سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: وايون وڻجارن جون

باب:

صفحو:6 

مذهب هتي گهڻن ماڻهن جو ٻڌ ڌرم آهي. ڪن جو مذهب Taoism پڻ آهي، ڪي "ٽن هائو" کي به پوڄين. ڪجهه ڪرسچن ۽ تمام ٿورا مسلمان پڻ آهن، ۽ ڪي اهڙا به آهن خاص ڪري ننڍي ٽهي جيڪي لا مذهب آهن هتي هڪ ڳالهه پڙهندڙن جي مونجهاري دور ڪرڻ لاءِ لکندس ته "چيني" ماڻهو مان مراد هر گز اها نه وٺڻ گهرجي ته عوامي چين جو رهاڪو هجي. عوامي چين جا رهاڪو به چيني آهن ته تائيوان ڪوريا جا به فارموسا يا ويٽنام جا به چيني آهن ته هانگ ڪانگ ڪولون ۽ ڪمبوڊيا جا به. سنگاپور جا به ڪيترا (اڌکن آدمشماري) چيني ماڻهن جي آهي ته ملايا جي به. پوءِ سڀني چينين جو نسل، زبان ۽ شڪل صورت کڻي ساڳي آهي، پر مذهب ملڪ ۽ قوميت جدا آهي. پاڪستان ۾ جيڪي اڄڪلهه چيني طب ۽ پوشيده بيمارين جون اسپتالون کلي پيون آهن، سي ڪي عوامي چين جا چيني نه آهن ۽ نه ڪراچي جي چيني هوٽلن جا مالڪ، اهي سڀ چيني نه فقط مختلف ملڪن ۽ قوميتن جا آهن ۽ سندن مذهبي، سياسي ۽ سماجي نظريا ۽ الڳ الڳ آهن، تائيوان جا چيني عوامي چين سان نفرت ڪن ۽ عوامي چين جا رهاڪو تائيوان سان.هانگ ڪانگ جا ڪي چيني عوامي چين جي حڪومت ۽ سياسي نظريي کي ساراهين ته سخت ڌڪارين. سنگاپور جا چيني پنهنجو پاڻ کي سنگاپور سان منسوب ڪن ۽ سنگاپوري سڏائيندي فخر محسوس ڪن ته ملايا جا چيني ملايا سان. جيئن عربن جو کڻي مثال وٺجي ته عرب معنيٰ اهو نه ته ڪو عربستان (Saudi-Arabia) جو رهاڪو هجي. ڪويت جا رهاڪو به عرب سڏائين، ته مصر جا به عرب، اهڙي نموني سان قطر، شام، سعودي عرب ۽ لبنان وغيره جا پڻ، جيتوڻيڪ لبنان جا رهاڪو مسلمان ۽ ڪرسچن ٻئي آهن، (پنجاهه سيڪڙو کن آدمشماري ڪرسچن آهي، پنجاهه سيڪڙو مسلمان) پر ته به ٻئي ڌريون پاڻ کي عرب سڏائين ۽ ساڳي زبان عربي ڳالهائين. (ايتريقدر جو فلسطين P.L.F جو اڳواڻ ڊاڪٽر هباش ڪرسچن آهي، پر هو پاڻکي عرب سڏائي ۽ اسرائيل جي خلاف آهي) اهڙي طرح چيني آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته مڙني چينين جو جيڪي ملايا، سنگاپور، تائيوان، ويٽنام، ڪوريا، هانگ ڪانگ کان ويندي پاڪستان، تنزانيه، سومالي لئنڊ يورپ يا آمريڪا ۾ ٿا رهن، اصل مالڪ ڪنهن زماني ۾ عوامي چين (Mainland China) هو، جنهنکي ڇڏي هنن کي ايام، صديون يا چند سال ٿيا. ڪن "هئن حڪومت"  (Han-Dynasty)جي ڏينهن ۾ چين ڇڏيو، ته ڪن "ڀئان" يا "منگ" خاندان جي ڏينهن ۾ دور دراز ملڪن ۾ واپار وڙي ۽ ٻين سهولتن جي ڪري هميشه لاءِ وطن ڇڏي لڏي ويا. ته ڪي مائوزي تنگ جي انقلاب کي نه پسند ڪرڻ ڪري ڀڄي نڪتا. سو هتي جڏهن آئون چيني لفظ استعمال ٿو ڪريان ته منهنجو مطلب هانگ ڪانگ جي رهاڪو چينين سان آهي.

