هانگ ڪانگ کي "خريدارن جي جنت" پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو،
جو هتي ٽيڪس نه
هئڻ ڪري شيون چڱيون سستيون آهن. خاص ڪري واچون،
ڪئمرائون، ڪئميرائن سان تعلق رکندڙ ٻيا ٽپڙ، ٽائيپ
رائيٽر، بائنا ڪيولر، رڪارڊ، فوٽا، ٽرانسسٽر
ريڊيا، ٽيپ رڪارڊر وغيره وغيره. پر
انهن شين خريد ڪرڻ کان اڳ خبرداري ۽ خيال کان ڪم
وٺڻ ضروري آهي. هڪ ته ٺاهڻ واري جو گئرنٽي ڪارڊ
وٺڻ ضروري آهي، (ان شيءَ تي لڳل نمبر ۽ ڪارڊ تي
نمبر ساڳيو ٿئي، جو پڻ جانچڻ گهرجي) اهڙين قسمن جي
قيمتي شين لاءِ بهتر ته اهو آهي ته ڪنهن وڏي ۽
مشهور دڪان تان خريد ڪجي جو پنهنجو نالو رکڻ خاطر
دوکو نه ڪندو. هانگ
ڪانگ ۾ سوئيٽر، ڪوٽ، گائون، چمپل، (جن سڀني تي
موتين جو ڪم ٿيل آهي) چڱا سستا ۽ سٺا آهن. ان
کانسواءِ سبڻ ڀرڻ لاءِ ڌاڳا، سترا، موتي، پانڪون
ٻيڙا وغيره. پڻ
سلائي به هتي جي عمدي ۽ سستي آهي. جنهن لاءِ اڳ به
لکي چڪو آهيان.
چيني دنيا جا مشهور هنرمند سونارا ليکيا وڃن ٿا ۽
سون پڻ هتي سستو آهي. سو هتان جا ڳهه ڳٺا ڏسي اڪثر
عورتن جون اکيون ۽ پرس کلي ويندا آهن. سون
کانسواءِ هيرا، جواهر، قيمتي پٿر، موتي پڻ سستا
آهن. پر انهن لاءِ به ضروري آهي ته ڪنهن وڏي ۽
اعتماد جوڳي دڪاندار وٽان خريداري ڪجي، نه ته
ڪيترا دڪاندار اهڙا لچا آهن جو رنگين پٿر توهان
ڏيکاريندا ۽ اهو نه ٻڌائيندا ته اهي اصلي نه پر Synthetic آهن.
ان کانسواءِ جي وقت هجي ۽ هلڪي ڦلڪي شيءَ ۽ تحفا
وٺڻا هجن ته هانگ ڪانگ ۽ ڪولون پاسي جون رات
واريون بازاريون، پڻ آزمائجن، اهي سج لهڻ کانپوءِ
فٽ پاٿ تي لڳي وينديون آهن. جيئن هانگ ڪانگ پاسي
جارڊن ڦيري جي ڀر ۾، يا وان چائي ۾ ۽ ڪولون پاسي
شنگهائي اسٽريٽ ۽ ٻين انيڪ هنڌن تي. هونءَ
ڪولون پاسي ته آچر ڏينهن به دڪان کليا رهن ۽ ٻين
ڏينهن تي به رات جو ٻارهين تائين ننڍا وڏا دڪان
کليا پيا هوندا آهن، جيئن
رات جي وقت ايندڙ جهازنجا مسافر خريداريءَ کان
محروم نه رهجي وڃن. ايڏي وڏي خريدارن جي ريل پيل
دنيا ۾ شايد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيندي هجي.
ڇلو جو گهرگهلو ڪِري
پيو کوهه ۾! ڪيڏانهن
ويو سر چارلس نيپئَر: ڪٿي
آهي مائونٽ...
"اميري توڙي غريبي ۾، خوشي توڙي غمي ۾، بيماري
توڙي تندرستي ۾، موت تائين پنهنجو ساٿ قائم
رهندو...."
شادي وقت ان قسم جا ٻول ۽ وچن وعدا دنيا جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ ڏهاڙي هزارين جوڙا ڪندا رهن ٿا. آمريڪا ۾
جهونن ڪليسائن، کان وٺي فلوريڊا جي چاليهه فوٽ
سمنڊ اندر گلف اسٽريٽ تائين. جپان
۾ هڪ طرف صديون پراڻن
پاڪ سنتو درگاهن ۾ پر تڪلف لباس ۾، ته ٻئي طرف
ٽوڪيو جي نائٽ ڪلبن ۾ بنا ڪپڙن لٽن جي گهوٽ ڪنوار
وعدا ڪن ٿا. ڪوريا ۾ ڪنوارين ۽ گهوٽن جي يڪي ميڙ
جي شادي ۾ پڻ ساڳي قسم جا وعدا ٿيندا رهن ٿا، جن
کي ٻڌڻ وارا ۽ ڏسڻ وارا هزارن جي هجوم ۾ ٿين، ته
ٻئي پاسي ڏور ڏيساور رهندڙ ٽيليفون ذريعي شادي وقت
ڪن ٿا.
بهرحال ان سڄي فرق جي باوجود هر هنڌ هڪ ڳالهه جا
ساڳي آهي سو آهي، گهوٽ ۽ ڪنوار (ڇوڪرو ۽ ڇوڪري) جو
هجڻ. يعني
ٻئي ڌريون جيئريون هونديون آهن.
پر هتي هانگ ڪانگ ۾ هڪ عجيب ڳالهه ڏٺم ته موت جي
ڪا اهميت ناهي. موت
نوجوان جوڙي کي هڪ ٻئي کان هرگز الڳ نٿو ڪري سگهي
۽ مئلن جي شادي پڻ ٿي سگهي ٿي.
ڪيترن پڙهندڙن ٻين ڳالهين سان گڏ اهو به لکيو آهي
ته آئون پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا ۾ ٿيندڙ شادين
مرادين ۽ موتي فوتي جي رسمن رواج بابت پڻ لکان. سو
ان خيال کان گذريل ٻن ٽن سفرن کان هن پاسي (مشرق
بعيد) جي ملڪن ۾ جتي به وجهه لڳو اٿم ته شادين ۽
موت جون رسمون (دعوت بنا ۽ دعوت تي) ڏسڻ جي ڪوشش
ڪئي اٿم. ٽوڪيو (جپان) جي نائيٽ ڪلبن ۾ ٿيندڙ
شاديون ڏٺم جن ۾ گهوٽ ڪنوار معزز مهمان اڳيان بلڪل
اگهاڙا ٿي اسٽيج تي ويهندا آهن ۽ شادي جي ماني
مهمان سان کائين. هن زماني ۾ اها شايد ڪيترن لاءِ
تعجب خيز ڳالهه نه هجي ڇو ته دنيا ۾ هر روز وڌندڙ
اوگهڙ ۽ ڪپڙي اوڍڻ کان نفرت (هيٺيون ڪپڙو مٿي
سسندو اچي ۽ مٿي اسڪرٽ
کان به گهٽجي ويو آهي ۽ مٿيون چولو هيٺ ڍرڪندو
اچي) اگهاڙيون ڪالونيون Nude
Colonies (جنهن
۾ سڀ اگهاڙا ٿي رهن.) آمريڪا ۽ يورپ جي شهرن ۾
ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ، ڇوڪرين طرفان Burn
the Bra (انگيون
ساڙڻ) ۽ Help
Abolish Virginity جي
حق ۾ نڪرندڙ جلساجلوس وڏن شهرن جي هوٽلن ۽ ڪلبن ۾
ٽاپ ليس وڳن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ٻار رستن تي هاٽ پينٽن ۾ ڦرندڙ
ڇوڪرين ۽ ٻين
اهڙين ڳالهين تعجسس ۽ تعجب ختم ڪري ڇڏيو آهي. بلڪه
اها اوگهڙ جيڪا اڄ کان ڪجهه سال اڳ جهنگلي هجڻ جو
ثبوت سمجهي ويندي هئي، تنهن کي اڄڪلهه ماڊرن هجڻ
جو اصول مڃيو پيو وڃي. ڪمال آهي، آفريڪا ۾ ٿو وڃجي
ته اهي شيدي جي اڄ کان سوا سو سال اڳ اگهاڙا جهنگن
۾ ڦرندا رهندا هئا ۽ انهن جي ان حالت تي دنيا کين
جهنگلي ۽ اڻسڌريل سڏيندي هئي، سي ته اڄ ڏسو سڀ کان
وڌيڪ سڌري ويا آهن ۽ وڏن ۽ ويڪرن جبن ۽ پهراڻن
ٽوپين ۾ پيا هلن ۽ وري ائٽلانٽڪ لتاڙي اڄ جي سڌريل
ملڪ امريڪا يا يورپ ۾ اچو ته اڄ جو نام نهاد ماڊرن
ماڻهو جايون جڳهيون ڇڏي، انگ اگهاڙو
ٿي وتي جانورن وانگر جهنگن يا هٿ جي ٺهيل لانڍين ۽
ڪوٽن ۾ رهندو. هانگ ڪانگ ۾ هڪ ڏينهن اسان جي
ريفريجريشن انجنيئر محمود وٽ سندس دعوت تي ڪجهه
برٽش ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جهاز تي آيا. جنهن وقت اچي
رهيا هئا اسان جهاز جي عرشي تي چار پنج ڄڻا ڪٻڊي
کيڏي رهيا هئاسين. سڀني
انگريزن جا پير اگهاڙا، وار وکريل،
ڏارهي وڌيل، ڇوڪرن
۽ ڇوڪرين کي بلوچي ۽ سنڌي ڀرت جا ڪڙتا ۽ بيل پاٽم
پتلونون (جينز) هيون. پڙهندڙ مون سان اتفاق ڪندا
ته ڪنهن ٻار کي سنجهوري يا شهدادپور جي مارڪيٽ ۾
پيرين اگهاڙو ڏٺو وڃي ته تعجب نه لڳندو پر ارڙهن
اوڻيهن سالن جا انگريز ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هانگ ڪانگ
جهڙي شهر ۾ پيرين اگهاڙا نظر اچن ته ضرور تعجب
لڳندو. جيتوڻيڪ
مونکي پوءِ خبر پئي ته اڄڪلهه اهو به فيشن آهي. خير
ٻيا ته راند ۾ لڳا رهيا ۽ سندن ڌيان تي ڳالهه نه
آئي. آئون اڳهين کاتل هوس ۽ جيسين ڪو رانديگر
جيئاري تيسين چيلهه تي هٿ رکي ايندڙ مهمانن ۽
محمود کي غور سان ڏسڻ لڳس جا جيتوڻيڪ اخلاقي طرح
غلط ڳالهه هئي پر غلطي ٿيوئي، ۽ محسوس تڏهن ڪيم
جڏهن محمود ڀرسان لنگهندي چئي ويم ته ”بس
يار بس، وات ڇو ڦاٽي ويو اٿئي؟“
کيس پوءِ ٻئي ڏينهن چيم ته وات ان تي ڦاٽو هوم جو
هيءَ انگريز قوم اها آهي جا ڪو زمانو هوندو هو پِري هسٽورڪ
(Prehistoric)
يا پٿر جو زمانو نه پر اجهو اهو سو سال کن اڳ جو
جڏهن اسان انگريزن جا غلام هئاسين، ذهني ۽ جسماني
طرح (هينئر فقط ذهني غلام آهيون) جڏهن هيءَ ساڳي
قوم پوشاڪ ۽ رسم
رواج جو ايڏو خيال رکندي هئي جوجيڪب آباد جي سخت
گرمي ۾ به ٿلها خاڪي ٽوپلا
پائي
ڦرندي هئي. ڪو انگريز بهادر شڪار تي نڪرندو هو ته
به ان جي کاڌي پيتي لاءِ ڊائيننگ ٽيبل ۽ ڪرسيون ته
ڇا پر ڇري ڪانٽي جو به بندوبست ڪيو ويندو هو. ٽاءِ
۽ جوراب جوتن کانسواءِ ته سرڪار بهادر قدم به نه
کڻندو هو ۽ هاڻي جي هيءَ انگريز قوم ڏسو! اڙي
ڪيڏانهن ويو سر چارلس نيپئر،
اڙي ڪٿي آهي مائونٽ بئٽن، ڪٿي آهي، لارڊ لنٿلگو ۽
ڪلائيو، اڙي ڪٿي آهي..."
