سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: وايون وڻجارن جون

باب:

صفحو:9 

مصري عرب سان شام-ڪولون جي مسجد

 

منهنجي دوست کي نه اچڻو هو سو نه آيو ۽ آءٌ به هڪ فرمانبردار عاشق ۽ وفادار ڪتي وانگر، ڪجهه دير ٻيو به انتظار ڪرڻ لڳس، ٻئي ڪنهن هنڌ وڃڻو به نه هوم. سو اتي ئي ان هوٽل جي لونج جي ڪوچ تي اهليو پيو هوس. ڪي آيا ڪي ويا پئي. هڪ ٽولي ڇوڪرين جي آئي هڪ ئي يونيفارم ۾. چوڙيدار پجاما، ڀرت جا رنگين پهراڻ ۽ ڳچيءَ ۾ پوتيون. بئري ٻڌايو ته اهي انڊين ايئر لائينز جو ايئر هوسٽس آهن. ڪجهه چيني، ڪورين ۽ ملئي ماڻهو پڻ اچي ويٺا ۽ ٿوري دير کانپوءِ ويندا رهيا. ڪجهه ٻيون پوڙهيون کاکڙ کوکڙ امريڪن عورتون پڻ اچي ويٺيون، جي تازو آمريڪا کان هانگ ڪانگ گهمڻ آيون هيون ۽ هوٽل ۾ جيسين انهن لاءِ ڪمرا ٺهن ۽ لکپڙه ٿئي، تيسين ويٺيون رهيون. اڪيلو خاموش جيتوڻيڪ ڪڪ ٿي رهيو هوس. پر انهن پوڙهين سان ڳالهه چوري مغز کپائڻو ڪونه هو-اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني. هڪ پوڙهي جنهنکي ڪو فلمن جو شوق ٿي ڏٺو، (يا بهانو ڪري منهنجو مغز ٿي کاڌائين) ويجهو سري مونکان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته هانگ ڪانگ ۾ ڪا رچرڊ برٽن جي فلم هلي رهي آهي.“ ڪلهن کي جهٽڪو ڏئي اشاري سان گڏ جپانيءَ ۾ چيومانس، ”ايگو گا وڪاديماسين.“ (انگريزي نٿي اچيم.) ۽ هوءَ ٿڌو ساه کڻي منهنجي پچر ڇڏي سامهون ويٺل هڪ سينگارپور جي واپاريءَ جو مٿو کائيندي، رچرڊ برٽن ۽ مارلن برانڊو جو جلاب وٺندي رهي. پر اڳلي جي منهن مان سخت بيزاري پئي بڪي. ان عنوان ۾ هنجي رتي برابر به دلچسپي ڪانه ٿي ڏٺي. هنجي دل شايد امريڪن ڊالر جي ڊيوئليوئشن، فلوٽنگ ۽ سنڪنگ (Devaluation, Floating, Sinking) جي چڪرن ۾ ئي ٻڏي اڀري رهي هئي. انهن ڏينهن ۾ امريڪن ڊالر جي تازو ٻيو دفعو Devaluation ٿي هئي. ۽ هو تنگ ٿي مارلن برانڊو ۽ رچرڊ برٽن جي پوڙهي عاشقياڻيءَ کي ڇڙٻ ڏي، ان کان اڳ آءٌ اتان اٿي پري ٻئي پاسي منهن ٿيل ڪوچ تي وڃي ويٺس. جنهنجي آسپاس ۾ ٻه جپاني ڪٽنب ٻارن سميت ويٺا هئا ۽ هن مون ڏي ڏٺو. ۽ پوءِ ڪجهه دير لڳاتار ڏسندا رهياسين. هن منهنجي چهري مان پڙهيو ۽ مون هنجي مان، اسان ٻئي جيتوڻيڪ الڳ ملڪن ۽ قومن جا هئاسين، پر پوءِ به پنهنجائپ لڳي رهي هئي. آءٌ سندس چهري ۽ شبيهه مان سمجهي ويس ته آهي ته ڪو عرب، ۽ عرب به مصر يا شام جو. مون کانئس پڇيو ته: ”توهان عرب ته نه آهيو؟“

هن پهرين هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. منهنجي ان اوچتي ۽ اوپري سوال تي سندس چهري تي ڪجهه خوف ۽ شڪ ظاهر ٿيو ته آيا منهنجي "عرب" مان سٺي مراد آهي يا نفرت آميز. ان جو سبب ۽ هنجي اها بيچيني آءٌ سمجهي ٿي سگهيس. ۽ اها جائز هئي جو تازو ٻه ڏينهن اڳ ميونخ جرمني ۾ اولمپڪ راندين دوران فلسطيني گوريلن جي بليڪ- سيپٽمبر تحريڪ ۽ اسرائيل جي رانديگرن جو واقعو رونما ٿيو هو. جنهنکي مغربي پريس خوب اڇاليو ۽ Exploit ڪيو هو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهن کي خبر پئجي وئي هئي. هانگ ڪانگ ۾ به ان ڏينهن کان هر روز ان قسم جي سرخي صبح ۽ شام جي اخبارن ۾ ٿي آئي. ۽ ماڻهن جي دل ۾ عربن لاءِ نفرت ٿي پيدا ڪئي وئي. اهڙي ماحول ۽ وقت ۾ ڪنهن اوپري کي ٻڌائڻ ته مان عرب آهيان، معنيٰ هر رمارڪ ويندي گارگند ٻڌڻ لاءِ تيار رهڻ.

مون محسوس ڪيو ته منهنجي سامهون ويٺل همراه جي دل پينگهه وانگر "نه ۽ ها" جي وچ ۾ لڏي، نيٺ حقيقت ۽ سچ طرف بيهي رهي.

”ها، مان عرب آهيان، ڀاءُ.“ هن صاف ۽ صحيح انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو ۽ پنهنجو ڪوٽ ۽ تائي درست ڪري، رومال سان پيشاني تان پگهر اگهڻ لڳو.

”منهنجي خيال ۾ مصري ته نه آهيو؟“

منهنجي ان ڌڪي تي ڏاڍو خوش ٿيو. مون به پنهنجو تعارف ڪرايومانس ته اٿي بيهي ايڏو ته حب مان ڀاڪر پاتائين ۽ کيڪاريائين جو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هو آسٽريليا کان اچي رهيو هو، جتي مصر جي سفارتخاني ۾ ٽي سال اتاشي ٿي رهيو هو ۽ هاڻ مدو پورو ٿيڻ تي پنهنجي وطن وڃي رهيو هو. کيس هانگ ڪانگ ۾ اڏام بدلائي ٻي ڪمپني جي جهاز ۾ ٻئي ڏينهن قاهره روانو ٿيڻو هو. سندس گهر قاهر ۾ زملق گهٽي ۾ آهي ۽ سندس نالو ”توفيق محمود“. عمر مونکان ڏهه ٻارهن سال وڏو ٿي لڳو. کليل پيشاني ۽ چهري جي نموني مان بيحد ذهين ۽ سمجهو ٿي ڏٺو.

هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايوسين ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ گهمڻ ۽ مهمان ٿي رهڻ لاءِ هڪ ٻئي کي دعوتون ڏنيونسين. ان بعد ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهائيندا رهياسين. هو به مون وانگر واندو هو، گهمڻ جو کيس شوق صفا ڪونه ٿي ڏٺو ۽ ويٺو رهيو. هانگ ڪانگ ۽ مغربي ملڪن مان آيل اخبارن ۾ ڏنل هڪ طرفيون ۽ جانبدار خبرن، مراسلن ۽ ادارين بابت هو پڻ اظهار افسوس ڪندو رهيو ته دنيا جو خاص ڪري پريس جو ضمير اڄڪلهه ڪٿي آهي، جو هو عربن ۽ مظلوم فلسطين تي ايتري اجائي ٿڪ لعنت ڪري رهيا آهن. جڏهن ساڳيو ڪم پاڻ وڏي پئماني تي يهودين، فلسطينين سان ڪن ته اها ساڳي پريس ان کي ظلم يا ڪوس نٿي سڏي، ويتر ان کي آزادي ۽ حق جي جنگ ٿي ڪوٺي. جڏهن يهودين، غريب فلسطينين کي بي گهر ڪيو تڏهن ڪنهن کي قياس ڪونه ٿي آيو.

ڳالهائيندي ڳالهائيندي توفيق جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ دل ڀرجي آيس ۽ ڏک بري آهه کڻي ٻڌايائين، ”ڇا اهو 1967ع وارو نظارو دنيا وساري ويٺي آهي. جڏهن اسرائيلين غريب فلسطينين کي لوڌي ڪڍيو.

ڇا دکدائڪ نظارو هو. ٽيهه هزار انساني جانيون پنهنجي ئي گهر مان بي گهر ٿي رهيون هيون- مرد، ننڍڙا ٻار مائرن جي چولن کي چهٽيل. پوڙها، عورتون جن جي ڪڇن ۾ تازا ڄاول ٻار، خوف کان ڏڪندا، رئندا، رئندا، ڊڄندا تتل واريءَ تان قافلن جي روپ ۾ اڻ ڄاڻ ڀيانڪ مستقبل ڏي وڌي رهيا هئا ۽ انهن پٺيان ظالم اسرائيلي سپاهي بندوقن جي سنگينن سان کين ڌڪي رهيا هئا، لوڌي رهيا هئا.

”مڃون ٿا ته جيڪي ڪجهه ميونخ ۾ ٿيو يا هوائي جهاز هاءِ جئڪ ڪرڻ يا لنڊن ۾ يهودين جي دڪانن ۾ بم ڇڏڻ، جنگ جي اصولن جي خلاف ۽ غير مهذب ڳالهه  آهي. پر بقول فلسطينين جي، (جن کي پورا هٿيار نه آهن.) اسرائيل- جنهنکي امريڪا جهڙي طاقتور ۽ امير ملڪ جي هٿي آهي، ان جو جنگ جي ميدان ۾ مقابلو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي. هن لاءِ ته اهو ئي طريقو آهي ته گوريلا جنگ وڙهجي. ان ۾ خاص شيءَ اها ڏسڻي پوندي آهي ته ٽارگيٽ کڻي ننڍو هجي، پر ڪاميابي سو سيڪڙو هڙ پوي. ڪٿي هيسائڻ کان ڪم وٺڻ، ڪٿي دشمن کي منجهائڻ ۽ خوف ۾ رکڻ، ڪٿي هنکي ان قسم جا ننڍا نقصان پهچائڻ، جنهنجي هنکي اميد نه هجي- گهڻو اثر ٿو رکي. سو هنن لاءِ ويٽنام جهڙي گوريلاجنگ جوٽڻ ئي درست آهي. دنيا هنن مظلومن کي هميشه ستائيندي رهي ۽ وساريندي رهي. گهٽ ۾ گهٽ هاڻ دنيا اهو ته محسوس ڪيو آهي ته فلسطيني به ڪي انسان هن ڌرتي تي آهن - جن سان ظلم ٿيل آهي.“

منهنجي من کي منجهائيندڙ هڪ ڳالهه پڇي مانس، ”ڀلا، ڀاءُ. هوائي جهاز يا دڪان ختم ڪرڻ ۾ معصورم ۽ بيگناهه جانيون به ته تباهه ٿين ٿيون، ان لا ڇا Justification هئڻ کپي؟“

”هر هڪ جي من ۾ ساڳيو سوال ڪر موڙي منجهائي ٿو. ڊاڪٽر هباش ۽ ليليٰ خالد کان جڏهن ان بابت لائيف ۽ ٽائيم رسالن جي نمائندن پڇيو هو ته هنن وراڻيو هو ته: "فلسطين گوريلن جو سڀ تحريڪون ان کان گريز ڪن ٿيون ته ڪوبه معصوم شڪار بڻجي، پر سوال آهي ته ڇا ڪو اهڙو سرجن آهي جو بنا رت واهڻ جي ڪا آپريشن ڪري سگهي!" بهرحال هن عرب گوريلن جي عمل کي ڪي خراب ٿا سمجهن ڪي سٺو. ۽ سچ ته اهو آهي ته ان خرابي ۽ سٺائي جي وچ ۾ ايترو گهٽ ويڇو ۽ ڪمزور سرحد آهي، جو ڪچي ڌاڳي وانگر ڪٿي به ٽٽي سگهي ٿي اجهو هيئن.“

