پر هانگ ڪانگ ۽ مڪائو کي ايئن رکڻ سان بقول هڪ
سياستدان جي، چين کي فائدو ئي آهي ۽ چين جو اڌ کان
وڌيڪ سامان هنن شهرن مان ٿو ٻاهر جي دنيا ڏي نيڪال
ٿئي. فقط 1970ع
۾ چين جي ستن ڪروڙ ڊالرن جو سامان هانگ ڪانگ ۾
وڪرو ٿيو. (هفتيوار نيوز ويڪ جي رپوٽ مطابق.)
1966ع
۾ چين
جي ڪلچرل انقلاب دوران، پورچوگيزي سپاهين، چيني
سپاهين تي گوليبازي ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ چيني
گن بوٽون
(Gun-Boats)
اچي مڪائو جي منهن تي بيٺيون ۽ بورچوگيزن کي به خبر
پئجي وئي ته گهڻي ويهين سئو آهي. ڏسڻ وارن ته اهو
سمجهيو ته چين جهڙو
راڪاس اجهو مڪائو جهڙي جيت تي پير رکي هن کي
چيڀاٽي ماري. پر
مڪائو کي ايئن رهڻ هو، جنهن ۾ چين به پنهنجي چڱائي
ٿي سمجهي، سو اڃان ساڳين حالن ۾ جيئندو اچي- پورچو
گال جي نالي ماتر حڪومت هيٺ.
مڪائو لفظ "آ-ما-ڪائو" مان نڪتو آهي. ڪائو جي
معنيٰ اپسمنڊ. هتيجي ڏند ڪٿائن موجب وڻجارن ۽
مهاڻن جي ديويءَ جو نالو آ-ما (A-Ma)
آهي. آما ديويءَ جو اپسمنڊ. هتي آما ديويءَ جو
مندر پڻ آهي. آما ديويءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته
هزارين سال اڳ هڪ ڇوڪريءَ هڪ تختيءَ تي ويهي سڄي
دنيا جي سمنڊ جو سير ڪيو هو. ان کانپوءِ اهو تختو
مڪائو جي هڪ جبل وٽ ڦاسي پيو، اتي
هيءَ ڇوڪري تختيءَ تان لهي ان جبل جي چوٽيءَ تيآئي،
جتان آسمان ڏي هلي وئي. ان وقت ان جبل تي ڪجهه
مهاڻا اهو لقاءُ ڏسي رهيا هئا، تن اهو ڪرشمو ٻين
کي پڻ ٻڌايو ۽ ان ديويءَ جو بت ۽ مندر ٺاهي ان جي
عبادت شروع ڪري ڏني ۽ اڄ تائين هلندي اچي.
انسان پيدائشي طور پوڄاري آهي. هن کي پوڄڻ لاءِ
مڙيئي ڪجهه کپي. ڏاڏي پڙ ڏاڏي جي کوپڙي، يا ڪاري
(واسينگ) نانگ جو ڦڻ باهه پاڻي يا قدرت يزدان. پر
هتي جا ماڻهو مڙيئي سنڌين وانگر ڪجهه وڌيڪ ئي پيري
فقيري ۽ پوڄا پاٽ ڏي مائل آهن. جيئن سنڌ جي هاءِ
وي (رستن) تي ڏسبو ته اوچتو ئي اوچتو بيابان ۾ ڦڏي
ڪاٺي ۾ پهرين ڪو جهنڊو کپي ويندو. پوءِ آهستي
آهستي هڪ عدد فقير
ڀڳل سرن ۽ مٽيءَ جي ڍير جي ڪچي قبر
ٺاهي ويٺل نظر ايندو. ڏسندي ئي ڏسندي اها قبر پڪي،
اڇي چن جي ٿي ويندي آهي. مريد ۽ ميلا
لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ اٻوجهه ۽ پرمتڙيا پنهنجو
پئسو ۽ وقت نذر نيازن پٺيان وڃائيندا رهندا آهن.
ان کانسواءِ جيئن جهنڊن، قبرن، وڻن ۽ مختلف شين
کان، اگهائي سگهائي کان وٺي اولاد ايال تائين،
لاءِ ڪي جاهل دعائون گهري شرڪ جهڙو ڪم ڪندا آهن،
تيئن هتي چينين ۾ به اهڙا سوڻ ۽ وسوسا انيڪ ملندا.