۽ پوءِ
محمود ڊوڙي اچي وات تي هٿ رکيو هو ۽ هٿ ٻڌي چيو
هئائين "خدا جي واسطي وڌيڪ بڪ نه ڪر، هوءَ جيڪا
گلابي پتلون واري هئي نه، جيڪا براءِ (انگي) بغير
هئي ۽ سي ٿرو (Sea
Through)
چولو پيل هئس. ان اڄ وري اچڻ جو وعدو ڪيو آهي اجها
ته آئي. هينئر انگريزن جي شان ۾ گستاخي بند ڪري
هلال پاڪستان اخبار يا نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي
اخبار Sea
Pride لاءِ
وڃي ڪو مضمون لک."
۽ مون
پوءِ انگريزن جي پچر ڇڏي ۽ سنڌين کي مٿي ۾ سور
وجهڻ لاءِ هلال پاڪستان اخبار لاءِ هڪ عدد مضمون
اچي لکيو هو.
خير سائين، اچو شادين جي ذڪر تي (ڪجهه وقت لاءِ
پٽي تان لهي ويو هوس ان لاءِ معافي)
هانگ ڪانگ جيڪو هر طرف دنيا جي ترقيءَ سان وڌي
رهيو آهي اتي ان جي پاسن وارن ننڍن ٻيٽن مڪائو،
لياٿو وغيره ۾ اهڙا به پراڻي رسم رواج ۽ مذهبن ۾
اعتقاد رکڻ وارا ماڻهو رهن ٿا، جن بابت اڄڪلهه جي
زماني ۾ سوچڻ به تعجب خيز آهي. هتي زندهه انسان
مري ويل سان شادي ڪري سگهي ٿو ۽ مري ويل ڇوڪرو،
مري ويل ڇوڪريءَ سان پڻ شادي ڪري سگهي ٿو. اهڙين
شادين کي /Ghost
Weddings (غيباتي
شاديون) سڏيو ٿو وڃي. ماءُ خواب ۾ پنهنجي فوت ٿيل
پٽ کي شاديءَ جي خواهش ڪندي ڏسندي آهي ۽ هوءَ ان
لاءِ ڪنهن زندهه يا مري ويل ڇوڪريءَ جو سڱ ڳولڻ
لڳندي آهي، باقاعده ڄاڃين کي کاڌي پيتي ۽ شاديءَ
تي اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ ڪاڄ ٿيندو آهي.
هڪ اهڙي شادي (بنا دعوت) لاءِ هتي جي (Castle
peak) ۾
حاضري ڀريم. هڪ فوت ٿيل نوجوان يم واءِ چو (Yim
Wai) Cho کي
سندس پيرسن ماءُ خواب ۾ ڏٺو ته مرحوم دوزخ ۾ آهي ۽
کيس چئي رهيو آهي ته اتي ڪيترو نه اڪيلو آهي ۽
ماءُ کي فقط ايترو ٻڌايائين ته ڪماري چان(Miss
Chan) سان
شادي ڪرڻ ٿو چاهي. وڌيڪ ڪجهه معلوم ڪرڻ کان اڳ
غريب ماءُ جي اک کلي پيئي.
ماءُ ڏاڍي پريشان ٿي ۽ پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ تي اهو
ڪم رکيائين ته چان نالي ڪا ڇوڪري منهنجي پٽ لاءِ
ڳول. جنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو، آخر ڳولي لڌائين ته ’چان
نگسم‘ نالي
هڪ ڇوڪري ساڳين ڏينهن ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري
ويئي هئي، جن ڏينهن ۾ سندس سڪيلڌو ’يم- واءِ- چو‘ مئو
هو پوءِ ته ٻنهي جي هڏن کي گڏ دفنايو ويو. (هتي جا
چيني مئلن جا هڏا رکي ڇڏين ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد
حساب ڪتاب ڪري ڪنهن پاڪ جڳهه ۽ تاريخ تي دفن ڪن.
ساڙين
ڪو نه) گڏ دفنائڻ بعد، شادي جو ڪاڄ مٿين جڳهه تي
رکيو ويو. ۽ سڀ رسمون ڌام ڌوم سان، گهوٽ ڪنوار جي
غير موجودگي ۾ رچايون ويون. (۽ پوءِ
پڪ پٽ پنهنجي اڪيلائيءَ جو سور پنهنجي ماءُ سان
سلڻ ڇڏي ڏنو هوندو). |