اها
پنهنجو پاڻ تان فالتو مٽيريل صاف ڪري رهي هوندي
آهي. اهو مٽريل ايترو ته خطرناڪ آهي، جو انهيءَ ۾
ٽائفائيڊ، بخار، تپ دق جهڙين بيمارين جا بيڪٽيريا
موجود ٿي سگهن ٿا. مکيون اهي جراثيم گند مان حاصل
ڪن ٿيون. پوءِ جيڪڏهن اهي اسان جي کاڌي وارين شين
کي ڇُهَن ٿيون ته سمورا جراثيم انهن ۾ ڦهلجي وڃن
ٿا. اهڙو کاڌو کائڻ سان اسين بيمار ٿي سگهون ٿا.
مک انهن جراثيمن کي ڪهڙي نموني کڻي گهمي ٿي؟ جيڪڏهن توهين اپٽيل
بلور جي مدد سان مک کي ڏسندا ته معلوم ٿي ويندو
ته هن جو جسم هموار ناهي ٿيندو. هن جي سڄي جسم تي
ننڍا ننڍا وار ٿيندا آهن. انهيءَ کان سواءِ مک جي
زبان تي لِڳ لِڳ ڪندڙ کونر جو ليپ ٿيندو آهي.
انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته، مک جنهن جاءِ تي ويهندي آهي ته،
پنهنجي جسم، پيرن ۽ زبان سان شيون چنبڙائي ڇڏيندي
آهي، مک جي پيرن تي هڪ ليس دار مادو به لڳل هوندو
آهي، جنهن جي ڪري هيءَ ڇت تي هلي سگهي ٿي.
سانڀا ڪيئن کائيندا آهن؟
سانپن کي دنيا ۾ اهم ترين جانور چيو وڃي ٿو، سانپا، انسانن لاءِ
وڏي اهميت رکن ٿا. هي زمين کي ابتو سبتو يعني
کيڙيندا رهندا آهن. هڪ ايڪڙ زمين ۾ سانپو هڪ سال
دوران 18 ٽن مٽي پنهنجي جسم مان گذاريندو آهي. اهي
پاڻي ۽ هوا کي ٻوٽي جي پاڙن تائين پهچائيندا آهن.
ايتري تائين جو اهي ٻجن کي به زمين ۾ اندر کڻي وڃڻ
جو ذريعو آهن.
سانپن جي کاڌ ۾ لائم هوندو آهي، جيڪو مٽيءَ کي زرخيز بنائيندو
آهي. سانپي جو جسم ٻن ٽيوبن تي مشتمل هوندو آهي.
هڪ ۾ ٻيو ٿيندو آهي، اندريون ٽيوب هاضمي جو سرشتو
آهي، سانپو جڏهن ڪجهه کائڻ چاهيندو آهي ته، پنهنجو
وات اندرئين طرف ڪري مٽيءَ جو ننڍو ٽڪر کڻندو آهي
۽ پوءِ ڳچيءَ جي مشڪن جي مدد سان انهيءَ کي پوئتي
ٽيوب ۾ اندر کڻي ويندو آهي. واريءَ جا زرڙا مٽيءَ
کي پيهڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، پوءِ اها مٽي هضم ٿي،
بيڪار مادي طور جسم کان ٻاهر نڪري ايندي آهي.
سانپن کي اکيون ناهن هونديون، پر ”حسي گهرڙا“ جسم جي ٻاهرين طرف
هوندا آهن. انهن وسيلي هو روشني ۽ اوندهه ۾ فرق
ڪرڻ ۽ ڪنهن شيءِ کي محسوس ڪرڻ جي قابل هوندا آهن.
سانپا، گهم واري سنهڙيء مٽيءَ ۾ رهندا آهن. اهي واريءَ ۾ رهي
نٿا سگهن. اهي رات جو زمين کان ٻاهر ايندا آهن.
سيءَ جي مند ۾ گول مول ٿي ستا پيا هوندا آهن. اهي
سج جي روشنيءَ ۾ زندهه رهي ناهن سگهندا.
پٽ ڪيئون، پٽ ڪيئن ٺاهيندو آهي؟
سڀ کان پهرين چينين هزارين سال اڳ ريشمي ڪپڙو ٺاهڻ جو راز ڄاڻي
ورتو. اهو پٽ هڪ سنڍيءَ جهڙي ڪيڙي جي نفيس تانيءَ
مان حاصل ڪيو ويندو هو، چينين هن فن کي لڪائي ڇڏيو
هو ۽ پٽ ڪيئين کي چين کان ٻاهر کڻي وڃڻ تي پابندي
مڙهي ڇڏي هئي، جيڪڏهن ڪو کڻي ويندي پڪڙجي پيو ته
انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي.
