ان کانپوءِ پاڻ مهراڻ، نئين زندگي ۽ سهڻي رسالي جي
تعريف ڪندو رهيو جي ڪجهه سال اڳ تائين هو پاڪستان
مان گهرائي پڙهندو هو. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ ٻيا
به ڪيترا سنڌي مليا جن خاص ڪري ”مهراڻ“ ٽماهي
رسالي جي ڏاڍي تعريف ڪئي. ۽ ان کي پڙهڻ لاءِ آتا
ٿي ڏٺا. ٿي سگهي ٿو ته اسانجو ”سنڌي ادبي بورڊ“ ان
کان اڻ واقف هجي ته سندن اهو رسالو دنيا ۾
مشهور آهي. کين کپي ته هو نه فقط سنڌ ۾، پر دنيا جي
وڏن ملڪن ۾ پنهنجي رسالي جا ايجنٽ مقرر ڪن. ان
نموني سان نه فط غير ملڪي ناڻو ڪمائي سگهندا، پر
ساڳيو ڪتاب گهڻي تعداد ۾ ڇپجڻ ڪري لوڪل خريدارن
لاءِ سستو به ٿي پوندو.
ساڳي طرح سنڌي فلمون پڻ آهن. هن پاسي ڏور
اوڀر جي هر ملڪ ۾ يا دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۽ ڏورانهن
ٻيٽن تي سنڌي رهن ٿا. هتي هانگ ڪانگ ۾ ئي اها حالت
آهي جو انگريزي ۽ چيني فلمن جي ٽڪيٽ کان سنڌي فلمن
جي ٽڪيٽ ٻيڻي رکي وڃي ٿي، ان هوندي به هائوس فل ٿو
رهي. اڄ ڪلهه هانگ ڪانگ ۾ سنڌي فلم لاڏلي (هندستان
جي ٺهيل) هلي رهي آهي. ڪا خاص فلم ناهي. ان کان
اسانجون سنڌي فلمون ”شهرو فيروز“، ”سورٺ“ ۽ ”بادل“
وغيره ڪيترا دفعا بهتر آهن. پر ان هوندي به هتي
سنڌي ڏسڻ وارن جو تعداد ايترو ته گهڻو آهي جو ڪهڙي
به کڻي فلم هجي، پيهه لڳي پئي هوندي آهي. ساڳيو
حال سنگاپور ۽ ملايا ۾ ڏٺم. (”سورٺ“ فلم ته انگلينڊ ۽
يورپ ۾ به پسند ڪئي وئي آهي.)
سنڌي
فلمن جا پروڊيوسر اميد ته اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکي
پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي خوشحالي لاءِ محنت ۽ ڪوشش
ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ فلمون موڪلي غير ملڪي ناڻو
ڪمائيندا ۽ اسانجي فنڪارن کي دنيا سان روشناس
ڪرائيندا. اڙدو فلمون ته اسانجون ڪامياب نه وڃي
سگهيون. پر سنڌي فلمن ۽ سنڌي ڪتابن لاءِ سونهري
موقعو آهي. تنهنڪري دنيا مارڪيٽ کي هٿان نه وڃائڻ
کپي.
اسپيشلي ميڊ- او، ڙي!
هپي اِدر
آئو!
هانگ ڪانگ دنيا جي انهن شهرين مان بلڪ کڻي ائين
چئجي ته ملڪن مان اهو ملڪ آهي جتي سواريءَ جو ڪو
به مسئلو ناهي، چاهي توهانکي پنهنجي ڪار هجي يا
نه، توهانکي ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت سواريءَ جي
تڪليف نه ٿيندي. مني بسون (جنهن ۾ نو کن ماڻهو
ويهن ٿا ۽ اها لائيٽ بس سڏجي)، ٽئڪسيون، اليڪٽرڪ
ٽرامون، رڪشائون، (جيڪي موٽر سائيڪلن بدران ماڻهو
ڇڪين) چوويهه ئي ڪلاڪ ملنديون ۽ ڀاڙو به ڪو خاص
ڪونهي. وري هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون وڃڻ لاءِ يا
ٻين ڀر وارن ننڍن ٻيٽن جهڙوڪ: مڪائو،لينٽاؤ، لاما
، ميرس بي وغيره (جيڪي پڻ هانگ ڪانگ ملڪ ۾ اچي وڃن
ٿا)، وڃڻ لاءِ فيريون (انجڻ تي هلندڙ وڏيون ٻيڙيون
جيڪي مسافرن ۽ موٽر لارين کي هڪ ڀر کان ٻي ڀر
پهچائين)، لانچون (جيڪي والا والا سڏجن). ان کان
علاوه تازو هن سال 1972ع ۾ هانگ ڪانگ کي ڪولون سان
سرنگ ذريعي ڳنڍڻ ڪري، بس يا ڪار ذريعي پڻ هانگ
ڪانگ ۾ ڪولون طرف اچي وڃي سگهجي ٿو. هي سرنگ سمنڊ
جي هيٺان کوٽي وئي آهي.
ڪولون وڃڻ لاءِ هانگ ڪانگ ٻيٽ جي مختلف هنڌن کان
فيري وڃي. مثال طور: اسٽار فيري، جارڊن روڊ فيري،
نارٿ پوائنٽ فيري
وغيره، جيڪي ڪولون جي مختلف هنڌن تي پهچائين. سڀ
کان مشهور ۽ بارونق اسٽار فيري اسٽيشن آهي جا ڪناٿ
روڊ تي آهي ۽ ڪولون پاسي ريلوي اسٽيشن وٽ وڃيو
ڇڏي.