توفيق کي چانهه پاڻي جي صلاح ڪري سامهون هوٽل ميرا مار جي بار ۾ وٺي آيس. کائنس کائڻ پيئڻ جي پسند پڇيم. هي شايد پهريون عرب مونسان مليو هو، جنهن شراب ۽ عورت کان کپاسو ٿي ڪيو. هو ڪيتري دير مونسان ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ سمجهائيندو رهيو ته، مذهب اسلام هڪ سائنٽيفڪ، ۽ هر دور ۽ وقت جي تقاضا آهي ۽ سٺائي سيکاري ٿو. پاڻ، آسٽريليا ۾ مقيم پاڪستاني ايمبسي وارن جي ڏاڍي تعريف ڪيائين، جن انڊونيشيا جي ايمبسي وارن سان گڏجي ميلبورن (آسٽريليا) ۾ هڪ خوبصورت مسجد تعمير ڪرائي آهي. سانجهيءَ جو وقت اچي ٿيو هو. ميرا مار هوٽل جي سامهون ناٿن روڊ جي ٻئي پاسي هڪ تمام وڏي ۽ خوبصورت مسجد آهي. ڪافي پي اسان اٿياسين ۽ ناٿن روڊ تي واڪ ڪندا ان مسجد ۾ مغرب جي نماز لاءِ گهڙي پياسين. مسجد ۾ نمازين کان وڌيڪ سياح هئا. ان کان اڳ به هڪ دفعو ان مسجد ۾ جمعي نماز پڙهن جو موقعو مليو هو. جمعي نماز ڪري چڱو خاصو تعداد نمازين جو هو. سو سوا کن ٿيندا. چار وڏيون صفون ٿيون هيون. جن ۾ مدراسي ۽ ڏکڻ هندستان جا ٻيا مسلمان ڪافي هئا. ان کانسواءِ پاڪستاني (خاص ڪري پٺاڻ)، ملئي ۽ ڪجهه چيني مسلمان پڻ هئا. پر ان ڏينهن مغرب نماز تي تمام ٿورا ماڻهو (مدراسي ۽ چيني) هئا، جي هڪ بزرگ شخص کان ديني ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. مسجد جو امام هزارا (پاڪستان) جو پنجونجاهه سالن جو پوڙهو هو. ان کان اڳ به هزارا جو ئي اما هو، جو هڪ سال اڳ وفات ڪري ويو.

وضوءَ لاءِ ان مسجد ۾ خوبصورت حوض ٺهيل آهي. اندر بهترين غاليچا وڇايل آهن ۽ ٻاهر سنهي سَرُ جا تڏا. هيءَ مسجد جپانين ٻي وڏي جنگ ۾ مسلمان سپاهين لاءِ ٺهرائي هئي، جي ان وقت ميدان تي نماز پڙهندا هئا. اها مسجد پهرين قلعي طور استعمال ٿيندي هئي.

هانگ ڪانگ جو ٽاور پيڪ ۽ رقابت جو جذبو

 

هانگ ڪانگ ۾ ڪنهن کان به هتي گهمڻ جي جڳهه معلوم ڪندا ته هو جهٽ توهان کي ٽاور پيڪ ڏسڻ لاءِ چوندو ۽ ان بعد ٻيون جڳهيون. هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) تي ڪيتريون ئي اتاهيون ٽڪريون آهن. جن تي انگريزن جا عمدا ۽ عاليشان گهر آهن (باقي هيٺ ڪت خلق يعني هتي جا اصل باشندا چيني جن جي هيءَ ڌرتي آهي، پر جيئن ته اهو بيٺڪي ۽ ڌارين حڪومتن جو رواج هلندو اچي ته هنن هميشه ڌرتي جي ڌڻين کي نيچ سمجهيو آهي. پوءِ چاهي موزمبق، ائنگولا، گني ۾ پورچوگيز هجن، يا ڪانگو، گئبن ٽو گو وغيره ۾ فرينچ. ساڳيو عالم هتي پڻ آهي.)

هانگ ڪانگ ۾ رات جي وقت پري کان جڏهن جهازايندو آهي ته بتين جي جهرمر ۽ روشني ائين لڳندي آهي، ڄڻ زمين آسمان تائين وڃي لڳي هجي. ڪنهن چينيءَ خوب چيو ته هانگ ڪانگ ۾ امير ۽ غريب کي سڃاڻڻ تمام سولو آهي. جيترو مٿي جبل تي سندس گهر اوترو امير. هر جبل تي بس ۽ ٽئڪسين وڃڻ لاءِ خوبصورت باحفاظت رستا ٺهيل آهن. جبل جي چوٽيءَ تائين پهچڻ لاءِ رستو جبل جي چوڌاري ائين وڪوڙيل هوندو، جيئن گول اسپرنگ، جنهن جو تري وارو ڇلو وڏو هجي ۽ مٿيون ڇلو ننڍو. هڪ اهڙي وڏي پهاڙي جنهن جي چوٽيءَ تي برطانوي راڄ جي حڪومت جون آفيسون ۽ گورنر جو بنگلو به آهي، ان جي چوٽيءَ تائين پهچڻ لاءِ هڪ ڪيبل ڪار (جنهن ۾ سٺ کن ماڻهو ويهي سگهن)، جبل جي چوڌاري ڦري مٿي، پهچڻ بدران سڌي تري کان چوٽيءَ تائين پنجتاليهه ڊگرين کن جي ڪنڊ ٺاهي اچي وڃي ٿي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ اجها  ته اونڌي ٿي. اهو رستو جبل جي تري کان چوٽيءَ تائين، اها ٽرام ڏهن منٽن ۾ پورو ڪري ٿي. ۽ بس يا ٽئڪسي ذريعي جبل تان ڦري چڙهڻ يا لهڻ ۾ منو ڪلاڪ کن لڳيو وڃي.

ان ٽرام جي اسٽيشن هوٽل هلٽن وٽ آهي ۽ صبح کان شام تائين مسافر ڍوئيندي آهي. سٺ ستر کن مسافرن جا جٿا ٿي مٿي ايندا ويندا آهن. ٽرام جي اڳيان ڪيبل (هڪ قسم جي مضبوط لوهي رسي) هوندي آهي جا مٿي موٽر تي ويڙهبي ويندي آهي. ٽرام مٿي ريل وي (لوهي پٽن) تي ڇڪبي ويندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هيٺ پڻ ايندي آهي.