گرميءَ جي مند جي شروع ۾ هر مهيني مادي پوپٽ 500 يا ان کان به
وڌيڪ آنا ڏيندي آهي، انهن آنن کي احتياط سان ڪاغذن
جي پٽين يا ڪپڙي ۾ رکيو ويندو آهي. ايندڙ بهار جي
مند ۾ جڏهن شهتوت جا پن ڦٽندا آهن، تڏهن آنن کي
انڪيوبيٽر ۾ رکي سبيو ويندو آهي. جتي ننڍين ننڍين
سنڍين جي صورت ۾ ٻچا نڪري ايندا آهن، انهن ٻچن کي
توت جي ڪتريل پنن سان ڀريل ڊيشن ۾ رکي ڇهن هفتن
تائين کارايو ويندو آهي، جڏهن ڪيڙا آهستي آهستي
پنهنجي منڍي اڳتي پوئت ڪرڻ لڳن ته پوءِ اهي پٽ ٿيڻ
لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. انهن کي سهارو ڏيڻ لاءِ
ڊشن ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون ٽاريون رکيون وينديون آهن.
ڪيڙا پنهنجي ڄاڙين مان ننڍڙن ننڍڙن سوراخن وسيلي
نڪرندڙ ڌاڳن کي پنهنجي چوڌاري ويڙهيندا رهندا آهن.
500 کان 1200 گز ڌاڳي تي مشتمل جهلي هڪ اندازي
مطابق 72 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿينددي آهي.
جهلي
(Cocoon)
۾ سسيل پيوپا هوندو آهي، جيڪو 12 ڏينهن ۾ پوپٽ ٿي
سگهندو آهي، تنهن ڪري پيوپا کي مارڻ لاءِ جهليءَ
کي گرم ڪيو ويندو آهي، انهيءَ کان پوءِ جهلين کي
پاڻيءَ ۾ رکي ريشم جي کونر کي نرم ڪيو ويندو آهي.
ڪيترين جهلين جي تانين کي اڊيڙي هڪ نلڪيءَ جي صورت ۾ ويرهيو
ويندو آهي. ڏهه يا ٻارنهن جهلين جي تانين تي مشتمل
ريشم جو ڌاڳو ”هڪڙو ڌاڳو“ هوندو آهي.
پوپٽ ڪپهه ڇو کائيندا آهن؟
پوپٽ جي هڪ قسم کي ڪپڙن جو پتنگ“ چيو ويندو آهي. گهڻا ماڻهو اهو
سمجهندا آهن ته ڪپڙن ۾ سوراخ پتنگ ڪيا آهن. پر
ائين هرگز ناهي هوندو.
پتنگ ته، ڪجهه به ناهن کائيندا. هن جي زندگيءَ جو مقصد صرف آنا
ڏيڻ ۽ مري وڃن آهي. نئون ڄاول پتنگ سنڍيءَ جي صورت
۾ هئڻ دوران ئي سمورو نقصان ڪندو آهي.
پتنگ پنهنجا آنا اوني شين تي لاهيندو آهي. گهڻو ڪري هڪ هفتي کان
پوءِ آنن مان سنڍيون نڪري اينديون آهن.انهن کي
انگريزي ۾
(Cater Piler)
چئبو آهي. انهيءَ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، اهو
پتنگ جي قسم تي دارومدار رکي ٿو.
غلاف ٺاهڻ واري قسم جا پتنگ اتر آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ ملن ٿا، ٻئي
قسم جو پتنگ ڄار اڻندو آهي، جيڪو ڏکڻ آمريڪا ۾ ملي
ٿو، ٽئين قسم جو پتنگ هر جاءِ تي ملي ٿو.
پهرين قسم جي پتنگ جو ٻچو پنهنجي کاڌل ان مان هڪ غلاف تيار ڪندو
آهي ۽ انهيءَ جي ڪنارن تي ريشم اڻندو آهي، ٻئي قسم
جو پتنگ هڪ ريشمي ڄار پنهنجي پويان ڇڏيندو آهي،
تنهن ڪري ڪپڙن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن کي
اتي آنا لاهڻ جو موقعو نه ڏجي.
پوپٽ ڪيئن پيدا ٿيندا آهن؟
سنڍي تبديل ٿي پوپٽ ٿي پوندو آهي. هيءَ ڳالهه سائنس جي شاگرد
لاءِ ته نئين ڪانهي پر آرٽ يا ٻئي ڪنهن قسم جي
شاگرد لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ضرور آهي ته سنڍي
پوپٽ ڪيئن ٿي ٿئي. يعني سنڍيءَ مان پوپٽ ڪيئن ٿو
ڄمي.
هي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ چڪر آهي، ٿئي هينءَ ٿو ته، مادي پوپٽ 100
کان وٺي ڪيترن هزارن تائين آنا ڏيندي آهي. هوءَ
اهي آنا اهڙي ٻوٽي جي ويجهو لاهيندي آهي، جيڪو بعد
۾ هن جي ٻچن لاءِ ڪارگر ثابت ٿئي. انهن آنن مان
سانپي جهڙيون سنڍيون
(Capter Pillar larvae)
نڪرنديون آهن. اهي هڪدم وڌڻ لڳنديون آهن ۽ نشونما
دوران ڪيترائي ڀيرا پنهنجي کل لاهينديون آهن.
انهيءَ عرصي ۾ اهي کاڌي کائڻ کانسواءِ ڪجهه به
ناهن ڪنديون، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مرحلي ۾ جسم ۾ ذخيرو
ٿيل کاڌو باقي زندگي تائين ڪم ايندو آهي. کاڌو
لحميات جي صورت ۾ گڏ ٿيندو رهندو آهي.پر، ٽنگون،
رس چوسڻ وارو ڏنگ وغيره ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي.
لاروا مخصوص مرحلي تي تبديليءَ جي ضرورت محسوس ڪري ٿورڙو بٽڻ
جهڙو ريشم اڻندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ سان چمبڙي
پوندو آهي. هي ابتو لڙڪي پنهنجي سنڍيءَ واري کل
لاهي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ هڪ پيوپا
(Chrysalis)
طور ظاهر ڪندو آهي. پيوپا پنهنجي جسم جي آخري حصي
مان نڪرندڙ هڪ ڌاڳي وسيلي ريشم جي بٽن سان چمبڙيل
رهندو آهي. پيوپا ڪجهه هفتا يا مهينا ستو پيو
هوندو آهي، تنهن هوندي به انهيءَ عرصي دوران
تبديلين جي عمل مان گذري هڪ ڀرپور ڪيڙو بڻجي پوندو
آهي. هي پيوپا پوءِ پوپٽ ٿي پوندو آهي. هي شروع ۾
اڏندو ناهي، ڪيترن ڪلاڪن تائين ويهي پنهنجي ڦهلجڻ
۽ مضبوط ٿيڻ جو انتظار ڪندو آهي.
پوپٽ پرن اڳتي پوئتي حرڪت ڏيئي اڏڻ لاءِ تيار ٿيندو آهي ۽ پوءِ
اُڏامندو آهي.
اُڏامندڙ مڇيون ڪيئن اُڏنديون آهن؟
مڇيون، وانگر اڏامندڙ ته ڪونه آهن، ها البت ڪجهه مڇيون اهڙيون
آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نموني هوا ۾ اڏامن ٿيون،
اهڙين اڏامندڙ مڇين جون اڳيون کنڀڙاٽيون
(fins)
سائيز ۾ گهڻيون وڏيون ٿين ٿيون، جيڪي پرن جو ڪم
ڏين ٿيون، جڏهن مڇي اڏامندي آهي ته پرن کي ڦهلائي
هڪ خاص ڪنڊ تي رکنديون آهن، ڪن حالتن ۾ اهي
پنهنجيون پويون کنڀڙاٽيون به ڦهلائينديون آهن.
مڇي پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان تري هڪدم هوا ۾ ٽپو ڏيندي آهي، ٽپو ڏيڻ
وقت پڇ کي تيزيءَ سان ڦڙڪو ڏيئي رفتار وڌائيندي
آهي، پوءِ اڳين کنڀڙاٽين کي ڦهلائي مضبوطيءَ سان
تاڻي رکنديون آهن ۽ حرڪت جي رفتار کيس هوا ۾ کڻندي
آهي. اهڙي طرح ڪيترائي سو فوٽ مفاصلو طئه ڪري
سگهندي آهي. اڏامندڙ مڇي پاڻيءَ جي سطح کان ايترو
مٿي اڏامندي آهي جو سمنڊ ۾ هلندڙ بحري جهاز جي ڇت
تي وڃي ڪرندي آهي.