مڪائو کي ايشيا جي ميامي به سڏيو وڃي ٿو ته باغن
جو شهر پڻ، جو هتي ڪيتري ئي وڻڪار ۽ باغات آهي. ڪو
زمانو هوندو هو جو هتي جي اسي سيڪڙو آدمشماري ڪنهن
نه ڪنهن نشي جهڙي موذي مرض ۾ ورتل هئي. ڪجهه سال
اڳ تائين اهو عالم هو جو چپي چپي تي اوتارا، شراب
خانه، مساج گهر، اگهاڙا وهنجڻ خانه ۽ عياشيءَ جا
اڏا هئا- ۽
اهي سڀ ڪجهه اڄ به موجود آهن جيتوڻيڪ ظاهر ظهور نه
آهن.
نئون آيل، مڪائو جي عورتن جي مهانڊي ۾ ڪجهه فرق
محسوس ڪندو. جو ٻين پاسي وارن ملڪن کان ڪافي مختلف
آهي. پورچوگيز
وڻجارا ۽ لٽيرا جڏهن مڪائو آيا هئا ته هو پنهنجو
پاڻ سان پورچو گالي زالون نه وٺي آيا هئا. پر رستي
تان آفريڪي، هندستاني، ملايا، انڊونيشيا ۽ فلپين
جي عورتن کي زالون بڻائي وٺي آيا هئا. ۽ رت جي
ملاوت ڪري جيڪو نئون نسل پيدا ٿيو آهي سو نه ته
پورچو گالي آهي ۽ نه چيني. هي نسل پنهنجو پاڻ کي
مڪائو جو نسل سڏائي ٿو.
پورچو گالي حڪومت مڪائو کانسواءِ ڀروارن ٻين ٻن
ننڍن ٻيٽن تائيپا (Taipa)
۽ ڪولاني (Colane)
تي پڻ آهي. تائيپا، ڪولاني
۽ مڪائو، ٽئي ڪل ڇهه ميل کن ايراضي ۾ ٿيندا.تائيپا
جا ماڻهو دارون ٺاهڻ (آتش بازي) جي ڪم ۾ دنيا ۾
مشهور آهن ۽ جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ گهر
گهر عورتون جنڊ تي ان پيهنديون هيون، تيئن تائيپا
جي گهر گهر ۾ دارون ٺاهيو وڃي ٿو جو سڄي دنيا ۾
وڪامي. مڪائو ۾ هڪ تمام پراڻو ٻڌن جو مندر ۽ هڪ
پٿر کتل آهي، جنهن تي اهو معاهدو لکيل آهي جو
1844ع ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ٿيو هو. مڪائو ۾ چين
جي انقلاب جو اڳواڻ ڊاڪٽر سن يات سين جو پڻ هڪ
خوبصورت بت آهي. (جڏهن ڊاڪٽر سن يات سين کي ملڪ
نيڪالي ڏني وئي هئي ته هو مڪائو ۾ هليو آيو هو.)
مڪائو جنهن شيءَ کان گهڻو مشهور آهي،سا آهي جوئا. يورپ
جي مانٽي
ڪارلو ۽ آمريڪا جي لاس ويگاس شهر وانگر هتي مڪائو
۾ بيشمار جوئا گهر آهن، جتي سڄي دنيا جا دولتمند
جواري، جوا کيڏڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هڪ هڪ رات ۾ ڪروڙها
ڊالرن جي هار جيت ٿيندي آهي. جوا به هتي انيڪ
طريقن سان ٿئي ٿي. شرطون، سٽا، پتي راند کان وٺي،
مشينن رستي، جنهن ۾ سڪو وجهي دٻائيندو رهجي. يا ته
هضم يا انبار ڊالرن جو. ڪڪڙن، تترن ۽ ڪيڪڙن جي
ويڙهه ته توهان ٻڌي هوندي، پر هتي تڏين کي به
ويڙهائي هزارين ڊالرن جون شرطون لڳايون وينديون
آهن.