پهرين دفعي ٽاورپيڪ ڏسڻ، آءٌ زيديءَ سان گڏ ويو هوس. ان کانپوءِ به ڪيترا دفعا وڃڻ ٿيو آهي. آچر جو ڏينهن هو، سو سياحن جي ڊگهي قطار ٽڪيٽ وٺڻ تي هئي. اسان به بيٺا رهياسين. آخر ٻئي يا ٽئي جٿي ۾ وارو آيو ۽ ڏيڍ رپئي کن جي ٽڪيٽ وٺي مٿي چڙهياسين. ملڪ ملڪ جا مرد عورتون ۽ ٻار نموني نموني جي وڳن ۽ پوشاڪن ۾ هئا. اڌ کن ته چيني هئا، جي ڀر وارن ملڪن سنگاپور، تائيوان، ملايا، ٿائلنڊ، ويٽنام پاسي جا ٿي ڏٺا. ڪجهه هانگ ڪانگ جا به منجهن هئا، شايد، آچر جي ڏينهن هجڻ ڪري هرڪو موڪل ۽ خوشيءَ جي موڊ ۾ هو. اسان به ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ، وارو اچڻ تائين اڳيان ۽ پويان ڊگهي قطار ۾ بيٺلن جي پوشاڪن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهياسين. (گلا کانسواءِ اسان ايشين Asian کي اچي به ڇا ٿو. ۽ هونءَ به گلا ڪرڻ تمام سولي ۽ سستي وندر آهي، نه دماغ تي زور ٿو ڏيڻو پوي نه محنت! ۽ هونءَ به اسان جو دماغ اهڙي سولي ڪم لاءِ ٺهيل آهي، جي ڪجهه اسان جي دماغن ۾ ٺڪر هجي ها ته هن نت نيون ايجادون: ريڊيو، ٽي وي، وائرليس کان راڪيٽ، ڪمپيوٽر ۽ جمبوجيٽ، يورپين ۽ آمريڪن بدران ايشن ايجاد ڪن ها.) سو وقت پاس ڪرڻ لاءِ سولي ۽ سستي مشغولي- يعني گلا ۾ لڳي وياسين. زيدي کي چيم ته "هي چيني ڇوڪريون ته ڏس! اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ تائين مرد ۽ عورتون ڪالرن بنا ٻنهي پاسي ڪاڄ ٺهيل ويڪريون قميضون ۽ ساڳي رنگ جي پجامن جهڙيون ڍليون ۽ ننڍيون پتلونون پائيندا هئا ۽ هاڻ هتي يورپي ۽ آمريڪي سياحن کي ڏسي چيني به بلٻي ٿي پيا آهن. خاص ڪري ڇوريون ته ڏس! ڇا بيل باٽم، ڇا ايليفنٽ باٽمنڊ پتلون، ڇا سلئڪس ۽ جينس ۽ ڇا هي اسڪرٽ - سي به مِني! مار! چوندا آهن ته ڀاڳن ڄائي آهي، ڀيڻ، گڏهيون ٿيون گج پائين".

زيديءَ ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي چيو، "اهي سڀاڳيون چينياڻيون هتي هانگ ڪانگ ۾ ٿي پيون آهن، سو نت نيون پوشاڪون پهري ائين نخرا پيون ڪن جو ٿورو اس جو ترورو به برداشت نه پيو ٿين، پرجي فقط سو ميل کن پري مائوءَ جي چين ۾ ڄمن ها ته بلو چتين لڳل ڍلا ڪپڙا پائي، ڏينهن تتي جو پڪي رستي تي يا ڪو سرن جو گاڏو پيون گهلين ها، يا ته ڪنهن ڪارخاني ۾ لوهي هٿوڙو کڻي گرم پليٽ کي سڌو پيون ڪن ها".

"۽ هوءَ وري چيني ڇوڪري ڏس، چڍي ڪيتري ننڍي ۽ سوڙهي پاتي اٿس. ذري گهٽ اوگهڙ پئي نظر اچيس".

"اڙي اها چڍي نه اٿس، پر هاٽ پينٽ" اٿس".

"مار! چئبو ته هاٽ پئنٽ هتي به پهچي وئي ۽ نه فقط ڊريس پر بي حيائي به مغرب جهڙي اچي وئي آهي. ڪجهه دير اڳ اها هنن ٻن يورپين سياحن سان کيچل ڪري رهي هئي ۽ هاڻ هنن چينين سان بيٺي چرچا ڪري".

"مونکي ته مڪسڊ بلڊ (Mixed Blood) ٿي لڳي، جو سندس رنگ چينين وانگر پيلو يا هيڊو ناهي. ۽ صاروف به چينين سان ڪو نه ٿا ملنس، باقي قد بت ۾ انهن ئي جهڙي آهي".

اسان اچي ٽڪيٽ آفيس وٽ پهتا هئاسين سو ٿوري دير گلائن کي بريڪ هڻي، ٽڪيٽ خريد ڪري اندر جبل ۾ چر جهڙي ٺهيل ڪمري ۾ اچي بيٺاسين، جتي ٽرام اچڻ واري هئي، هاٽ پينٽ واري ڇوڪري، جنهنجي پٺيان کليل چولي مان ڏٺو پئي ته براليس يعني باڊيءَ بنا آهي (اهو به اڄڪلهه ماڊرن فيشن آهي ۽ آمريڪا طرف ته ڪافي سالن کان احتجاج خاطر عورتن باڊيون پائڻ ڇڏي ڏنيون آهن ۽ ان جي ٻين کي خبر ڪيئن پوي، ان لاءِ يا ته سنهي ڪپڙي جا چولا پاتا ٿا وڃن يا هن ڇوڪريءَ جيان چولي جي پٺ گهڻو هيٺ تائين ڪتريل هوندي آهي)، سا به اسان جي جٿي ۾ هئي ۽ هاڻ وري هڪ ٻئي سياح سان ڳالهائي رهي هئي. (۽ اسان دل ۾ سڙي رهيا هئاسين ۽ تشويش ۾ پڻ هئاسين ته هيءَ لاوارث چيني ڇوڪري ڪير آهي، جنهن جي انگ انگ ۾ نرتڪي واري چستي آهي ۽ مست هرڻي وانگر ڇال هڻي رهي آهي....) خير سائين، اسان جو به وارو آيو، جيتوڻيڪ ڪجهه دير سان. جڏهن مٿي چوٽيءَ تي پهچي، هيڏانهن هوڏانهن ڦري، ساڄي پاسي پارڪ جي ڪنڊ وٽ هڪ قدرتي نظاري مان محفوظ ٿي رهيا هئاسين ۽ پنهنجي ئي پورن ۾ پوريا پيا هئاسين ته هيءَ اوچتو سامهون اچي اڳيان بيٺي ۽ اسان جلدي ۾ اهو به سوچي نه سگهياسين ته ڪهڙن لفظن سان ڳالهائڻ شروع ڪجي.

"هيلو" هن شروعات ڪئي ۽ اسان جي اڃا به ويجهو ٿي بيٺي، ايترو ويجهو جو اسان چپن تان ڊٺل پالش به چڱي طرح ڏسي پي سگهياسين. سندس ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي ننڍڙو ٻلو لڳل هو، جنهن تي نشاني ته "امن" جي هئي، پر لکت خبر ناهي ڪهڙي زبان ۾ هئي. اسان به دل ٻڌي، ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ خاطر، (جيئن هوءَ ان شڪ مان جلد نڪري اچي ته اسان ٻئي گونگا آهيون)، هڪ عجيب غلامانه انداز ۾ "هيلو" چئي ٻنوڙي تان اٿي بيٺاسين ۽ چيوسين ته "اسان توکي پهرين به ڏٺو آهي".

"منيلا (فلپين) ۾ ڏٺو هوندو" هن يڪدم کلي چيو "نه".

"ڪولون ۾ چنڪنگ مئنشن ۾ ڏٺو هوندو. اڄڪلهه آءٌ اتي رهان ٿي ۽ شام جو چانهه پيننشولا هوٽل ۾ پيئندي آهيان".