پهرين دفعي اسانکي ڪولون وڃڻ لاءِ فيريءَ جي خبر
نه هئي. ٻن ٽن چينين کان پڇيوسين پر هنن سنئون
منهن نه ڏنو. هتي هانگ ڪانگ ۾ اڄ ڪلهه چينين ۾ به
قوميت جو اهڙو اچي جذبو جاڳيو آهي، جو جپانين ۽
عربن وانگر هو چاهين ٿا ته ڌاريون به سندن زبان
ڳالهائي. ڪيترا اهڙا به ملندا جنکي انگريزي
اچڻ جي باوجود ڳالهائڻ کان نفرت ڪندا ۽ بهترين انگريزي
لهجي ۾ I
don't talk English چئي
منهن ڦيري ويندا. سو ان ڏينهن به اسان وائڙن وانگر
ڪنهن پاڻ جهڙي ڪاري هم شڪل کي ڳولهي رهيا هئاسين
ته ان کان رستو پڇون. هلٽن هوٽل مان چانهه پي
نڪتاسين ته هڪ همراهه ڪوٽ ٻانهن تي، ٻي ۾ ٿيلهو،
اچي لنگهيو. اسان کائنس ڪولون وڃڻ جو رستو پڇيو.
پاڻ به ڪو ڪولون وڃي رهيو هو، سو اسانکي اسٽار
فيري اسٽيشن تي وٺي آيو. ۽ ڪولون تائين ويهه
پنجويهه منٽ جيڪي اسان سان گڏ هو. خبرون ڪندو
هليو. پاڻ ڪيمبل پور پنجاب جي پاسي جو ٻڌايائين.
پنجابي لهجي ۾ اڙدو ڳالهائي رهيو هو. ڪنهن بئنڪ جو
چوڪيدار هو ۽ رات جي ڊيوٽي
ڪري، پگهار هانگ ڪانگ جا نو سو ڊالر (يعني ارڙهن
سو رپيا) کن ملنس. کيس جو خبر پئي پاڪستان کان
پيا اچون ته اسان کان ور ور ڏئي ملڪ جون خبرون پڇڻ
لڳو. ۽ جيڪي پاڻ پڙهيون هئائين ان تي تبصرو ڪري
رهيو هو. ذري ذري وطن جي واڌاري لاءِ دعائون گهري
رهيو هو. ۽ ساڻيهه لاءِ سڪ سندس هر ڳالهه مان
محسوس ٿي ٿئي.
تڏهن چيومانس ته ملڪ ڇڏي پوءِ هيڏانهن ڇو اچي
دربدر ٿيو آهين. جڏهن تنهنجا ٻار ٻچا به اوڏانهن
آهن. جنکي به تون هيڏو ساري رهيو آهي. ڏاڍي ڏک ۽
پاٻوه مان چوڻ لڳو:
”سائين، پنهنجا ڪک ڪنهنکي ڪڙا آهن. ٻچن ٻارن خاطر
دربدر آهيان. پيٽ خاطر، روزگار ۽ ڪمائي لاءِ هتي
اچي نڪتو آهيان. هڪ الله ئي بهتر ٿو ڄاڻي ته اڄ
کان چار سال اڳ جڏهن آءٌ ڀاڙا ڀري هتي آيو هوس ته
پهرين شروع جا ڏينهن فٽ پاٿ تي به ستو هوس، بکون
به ڪاٽيون هيم. پر مولا پوءِ مهر ڪئي اڀري سڀري
نوڪري ملي وئي. پاڪستان ۾ ته اڄ ڪلهه پڙهيلن
ڳڙهيلن کي به ڪا چڱي نوڪري نٿي ملي. منهنجي لاءِ
ارڙهن سو روپيا تمام گنج آهي. ڪفايت ڪري چار پنج
سو روپيا خرچيان ٻيا سڀ بچائي گهر موڪليان. ٻه پٽ
۽ ٽي نياڻيون اٿم. سڀ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهن
پيون.“ هو پنهنجو داستان اسانکي ٻڌائيندو هليو ۽
اسصان غور سان ٻڌندا رهياسين، ”ماڻهو ٿا سمجهن ته
ٻاهر نوڪري نه ڪجي. پر پورهئي ۾ ڪهڙو عيب آهي. ملڪ
لاءِ ته پاڻ سٺي ڳالهه آهي. جو اسان پئسو ڪمائي
پنهنجي ملڪ ٿا موڪليون. هتي اٽڪل اسان پنج هزار کن
پنجاب پاسي جا آهيون. هڪ هڪ جي گهٽ ۾ گهٽ هزار
رپيا موڪلي ٿو ته به مهيني ۾ فقط هانگ ڪانگ مان
پاڪستان ۾ پنج لک رپيا پهچن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻين
ملڪن مان. انکانسواءِ جي هڪ هڪ ٻه ٻه دوست ڌارئين
ملڪ ۾ ٺاهي ته به ان ڌارئين ملڪ ۾ انيڪ ماڻهن کي
پاڪستان لاءِ پيار ۽ عزت ٿي سگهي ٿي.“ آءٌ هن شخص
جون تمام غور سان ڳالهيون ٻڌندو رهيس جو ظاهري طرح
ته فقط چوڪيدار هو پر سمجهه ۽ ساڃهه ۾ سڄاڻ ٿي
ڏٺو. هر هر هانگ ڪانگ ۾ مقيم پاڪستاني ٽريڊ ڪمشنر
مسٽر سجاد حسين جي تعريف ڪندو ٿي رهيو. جنهن
پاڪستانين کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪري، سندن
جذبو ڪافي بلند ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي، اسان
جڏهن به هانگ ڪانگ هوندا آهيون ته هتي جي اخبارن ۾
هن صاحب جا پاڪستان انجي مسئلن حقيقتن بابت خط
مضمون جي خبر پئجي سگهي.
ڪولون اسٽيشن وٽ پهچي ڪيمبل پور جي نوجوان اسان
کان موڪلايو ۽ اسان کڙين تي زور رکيو. زيديءَ کي
پهرين ڪنهن درزيءَ وٽ وڃڻو هو سوٽ ٺهرائڻ لاءِ هانگ
ڪانگ ۾ سنڌي ۽ چيني
درزي مشهور آهن. ڪيترن ڪپڙي جي دڪاندار سنڌين،
درزي به ويهاري ڇڏيا آهن، جي گهڻو ڪري چيني آهن.