اڄ ڪلهه عوامي چين جي چينين ۽ دنيا جي ٻين چينين ۾ وڏو فرق اهو آهيته عوامي چين جا باشندا اخلاقي طرح سڀني کان اتاهان ۽ اعليٰ آهن. انهن جو ۽ ان ملڪ جو تفصيل الڳ عوامي چينجي شهرن (شنگهائي، سئم ڪانگ ڪئنٽن ۽ پيڪنگ وغيره) مان ئي لکندس.

بهرحال مجموعي طور سنگاپور، ملايا ۽ هاڻ هتي (هانگ ڪانگ) جي چينين ۾ هڪ ڳالهه ڏٺي اٿم ته هو بيحد محنتي، اڻورچ ۽ ذهين آهن. خبر ناهي، ڪنهن چيو ته: چيني چرسي ۽ سست آهن. جي ها! اهو صحيح هو. پر اها ماضيءَ جي ڳالهه هئي. جڏهن واقعي چيني دنيا جي سست ۽ ڪاهل قوم هئي ۽ ان جي هنن کي ڪافي سزا جنگ جي روپ ۾ ۽ بک بيروزگاري جي روپ ۾ ڀوڳڻي پئي. پر هاڻ چيني اهڙا ته بيدار ٿيا آهن، جو ٻچو ٻچو ترقي جي منزل ڏي پڪي عزم ۽ ولولي سان هر مشڪل کي منهن ڏئي وڌندو نظر پيو اچي.

جي جنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،

هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو،

او منزل مقصود، هي وعدو آهي،

آيو جي اڀ ته به ڦاڙي اچبو.

هاڻ ته چيني اهڙا پيدا ٿيا آهن جو مونکي سڄي دنيا ۾ چينين جهڙي محنتي قوم ڪٿي به نظر نه آئي آهي! جيڪي صبح شام، ٻارين ٻچين پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو چيني سڀ کان اڳتي وڌندا پيا وڃن. مثال طور ملايا يا سنگاپور ۾ ملئي مسلمان، هندو ۽ چيني رهن ٿا. ساڳين حالتن ۽ سهولتن هيٺ پر ان هوندي به چين هر ڪم، پورهئي، واپار، هنر ۽ نوڪريءَ ۾ ٻين کان اڳتي وڌيل آهي. ساڳيو عالم هانگ ڪانگ جو آهي،  اڄ ڪلهه ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر چيني نوجوانن ۾ به اهڙي سجاڳي ۽ قوميت جو جذبو پيدا ٿي ويو آهي جو مونکي ته ائين پيو لڳي ته اهو وقت تمام ويجهو اچي پهتو آهي، جڏهن يوگنڊا (آفريڪا) جي عيدي امين وانگر هتي جا چيني به ڌارين کي ٽپڙ ٻڌائيندا.

ڪافي عرصي کان هانگ ڪانگ انگريزن جي حڪومت هيٺ آهي. هتي راڻي ايلزبيٿ جي تصوير جا سڪا، نوٽ ۽ پوسٽ جون ٽڪليون هلن ٿيون ۽ اڃان تائين سڌي يا اڻ سڌي طرح انگريزن جي قبضي ۾ آهي، اها انگريز سرڪار جنهن لاءِ ڪنهن زماني ۾ چيو ويندو هو ته ان حڪومت جو سج ڪڏهن به غروب نه ٿيندو، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي مشرق ۾ انگريزن جو سج گنگا، راوي، سنڌو ندي ۽ ميڪانگ نديءَ ۾ ڪڏهن ڪو ٻڏي ويو! ۽ هاڻي هزارين لکين سپاهي پئسفڪ سمنڊ جي هن جابلو ٻيٽ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن سندن حڪومت جو سج جيڪو اڄڪلهه فقط هانگ ڪانگ جي ٽڪرين مان اڀري ٿو، ڪٿي پرل نديءَ ۾ ٻڏي نه وڃي.

ڪجهه ياديون - ڪجهه ڏنگ آءٌ نيو سنڌي آهيان مونکي کلڻ کپي يا روئڻ

انسان جي هر روز جي زندگيءَ ۾ انيڪ واقعا درپيش اچن ٿا. صبح کان شام تائين انيڪ جذبا ۽ Moods بدلجن ٿا. بي شمار نظارا پسي ۽ ڳالهيون ٻڌي ٿو. ۽ پوءِ وقت گذرڻ تي سڀ پراڻيون ڳالهيون، جذبا، احساس، نظارا، Moods ماضيءَ جي کنڊرن ۾ دفن ٿيو وڃن. پر انهن ۾ ڪو هڪ اڌ اهڙو به جذبو، واقعو، ڳالهه، نظارو يا احساس ٿئي ٿو ۽ جو انسان جي دل ۽ دماغ تي ڪافي اثر ڇڏي ٿو ۽ وقت جون ٻرانگهون هن کي لتاڙڻ سان به ڌڌڙ ۾ دفن نٿيون ڪري سگهن.

The Days have vanished tone and tint, and yet perhaps the hoarding sense, gives out at time (He knows not whence) little flash, a mystic hint.

هڪ ڏينهن اڪيلو، فيريءَ ۾ ڪولون پئي ويس. منجهند جا ٻه کن ٿيا هوندا. سڄي فيري، چيني مردن ۾ عورتن ۽ ٻارن سان ڀري پئي هئي، جو Rush Hour هو. آئون پنهنجن ئي خيالن ۾ ويٺو هوس ته اوچتو منهنجي نظر  بلڪل اڳيان ويٺل ڇوڪري تي پئجي ويئي. ڇوڪريون ته چوڌاري ڪيتريون ئي ويٺل هيون، پر هي هانگ ڪانگ ۾ پهريون دفعو هو جون مون ڪنهن ڇوڪري کي پوتيءَ (گنديءَ) ۾ اوڍيل ڏٺو. ڏاڍو تعجب لڳو ۽ تجسس پڻ! هلندڙ فيريءَ ۾ ئي ٿورو نمي پاسيرو ٿي سندس منهن ڏٺم ته پنهنجي ئي پاسي جي هئي. يعني انڊو پاڪ جي. پر رنگ صاف کير جهڙو، خوبصورت چهرو، سورهن سترهن سالن کن جي ڇوڪري ٿيندي. سفيد چولي ۽ سفيد شلوار ۾ ملبوس. آئون ڏاڍو متاثر ٿيس ته هي پدمڻي ۽ نوري جي روپ ۾ خوبصورت هيلن آف ٽراءَ يا موناليزا ڪير آهي. سندس هنج ۾ ڪجهه نوٽ بڪ ۽ ڪتاب هئا. شايد هانگ ڪانگ (ٻيٽ پاسي) کان اسڪول مان موٽي ڪولون گهر ڏي پئي وڃي يا ته گهر هانگ ڪانگ پاسي هجيس ۽ شام واري شفٽ ۾ اسڪول لاءِ ڪولون ڏي پئي وڃي. سنڌي ته ئي نٿي سگهي، جو هتي هانگ ڪانگ ۾ سڀ سنڌي عورتون ساڙهي ٻڌن ۽ ڇوڪريون بيل باٽمڊ پجاما يا پتلونون. سک عورتون ۽ ڇوڪريون شلوار قميص ضرور پائين، پر پوتي هميشه ڳچيءَ ۾ مفلر يا هار وانگر رکن. ڪير ٿي سگهي ٿي آخر؟ ڀر ۾ جي ويٺل هجي ها ته پڇڻ ۾ ڪو آر نه ٿئي ها. پر اڳيان ويٺل پٺيري ماڻهوءَ کان ڪجهه پڇڻ مناسب نٿي لڳو. بهرحال ان راءِ تي پهتس ته پڪ ڪا کوجاڻي بوري ڇوڪري آهي ۽ تازو ويجهڙائي ۾ ڪا هتي گهمڻ آئي آهي. ڪجهه ڏينهن ٻيا به رهندي ته هتي جي ماحول مطابق لباس پائڻ شروع ڪندي. جيئن چوڻي مشهور آهي.While in Rome, do as Romans do. فيري ڪولون وٽ اچي پهتي ۽ سڀ پنهنجين بينچن تان اتي فيريءَ جي در وٽ، در کلڻ ۽ فيريءَ جو دڪي (Jetty) سان لڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. هوءَ ان وقت مهنجي بلڪل سامهون بيٺي هئي. سڀ خاموش بيٺا هئا. ان وقت، يعني چينين جي ميڙ ۾ ڌارين زبان ڳالهائڻ معنيٰ کين خار ڏيارڻ. سو ماٺ ۾ ئي رهڻ سٺو سمجهيم ۽ ڪجهه اهو به سوچي ته جي هن محترمه جواب نه ڏنو ته هيڪاندو ڀرئي، راڄ ۾ خواري ٿيندي ۽ ان جو وڌيڪ ڊپ هوم، ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڇوڪرين وانگر جيڪي ڌارين سان ته ڏاڍي چاهه ۽ نيازمنديءَ سان ڳالهائينديون آهن، پر سندن ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ ڇوڪرن سان ڳالهائيندي اڪثر ڪيٻائينديون ۽ نفرت ڪنديون آهن. اهڙي طرح اسان جو پاڪستاني ڇوڪريون ٻاهرن ملڪن ۾ ڌارين سان ته تمام آزاد نموني ڳالهائينديون ۽ ملنديون رهنديون آهن. (خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا پاسي ته) پر پنهنجي هم رنگ يا هم وطني جي ويجهو ايندي ايڏي نفرت ڪنديون آهن، جيئن برهمڻ ڀڄي اڇوت کان! (ٿي سگهي ٿو ڪن حالتن ۾ سندن اهو قدم صحيح ۽ حفاظت وارو ثابت ٿيو هجي).

بهرحال منهنجي دل ۾ هوراکورا ٿي ته هن ننڍڙي ڇوڪريءَ کان ضرور پڇان ته هوءَ ڪير آهي. در کلڻ تي ٻاهر جهڙو هڪ ٻئي جي ويجهو ويجهو نڪري سئلسبري (Salisbury Road روڊ تي بس اسٽاپ ڏي وڌياسين ته سندس چهري جو رخ پاڻ ڏي ڏسي انگريزيءَ ۾ پڇيومانس "توهان هتي هانگ ڪانگ ۾ ڇا هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ آيا آهيو؟" "نه اسان کي ته هتي هانگ ڪانگ ۾ رهي به پنج سال ٿي ويا آهن. ۽ توهان؟" هن موٽائي مونکان پڇيو، ۽ بس اسٽئنڊ جي هڪ ويڪري ٿنڀ کي ٽيڪ ڏئي بس جو انتظار ڪرڻ لڳي.

"آئون ته هڪ پاڪستاني جهاز تي انجنيئر آهيان ۽ حيدرآباد ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي جو رهاڪو آهيان" مون ساڻس اڙدوءَ ۾ ڳالهايو جو ڏٺم ته هوءَ انگريزي چڱو ڳالهائي نه سگهڻ ڪري پنهنجي ڳالهه چڱي طرح سمجهائي نه پئي سگهي.

"منهنجا مائٽ به ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا، اسان به ڪجهه وقت ڪراچي ۾ هئاسين، پوءِ ڊيڊيءَ کي هتي واپار جو سٺو وجهه لڳي ويو ۽ پنجن سالن کان اسان هتي رهون ٿا" پاڻ صاف ۽ صحيح اردوءَ ۾ جواب ڏنائين.

"دراصل توکي پوتيءَ ۾ ڏسي تجسس ٿيم ته توکان پڇان ته ڪير آهين، منهنجي خيال ۾ هون ته توهان اسماعيلي آهيو؟" کلي ورائڻ لڳي:"نه نه، اسان ته سنڌي آهيون".

"سنڌي آهيو؟!" مونکي تعجب لڳو ۽ وري پڇڻ لڳس: "ته پوءِ توهان سنڌي به ڳالهائڻ ايندي هوندي؟" "نه سنڌي ته ڪا نه ٿي اچي".

"چوين ٿي ته سنڌي آهيان ۽ وري ڳالهائڻ به ڪون ٿو اچيئي. اهو چڪر ڪيئن؟“ آئون وائڙن وانگر کائنس پڇڻ لڳس.

"او، منهنجو مطلب آهي، منهنجو مطلب آهي..." هن مسڪرائيندي پر ڪجهه شرم ۽ ندامت محسوس ڪندي چيو آئون نيو سنڌي (New Sindhi) آهيان"

"اهو به سٺو جو تون پاڻ کي "نيو سنڌي" ته سمجهين ٿي ۽ سو به هانگ ڪانگ ۾ رهي. چئبو ته زبان اردو اٿئي پر دل سنڌي اٿئي" آئون کلڻ لڳس ( الائي اهڙن موقعن تي انسان کي کلڻ کپي يا روئڻ کپي؟) هن به يڪدم کلي وراڻيو "ٿوري ٿوري زبان به سنڌي ٿيندي وڃي. اسان وري لڏي واپس ڪراچي پيا اچون" هڪ پوڙهو رڪشا وارو چيني، ڦاٽل گنجيءَ ۾ ميري پتلون ۾ رڪشا جون گهوڙيون ڪڇ ۾ ڦاسائي اسان جي اچي ڀرسان بيٺو. هن سمجهيو بس ۾ اڃان دير آهي. سو اسان سندس رڪشا ۾ ئي چڙهي کيس پنجاهه سيٽن جو پورهيو ڪمارايو. مون کيس هٿ سان انڪار جو اشارو ڪيو ۽ سندس کن پل اڳ جو ٺهيل اميدن جو مينار، سندس ڪٻي چيلهه وانگر چٻو ٿي، ڪري، ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ۽ پنهنجي غربت ڏي ڏسي، پوءِ اسان جي صاف ڪپڙن، ڀريل جسمن ۽ ٻهڪندڙ چهرن ڏي اهڙي نفرت سان ڏسڻ لڳو، جيئن ڪو اعليٰ تعليم حاصل ڪيل لائق بيروزگار نوجوان پنهنجي وطن ۾ ڪنهن ڌارئين گهٽ تعليم حاصل ڪيل ۽ نڪمي کي وڏي عهدي تي ڏسي، معمو نه (سندس سڄو نالو فرخنده معمونه ڪتاب تي لکيل هو)، ان پوڙهي رڪشا ڇڪيندڙ چينيءَ جي نفرت ڀري نگاهن ڏي نهاري، اسان وٽ به گهمڻ اچو، منهنجي ڀاءُ فرخ ڪاظم کي جهاز ڏسڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. هو توهان سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو. اسان جو ٽيليفون نمبر ڪي (ڪولون) ٽوٽو سڪس سيون..."

هڪڙي بس منهنجي منزل جي اچي هلي وئي هئي. هوءَ مونسان ائين ڳالهائي رهي هئي ۽ گهر اچڻ جي دعوت ڏئي رهي هئي، ڄڻ هوءَ مونکان ننڍي نه پر مون جيڏي،يا مونکان به وڏي عمر جي هجي، مون کيس کلي چيو "معمونه تون ڀاڻين سان گڏجي اسان جي جهاز تي گهمڻ ڀلي اچجان پر آئون واندو هوندي به توهان جي گهر تنهنجي دعوت تي ڪيئن ٿو اچي سگهان. تنهنجا مائٽ ڇا سوچيندا"

"نه نه اهڙي ڳالهه ناهي، سنڌي سٺا ماڻهو آهن" مون هڪ چاڪليٽ تان پني لاهي کيس ڏنو ۽ ٻئي تان پني لاهي پنهنجي وات ۾ وجهي چرچي خاطر پڇيومانس.

"ڇو ڀلا مونکان سواءِ ڪنهن ٻئي سنڌي سان به واسطو پيو اٿئي ڇا؟"

"منهنجي هڪ سنڌي ڇوڪري پين فرينڊ (قلمي دوستي) سکر ۾ آهي. هن سال ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي اٿس"

"هو سنڌين بابت ڇا لکندي اٿئي سنڌ ۾ مريض تمام گهڻا آهن ۽ قبرستان گهٽ، سو ڊاڪٽرياڻي ٿي رهي آهيان" مون کانئس کلندي پڇيو. جيتوڻيڪ هن دفعي به پڪ نه هئم ته مون کي کلڻ کپي يا روئڻ.) پوءِ مون ڏي ٿورو وڌيڪ ويجهو اچي راز واري انداز ۾ چيو "هنن چينين کي به انگريزن صحيح سڃاتو هو. کين بنگالين وانگر بک ۾ رکجي ته بهتر آهي. هاڻ ٿورو ٿورو هوش ٿيو اٿن ته بنگالين وانگر ڌارين کي هانگ ڪانگ مان ڪڍڻ جي فڪر ۾ آهن. اسان هانگ ڪانگ به ان ڪري پيا ڇڏيو. ڊيڊي چوي ٿو ته يڪدم جو هي ڀڄائين ۽ سڀ ڪجهه هتي رهجي وڃي ان کان بهتر آهي ته اڳواٽ سڀ ڪجهه وڪڻي سنڌ هلي (Settled) ٿجي. امان چوي ٿي ته سنڌ هلڻ کان اڳ اسان سڀ ڀائر ڀينرون ڪجهه سنڌي سکي وٺون" هوءَ اهو چئي منهنجي منهن ۾ تڪڻ لڳي، پر آئون خاموش ٿي رهيس. (اهڙن موقعن تي خبر ناهي انسان کي کلڻ کپي يا روئڻ؟ مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ان ڪري مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ کي ترجيح ڏنم) هن پنهنجن ڪتابن جي ڀريءَ کي اٿلائيندي پٿلائيندي هڪ ننڍڙي چوپڙيءَ سنڌي اردو بول چال" ڪڍي مونکي ڏيکاري. اها هنن ڪراچي مان پوسٽ ذريعي گهرائي هئي. ان ڪتابڙي جي ڀرسان رکيل ڪتاب جو نالو اسلامي تاريخ Islamic History هو. کانئس سندس ٻيا اسڪولي سبجيڪٽ پڇيم، پاڻ ٻڌايائين ته هوءَ ڪولون ۾ رهي ٿي پر اسڪول لاءِ روز هانگ ڪانگ وڃي، جو اتي هڪ اسڪول ۾ مذهبي تعليم پڻ ڏني وڃي ٿي. "مونکي ٻه ننڍڙيون ڀينرون آهن ۽ هڪ وڏو ڀاءُ جو دڪان ته صبح جو وهي. توهان کي هانگ ڪانگ ڪيئن ٿو لڳي؟ توهان کي فرصت هجيو ته اسان "نه هو لکندي آهي ته سنڌ جي تهذيب تمام پراڻي آهي، هتي ڪيتريون ئي قومون آيون، ايراني، يوناني، توراني، پٺاڻ، پنجابي، ترڪ، عيسائي، عرب، پارسي، کوجا ۽ بوري، سڀ رچي بسي ويون. سنڌ هڪ مها ساگر مثل آهي، جنهن ۾ هر شيءَ جذب ٿيو وڃي".

"تنهنجي ڊاڪٽرياڻي قلمي دوست کي اها خبر هئڻ کپي ته سنڌ هڪ ساگر وانگر ننڌڻڪي ناهي، جنهن ۾ هر ڪني سٺي شيءَ اڇلڻ تي، هو ڳهي وڃي، پر سنڌ هڪ تندرست انسان جي جسم مثل آهي، جنهن ۾ هر سٺي شيءَ ته ٽڪي سگهي ٿي، پر زهريلي شيءَ کي اهو جسم ٻاهر ٿوڪاري ڇڏيندو آهي، پوءِ چاهي اها زهريلي شيءَ پنهنجي ٻاهران ڪهڙا به چانديءَ جا ورق ويڙهي اچي. توکي تنهنجي سکر جي سهيليءَ (Miss guide) ڪيو آهي"

اسان کي ڳالهائيندي چڱو وقت گذري ويو هو ۽ ايتري ۾ هنگ هم لاءِ ٻي بس به اچي وئي ۽ آءٌ کانئس اجازت وٺڻ لڳس، هن مسڪرائيندي هٿ لوڏيو ۽ آئون کيس پنهنجي هانگ ڪانگ جي ائڊريس جوڪارڊ ڏئي اچي بس ۾ ويٺس. سخت گرمي ۽ اڃ ۾ ساهه منجهي رهيو هو. پوءِ جڏهن بس سالسبري روڊ تان ٿورو هلي ڪولون جي سڀ کان ڊگهي ۽ ويڪري رستي ناٿن روڊ تي ڊوڙڻ لڳي ۽ سامونڊي هوا جي گهميل هير لڳي ته آءٌ شاهه عبداللطيف آف ڀٽ جي مصنف ايڇ- ٽي- سورلي جو سنڌين لاءِ لکيل ان ڪتاب تي انتساب وارو شعر جهونگارڻ لڳس.

DEDICATED TO THE PEOPLE OF SIND

O friendly folk with whom I've lived,

And felt the beat of violent sun

And heard sharp argument and seen

How Indus waters errant run,

No chronicle of kings and wars,

Your lovely hamlet bard unfolds,

The wonder of his melodies

Enthralled a rustic people holds

O friendly folk.

بليڪ پيئَر جو گوڙ ۽ ماٺ - دٽي ڇڪي لاجڪ لاجڪ ......

هانگ ڪانگ ۾ اسان جو جهاز ڌڪي سان لڳي بيهڻ بدران هر دفعي هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ لنگر ڪيرائي بيهندو هو يا ڪنهن (Buoy) سان ٻڌو ويندو هو، پوءِ آفيس طرفان لانچ جهاز جي عملي کي بندرگاهه کان جهاز تائين نيندي رهندي هئي. لانچ کي ان پنڌ لاءِ ويهه پنجويهه کن منٽ لڳندا هئا. ڏينهن جو نائين وڳي کان لانچ ڀيرا ڪرڻ شروع ڪندي هئي، شام جي اٺين وڳي تائين ڪلاڪ ڪلاڪ بعد لانچ بليڪ پيئر(Black pier) تان جهاز لاءِ ڇٽندي هئي ۽ جهاز تان واپس بليڪ پيئر تائين ماڻهو آڻيندي هئي. (بليڪ پيئر، اسٽار فيري اسٽيشن جي بلڪل لڳو لڳ، ڪناٽ روڊ تي آهي، جنهن جي ٻئي پاسي جنرل پوسٽ آفيس، منڊارن هوٽل ۽ ٿورو پري هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل آهي.) شام جو اٺين وڳي کانپوءِ لانچ ٻن ٻن ڪلاڪن بعد ڀيرا ڪندي هئي ۽ رات جو ٻارهين کان صبح جو نائين تائين ٽن ٽن ڪلاڪ بعد.

بليڪ پيئر وٽ ڪجهه اهڙو نظارو ۽ نمونو هوندو آهي، جهڙو ڪياماڙيءَ جي ڪپ وٽ، جتان ٻيڙيون ۽ لانچو منوڙي، هاڪس بي، سئنڊس پٽ، بابا ڀٽ آئلنڊ ۽ جهازن جي ائنڪريج وينديون آهن. تهڙي طرح بليڪ پيئر آهي، جتان ٻيڙيون ائنڪريج تي بيٺل مختلف جهازن، گرين آئلنڊ، چنگ بي، پڪنڪ بي، لنتو ٻيٽ ۽ ٻين مختلف هنڌن ڏي وڃن ٿيون. فرق فقط اهو آهي ته ڪياماڙي، کان بليڪ پيئر ماڊرن، ڪشادي ۽ صاف سٿري آهي. چوڌاري ويهڻ لاءِ پٿر جون بينچون ۽ ڪنڊ تي هڪ جنرل اسٽور پڻ جنهن ۾ سگريٽ، چاڪليٽ، کٽمٺڙن، بسڪيٽن کانسواءِ ٿڌي بيئر ۽ ڪوڪاڪولا جا دٻا، ٽائيم ۽ پلي بواءِ رسالا کاڄا، ڦلا، ٽيبل ٽينس جا بال، آئيس ڪريم، بيٽري سيلن تائين ڪيتريون ئي شيون ملن.

هانگ ڪانگ ۾ هر وقت ۽ هڪ ئي وقت گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه چاليهه کن جهاز بنا ڌڪي(Jetty) جي سمنڊ ۾ بيٺل پڻ هوندا آهن. (بندرگاهه جي ڪپ تي خالي جڳهه نه هئڻ ڪري يا پئسو بچائڻ ڪري، جو ڌڪي سان جهاز کي لڳائي بيهڻ جي روزانا مسواڙ هزارين روپين کان به مٿي آهي) ۽ بنا ڌڪي جي سمنڊ ۾ ائنڪريج يا Buoy تي بيٺل پنهنجي لاءِ لانچ جو بندوبست ڪري ڇڏيندا آهن، جا سستي ٿي پوي ۽ في ڦيري جا پنجويهه روپيا کن بل ٿئي. بلڪ يڪي هفتي ٻن لاءِ لانچ کي مسواڙ تي رکڻ سان ان کان به گهٽ خرچ ايندو هوندو. اهڙيءَ طرح سمنڊ ۾ بيٺل جهازن جو عملو انهن لانچن ذريعي هانگ ڪانگ شهر ۾ اچڻ لاءِ هن بليڪ پيئر تي اچي لهندو آهي يا جهاز تي واپس وڃڻ لاءِ پنهنجي ٻيڙيءَ جو انتظار پڻ هتي اچي ڪندو آهي. ان ڪري بليڪ پيئر جيٽيءَ تي ڀانت ڀانت جا، مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو نظر ايندا، ڪٿي ڪينيا (آفريڪا) جي شيدين جو گروهه سگريٽ پي رهيا هوندا ته ڪنهن ڪنڊ ۾ آمريڪن نشي ۾ چور منگهوپير جي مست واڳن وانگر نظر ايندا. ته ڪنهن بينچ تي بيلجم ۽ جرمنيءَ جا خلاصي بيئر جا دٻا به خالي ڪري رهيا هوندا ته پنهنجن ڊيڪ آفيسرن ۽ انجنيئرن کي به گاريون ڏئي رهيا هوندا، جيسين ڪو ڊيڪ آفيسر يا انجنيئر اچي مٿان ڪڙڪي، ڪٿي ناروي ۽ سئڊن جا سيلر سندن جهازن تي ڪندڙ ڇوڪرين (Stewer Desses) کي تنگ پياڪندا، ته ٻئي پاسي ايشيا جي غريب ملڪن: پاڪستان، بنگله ديش، هندستان ۽ سلون جا خلاصي لانچ اچڻ جي انتظار جو وقت گذارڻ لاءِ پنهنجي ڪيل خريداري هڪ ٻئي کي ڏيکاري رهيا هوندا. ڪو پنهنجي زال لاءِ ورتل سلڪ جي ساڙهي کولي پيو ڏيکاريندو ۽ بحث پيو ڪندو "ايترو سنئالو ڪپڙو ورتو اٿم جو بلائوز به ان مان ٿي ويندو." ڪو پنهنجي پٽ لاءِ ورتل بيٽري تي هلندڙ بندوق مان ٺڪا ڪڍي پيو ٻڌائيندو، ته ڪو بينچ جي ڪنڊ تي ويهي ورتل رانديڪي کي چاٻي ڏئي پاڻمرادو چيڪ پيو ڪندو ته واقعي چاٻي ڏيڻ سان باندر تاڙيون وڄائيندو رهي ٿو يا نه! ڪو پنهنجي ٽيپ رڪارڊر ۾ ڪئسٽ وجهي وڄائيندو ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻيو بنگالي ٽوڪيندس "ڌر شالا اڙدو شونين؟!" ۽ اڳلو يڪدم Eject جو بٽڻ دٻائي پهرين ڪئسٽ ڪڍي پيو بنگالي جو وجهندو ۽ اوسي پاسي ۾ پاڪستاني خلاصين کي بيٺل ڏسي، انهن کي ساڙ ڏيڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر جو آواز مٿي ڪندو ۽ بليڪپيئر جي ٻي ڪنڊ تائين گاني جو آواز پيو ٻرندو: "دٽي ڇڪي لاجڪ لاجڪ، سهاگ ڪاجل پوري ڇي. نين نين بڪل بڪل..."پر ڀر ۾ بيٺل اسان جا مڪراني، ڪڇي ۽ سنڌي ڪيڏا نه لاتعلق، الڳ ٿلڳ ۽ غير جانبدار آهن. سچ پچ ته ڄٽ ٿيڻ به، بقول ماڻڪ جي، هڪ نعمت ڀري نجات آهي. ڏاهپ جي ڏنگن کان ته ماڻهو ڇٽل رهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org