"نه. نه،" اسان تيسين پنهنجي نروسنيس تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ چپن تي هڪ زبردستيءَ جي مرڪ آڻي چيو، "ٿوري دير اڳ هيٺ ڏٺو هئوسين".

"او!" هن هٿ ملائي ٽهڪ ڏيندي چيو، "چئبو ته پاڻ شروع کان گڏ آهيون".

"شروع کان ته گڏ ڪو نه آهيون. پر هاڻ گڏ بيٺا آهيون". هوءَ ان تي وري زور زور سان کلڻ لڳي (۽ اسان دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳاسين ته اسان ڪي وڏا چرچائي آهيون يا شايد ان وقت، اندر جي اهڙي ڪيفيت ٿي رهي هئي، ڄڻ ممتاز دمساز وارا ست سوال پورا ڪري اچي بيٺا هجون ۽ شهزادي صاحبه، مس (نالو وسري ويم) گلن جو هار پائي چوڻ واري آهي ته نه فقط مان، پر هي تخت ۽ تاج به تنهنجو آهي).

"ماڻهو ته مزيدار ٿا ڏسجو، پڪ انڊين آهيو" هن چيو "نه پاڪستاني آهيون".

"ته پوءِ ته پاڻ وڌيڪ سٺو، توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي."

۽ آءٌ دل ئي دل ۾ زيديءَ تي خارون کائڻ لڳس ته هيءَ مصيبت پاڻ سان ڇو آندم. اڪيلو اچان ها، اڄ جيڪر. ۽ زيدي پڻ ان وقت مونکي اهڙين نظرن سان ڏسڻ لڳو جيئن اتر قطب ۾ سياري جي موسم ۾ بکايل بگهڙن کي جڏهن ڪو شڪار هٿ نه ايندو آهي ته هڪ ٻئي جي سامهون بيهي ڏسندا آهن ته جيئن ڪنهن هڪ کي اک لڳي ته ٻيا چيري ڦاڙي، کائي پيٽ ڀرين.

اسان ٻنهي کي خاموش ڏسي هن ڇوڪري منهنجي هٿ مان ڪئميرا وٺي اسان جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو ۽ اسان خوفناڪ سوچن جي صحرا مان نڪري، "ها مهرباني ٿيندي" چئي، زيدي ۽ آءٌ پوز ٺاهي ڪٽهڙي کي ٽيڪ ڏئي بيٺاسين، پري کان ڪولون جو شهر ۽ چوڌاري پکڙيل سمنڊ ۾ پري پري تائين ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽاڙا، جهاز ۽ ٻيڙيون صاف نظر اچي رهيون هيون. پاڻ اسان جي ڪئميرا سان فوٽو ڪڍيائين ۽ پوءِ اسان سندس ڪڍيو.

"تون چيني ٿي ڪري سٺي ۽ صاف انگريزي ٿي ڳالهائين" اسان وري ڪجهه ڳالهائڻ خاطر ڳالهايو.

"مان چيني نه پر فلپينو آهيان، منيلا کان آئي آهيان". "منيلا کان آئي آهين! اڪيلي؟"

"مون سان گڏ ٻيون به ٻه چار ڇوڪريون آيل آهن". هن اسان ٻنهيجا هٿ پنهنجن هٿن سان دٻائيندي چيو پورهئي خاطر".

اسان ٻئي هاڻ سمجهي وياسين ته چڪر ڇا آهي ۽ چوندا آهن ته: سخي کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب، جو کانئس وڌيڪ غريب اسان هئاسين. سو سهڻن اکرن ۾ اسان چيس:".... محترمه اسان شايد تنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهيون. تون شايد اسان کي ڪو وڏو ماڻهو پئي سمجهين. پر دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته...."

هن اسان جو جملو اڌ ۾ ڪپيندي، هڪ دفعو وري اسان جي هٿن کي جهلي وڏي همدردانه انداز ۾ چيو: "دوست، دل ۾ نه ڪريو. مان سمجهان ٿي ته توهان به مون وانگر ايشيا جي اهڙي غريب ملڪ جا آهيون، جن کي ازل کان ورثي ۾ بک، بيروزگاري ۽ بيماري مليل آهن. اهڙن ملڪن جو ظاهري طرح امير به جوکو ۽ قرضي آهي. مان مجبوريءَ ڪارڻ ڪمائڻ لاءِ هتي آيل آهيان، جو ٻيو ڪو چاڙهو نه آهي ۽ هينئر توهان وٽ به مجبوري خاطر اچي بيٺي آهيان جو منهنجو اصلي گراهڪ ته پٺيان بيٺو آهي، هن کي فيصلي ڪرڻ ۾ دير پئي لڳي ۽ توهان وٽ فقط هن کي ساڙ ۽ ريس ڏيارڻ لاءِ آئي آهيان جيئن هن ۾ رقابت جو جذبو پيدا ٿئي".

اسان سندس پٺيان ڏٺو، پري هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏئي هڪ نوجوان يورپين (شايد فرينچ ٿي لڳو يا انگريز)، حسرت ڀريل نگاهن سان هن کي واجهائي رهيو هو ته ڪنهن به طرح هوءَ پٺيان نهاري ته هو سڏ ڪريس. هن جي سڏ ڪرڻ کان اڳ، هوءَ اسان کي باءِ باءِ چوندي هن ڏي هلي وئي. سج لهي چڪو هو پر ميرانجهڙو سوجهرو اڃان هو، ان ٻاڦيل روشنيءَ ۾ پري کان اسان سندس ٻهڪندڙ ۽ مرڪندڙ چهرو ڏسندا رهياسين. ٻئي ڄڻا هڪ بڻجي ڀاڪر ۾ ٽاور پيڪ ريسٽورنٽ جي در وٽان ڦرندا، بس اسٽاپ وٽ، ٽئڪسي ۾ وڃي ويٺا ۽ اسان ڪانڌين وانگر غمگين ۽ مسڪين صورت ٺاهيندا، پنهنجي وحشاني خواهشن ۽ تمنائن جي جنازي کي ڪلهو ڏيندا، آهستي آهستي چرڻ لڳاسين. ڊرائيور جڏهن ٽئڪسيءَ جي انجڻ اسٽارٽ ڪري گيئر ۾ وڌي ته ان فلپينو ڇوڪريءَ مڙي اسان ڏي پٺيان نهاري،هڪ دفعو وري هٿ لوڏيو ۽ اسان ٽئڪسي طرف تيسين سڪڻن ٻارن جيان ڏسندا رهياسين،جيسين جبل جي ور تان لڙهڪندي هيٺ غائب ٿي وئي.

زيديءَ کي چيم، "ڪي نظارا ڪيڏو نه عجيب ۽ گهرو اثر رکندڙ ثابت ٿا ٿين".