اتي جو اتي ماپ ڏئي ڪپڙو پسند ڪري سگهجي ٿو. هانگ
ڪانگ درزين کان تمام مشهور آهي. هانگ ڪانگ جي ريڊي
ميڊ ڪپڙا آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ
۾ تمام گهڻو هلن ٿا. ڇاڪاڻ جو هانگ ڪانگ ۾ ڪپڙو
مزدوري ٻئي سستا آهن. (پوءِ اها
ٻي ڳالهه آهي ته انهن تي ٺپو آمريڪا يا انگلنڊ جو
لڳايو ويندو آهي يا Made
in بدران Made
for USA يا Made
as USA لکيو
ويندو آهي. جيئن جهڙو تهڙو متين جو موڙهيل گراهڪ
ته محسوس به نه ڪري ته اصليت ڇا آهي.
اسانجو دوست سعيد اختر زيدي به هڪ سنڌي درزي جي
دڪان تي چڙهي ويو. ڪپڙو به سندس ئي دڪان تان پسند
ڪيائين. ڪپڙي جي دڪان جي پٺيان ڏهه ٻارهن چيني مرد
۽ عورتون مشينون رکي سبي رهيا هئا، ڄڻ
ڪو اسڪول هجي. شام جو Trial ۽
ٻئي ڏينهن صبح جو ساڳي وقت ڪوٽ پتلون تيار مليس!
اها هانگ ڪانگ جي درزين جي خاصيت آهي. ان ڪري اهي
سياح مسافر جيڪي ٻه ڏينهن به ڪي مس هانگ ڪانگ ۾
رهن، سي به واپسي تي هڪ عدد سوٽ بئگ ۾، هڪ عدد کن
ٻانهن تي لڙڪائي وڃن. سستي ڪپڙي کانسواءَ سلائي
سٺي پڻ آهي. چيني ڪاريگريءَ ۾ هوشيار، سنڌي واپار
۾ هوشيار، توهانکي ڀلي سوٽ ٺهرائڻ جو ارادو خيال ۾
به نه هجي، پر دڪان تي چڙهي ته ڏسو، اهڙا مطمئن ٿي
ويندا جو ماپ ڏئي پوءِ هيٺ
لهندائو. اسان به ٻئي ڏينهن هٿيار کڻي آڏو رکيا
ڪوٽ ٺهرائي گهر پهتاسين. گهر پهچي ڪوٽ جي اندر کڻي
ڏسان ته اندرين کيسي مٿان رنگين ريشمي ڌاڳي جي ڀرت
سان لکيو پيو آهي:
Specially made of Mr. Altaf Ahmed Shaikh
واه سائين واه! اسان جهڙو ڄٽ ان ۾ ئي خوش!
سو سائين ان ڏينهن فيريءَ ذريعي ڪولون پهچي زيديءَ
پڇيو، ”درزي کانپوءَ ڪيڏانهن هلون.“
”پوءِ شهر جو واءُ سواءُ لهجي، نڪ نقشو جاچجي (يا
بقول هالا جي انگريزي اسڪول جي ماسترن جي: ته
اڄڪلهه جي شاگردن کي هوم ورڪ کان ٻرو باقي سڄو
ڏينهن شوق سٽِي سروي ڪرڻ جو).“
”ٽئڪسي ۾ يا بس ّ۾؟“ زيديءَ وري ٻيو سوال ڪيو.
(ڇو ”ٽنگون
فيريءَ ۾ رهجي ويون يا هوٽل هلٽن ۾؟!“
منجهند جا ٻارهن ٿيڻ وارا هئا. خط استوا پٽيءَ جو
ساڙيندڙ سج اڀ جو چوٽ وڃي کنيو هو. گرمي کان بچڻ
لاءِ ڀر ۾ اوشن ٽرمينل Ocean
Terminal جي
خوبصورت ٿڌن Air
Conditioned دڪانن
۾ دنيان جون شيون ڏسندا رهياسين. ان بعد وليج
گارڊن ۾ ميڻ مان ٺهيل ماڻهن جو عجائب گهر ڏٺوسين
(جنهن قسم جون عجائب گهر لنڊن ۾ به آهي، جنهن جو
ذڪر ’سمونڊ
جي سوين‘ ڪتابن
۾ تفصيل سان ڪري چڪو آهيان، اتان
نڪتاسين ۽ هڪ اچي ٿيو هو. پيٽ ۾ خانه جنگي Civil
War لڳي
رهي هئي، سو اسان سڀ کان ويجهي هوٽل، جيڪا چيني
طرز جي هئي، تنهن ۾ گهڙي پياسين. پاسي وارا ٽيبل
سڀ Reserved ٿيل
هئا. بئري اسان کي وچيئن ٽيبل مان هڪ تي ويهڻ
لاءِ آڇ ڪئي. پر زيديءُ چيو ته يار ويهبو ته پاسي
واري ڪنهن ٽيبل تي،
دريءَ جي ڀرسان جيئن ماني کائيندي سامهون ٻيٽ جو
نظارو به ڪري سگهجي. پر بئري دريءَ پاسي وهڻ کان
منع ڪئي ۽ اسان وچ تي وهڻ لاءِ راضي نه ٿياسين ۽
ٻاهر نڪري آياسين. اسان سمجهيو ته بئرو اسان کي سڏ
ڪندو ۽ گراهڪ ائين وڃڻ نه ڏيندو. پر هيترن بئرن
مان ڪنهن هڪ به نه کنگهيو. زيديءَ کي چيم، ”بئرا
شايد سمجهي ويا ته اسان ’مئڪ ائنڊ مئڪ‘ ڪمپني جا
مئنيجر يا ’لين ڪرافرڊ‘ هيرن جي دڪان جا مالڪ نه
آهيون.“
”ٺيڪ آهي، پئسا کيسي ۾ گهٽ اٿئون.“ زيديءَ کلي
چيو، ”پر بئري کي ڪهڙي خبر ته اسان جي کيسي ۾
ڪيترا پئسا آهن، جو اسان کي لفٽ ئي ڪانه ڏنائين.“
سنگاپور ۾ ڏکڻ هندستانين ۽ پاڪستانين جون ننڍيون
ننڍيون هوٽلون جام آهن، جن ۾ کاڌو گيهه ۾ رڌل ۽
پوري پني اگهه تي ملي، اهي سڀ انڊين هوٽلون سڏجن.
زيديءَ کي صلاح ڏنم ته ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ هلي ماني
کائون، جو هتي نوان آهيون. چيني هوٽلن ۾ الائي
ڪهڙي قسم جو کاڌو هجي. واءِ. ايم. سي. اي (Y.M.C.A) اڳيان
هڪ سک فئملي پئي آئي. ’ايڪسڪيوزمي‘ چئي ڪنهن اهڙي
انڊين هوٽل جو ڏس پتو پڇومان. سردارجيءَ وڏي شان
سان پنجابيءَ ۾ ٻڌايو: ”هي رستو سڌو وٺي وڃ. پوءِ
کاٻي پاسي نائن روڊ تي نڪ سامهون وڃجان، پوءِ کاٻي
پاسي پيڪنگ روڊ تي پهچجانءِ ۽ پوءِ ساڄي پاسي
هَئنڪو روڊ تي لهي پئجانءِ، ان ۾ پهرين گهٽي ڇڏي،
ٻي گهٽيءَ ۾ ساڄي مڙجانءِ پوءِ کاٻي...“
کاٻي ساڄي، ساڄي کاٻي، مون کي چڪر اچڻ لڳا. ”ٿئنڪ
يو ٿئنڪ يو.“ چئي جان ڇڏائيسين. زيديءَ کان پڇيم،
”سردار جي وارو رستو سمجهه ۾ آئي؟“
”مون ان وقت مرسيڊيز ڪارون پئي ڳڻيون.“
اتي ٽي نوجوان ڇوڪرا جهومندا، ڪنهن ڳالهه تي بحث
به ڪندا پئي آيا. ٽئي هم رنگ هئا. سمجهي وياسين ته
هندستاني يا پاڪستاني هوندا هڪ ته پڪو بيٽل ٿي
لڳو. وار گهنڊيدار ڪياڙيءَ کان به گهڻو گهڻو هيٺ
پئي لميس- قميص جو ڪالر فٽ کن ڊگهو.
زيديءَ دانهن ڪري سڏ ڪيس، ”او ڙي هپي! اڌر آئو.“
سندس ائين سڏ ڪرڻ تي مون سوچيو پڪ جهڳڙو ٿيو. پر
ٽئي مرڪندا اچي بيٺا ۽ ڪم پڇڻ لڳا. زيديءَ کي
آهستي چيم، ”پهرين جا سڃاڻو اٿئي ڇا.“
”هتي ڪا هوٽل آهي ويجهي، جنهن ۾ ماني کائون؟“
زيديءَ پڇين.
”کانا ٻانا؟“ هپيءَ انگريزي ٽون ۾ پڪ ڪئي. سندس
’ٻانا‘ چوڻ تي سمجهي ويس ته جوان سنڌي آهي. سو
سنڌي ۾ چيومانس، ”ها کاڌو کائڻو اٿئون.“
”دراصل آءٌ ڪئناڊا کان ڪالهه ئي آيو آهيان. مون کي
فقط هڪ ئي هوٽل معلوم آهي مودي روڊ تي، مون لائيٽ
ريسٽورنٽ.“
زيديءَ سندس ڊگهن وارن ۽ ڪالرن کي ڏسي آهستي چيو،
”ها
واقعي، تون ڪالهه ئي ڪئناڊا کان آيو هوندين.“
اسان ٽئڪسي ڪري هوٽل ڀيڙا ٿياسين. هوٽل ٻي ماڙ تي
هئي. ننڍڙي پر صاف سٿري سمجهي وياسين ته هي هوٽل
سنگاپور نموني جي انڊين هوٽل ناهي، پر نيويارڪ جي
ٽائيمس اسڪائر
نموني جي آهي، جتي ٻوڙ جي پليٽ جا ٻه ٽي ڊالر
(ٽيٽيهه رپيا کن). ٿيو به ائين. ٻه
چڪن برياني ۽ گانگٽڻ جون پليٽون، آچار ۽ سوپ
گهرايوسين. مٿان وري زيديءَ ڌوري ماني ۽ چانهه آڻڻ
لاءِ به چيس، آهستي چيومانس ته "استاد بل لاهه ڪڍي
ڇڏيندو. اڄ آخري ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ نه آهي. اڃا ته
ان غير ملڪي ناڻي ۾ ڪجهه ٻيا به ڏينهن هانگ ڪانگ ۾
گذارڻا آهن."
"پرواهه ناهي، سڀان کان ماني کڻي جهاز تي ئي
کائينداسي" زيديءَ چيو ۽ اهو سوچي ته هاڻ ڦاٿي ته
ڦٿڪڻ ڪهڙو. کائڻ
۾ جنبي وياسين. آخر ۾ بل آيو، مني آرڊر واري زبان
۽’فقط
پنجهٺ ڊالر‘ (يعني
هڪ سئو ٽيهه روپيا کن!)
چپ چاپ ڪڍي ڏناسون، هيٺ لهي زيديءَ کي چيم ته، "پرواهه
نه ڪر گهر پهچڻ سان ان هوتل تي هڪ عدد مضمون هلي
لکندس ته پاڻ جهڙو ڪو به ڪنگو tourist ان
هوٽل ڏي رخ نه رکي".
تريل نانگ لذيذ ٿا ٿين
توهان ڪڏهن ڪتو کاڌو آهي؟
هي مضمون، هن وقت جڏهن لکي رهيو آهيان، مونکي هانگ
ڪانگ ۾ آئي
چار پنج دفعا ٿي چڪا آهن. مٿيون
ذڪر هانگ ڪانگ ۾ پهرين دفعي جو هو. ان کانپوءِ
معلوم ٿي ويو ته هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ هزارين
هندستاني ۽ پاڪستاني (جن ۾ اسي سيڪڙو کن سنڌي
ٿيندا) ڪٿي ٿا ماني کائين. هتي ڪيترائي فلئٽ (گهر)
آهن، جيڪي هوٽل ميس طور استعمال ٿين ٿا. خاص ڪري ”چنگ
ڪنگ مئنشن“ Chung
King Arcade ۾
ته اهڙيون ڪيتريون ئي ميسون آهن. اها وڏي عمارت
ڪولون جي سڀ کان ويڪري ۽ ڊگهي رستي Nathan
Road تي
ائپيريل ۽ ائمبسيڊر هوٽلن جي
ڀرسان آهي. سڄي عمارت پنجن ڇهن بلاڪن ۾ ورهايل
آهي. جاءِ جي هيٺئين طبقي Ground
Floor ۽
پهرين ماڙ تي دڪان آهن ۽ انهن مٿان باقي تيرهن
ماڙين تي هزارين فليٽ آهن. هر هڪ فلئٽ ۾ ٽي چار
ڪمرا آهن. هر بلاڪ (اي. بي. سي. ڊي
وغيره) لاءِ الڳ الڳ ننڍڙيون لفٽون آهن. ان سڄي
بلڊنگ ۾ توهان کي سڀ کان گهڻا پاڪستاني ۽ هندستاني
ملندا. ڪن ته انهن فلئٽن کي مسواڙ تي وٺي انهن کي
ميس (ننڍڙي هوٽل) ٺاهيو آهي ۽ اوسي پاسي وارا
ويسيءَ تي يا پئسا ڏئي ماني کائيندا آهن. اهي
ميسون مسلمانن، هندن سکن، بنگالين، ڏکڻ هندستانين،
پنجابين جون آهن ۽ سڀڪو پنهنجي ذائقي، مذهبي عقيدن
مطابق، پنهنجي ڏانءَ جي ميس ۾ ماني کائين، اسان جي
جهاز جا اڪثر پاڪستاني، ميس ۾ ماني کائين، پر ڪي
گهڻو مسالو کائڻ وارا "مدوسي ميس" ۾ کائين. مون
واري تي ٽن چئن ميسن ۾ کائي ڏٺو آهي. مجموعي طرح
سڀني جا اگهه ۽ سواد هڪ جهڙو آهي. اوڻهين ويهين جو
فرق ٿئي کڻي. نه
فقط سواد ۽ اگهه پر ماحول به ساڳيو. هڪ
دفعو هانگ ڪانگ جو ٻاهريون ماحول ڇڏي، ڪنهن به ميس
جو در کولي اندر گهڙندا ته ائين سمجهندا ڄڻ
ڪراچيءَ جي ميٺارام هاسٽل يا جناح ڪورٽس جي ميس ۾
ويٺا آهيون. يا
ته ايل. ايم.سي
هاسٽل جي ڪنهن ميس ۾ انهن ننڍڙن هوٽلن کانسواءِ ”مون
لائيٽ ريسٽورنٽ“جهڙيون
پر تڪلف ۽ خوبصورت هوٽلون به هانگ ڪانگ ۾ ڪولون
پاسي ڪافي آهن. مثال طور، هماليه ريسٽورنٽ "گي
لارڊ هوٽل، مغل ريسٽورنٽ" وغيره.
هانگ ڪانگ اهو ملڪ آهي جنهن ۾ پاڪستاني ۽
هندستانين کان علاوه منهنجي ته خيال ۾ ٻين به انيڪ
ملڪن، مذهبن ۽ قومن جي کاڌن جون پڻ الڳ الڳ هوٽلون
آهن. ڪجهه ملاين، انڊونيشين، ڪورين ۽ جاپاني
هوٽلون به آهن. باقي يورپي ۽ چيني هوٽلون ته
ڪيتريون ئي نظر اينديون، ننڍيون وڏيون، صاف سٿريون
۽ گدليون پڻ. اسٽارفيري
۽ جارڊن فيري اسٽيشنن ۽
ٻين ڪيترن هنڌن تي (خاص ڪري ڪولون
پاسي) گاڏن وارا گولن (گئس بتين) جي سوجهري ۾ عجيب
قسمن جا رڌل سامونڊي جيت جڙا، مڇيون، بلائون
وڪڻندا نظر ايندا. جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ جي خيبر
هوٽل ڀرسان يا سائيٽ پاسي ڪارخانن اڳيان گاڏن وارا
ڪڪڙيون ۽ بيضا ۽ سندن سوپ پيا وڪڻندا آهن يا برنس روڊ
وٽ يا ڇوڪرين جي ڪاليجن اڳيان دهلوي حليم، دهي بڙا
۽ چاٽ قسم جون شيون ديڳڙن ۾ پيل، گاڏي تي رکي
وڪڻندا آهن. يا دادو ۽ ٺٽي پاسي رڌل اوجهري ۽ بهه
وڪامندي ڏسبا آهن. فيري اسٽيشن
جي ڀرسان انهن گاڏن اڳيان ميرن ڪپڙن ۾ ٻارن ۽ ڪجهه
خوش پوشاڪ نوجوان جوڙن جو ميڙ لڳل هوندو آهي. وڪڻڻ
وارا رٻڙ جا دستانا هٿن تي چاڙهي، مرچن مصالحن
واري ڪڙهيل پاڻيءَ ۾ وڏا وڏا Octopus (اٺن گَهڙين
ٽنگن وارا سامونڊي جيت) ڪڍي انهن کي وڏي تکي ڪئنچي
سان ڳترا ڳترا ڪري ٿالهين ۾ وجهي گراهڪن کي ڏيندو
ويندو آهي. ڀرسان بيهڻ سان اهڙي ته تکي ڌپ نڪ جي
ناڪوتين ۾چڀي
ويندي جو بيٺو به نه ٿيندو. پر هتي جا چيني مزي
سان تيلين سان ڳڙڪائيندا به ويندا آهن ۽ چشڪا
ڏيندا رهندا. انکانسواءِ ٻين ديڳڙن م رڌل سپون،
ڏيڏر، ڪيڪڙا ۽ ٻيون شيون (بقول اسان جي هڪ جهازي
جي مٺي ۽ کاري پاڻي جو هر ساهوارو ٿا کائين) سپون
ته جپان ۾ جپانين کي به کائيندي ڏٺمِ تکي
ڪپ سان سپ جا پڙ کولڻ سان منجهائنس هڪ ڪوريئڙي
جهڙو ۽ جيڏو ڪينئون نڪري، انکي تيلين Chop
Sticks سان
جهلي وات اندر داخل ڪن (بنا ڪنهن پاسپورٽ ۽ ويزا
جي).
اهو ته ڪجهه به ڪونهي، ڪواون ۾ ڪيتريون اهڙيون
هوٽلون نظر اينديون جن ۾ نانگ ٻاهر ئي شيشي جي
ڪٻٽن ۾ جيئرا جاڳندا رکيا هوندا. (هتي چيني هوٽلن
۾ مڇيون ۽ گانگٽ به جيئرا پاڻيءَ جي نادين ۾ رکيا
هوندا آهن) گراهڪ هوٽل ۾ گهڙڻ کان اڳ بئري کي
پنهنجي پسند جي مڇي، گانگٽ يا نانگ بلا ڏي اشارو
ڪري ڏيکاريندس، جو پوءِرڌي
يا تري کيس پيش ڪيو ويندو آهي. نانگ واري شيشي جي
ڪٻٽ وٽ ڪاسائي ٿلها ٽائر جا دستانا ٺونٺين تائين
چاڙهيو ويٺو هوندو آهي. گهراهڪ جيڪو نانگ پسند
ڪندو آهي. ان کي منهن کان سوگهو جهلي ڪٻٽ کان ٻاهر
ڪڍي، ڪٻٽ ڍڪي ڇڏيندو آهي. نانگ جي حالت اها هوندي
آهي جو تيسر ٻار وانگر ڇڙيون پيو هڻندو آهي. پر
ڪاسائي نه ڇڏيندو اٿس. هڪ مڙيل ڪپ ڏاٽي جهڙو (منهن
وٽان گول مڙيل) ٻئي هٿ ۾ کڻي ان نانگ جي منهن وٽ
ڦاسائي زور سان ڪپ کي هيٺ پڇ تائين رهڙيندو آهي، ۽
نانگ جي سڄي کل بدن تان لهي ويندي آهي. ان بعد ان
ڦٿڪندڙ نانگ کي اڏيءَ تي رکي، ڏاٽو
ڇڏي هڪ ٿلهي ڪات سان ڪمال ڦڙتيءَ سان پڇ کان وٺي
منهن تائين ننڍڙا ننڍڙا ۽ هڪ جيڏا ڳترا ڪندو آهي ۽
پوءِ رڪيبيءَ ۾ وجهي ڀرسان ويٺل بورچي کي ڏيندو
آهي جو پچائڻ ۾ جنبي ويندو آهي.
هن پاسي جي ماڻهن لاءِ شايد نانگل بلائون، ڏيڏر،
ڪڇون، ڪيڪڙا ۽ آڪٽوپس وغيره ايترو ئي سوادي ۽
لذيذه آهن جيترو اسان لاءِ تتر، گانگٽ، مڪڙ ۽ پلا،
(ڪن شهرن جا پڙهندڙ شايد مڪڙ تي تعجب کائين جو هنن
ڪڏهن نه کاڌا هجن. پر ڳوٺن جا اهي رهاڪو جن مڪڙ
کاڌا هوندا تن کي خبر هوندي ته مڪڙ جو ڀڀ منڍيءَ ۽
پول جي وچ وارو حصو) تري کائڻ ۾ تمام سوادي ٿئي.
منهنجا ڏيپلي ۽ ميرپور خاص جا دوست ته ٻڌائيندا
آهن ته جڏهن ٿرپارڪر ۾ ماڪڙ ٿيندي آهي ته مٺي،
ڏيپلي، عمر ڪوٽ پاسي جا ماڻهو ڳوڻين جون ڳوڻيون
مڪڙن جون ڀري رکن. (جيئن مڇي کي لوڻ ۾ سڪائي رکبو
آهي) ۽ پوءِ آهستي آهستي کائيندا رهن. مڪڙ به
مڇيءَ وانگر بنا ذبح ڪرڻ جي ئي حلال ٿئي. ۽ چيو
وڃي ٿو ته وائي سور Rheumatism لاءِ
يڪ ٽڪ علاج آهي.
مٿين شين کان علاوه، هتي جا چيني، ڪتا پڻ کائين،
پڙهندڙ شايد هي سڀڪجهه پڙهي منهن ٺاهين ۽ مونکي
بيفضيلتو ۽ بي لحاظ سڏين جو سندن ذائقو خراب ٿي
رهيو هوندو. ان لاءِ هڪ لطيفو پهرين عرض ڪري پوءِ
بيان جاري رکندس.
ڪنهن هلندڙ بس ۾ هڪ همراهه، اڳيان ويٺل هڪ ڇوڪريءَ
کي، ٿڦڙ وهائي ڪڍي، ڏاڍو گوڙ مچي ويو ۽ معاملو
پوليس مان ٿيندو وڃي ڪورٽ تائين پهتو جج نوجوان
کان ٿڦڙ هڻڻ جو سبب پڇيو.
جوان وراڻيو: "سائين بس هلي ته پهرين اسٽاپ تي
هيءَ ڇوڪري چڙهي، ويهڻ سان هن پنهنجو پرس کوليو،
ان مان ننڍو پرس ڪڍي ان مان پائلي ڪڍي، ننڍو پرس
بند ڪيو ۽ وڏي پرس ۾ وجهي وڏي پرس کي بند ڪيو. وري
وڏو پرس ڪڍيو. ان مان ننڍو پرس ڪڍيو، ننڍو پرس
کولي ان ۾ پائلي واپس وجهي بند ڪيو ۽ وڏو پرس کولي
ان ۾ ننڍو پرس وڌو ۽ وڏي پرس کي بند ڪيو. وري وڏو
پرس کولي ان مان ننڍو پرس....."
جج ڪاوڙ مان دانهن ڪري چيس ته "بڪواس بند ڪر ۽ مٿو
نه کاءُ"
"سائين" ملزم نهايت عاجزيءَ سان وراڻيو، "توهانکي
ته رڳو ڳالهه جو ڪجهه حصو ٻڌايو اٿم ته ڪاوڙجي پيا
آهيون زرا سوچيو ان کي ڇا ٿڦڙ هڻڻ جو به حق ناهي،
جنهن سڄي واٽ اهو نظارو اکين سان ڏٺو".
سو پيارا پڙهندڙو، جيڪڏهن توهان جي پڙهڻ سان طبيعت
ٿي خراب ٿئي ته ذرا ان غريب بابت سوچيو، جنهن اهي
نظارا اکين سان ڏٺا. سو ذرا صبر کان ڪم وٺو. رڳو
برمودا جي ناچ گهرن ۽ جپان جي گيشاگرلز جي قصن ٻڌڻ
لاءِ آتا نه ٿيو.
سو سائين، جڏهن منهنجي دوست مونکي ٻڌايو ته هتي جا
ماڻهو ڪتا ۽ ٻليون به کائين ته مونکي يقين نه آيو
۽ چرچو سمجهيم، تنهن تي هن هانگ ڪانگ جي A-O-A طرفان
ڇپيل A
to Z Sheet اخبار
ڪڍي ڏني، جنهن تي هتي جون خاص خاص شيون سمجهايل
آهن. پهرين صفحي تي هڪ هنڌ "چائو" لفظ لکيل آهي ۽
ان جي سامهون انگريزيءَ ۾ سمجهايل آهي. ذرا اکر به
اکر ملاحظه فرمايو.
Chow means food and a chow dog as a puppy is the
only one eaten, usually in winter to build up
the body warmth. Cats are also eaten in the
winter time, but only old east never kittens.
مونکي اهو پڙهي تعجب لڳو پر تڏهن به پڪ نه ٿيم ان
وقت اسان گاڏيءَ ۾ ڪولون کان پرينءَ ڀر وارا ڳوٺ
ڏسڻ پئي وياسين. هڪ ڳوٺ فان لنگ ۾ هڪ انگريزي
اسڪول جو چيني ماستر دوست ٿيويو. ڳوٺ گهمائيندي
وقت مون کانئس هڪ هنڌ پڇيو، "مسٽر وانگ لي، ڇا
توهان ڪتا به کائيندا آهيو؟"
"نه نه" هن ٻڌايو اسان وڏا ڪتا ٿورو ئي کائيندا
آهيون، ننڍڙا پلونگڙا کائيندا آهيون، ۽ منهنجو
مامون ته عاليشان بورچي آهي، ڪتن رڌڻ جو، توهان
ڪڏهن کاڌا آهن؟" هن اسان کان پڇيو.
زيديءَ مون ڏي نهاريو ۽ مون
کي جواب ۾ ڪجهه چوڻو ئي پيو "نه وانگ لي، مون ته
ڪتا نه کاڌا آهن. پر اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ڪڪن جي گهٽي
آهي. ان جي ٻن ٽن ڪتن مونکي گهڻو اڳ کاڌو هو. هاڻ
کين مان بل نه ڏيندو آهيان، سو فقط پري کان بيهي
يا ويهي ڀونڪندا رهندا آهن. ۽ توکي ته مسٽر وانگ
لي خبر هوندي ۽ ٻئي انگريزي جي ڪتاب ۾ به پڙهيو
هوندوءِ ته جيڪي ڪتا ڀونڪندا آهن سي...." زيديءَ
مونکي پاسي کان ٺونٺ هنئين آهستي چيو، "الطاف هاڻ
مولا عليءَ جي واسطي پنهنجو بند رينگٽ ڪر" مون
يڪدم پنهنجو رينگٽ کڻي بند ڪيو.
هن باب ۾ جڏهن کاڌي پيتي جون شيون نڪتيون آهن ان
سلسلي ۾ آخر ۾ هڪ لطيفو به سهي.
چرچو مشهور آهي ته ڪو آمريڪن سياح (اهڙين ڳالهين ۾
ذليل ويچارا آمريڪي سياح ئي ٿيندا آهن) چين ۾ (خبر
ناهي ته مائوزي تنگ جي چين ۾ يا چيانگ ڪائي شيڪ جي
چين ۾ يا ٻي ڪنهن چين ولايت ۾) هڪ هوٽل ۾ ڪجهه
کائڻ لاءِ گهرايائين بئري تريل گوشت اچي رکيو کيس
ڏاڍو وڻيو ۽ ٻي به پليٽ گهرائي چٽ ڪيائين. پڪ ڪرڻ
لاءِ اٿيو ته اهڙو سوادي گوشت ڪڪڙ جو آهي ڪنهن ٻي
شيءَ جو. پئسا ڏئي، ڪنن تي هٿ رکي ڪڪڙو ڪو (ٻانگ)
ڏئي بئري کان پڇڻ لڳو ته "هي گوشت ان جو ئي آهي
نه؟"
بئري ادب سان "نه" جو اشارو ڪيس، ۽ پوءِ وات سان ”ڀئون،
ڀئون“ ڪري
ٻڌايائينس ته اهو گوشت ان جو هو پيارا.
سکر جا سياڻا سونارا به پرکي نه
سگهن،
هانگ ڪانگ جون رات واريون بازاريون
هانگ ڪانگ هونءَ کڻي ٻين ڪهڙين به شين کان مشهور
هجي، پر ٻه خاص شيون هتي ايندڙن جي دماغ تي طاري
رهن ٿيون. هڪ ته روشني هانگ ڪانگ ۾ هر جڳهه، روشني
۽ روشني نظر ايندي. رات جي وقت به ڏينهن جو ڏيک
هوندو. هر رستو، هر گهٽي، هر دڪان "نيان سائين" Neon
sign ۽
بلبن سان جهنجهيو پيو هوندو. ايترا گهڻا دڪان ۽
بتيون نيويارڪ جي ٽائيمس اسڪائر، لنڊن جي پڪاڊلي
ٽوڪيو جي گنزا هئمسبرگ
جي سينٽ پولي کانسواءِ مونکي ڪٿي به نظر نه آيون.
پر ٽائيمز اسڪائر، گنزا يا پڪاڊلي ته ڪراچي جي صدر
يا حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ وانگر، شهر جو هڪ ننڍو
حصو آهن. پر هتي ته سڄو هانگ ڪانگ دڪانن ۽ بتين
سان ڀريل نظر ايندو.
هانگ
ڪانگ جي ٻي مشهور شيءَ آهي، "نقل" هانگ ڪانگ، جتي
شيءَ سستي ملي ٿي ۽ جتي اسان جهڙا لوڀي خريدار روز
ڀڳا بيٺا آهن، اتي چيني نقلي شين ٺاهڻ وارا ٺڳ پڻ
چپي چپي تي ملندا. اها ڪهڙي شيءَ آهي جنهن جو نقل
هتي نٿو ٿئي؟!
پارڪر پين توهان وٺي گهر پهتا، ۽ خط ۾ سستائيءَ جا
گڻ پنهنجي دوست کي لکندا رهو. خط پوسٽ ڪري وري کڻي
ٻي ڏينهن ڏسو ته ان تان اها چمڪ ۽ رنگ روپ سڀ
غائب!
اهڙيون ڪيتريون واچون جن جو توهان نالو نشان به نه
ٻڌو هوندو ۽ ايتريون سستون ملنديون جو توهان چوندا
ته ايترن پئسن جي ته خالي دٻلي ملڻ گهرجي. هڪ
ڏينهن ٻڌي هليا ته ٻئي ڏينهن چاٻي ٻئي هٿ ۾ ته
ڪانٽا ٻئي هٿ ۾ ۽ محسوس ڪندا ته واقعي توهان کي
دٻلي ئي ملي آهي. ناس وجهڻ لاءِ يا ريل جي پٽي تي
رکڻ لاءِ.
بهرحال ان قسم جا قصا اسان به هانگ ڪانگ ۾ اچڻ کان
اڳ ۽ پوءِ ٻڌا، ڏٺا ۽ سٺا هڪ دفعي زيدي ۽ آئون هڪ
ايئرڪنڊيشنڊ دڪان ۾ گهڙي وياسين. وٺڻو ته ڪجهه به
نه هئوسين، پر وقت پاس ڪرڻ لاءِ ريڊيا ۽ سندن
قيمتون ڏسندا رهياسين. ويتر جو دڪاندار سنڌي، اسان
جي عمر جو هو سو چرچا ڀوڳ
ڪندا رهياسين، ان کان اڳ هڪ هندستاني زال مڙس
پنجاهه ورهين جي عمر جا، پاڪيٽ سائيز ٽرانسسٽرن جي
قيمت تي بحث ڪري رهيا هئا. هنن کان معلوم ٿيو ته
هو لکنؤ جا آهن ۽ سفارتخاني سان تعلق رکن ٿا ۽
جپان، سينگاپور ۽ هتان گهمي هاڻ ملڪ پيا وڃن. سو
ٻارن لاءِ ٽرانسسٽر خريد ڪري رهيا آهن، ڇو جو
انڊيا ۾ ولائتي شيون نٿيون ملن يا تمام مهنگيون
آهن، دڪاندار ان ٽرانسٽر جي قيمت گهٽائي گهٽائي
ٽيهه هانگ ڪانگ ڊالر (هتي جو ڊالر پاڪستان جي ٻن
روپين برابر آهي) تائين آندي پر هي همراهه پنجويهن
تائين ضد ڪري رهيا ۽ چار وٺڻ لاءِ تيار هئا.
زيديءَ کي چيم ته جي پنجويهه ڏي ته پاڻ به وٺونس.
پوءِ زيدي ٽٽل ڦٽل شڪارپوري سنڌي ۾ دڪاندار سان
بحث ڪندو رهيو ۽ آخر جڏهن دڪاندار گراهڪن جي ڳالهه
مڃي ته اسان به هڪ هڪ ٽرانسسٽر آڱر ۾ لڙڪائيندا
ٻاهر نڪتاسين. اڃا ٻه چار دڪان به ڪو نه لتاڙياسين
ته هڪ ٻئي دڪان جي در وٽ بيٺل دڪاندار رامجي جي ٽن
ٺڳن وانگر ڦري آيو ۽ ان جي قيمت پڇڻ لڳو "پنجويهه
ڊالر" اسان وراڻيس.
ٽرانسسٽر ڏسي چوڻ لڳو. "يار هي ته نقل آهي، مونکان
وٺو، مون وٽ اصلي مال آهي. ان کان به سستو ڏيندس"
"ڇو ڀلا تون اصلي شيءَ به سستي ٿو ڏين؟"
"انڪري جو آئون ٻڌو واپاري آهيان. مونوٽ هر شيءَ
سستي آهي.” هو اسان کي ڇڪي اندر وٺي آيو ۽ سندس
دڪان جون شيون ڏيکارڻ لڳو، "يار ڏسو ته سهي ڏسڻ جا
ته پئسا نه آهن" هڪ ريديو ڪڍي ڏيکاريائين، هوبهو
نقلي ريڊئي جهڙو ساڳيو رنگ ساڳيو قد بت ساڳيو
نالو. پٺيون حصو ٻنهي جي کولي ڏٺوسين ته منجهس
پرزا به ساڳيا پيل پوءِ ڀلا اصلي ۽ نقلي ڪيئن ۽
ڪنهن کي سڏجي. اسان وائڙا ٿي سوچڻ لڳاسين.
"هي ڏسو منهنجو ريديو اصلي آهي."
هن هڪ ڪنڊ طرف اشارو ڪيو جتي ننڍن اکرن ۾ لکيل هو
"Made
in Japan"
۽ اسان واري ٽرانسسٽر تي غور سان ڏٺوسين ته in بدرانas لکيل
هو، يعني: Made
as Japan
”خير توهان ورتو سو ٺهيو، باقي وڄندوَ پنڌرهن
ڏينهن به ڪونه! هