سيڪشن؛   سائنس

ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا

باب: پنجون

صفحو :8

بدڪ پاڻيءَ ۾ ڪيئن ترندي آهي؟

بدڪ هڪ وڏي خاندان سان تعلق رکي ٿي. هن خاندان ۾ آڙيون، نيرڳيو، هنجهه وغيره اچي وڃن ٿا.

پاڻي گرم هجي يا سرد بدڪن کي پاڻيءَ ۾ ترندي ڪا به تڪليف نه ٿي اچي. هن جي گهاٽن کنڀن تي مشتمل کل ڪوٽ ٿيندو  آهي، جيڪو کل کي واٽر پروف (Water Proof) جو ڪم ڏيندو آهي. انهيءَ ڪوٽ هيٺان چرٻيءَ جو ٿلهو تهه هوندو آهي، جيڪو گرمي سرديءَ کان کين بچائيندو آهي. هن جي پيرن ۾ جهلي ٿيندي آهي، جنهن نه ته تنتيون ٿينديون آهن ۽ نه وري رت هوندو آهي، انهيءَ ڪري ٿڌي پاڻيءَ ۾ انهن کي ٿڌ محسوس ناهي ٿيندي. بدڪ جون ٽنگون ۽ پير جسم جي ڀيٽ ۾ پوئتي ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري کيس ترڻ ۾ آساني ٿيندي آهي.

بدڪون پاڻيءَ ويجهو زمين تي آکيرا ٺاهينديون آهن. آکيري ٺاهڻ لاءِ نرم گاهه ۽ پنهنجي جسم مان ڇڻندڙ پَرَ ڪتب آڻينديون آهن. پرن جي ڪري آنا ڍڪيل ۽ گرم رهندا آهن. مادي بدڪ ڇهن کان چوڏهن آنا لاهيندي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته، دنيا ۾ بدڪن جا 160 جي لڳ ڀڳ قسم آهن.

 

مڇر جي چڪ پائڻ سان چڀڪو ڇو ٿيندو آهي؟

اها ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته، نر مڇر چڪ ناهي پائيندو. البت مادي مڇر چڪ پائيندي آهي.جڏهن مادي مڇر چڪ پائيندي آهي ته هڪ قسم جو زهريلو مادو اوهان جي جسم ۾ داخل ڪندي آهي. اهو ئي زهر چڀڪو ۽ هلڪي سوڄ جو ڪارڻ بڻجندو آهي. چڪ پائڻ کان پوءِ مادي مڇر جي ڀون ڀون جي آواز ۾ تيزي اچي ويندي آهي.

مڇر پوري دنيا ۾ ملندا آهن، پر اهي ڪهڙي به علائقي ۾ هجن، هميشه پاڻيءَ جي ويجهو ئي رهندا آهن. مادي پنهنجا آنا کڏن کوٻن ۽ مينهن جي بيٺل پاڻيءَ جي سطح تي لاهيندي آهي. هن جي آنن جو تعداد 40 کان 400 تائين ٿيندو آهي.

هڪ هفتي ۾ ڄنگهن کان محروم لاروا آنن مان ٻاهر ايندو آهي. هي لاروا پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان چرپر ڪندو آهي، جيئن ته اهو پاڻيءَ ۾  ساهه کڻي ناهي سگهندو، تنهن ڪري گهڻو ڪري هر وقت پاڻيءَ جي سطح تي رهندو آهي، اتي، اهي پنهنجي پڇ ۾ موجود ساهه نلين وسيلي هوا جسم ۾ کڻي ويندي آهي.

اهو ٻچو وڏو ٿي پنهنجي کل لاهي اڇليندو آهي، چار ڀيرا ائين ڪرڻ کان پوءِ پيوپا ٺهي پوندو آهي. پيوپا گهڻو ڪري پاڻيءَ جي سطح تي رهي ساهه کڻندو آهي. هو ڪجهه به ناهي کائيندو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن جي کل ڦاٽي پوندي آهي ۽ اندران جوان مڇر ٻاهر ڪري ايندو آهي.

بالغ مڇر جي عمر گهڻو ڪري ڪجهه هفتا هوندي آهي. مڇرن جي ڪجهه جنسن ۾ هڪ سال دوران 12 نسل پيدا ٿيندا ۽ مرندا آهن.

 

دريائي گهوڙو ڇا آهي؟

توڙي جو دريائي گهوڙو هڪ مڇي آهي، پر انهيءَ کي مڇي قرارڏيڻ جا تمام گهٽ سبب آهن. هن جو مٿو ٺوڙهو ڇلهڙن بجاءِ هن جي جسم تي ڪنڊن نما بناوتون ٿينديون آهن ۽ هن جو پڇ نانگ جهڙو هوندو آهي.

دريائي گهوڙو مڇين وارو ڍنگ اختيار نه ٿو ڪري. گهڻو ڪري هي پنهنجي پڇ کي پاڻي ۾ ڪنهن سامونڊي ٻوڙي سان ويڙهي وٺندو آهي، ته جيئن ڪو تيز وهڪرو ان کي لوڙهي نه وڃي. ترڻ دوران هي صرف کنڀڙاٽيءَ جي مدد سان حرڪت ڪندو آهي، جيڪا هن جي پٺيءَ تي هوندي آهي ۽ اها پاڻيءَ ۾ مٿئين طرف حرڪت ڪندي آهي.

دريائي گهوڙي جو منهن پائيپ جهڙي ٽيوب جهڙو هوندو آهي، جنهن ذريعي پنهنجي خوراڪ کي اندر ڇڪي وٺندو آهي. ٻين مڇين جي ڀيٽ ۾ هن ۾ هڪ نمايان گردن هوندو آهي، جيڪو گهوڙي وانگر حرڪت ڪندو آهي. اهو هڪ خاص ڪنڊ تي قائم هوندو آهي.

دريائي گهوڙي جي خاص ڳالهه اها آهي ته، هي پنهنجي ٻارن سان محبت وارو رويو رکندو آهي. مادي جڏهن آنا ڏيندي آهي ته، انهن کي نر جي  پڇ جي هيٺان هڪ وڏي ٿيلهي ۾ رکي ڇڏيندي آهي، تنهن ڪري ماءُ بجاءِءِ پيءُ ٻچا پيدا ٿيڻ تائين آنن کي کنيون گهمائيندو آهي. ايتري تائين جو ٻچا پيدا ٿيڻ کان پوءِ به پيءُ جي ٿيلهيءَ ۾ رهندا آهن، جيستائين اهي پنهنجو خيال پاڻ رکڻ جي قابل ٿين. دريائي گهوڙا گهڻو ڪري سڀني گرم ۽ معتدل سمنڊن ۾ ملن ٿا. انهن جو تعلق پائيپ مڇي (Pipe Fish) جي خاندان سان آهي، ۽ هنن جي خوراڪ ننڍا ننڍا سامونڊي جانور ۽ مڇين جا آنا هوندا آهن. دريائي گهوڙو ڪڏهن به مئل شيءِ ناهي کائيندو.

دريائي گهوڙن جا هڪ اندازي مطابق 50 قسم آهن. انهن جي سائيز ٻن کان ٻارنهن انچن تائين ٿي سگهي ٿي، پر گهڻو ڪري اهي 6 انچ ڊگها ٿين ٿا.

دريائي گهوڙا گرمين ۾ مڇيون کائيندا آهن، سردين ۾ ڇا کائيندا آهن. اها ڳالهه ڪو به نه ٿو ڄاڻي!

 

ڪئنگرو کي ٿيلهي ڇو ٿيندي آهي؟

جانور عالم ۾ صرف ڪئنگرو ئي هڪ اهڙو جانور آهي، جنهن کي ٿيلهي ٿيندي آهي. اها ٿيلهي هن جي پوين ٽنگن جي وچ ۾ ٿيندي آهي. اها ٿيلهي نئين ڄاول ٻچي لاءِ هڪ ننڍڙو آرام وارو گهر آهي. اهو گهر ٻچي کي گرمائش ڏيندو آهي، بچائيندو ۽ سفري سهولت مهيا ڪندو آهي.

قدرت طرفان ڪئنگرو کي مهيا ڪيل ٿيلهي انهيءَ ڪري مليل آهي، ڇاڪاڻ ته، هن جو ٻچو نهايت لاچار حالت ۾ پيدا ٿيندو آهي. اصل ۾ ڪئنگرو پيدائش وقت اگهاڙي گوشت جو ننڍڙو، گلابي رنگ جو، گهڻو ڪري هڪ انچ ڊگهي ۽ پينسل جيتري ٿلهي ٻوٽي هوندي آهي، توهين تصور ڪري سگهو ٿا ته، جيڪڏهن هن قسم جي لاچار جاندار کي گرم ۽ محفوظ جاءِ نه ملي ها ته انهيءَ جو ڇا ٿئي ها!

مادي ڪئنگرو ٻچي کي ڇهن مهينن تائين انهيءَ فطري گهر يعني ٿيلهيءَ ۾ رکي ٿي، ڇهن مهينن کان پوءِ ڪئنگرو ٻچو ڪتي جي ٻچي(گلر) جيترو ٿي ويندو آهي، پر پوءِ به هي انهيءَ گهر مان نڪرڻ ناهي چاهيندو. هو ٿيلهي ۾ اندر ئي ويٺي ڳچي ڊگهي ڪري وڻن جا پن کائيندو آهي. حقيقت ۾ ٻچو هلڻ ۽ ڊوڙڻ سکڻ کان پوءِ به ٿيلهيءَ ۾ رهڻ چاهيندو آهي. خطري جي صورت ۾ ماءُ هن جي مٿان جهڪندي ۽ انهيءَ کي وات سان کڻي ٿيلهيءَ ۾ وجهي ڇڏيندي آهي.

ڪئنگرو جا 120 کان وڌيڪ قسم موجود آهن. سڀني کان ننڍو قسم (Wallaby) آهي. هن جو قد صرف 2 فوٽ ٿيندو آهي. سڀني کان وڏي ڳاڙهي يا ڀوري ڪئنگرو جو قد ڇهن فوٽن تائين ٿي سگهي ٿو.

ڪئنگرو جون اڳيون ٽنگون ۽ پير ننڍا ننڍا ٿيندا آهن، جڏهن ته پويون ٽنگون ڊگهيون ۽ ٽنگن جي پيرن جي وچ ۾ هڪ تيز ۽ وڏو آنڱوٺو ٿيندو آهي، ڪئنگرو جون پويون ٽنگون مضبوط ٿينديون آهن، انهن ٽنگن جي مدد سان هو 15 فوٽن کان به وڏو ٽپو ڏيئي سگهندو آهي. هي پنهنجي وڏي ۽ ٿلهي دنب جي ٽيڪ تي آرام ڪندو آهي. ڪئنگرو جي رفتار تمام تيز ۽ سنگهڻ جي حس نهايت تيز ٿيندي آهي. تمام گهڻو پري کان ئي هو دشمن جي بوءِ سنگهي وٺندو آهي.

 

ڇا جانور هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي سگهندا آهن؟

جيڪڏهن اوهان جو مطلب اهو آهي ته ڇا جانور اشارن ۽ آوازن وسيلي هڪ ٻئي کي پيغام ڏيئي سگهن ٿا ته، هن  سوال جو جواب يقين سان ”ها“ ۾ هوندو، پر جيڪڏهن اسان جو مطلب آهي ته اهي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري سگهن ٿا ته، ان جو جواب ”نه، ۾ هوندو. اها حقيقت آهي ته، جهڙيءَ طرح انسان اشارن وسيلي پيغام رسائيندو آهي، اهڙيءَ طرح جانور به مختلف آواز ڪڍندا آهن.

جڏهن ڪڪڙ آواز ڪڍندي آهي يا پر ڦهلائيندي آهي ته، سندس ٻچا سمجهي ويندا آهن ته، ڪو خطرو آهي ۽ اچي ماءُ جي پرن هيٺان لڪندا آهن. ساڳيءَ طرح جڏهن ڪو گهوڙو هڻڪندو ۽ سنب زمين تي هڻندو آهي ته، ٻئي گهوڙي کي پيغام ملي ويندو آهي.

ڪجهه جانور مختصر اشارا يا علامتون سمجهي ويندا آهن، جيئن ڪو پکي خاص انداز مٿي اڏامي وڃي ته ٻيا پکي به اڏامي ويندا  آهن. ڪتا پيغام پهچائڻ لاءِ مخصوص انداز ۾ ڀئونڪندا آهن، جنهن کي ”گير“ چئبو آهي.

هڪ ڀيري اسڪول ۾ ويٺو هئس، زمين تي نوريئڙا هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيا هئا. اوچتو هڪ نوريئڙي پري کان ٻليءَ کي ايندي ڏٺو  ۽ مخصوص انداز ۾ آواز ڪڍندو وڻ تي چڙهي ويو. مون ڏٺو ته سڀ نوريئڙا سندس پويان ڊوڙندا وڻ تي چڙهي ويا. جڏهن ٻلي هلي ويئي ته هڪ نوريئڙو آهستي آهستي هيٺ لٿو، لهڻ دوران هيڏانهن هوڏانهن نهاري آهستي آهستي لٿو ۽ جڏهن ميدان صاف ڏٺائين ته وري مخصوص انداز ۾ آواز ڪڍڻ لڳو ۽ پوءِ سڀئي نوريئڙا وڻ تان لهي ميدان تي اچي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا.

باندر يا لنگور جانورن ۾ ذهين ترين جانور سمجهيو ويندو آهي، پر انهن جي زبان به ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ بهتر ڪانهي، پر انسان جي ڀيٽ ۾ لنگور ۽ ٻين جانورن کي جبلت جي ”زبان“ معلوم آهي، پوءِ انهن پهرين ڪنهن به جانور کي رڙيون ڪندي يا آواز ڪڍندي نه ڏٺو هجي، پر هو صحيح موقعي تي صحيح آواز ڪڍندا آهن.

ها البت پکين ۾ چتون ۽ ڪٻر انسانن سان گڏ رهندي ڳالهائڻ سکي وٺندا آهن، پر اها غلط زبان هوندي آهي. هو جيڪي ڪجهه چوندا آهن، انهيءَ بابت هنن کي ڄاڻ ناهي هوندي.

شينهن کي جهنگ جوبادشاهه ڇو چوندا آهن؟

سڄي دنيا ۾ شينهن کي طاقت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ادب ۾ پوءِ شاعري هجي يا ڪهاڻيون يا داستان، شينهن کي طاقتور ۽ جهنگ جو بادشاهه چيو وڃي ٿو. سنڌي ۾ شينهن کي طاقت جو سرچشمو چيو وڃي ٿو.

قديم مصري شينهن کي مقدس سمجهندا هئا، مسيح جي پيدائش واري زماني ۾ يورپ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ شينهن آباد هئا. 500 ق. م تائين اهي سڀئي ماريا ويا. اڄ ڪلهه صرف افريقا ۽ هندستان جي هڪ خطي ۾ شينهن ملن ٿا. سنڌ ۾ کيرٿر جبل به  شينهن جي رهائش گاهه آهي، اتي به شينهن جو تمام گهڻو شڪار ڪيو ويو، ايتري تائين جو هاڻي اهي اتي ناياب ٿي ويا آهن.

شينهن جو ٻليءَ جي خاندان سان تعلق آهي. جوان شينهن جي سراسري ڊيگهه 9 فوٽ ۽ 400 کان 500 پائونڊن تائين وزن ٿئي ٿو. نر شينهن ماديءَ کان وڏو ٿيندو آهي. شڪاري ماڻهو چنبي جي نشان مان سڃاڻي وٺندا آهن ته، نر آهي يا مادي،  نر شينهن جا اڳيان چنبا مادي شينهن جي ڀيٽ ۾ وڏا ٿيندا آهن، شينهن جو آواز گاجدار ٿيندو آهي، تنهن ڪري شينهن جي راڙ کي ”گاج“ به چوندا آهن. ٻلين جي ڀيٽ ۾ هي وڻن تي به ناز ۽ انداز سان چڙهندو آهي، ته اونهي پاڻيءَ ۾ گهور ڪري هلندو آهي. هي ڏينهن ۾ ڪي ئي ڀيرا پاڻي پيئندو آهي، تنهن ڪري هي اهڙيءَ جاءِ تي رهندي آهي، جتي پاڻي هجي.

شينهن، ڏينهن جو آرام ڪندي آهي ۽ رات جو گهمڻ اٿندي آهي ۽ شڪار ڪندي آهي. هي هرڻ، ڦاڙهي ۽ جهنگلي گڏهه تي ته آسانيءَ سان حملو ڪندو آهي، پر هاٿي، گينڊي، دريائي سانَ جو ڪجهه به بگاڙي نٿو سگهي، شينهن جو جيڪڏهن پيٽ ڀريل هجي، ته ڪنهن به جانور تي ڌيان ناهي ڏيندو.

شينهن شڪار ڪرڻ وقت لڪي حملو ڪندو آهي. جڏهن ڪو جانور ويجهو گذرندو اٿس ته، هي مٿس حملو ڪري ڏيندو آهي. حملي ڪرڻ وقت هن جي ڊوڙ جي رفتار 40 ميل في ڪلاڪ هوندي آهي.

 

مينهون ۽ ڳئون اوڳر ڇو ڪنديون آهن؟

اوڳر ڪرڻ وارن جانورن جي معدي ۾ پنج خانا هوندا آهن. هر هڪ خانو کاڌي لاءِ مختلف عمل ڪندو آهي، جڏهن کاڌو اڳريو ويندو آهي ته اهو پهرين خاني ۾ ويندو آهي، جيڪو باقي چئن خانن کان وڏو آهي، اتي اهو رطوبتن سان آلو ٿي ٻئي خاني ۾ هليو ويندو آهي ۽ مناسب سائيز جي گولن جي شڪل اختيار ڪندو آهي.

اوڳر ڪندڙ جانور گهڻو ڪري کاڌو کائڻ کان پوءِ ڪجهه دير آرام سان ويهي رهندا آهن يا ليٽي پوندا آهن. انهيءَ وقت کاڌي کي واپس وات ۾ آڻيندا آهن ۽ چٻاڙيندا آهن. کاڌي کي ٻاڙڻ کان پوءِ ٽئين خاني ۾ موڪليو ويندو آهي، پوءِ کاڌو اصل معدي ۾ ويندو آهي، جتي هاضمي جي عمل مان گذرندو آهي، اٺن ۾ ٽيون خانو ناهي ٿيندو.

ڳئون جي مٿينءَ ڄاڙيءَ ۾ ڏند ناهن ٿيندا، انهيءَ بجاءِ مهار تمام گهڻي سخت ٿيندي آهي. اها مهار گاهه کي هيٺينءَ مهار جي ڏندن جي ڪنارن تي رکندي آهي، ڳئون گاهه کي چٻاڙڻ وقت وات کي ٽيڏو رکنديون آهن.

 

ڇا جانور چکي به سگهن ٿا؟

چکڻ جي حس اسان لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي، اها کائڻ مان مزو وٺڻ کي ممڪن بنائي ٿي، پر اسان جي ذائقي جي حس جو مقصد صرف مزو وٺڻ ناهي، پر اسان جي حفاظت ڪرڻ به آهي. اها اسان کي نقصان ڏيندڙ شيون کائن کان بچائي ٿي.

چکڻ جو عمل ڇا آهي؟

هي ماليڪيولن جي اثر کي سمجهڻ جي صلاحيت آهي. هي متحرڪ ماليڪيول ذائقي جي اعصابن کي فعال بنائين ٿا ۽ اسين ذائقي بابت پيغام پنهنجي دماغ ۾ وصول ڪريون ٿا. صرف انهن شين کي چکي سگهجي ٿو، جن ۾ ائٽم تيزيءَ سان حرڪت ڪندا هجن، مثال طور: شيشي جي ٽڪر کي چکي نٿو سگهجي، متحرڪ ماليڪيولن واريون شيون ذائقي ۾ شدت پيدا ڪن ٿيون. انهيءَ ڪري گرم شين جو ذائقو ٿڌين شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي.

سڀ کان پهرين ذائقي جو احساس ذائقي دانين (Test Buds) کي ٿيندو آهي. حقيقت ۾ اهي ذائقي دانيون مکڙين جي شڪل جهڙيون تنتيون آهن. اهي مکڙيون انسانن ۽ اعليٰ درجي جي جانورن جي زبان تي هونديون آهن، انهن جي تعداد ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي.مختلف جانورن جي زبانن تي انهن مکڙين (Buds) جو تعداد مختلف هوندو آهي. مثال طور: انسان جي زبان ۾ ذائقو چکڻ وارين مکڙين جو تعداد 3000 آهي، چٻاڙڻ کان سواءِ مڇين جي ولرن کي ڳِرَڻ واري وهيل مڇيءَ جي زبان تي انهن جو تعداد نه هئڻ جي برابر آهي.

ڳئون جي زبان تي 3500 ۽ جابلوئي ٻڪر جي زبان تي 50000 مکڙيون ٿينديون آهن. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته جانور نه صرف چکي سگهن ٿا، پر انهن ۾ اها صلاحيت انسانن کان به سٺي آهي.

سمنڊ جي جانورن جي سڄي جسم تي ذائقي دانيون هونديون آهن. مثال طور: مڇي پنهنجي سڄي جسم جي مدد سان چکي سگهي ٿي، ايتري تائين جو اها پڇ سان به چڱي سگهي ٿي. مکيون ۽ پوپٽ پنهنجي پيرن سان چکي سگهن ٿا، پوپٽ جي ٽنگ جو آخري جوڙ جڏهن مٺيءَ شيءِ کي ڇهندو آهي ته، اهو ڏنگ ڪڍي هڪدم انهيءَ کي چوسڻ لڳندو آهي.

نانگ ۽ ڪرڙيون به پنهنجي زبانن سان چکندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org