ڇڏ يار، تون اديب ماڻهو آهين، اديب سڀ حساس ٿا ٿين. هر ڳالهه توتي گهرو اثر ٿي ڇڏي. پيارا، اهڙا نظارا ته روز فلمن ۾ به پيا ڏسجن!“

"تو منهنجو مطلب نه سمجهيو، ڀاءُ" مون سندس ڪلهي تي ڌيرج سان هٿ رکندي چيو.

"مطلب ٻطلب کي ڇڏ في الحال مطلب جي اها ڳالهه آهي ته اڃ ڏاڍي لڳي آهي. پاڻي ته ملندو ڪو نه. هل ته ڪوڪاڪولا پيون. خشڪيءَ کان ساهه ٿو گهٽجي".

اسان ٻئي ريسٽورنٽ طرف وڌڻ  لڳاسين. رستي تي ٻه چار چيني دوربينيون ۽ فوٽن جا سيٽ (جي اگهاڙين عورتن جا ٿي لڳا) خريد ڪرڻ لاءِ چهٽڻ لڳا. انهن کان جان ڇڏائيسين ته چاڪليٽ ۽ پلاسٽڪ جا گل وڪڻڻ وارو هڪ ٻه مليو. آخر لفٽ ۾ چڙهي مٿي لونج ۾ دريءَ اڳيان اچي ويٺاسين. ۽ هانگ ڪانگ جي سڄي ٻيٽ، سمنڊ ۽ ڪولون جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. بئري ٿڌو اچي رکيو، جو پيئڻ لڳاسين. ڪجهه ڪجهه بک به لڳي. گوڏن جي وچ ۾ پرس لڪائي ان جو ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ان ريسٽورنٽ جي اگهن جو جائزو ورتم. پوءِ زيدي کي چيم ته ڪجهه کائون. هن جيهڻي ها ڪئي. ۽ سڀ کان گهٽ قيمت واريون سئنڊوچ گهرايوسين ۽ هڪ هڪ کي ننڍا ننڍا چڪ هڻي آهستي آهستي کائڻ لڳاسين. زيدي خطري کان آگاهه ڪندي چيو ته عياشي ڪئي اٿئون، يعني ٻه ٻه ايگ سئنڊوچ کاڌيون اٿئون، سو واپس ٽئڪسي ۾ هلڻ بدران بس ۾ هلڻو پوندو. مون معصوميت سان وات سان ڪڇڻ بدران هاڪار ۾ ڪنڌ ائين ڌوڻيون، جيئن سنڌي ڇوڪريون نڪاح وقت ڌوڻينديون آهن. ۽ پوءِ دريءَ مان ڏٺم. هيٺ، گهڻو هيٺ جبل جي پيرن وٽ ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ڊوڙي رهيون هيون جي رانديڪن جيان پئي لڳيون.

توهان جي شهر جي نالي جي معنيٰ ڇا آهي؟

اٺ نه، نو بلائون چئو، سرڪار!

پنهنجي ملڪ ۾ رهي پنهنجي آسپاس جا شهر ته پري، پر پنهنجي شهر يا ڳوٺ جي نالي جي معنيٰ به تمام گهٽ ماڻهن کي ايندي هوندي. خبر ناهي، ائين ڇو آهي. ڪيترا مٽارين جا پڙهيل لکيل ماڻهو ملندا. جن کي اها خبر نه هوندي ته مٽاري تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان جي معنيٰ ڇا آهي يا اصل صحيح نالو ڇا هو، ساڳي طرح حيدرآباد، ڪراچي آهي، ڄامشورو آهي، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور آهي، وغيره وغيره. پر ٻاهر اچي هر وقت اها هورا کورا ۽ آنڌ مانڌ ٿي رهي ته سنگاپور تي اهو نالو ڪيئن پيو يا ان جي معنيٰ ڇا آهي. اهڙي نموني هانگ ڪانگ، ٿائيلينڊ وغيره وغيره.

جن ڏينهن ۾ جپاني زبان (نيهاگو) سکڻ شروع ڪئي هيم ته هڪ ڏينهن هڪ لفظ پڙهيم، "شيما" معنيٰ "ٻيٽ" ڌيان ۾ يڪدم "هيرو شيما" اچي ويو ۽ هيرو" جي معنيٰ جي ڪڍ لڳي ويس. نيٺ معلوم ٿيو ته "هيرو" لفظ "هيروئي" مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، "ويڪرو ٻيٽ" ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ان ڏينهن جيڪو جپاني دوست يا واقفڪار ٿي مليو ان کان هيروشيما جي معنيٰ ٿي پڇيم. ۽ تعجب لڳو ته ڪيترن کي معلوم نه هو يا هنن ڪڏهن ان جي معنيٰ بابت ڌيان نه ڏنو هو.

اهڙي نموني، پرديس ۾ هر شهر جي معنيٰ ڳولڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي. ڪوبي (جپان) ۾ هڪ اسٽيشن آهي: "سنو ميان" ۽ منهنجا دوست کلندا آهن ته يار هي نالو مڙيئي ديسي ٿو لڳي. ۽ اسان اهو پيا سوچيندا هئاسين ته ان جي معنيٰ ڇا ٿي سگهي ٿي. جپان ۾ جن فئملين سان اٿڻ ويهڻ هوندو هو، انهن کان ته پڇي پڇي کين ڇتو ڪري ڇڏيو هئوسين. سڀ چوندا هئا. "سنو" ته "سئن" مان نڪتو آهي معنيٰ "ٽي" باقي "ميان" جي خبر ناهي، ايتريقدر جو انهن مان ڪي چوندا هئا- ۽ هو بلڪل صحيح هئا ته اهو ضروري ٿوري آهي ته هر نالي جي معنيٰ هجي ۽ اسان کين چرچي خاطر ٻڌايو ته اڙدو ۽ هندي زبانن ۾ "سنو ميان" جي معنيٰ آهي: "ٻڌ منهنجا مڙس!"

"سنو ميان" تمام بارونق علائقو آهي. ڪوبي بندرگاهه جي ويجهو، خوبصورت پارڪن ۽ دڪانن کان مشهور آهي. ان بعد جپان ۾ جڏهن به "سنو ميان" جو ذڪر ايندو ته جپاني واقفڪار چوندا آهن ته هلو ته Listen my husband (ٻڌ، منهنجا مڙس! اسٽيشن ڏي هلون، هڪ دفعي اوچتو "ميان" لفظ تي نظر پئجي وئي جو واقعي پراڻو هئڻ ڪري ايترو واهپي ۾ ڪو نه ٿو اچي ۽ ان جي معنيٰ جي خبر پيئي ته درگاهه آهي. (۽ درگاهه لاءِ اڄڪلهه عام مروج جپاني لفظ: اوتيرا، شيرو ڪيوڪائي وغيره آهن). ۽ "سنو ميان" معنيٰ ٽي درگاهون، هڪدم مونکي ياد آيو ته سنو ميان علائقي جي آسپاس ٽي پراڻا، ڊٺل عبادتگاهه آهن. خوشيءَ ۾ يڪدم پنهنجن جپاني دوستن کي خط لکيم- ڄڻ ڪا وڏي کيپ کٽي هجيم.

هانگ ڪانگ جا چيني ماڻهو جپانين يا ٻين قومن کان وڌيڪ رکا ۽ بي لحاظ آهن. خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي اسان جهڙن ڪارن باشندن جي ملڪن جي رهواسين سان هنن جو سلوڪ سٺو ناهي. هو پنهنجو پاڻ کي اتاهون سمجهن ٿا. (بقول اسان جي هڪ پراڻي چيف انجنيئر جي، جڏهن کان هانگ ڪانگ جي رهاڪن دولت ڏٺي آهي. مٿي تي چڙهي ويا آهن.) ۽ ساڳي وقت اسان جو پڻ هنن سان گهڻو واهپو نٿو رهي. هانگ ڪانگ ۾ ڪيترائي پاڪستان، هندستان ۽ سلون جا سنڌي، پنجابي، پٺاڻ، مسلمان، هندو ۽ سک رهن ٿا. گس پنڌ تي ڪو رستو يا بس بابت پڇڻو هوندو ته به پاڻ جهڙي ڏتڙيل قوم جي ڪنهن ايشيائيءَ کان پڇڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ان کانسواءِ چيني زبان ڪجهه اهڙي ڏکي به آهي، (جنهن کي عبدالجبار جوڻيجي جهڙا جوان ئي منهن ڏئي سگهن ٿا، باقي اسان جي جاءِ ناهي) جو ڪڏهن سکڻ جو شوق نه ٿيو آهي. ساڳي وقت هانگ ڪانگ ۾ چيني زبان نه اچڻ ڪو مسئلو به نه آهي، جو اسان جي ملڪن جيان هانگ ڪانگ ۾ پڻ انگريزي عام ڳالهائي وڃي ٿي. ان هوندي به لفظ هانگ ڪانگ، ڪولون وغيره جي معنيٰ پوئين دفعي ئي معلوم ڪري ورتم.

هڪ دفعي هڪ ٻار کي ڏٺم ته پنهنجي پيءُ کي، دڪان ۾ ٽنگيل پني جي بلا طرف اشارو ڪري لون لون چئي رهيو هو. اهو ٻڌڻ سان محسوس ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته ان لون((Loon جو واسطو ڪولون (Kowloon) سان به هجي، جنهن شهر سان اسان جو گهڻي وقت کان جهاز رانيءَ جي سلسلي ۾ لاڳاپو رهندو اچي. آخر پڇا تي معلوم ٿيو ته ڪولون جي معنيٰ آهي نو بلائون‘، چيني ۽ جپاني زبان ۾ نون جي انگ کي ڪو چون.

بلا (اجگر) چيني تهذيب سان تمام گهڻو واسطو ٿي رکي. ۽ پراڻين ڏند ڪٿائن موجب هڪ خيالي قسم جي پرن واري نانگ کي ديوتا ڪري پوڄيو ويندو هو. اهڙن خيالي پرن وارين بلائن جون مورتيون اڄ به ڪيترن هنڌن تي هانگ ڪانگ، ملايا، تائيوان، سنگاپور ۾ نظر اينديون، جي ڪاغذن، مٽي، گاهه يا پٿر جون ٺهيل آهن. ايتريقدر جو ڪراچيءَ ۾ چيني هوٽلن ۾ پڻ ان قسم جا نانگ يا انهن جون تصويرون ٽنگيل ڏسڻ ۾ اينديون. پراڻين چيني ڏند ڪٿائن (Mythlogy) موجب ان قسم جي بلا (جنهنکي انگريزي ۾ "ڊرئگن"(Dragon) سڏجي ٿو)، بادشاهه جي علامت ليکي ويندي هئي، ۽ شهنشاهه يا حاڪم کي پڻ ادب وچان بلا (لون) جو خطاب ڏنو ويندو هو.

قصو مشهور آهي ته اڄ کان اٺ سو سال کن اڳ (سنگ گهراڻي جي آخري ڏينهن ۾) ان گهراڻي جو شهزادو تاءِ پنگ نالي، قبيلائي خان ۽ منگول لشڪر کان جان بچائي اچي هن پاسي پرل نديءَ جي ڇوڙ وٽ پناهه ورتي هئي. ڪولون جي چوڌاري انهن ڏينهن ۾ اٺ جبل هئا. هڪ ڏينهن انهن جبلن ڏي اشارو ڪندي شهزادي پنهنجي خدمتگار کي چيو:

"هتي مونکي اٺ بلائون پيون نظر اچن"

ته خدمتگار يڪدم عزت ڏيندي چيس:

"سائين! اٺ نه پر نو بلائون چئو. هڪ توهان به ته آهيون". مٿئين آکاڻي صحيح آهي يا غلط پر هن علائقي جو نالو ڪولون (نو بلائون) پئجي ويو. هينئر انهن اٺن جبلن مان جيڪي ڪولون جي چوڌاري هئا، ڪيترا درپٽ ڪري زمين سان سڌو ڪيو ويو آهي. ۽ هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جا ڪيترا خوبصورت حصا جي اڄ نظر اچن ٿا سي ڪنهن زماني ۾ کاري پاڻي جو سمنڊ هئا.

مڪائو، تائيپا ۽ ڪولاني- دارون ۽ سون جا اڏا. پوءِ اها ڇوڪري آسمان تي هلي وئي....

هانگ ڪانگ جهڙي (بلڪ ڪن ڳالهين ۾ ان کان به وڌيڪ خوبصورت ۽ مشهور) جڳهه مڪائو آهي. پر هانگ ڪانگ ۾ اچڻ کان اڳ ان بابت تمام گهٽ ماڻهن ٻڌو هوندو. ڇاڪاڻ جو مڪائو ٻاهر جي دنيا سان نه ته هوائي رستي ڳنڍيل آهي ۽ نه خشڪي رستي. اتي پهچڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي- پاڻي رستي. سو به بندرگاهه جون سهولتون مهيا نه هئڻ ڪري وڏا جهاز ٻاهرين ملڪن کان هتي اچي نٿا سگهن. مڪائو پهچڻ لاءِ توهان کي پهرين هانگ ڪانگ يا ڪولون اچڻو پوندو. جتان پوءِ فيري بوٽ يا هائيڊرو فائيل بوٽ ۾ وڃڻو پوندو. (هيڊرو فائيل بوٽ (Hydro Foil) هڪ وڏي تيز رفتار ٻيڙي ٿئي ٿي، جنهن جو هلڻ وقت ڪافي حصو پاڻيءَ جي سطح کان مٿڀرو رهي ٿو.)

هانگ ڪانگ توهان هڪ ڏينهن لاءِ به ايندؤ ته توهان کي اها خبر پئجي ويندي ته مڪائو به ڪا جڳهه آهي، جنهن کي هانگ ڪانگ ۾ رهي ڏسڻ ضروري آهي. هر هوٽل ۽ عام جڳهين تي جتي سياحن جي اچ وڃ گهڻي هجي. مڪائو جا اشتهار ۽ اتي پهچڻ بابت سهولتن جي معلومات درج ٿيل هوندي. ۽ جيڪڏهن توهان وٽ وقت به آهي ۽ پئسو به آهي ته پوءِ هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي، ڳانا نه خريد ڪرڻ.

هانگ ڪانگ کان مڪائو فقط چاليهه ميل پري آهي. ٻنهي جا اصلي باشندا چيني آهن. پر هانگ ڪانگ انگريزن جي هٿ هيٺ هڪ ڪالوني (بيٺڪ) آهي، جا گهڻي ڀاڱي آزاد ٿيندي وڃي ۽ مڪائو تي وري سورهين صدي کان پورچوگيزن جو قبضو هلندو اچي. مڪائو پورچوگال جو هڪ حصو ۽ سمنڊ پار ولائت ۾ هڪ صوبو سمجهيو ٿو وڃي. مڪائو جي هر رهاڪو جي قوميت پورچوگالي آهي. 15 صديءَ کان پورچوگال جا سامونڊي ڌاڙيل ۽ واپاري دنيا جي سمنڊن ۾ پکڙجي ويا هئا ۽ هنن جي جتي مرضي ٿيندي هئي اتي پنهنجو قبضو ڄمائي وهندا هئا، تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن چين ۾ منگ گهراڻي (1368-1662) جي سلطنت هئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ عيسوي سن 1555ع ڌاري) پورچوگيزن ٺٽي کي پڻ ڦريو ۽ ساڙهيو هو. (جنهن حقيقت جو ذڪر تاريخ طاهري ۾ پڻ ٺٽي جي مير طاهر محمد نيسانيءَ ڪيو آهي.) ان کان اڳ 1510ع ۾ پورچوگيزن ’گوا‘ کي پڻ فتح ڪري پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو.

هتي مڪائو ۾ پورچوگالي سنه 1550ع ۾ هڪ سست رفتار ٻيڙيءَ ۾ ملاڪا رياست (ملئيشيا) کان آيو هو. تنهن بعد ٻين اچڻ شروع ڪيو ۽ ناني رڌڻ واري ڏُهٽا کائڻ واري حساب مطابق پنهنجي ملڪ جو حصو سڏائي هتان جپان، چين ۽ هندستان سان واپار هلائڻ لڳا. پورچوگيز ئي پهريان يورپي هئا، جن سامونڊي طاقت مان ناجائز فائدو ورتو. سنڌ ۽ هند ۾ به هيءَ قوم پهرين يورپي ڌارين قوم هئي، جا آئي، سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان به سٺ سال اڳ هي نازل ٿيا هئا، ۽ هنن جو سنڌ جي واپار وڙي تي ڪافي اثر هو. هانگ ڪانگ کان مڪائو پهچائڻ ۾ فيري ٻيڙي ٽي ڪلاڪ ۽ هئڊرو. فائيل سوا ڪلاڪ ٿي وٺي. جنهن جي ٽڪيٽ اٺاويهه هانگ ڪانگ ڊالر (ڇاونجاهه رپيا) آهي. موڪلن واري ڏينهن تي اسي رپيا. مڪائو پهچڻ سان ائين هرگز نٿو لڳي ته ڪو هي نج چيني شهر آهي، پر پهرين نظر سان يورپ جو ڪو خوبصورت گهمڻ جو هنڌ (Resort) ٿو لڳي- سفيد پوچيءَ ڏنل ڀتيون، قداور عمارتون، لوهي شيخن جون بالڪينو، جڳهه جڳهه تي پٿر ۽ ڌاتوءَ جا يادگار بت، ماڻهن جي عام گڏجاڻين ۽ ميڙن لاءِ ڪشادا چونڪ، وڻڪار سان ٽٻ. ويڪرا رستا. پر شهر جي اندرين حصي ۾ گهڙڻ سان چيني ماحول جي پڻ سڳنڌ ايندي. ۽ هي شهر پراڻي پورچو گال ۽ نئين چين جي تهذيبن، رسم، رواجن ۽ فئشن جي کچڻي لڳندو. هڪ عام مشرقي شهر وانگر مڪائو ۾ سوڙهيون روهڙيءَ جهڙيون گهٽيون به آهن ته ڪراچي جهڙا ويڪرا رستا به ٿالهه رکي وڪڻڻ وارا ٻار به آهن ته رڪشائون ڇڪڻ وارا مزور پڻ. عصمت فروش عورتون به آهن ته پنڻ وارا معذور، لاچار ۽ بيوس پڻ وڏا وڏا بنگلا به آهن ته ننڍيون جهوپڙيون به.

مڪائو پرل ندي جي جوڙ وٽ چين جي سرزمين کان چيني اصطلاح مطابق، ٿڪ اڇلائڻ جيتري پنڌ تي آهي. بئرير گيٽ وٽ بيهي سامهون مائوزي تنگ جا ريڊگارڊ (سپاهي) ڏسي سگهو ٿا. مڪائو ۽ چيني علائقو چينگ شان (جتي ڊاڪٽر سن يات سين ڄائو هو جنهن سنه 1911ع ۾ چين جي چنگ شهنشاهيت جو انت آندو هو) جي وچ ۾ فقط هڪ سنهي نهر "ڊڪ چئنل" وهي ٿي. جنهن تي پڻ چيني سپاهين جو پهرو آهي. بؤيز (Buoys) جي هڪ قطار ٺهيل آهي، جنهن جي هڪ پاسي چيني سمنڊ جي پاڻي جي حد سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي مڪائو (پورچوگال) جي. هوءَ يورپ ۾ پورچو گال ۽ اسپين ئي اهڙا ملڪ آهن جي چين ۾ مائوزي تنگ جي حڪومت کي اڃا تائين تسليم نٿا ڪن.۽ چين پورچو گال جي بيٺڪي راڄ جي سخت خلاف آهي. چين جي چاهي ته مڪائو چند منٽن ۾ پنهنجي قبضي هيٺ ڪري سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org