مڪائو ۾ سون
جو جائز واپار پڻ عام آهي. پورچو گال سون جي بين
الاقوامي تجارتي ٽولي جي ميمبرن نه هجڻ ڪري مڪائو
۾ سڄي دنيا کان سستو سون ملي ٿو. مڪائو ۾ لکين
ڊالرن جو خبر ناهي ڪٿان ڪٿان سون اچي ٿو ۽ ڪيترن
ملڪن ڏي سمگل ٿيندو رهي ٿو. هتي جو هر
ماڻهو جهڙوڪ سمگلر لڳندو.
هانگ ڪانگ ۽ چينين بابت ڪجهه مزيدار ڳالهيون!
اسان وٽ يا يورپ ۽ آمريڪا ۾ جتي ڪنهن به عمارت جون
ماڙيون (منزلون) پٽ کان ڳڻڻ شروع نه ڪندا آهيون. يعني
پٽ واري جاءِ کي پهرين ماڙ (فرسٽ فلور) نه سڏيندا
آهيون، پر گرائونڊ فلور (هيٺين جاءِ)
سڏيون. ان بعد پهرين ٻي ٽي ماڙ ڳڻي ويندي آهي. پر
هانگ ڪانگ ۾ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ چيني هيٺين جاءِ (Ground
floor)
کي پهرين ماڙ(First
Floor) سڏين. ۽
اهڙي نموني سان پوءِ ٻي ٽي چوٿين ماڙ شمار ڪن.
يعني جنهن عمارت کي پاڻ ٻماڙ سڏينداسين ته هنن
ليکي اها ٽماڙ ٿي. مون ڪيترا ڌاريا مغربي ملڪن ۽
پاڪستان، هندستان پاسي جا هانگ ڪانگ ۾ ان چڪر
منجهه منجهندي ڏٺا آهن. ان ڪري نئين آيل کي اها
ڳالهه ياد رکڻ کپي ته جيڪڏهن ڪو چيني گهر يا آفيس
جي ائڊريس ٽه- ماڙ(Third
floor) ٻڌائي
ته ان کي ٻماڙ(Second
floor) تي
ڳولڻ کپي.
مسلمانن جو سال نئون چنڊ جي حساب سان ڦري ٿو. ان
ڪري پهرين محرم ڪڏهن سياري ۾ ڪڏهن اونهاري ۾ ڦيري،
مطابق رهي ٿي. عيسيائين جو ڏينهن ۽ مهينن جو حساب
ڪتاب سج جي مدار تي رکي ٿو. پر چينين جي جنتري (Calender)
جو حساب سج ۽ چنڊ (Solar
& Lunar)
ٻنهي سان تعلق رکي ٿو. هنن جو نئون سال ايڪيهين
جنوري ۽ ارڙهين فيبروري جي وچ ڪنهن ڏينهن کان شروع
ٿئي. جيئن گذريل سال (1972) ۾ پندرهين فيبروري تي
سال شروع ٿين.
نئين سال واري ڏينهن خوشي ملهائي ويندي آهي، جيئن
اسان وٽ عيد ٿئي، مائٽ مٽ، دوست احباب گڏ ٿيندا آهن.
هڪ ٻئي ڏي گل موڪليندا آهن ۽ رات جي ماني هڪ هنڌ
گڏجي کائين.
مٿئين ڳالهه سان تعلق رکندڙ ڳالهه آهي، هتي جي
ماڻهن جي عمر جو حساب، چيني ٻار ڄمڻ وقت هڪ سال جو
سمجهيو ويندو آهي. (چاهي ماءُ جي پيٽ ۾ ست مهينا
رهي يا نو ڏهه مهينا). پوءِ نئين سال شروع ٿيڻ
واري ڏينهن تي هو ٻن سالن جو سڏبو آهي. ۽
اهڙيءَ طرح هر نئين سال شروع ٿيڻ واري ڏينهن هن جي
عمر۾ هڪ سال جو واڌارو ايندو رهندو آهي. ڄمڻ بعد
نئين سال جو پهريون ڏينهن چاهي يارهن مهينن
کانپوءِ اچي، چاهي هڪ ڏينهن بعد يعني جيڪڏهن ڪو
ٻار نبئين سال شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڄمي ته هو
ٻئي ڏينهن ٻن سالن جو سڏيو ويندو. يعني هڪ ڏينهن
جو ٻار ٻن سالن جو ليکبو. (اهو طريقو ٻين کي پسند
هجي يا نه، پر چيني ڇوڪرين کي ان رواج تي سخت ڪاوڙ
آهي، جو عمر گهٽ ٿيڻ بدران وڌيو وڃي) بهرحال توهان
کي جي ڪنهن ٻار جا ڪپڙا هانگ ڪانگ، ڪولون يا مڪائو
مان ڪنهن چيني جي دڪان تان وٺڻا
پون ته هن کي عمر ٻه ٽي سال وڌائي ٻڌائجو. جو
هونءَ به اسان جا ٻار چيني ٻارن کان قد بت ۾ ماشا
الله چڱا تندرست آهن. نه ته چيني دڪاندار جي مرضي
تي وٺي ايندؤ ڇهن سالن جي ٻار جا ڪپڙا، ته ڳوٺ
پهچي ٽن سالن جي ٻار کي به ڇڪي چاڙهڻا پوندانوَ.