مڇيون ساهه ڪيئن کڻنديون آهن؟
مڇين جي بناوت جو اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته مڇين جو جسم وچ ۾
ٿلهو، پڇ سنهڙو ٿيندو آهي ۽ ڏيٽيءَ سان مشابهت
رکندو آهي، مڇيءَ جي اهڙي نموني جي بناوت کيس
پاڻيءَ ۾ گهمڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. گهڻيون ئي
مڇيون پنهنجي پڇ کان انجڻ جو ڪم وٺن ٿيون، ڦيڦڙي
مڇي
(Lung Fish)
اهڙو واحد قسم آهي، جيڪا ڦڦرن وسيلي ساهه کڻندو
آهي، باقي سڀئي مڇيون وات وسيلي پاڻي جسم ۾ داخل
ڪنديون آهن. پاڻي ڪلين ۾ اندر ٿيندو گذرندو آهي ۽
پاڻيءَ ۾ موجود آڪسيجن حاصل ڪري وٺنديون آهن.
مڇين جو رت ٿڌو ٿيندو آهي، پر انهن جو اعصابي سرشتو ٻين جانورن
جهڙو ئي ٿئي ٿو. انهن کي سور جو احساس ٿيندو آهي،
انهن جي ڇُهڻ جي حس نهايت تيز ٿيندي آهي. اهي
پنهنجي کل جي مدد سان چکي سگهنديون آهن، مڇين کي
سنگهڻ جي صلاحيت به ٿيندي آهي. سنگهڻ لاءِ کين
ناسن ۾ ٻه ننڍڙا عضوا ۽ اندريان ڪن هوندا آهن.
مڇين جو رنگ مٿان گهاٽو ۽ هيٺان هلڪو ٿيندو آهي، مٿان ڏسڻ سان
اهي سمنڊ يا درياهه جي تهه جهڙيون نظر اينديون
آهن. هيٺان ڏٺو وڃي ته اهي هلڪي رنگ جون پاڻيءَ
جهڙي رنگت جون نظر اينديون آهن. ماهرن هڪ اندازي
مطابق مڇين جا 20000 قسم ٻڌايا آهن.
ٽانڊاڻي چمڪو ڪيئن ڪندي آهي؟
اهو ڪو به انسان ناهي، جنهن ٽانڊاڻيءَ کي چمڪاٽ ڪندي نه ڏٺو
هجي. ٻار وڏي سوق سان کيس مٺ ۾ پڪڙي بند ڪري رکندا
آهن. سائنسدانن ٽانڊاڻيءَ جي چمڪي جي وضاحت هن طرح
ڪئي آهي. ٽانڊاڻيءَ جي روشني گهڻي حد تائين ٻين
روشنين جهڙي هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن نور هڪ مادي
ليوسيفرن
(Lucifern)
جو نتيجو به ٿي سگهي ٿو. هي آڪسيجن سان ملي روشني
پيدا ڪندو آهي. پر هيءَ ري ايڪشن انهيءَ وقت تائين
ناهي ٿيندو، جيستائين هڪ ٻيو ڳار ليوسيفرينس
(Luciferance)
به موجود هجي. ليوسيفرينس هڪ عمل انگريز
(Catalyst)
آهي. يعني هي ڪيميائي ري ائڪشن ٿيڻ ۾ مدد ته ڏئي
ٿو، پر انهيءَ ۾ پاڻ شامل ناهي ٿيندو. ٻين لفظن ۾
هيئن چئجي ته ”ٽانڊاڻي جي جسم ۾ ليوسيفرن
(Luciferin)
۽ ليوسيفرينس
(Luciferance)
هوندا آهن. ٻيو مواد پهرين کي ٻرڻ ۽ روشني پيدا
ڪرڻ جي قابل بڻائيندو آهي.
ٽانڊاڻيءَ ۾ هن روشنيءَ جومقصد ڪهڙو آهي. ان جون ڪيتريون ئي
وضاحتون ڪيون وڃن ٿيون. هڪ وضاحت مطابق شايد اها
روشني ٽانڊاڻيءَ کي پنهنجي مادي ڳولڻ ۾ مدد ڏئي
ٿي. هڪ مقصد ٻيو به آهي، اهو اِهو آهي ته: رات جو
ڪيڙا ماڪوڙا کائڻ وارن پکين کان بچاءُ ڪرڻ آهي. |