هانگ ڪانگ جي مشهور ايئر لائين (هوائي جهاز ڪمپني)
جو نالو آهي ڪئيٿي (Cathy)
دراصل پراڻي زماني ۾ چين کي ان نالي سان پڻ سڏيو
ويندو هو، جو مشهور سياح ۽ ليکڪ مارڪو پولو
(1324-1254)ع
مشهور ڪيو. اهو لفظ "خطائي" مان نڪتل آهي، جو
ايراني، ڏهين عيسوي صدي ۾ چين جي تاتاري حڪومت
لاءِ استعمال ڪندا هئا.
اڄڪلهه ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر شهر جي ڀتين تي
"چيني دواخانن" "انڊونيشي حڪيمن"، ”دهلوي
جنسي شفاخانن“ ۽
نامنظور- نامنظور"
سان گڏ ٽائيگر- بام"
جو اشتهار آهي، اهو الائي ڪهڙي ٽائيگر بام جو
اشتهار آهي، پر هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ تمام گهڻي
عرصي کان وٺي، ٽائيگر بام نالي ملم ملي ٿو ۽ ڪنهن
زماني ۾ اهو ساڳيو پاڪستان ۾ پڻ وڪري لاءِ ايندو
هو. هي بام مشرق جي ملڪن ۾ تمام مقبول ۽ مشهور
آهي. مٿي جي سور، ٿڌ، زڪام ۽ ٻين بيمارين لاءِ
مفيد ۽ يڪ ٽڪ علاج چيو وڃي ٿو. (اهو جملو پڙهي
مونکي ڪو دوا فروش يا ان جو ڪميشن
ايجنٽ نه سمجهجو). اهو مشهور ملم هانگ ڪنگ جي ”
آ-بون- ها“ (Aw-Boon-Ha)
نالي شخص ايجاد ڪيو هو، جو 1945ع ۾ ٻاهتر سالن جي
ڄمار ۾ گذاري ويو. اهو
ئي شخص آهي، جنهن هتي جي مشهور اسٽئنڊرڊ اخبار
شروع ڪئي هئي ۽ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جا مشهور زو (Zoo)
ٺهرايا. جي اڄڪلهه ”ٽائيگر
بام گارڊن“ (Tiger
Balm Garden) جي
نالي سان سڏجن ٿا.
جيئن اسان وٽ ان قسم جو دعائون عام آهن ته! شل
ست جوانيون ماڻين،
ست ونيون ماڻي، يا ستن پتن وارو ٿين. تهڙي طرح
چينين ۾ پڻ قديم زماني کان اولادي عيالي بنجڻ جون
دعائون هلنديون اچن. پر اڄڪلهه خانداني منصوبه
بندي (Family
Planning) ته ايترو
زوروٺي وئي آهي. جو تائيوان جي ليجسلٽر ”هُنگ يين
چيوءَ“ چينين
جي هڪ قديم راڳ”شل
سؤ پٽن
۽ هزار پوٽن وارو ٿين“، (جيڪو
چيني، شاديءَ
رات ڳائيندا آهن) کي ڦيرائي هن ريت ڪرائي ڇڏيو
آهي، ’شل
ٽن پتن ۽ نون پوٽن
وارو ٿين.‘
هتي جا ماڻهو (چيني)، نانگ بلائو عام طرح کائيندا
آهن، خاص ڪري سياري ۽ سرءُ جي موسم ۾ ٿڌ کان بچڻ
خاطر ٽن چئن قسمن جي نانگن کي گڏ رڌي کاڌو ويندو
آهي. چينين جي چوڻ مطابق نانگ تمام لذيذ ٿئي ٿو ۽
انکانسواءِ منجهس طاقت پڻ آهي. وائي سور، چيلهه جي
سور، چڪ، ڇڪي ۽ ٻين ڪيترين بيمارين جي علاج لاءِ
نانگ جو پتو(Gall-Bladder) سڄو
يا ڀوري، شراب جي ننڍي گلاس ۾ وجهي ڳيت ڏئي پيتو
ويندو آهي.
ڪولون ۽ هانگ ڪانگ جي ڪيترين هوٽلن
۾ شيشي جي ڪٻٽن ۾ جيئرا نانگگراهڪن
لاءِ رکيا هوندا آهن ۽ گراهڪ جي پسند مطابق اهو
نانگ تري
يا رڌي کيس پيش ڪيو ويندو آهي. ان بابت تفصيل سان
ذڪر شروع ۾ ڪري چڪو آهيان.
چيني قوم ۾ ڌاريان اها ڳالهه محسوس ٿا ڪن ته هنن
جو مهانڊو
هڪ ٻئي سان ڏاڍو ملي ۽ سندن چهرو جذبات کان بلڪل
خالي لڳندو. توهانکي خبر نه پوندي ته اڳلو خوش آهي
يا ڪاوڙ ۾، ڏک
۾ آهي يا پريشاني جي حالت ۾. بقول
حسين شاهه بخاريءَ جي جيڪو ڪولون ۾ مليو هو:
"چينين جي شڪل ايتري ملندڙ آهي جو هفتو ڏيڍ هتي
رهڻ بعد ڪيترا چهه ساڳيا ساڳيا پيا لڳن ۽ اسان ايترو
منجهيل آهيون جو ڪو چيني ڌڪ هڻي ميڙ ۾ گهڙي وڃي ته
ڳولي نه سگهنداسين ته اهو ڪهڙو هو. ۽ وري ساڳيو
ڦري اچي همدردي ڪري ته به هن جي ڳالهه تي يقين اچي
ويندو ته اهو ڌڪ هڻڻ وارو ٻيو هو ۽ هي همدردي ڪرڻ
وارو ٻيو چيني آهي.“
1911ع کان اڳ تائين چيني عورتن ۾ ننڍا پير ڪرڻ جي
رسم هلندي پئي آئي ۽ ننڍا پير سونهن جي نشاني
سمجهيو ٿي ويو. ننڍي هوندي کان عورتون پنهنجين
ڌيئرن جا پير ٻڌي رکنديون هيون. جيئن جسم سان گڏ
واڌ نه کائين. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هڪ شهنشاهه
جي دلپسند سريت
جي پيرن ۾ ڪو عذر ٿي پيو. ۽
ان جا خدمتگار ۽ وزير وزراءَ خوشامد خاطر ۽
بادشاهه کي اهو ڏيکارڻ خاطر ته اهي پير پاڻ وڌيڪ
سهڻا ٿا لڳن. پنهنجن
ڌيئرن جا پير پڻ ننڍا ڪرڻ لڳا. بهرحال ان مصيبت
کان غريب عوام بچيل هو. ڇاڪاڻ جو پير ٻڌي ننڍا ڪرڻ
جي دوران ڇوڪري کي هلائڻ لاءِ ٻن نوڪراڻين جي
ضرورت پوندي هئي. ۽
غريب ماڻهو نوڪرياڻيون رکي نه سگهندا هئا. چنگ
گهراڻي جي خاتمي بعد ان رسم تي بندش وڌي وئي ۽
اڄڪلهه جي چيني عورتن ۽ ڇوڪرين جا پير دنيا جي ٻين
ماڻهن جهڙا ۽ جسم مطابق آهن. البت ڪٿي ڪٿي، ڪنهن
گهٽيءَ يا گهر اڳيان ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪراڙي پراڻي
زماني جي ننڍڙن پيرن واري نظر اچي ويندي آهي. پير
اڇي رنگ جي سوٽي جورابن ۾ ويڙهيل
۽ بوٽ گڏيءَ جي بوٽن جهڙو پائي شرمائيندي رهندي.
1971ع
تائين هانگ ڪانگ ۾ قانوني طرح سريت (concubine) رکڻ
عام هوندو هو ۽ ان وهاريل زال جي اولاد کي پڻ
قانوني سڏيو ويندو هو. پر اڄڪلهه اهو رواج سرڪاري
طرح بند ٿيل آهي. پر ڪنهن دولتمند آمريڪن جي چوڻ
مطابق: ’هانگ
ڪانگ ۾ پئسي جو کيل آهي، جنهن جي زور تي سڀ ڪجهه جائز
آهي ۽ ان قسم جا سماجي قانون فقط ڪاغذن
تائين محدود آهن. هانگ
ڪانگ ۾ دنيا جا مشهور ۽ مهنگا شراب خانا (Bass)، هوٽلون
۽ سستا مساج گهر (Massage
House) ۽
غسل خانا (جنهن ۾ ڇوڪريون اگهاڙيون ٿي مالش ڪنديون
آهن ۽ وهنجارينديون آهن)، چپي
چپي تي نظر ايندا. ان کانسواءِ دولتمند مغربي مردن
۽ عورتن کي چڪلن ۽ هومو سيڪشوئل (عورتن ۽ مردن جي
اڏن تي پهچائڻ لاءِ ٽئڪسي ڊرائور ۽ دلال گهٽي گهٽي
۾ واجهائيندا نظر ايندا. ڪيترين هوٽلن ۾ ويندڙ جي
لباس تي پابندي لڳندي وڃي ته ڪاري سوٽ ۽ ٽائي ۾
هجي، پر خدمتگار ڇوڪرين جي لباس ۾ ڍر ڏني وئي آهي
۽ بڪني کان ٽاپ ليس (فقط ڪڇي) تائين معاملو اچي
پهتو آهي.
جيئن اسان جي پاسي جي ملڪن جا پورهيت ۽ مزدور ڀڄي
دبئي، قطر، بحرين، ڪويت، ايران، عربستان ۽ لبيا اپورهئي
۽ محنت مزدوري لاءِ ويندا آهن. تيئن هتي روزانا
اهڙيون خبرون اخبارن ۾ اينديون آهن ته فلپن، ڏکڻ
ڪوريا، ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلنڊ جون ڇوڪريون غير قانوني
طرح هانگ ڪانگ ۾ سياح جي حيثيت ۾ رهي بد- پيشي
(Prostitution)
مان پئسو ڪمائي رهيون آهن.
هتي اڪيلي آيل سياحن ۽ مسافرن لاءِ عارضي طور
خوبصورت ساٿي پيش ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪمپنيون
آهن، جن جا اشتهار هر روز هتي جي اخبارن ۽ رسالن ۾
ايندا رهندا آهن ته، ’توهان
جي ڇڙا آهيو ته اڪيلائي محسوس نه ڪريو ۽ ساڻ
گڏ وٺي گهمڻ ڦرڻ لاءِ سٺ رپيا ڪلاڪ جي حساب سان ڪا
به خوبصورت ڇوڪري (escort) چونڊيو‘ ڪي
فخريه فوٽن سان اشتهار ڏيندا آهن
ته، ’اسان
جون خدمتون حاصل ڪريو. دنيا جي مشهور ملڪن ۽
زبانون ڳالهائيندڙ. ڇوڪريون توهان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ
هر وقت حاضر آهن. راضپو ۽ پسند (Satisfaction)
جو زمو اسان تي. هانگ ڪانگ ۾ رهڻ دوران گهمڻ ڦرڻ،
ڊانس ۽ دعوتن ۾ گڏ هلڻ، ۽ خريداري ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ
لاءِ پنجاهه رپيا في ڪلاڪ جي حساب سان بهترين
ساٿي!‘ يعني
اهو ته ٿيو مقرر اگهه، وڌيڪ پاءُ اٽو کائڻ وارو
هر انسان، اهو سمجهي ٿو ته جيترو وڌيڪ ڳڙ وجهبو،
اوتري چاشني مٺي ٿيندي. |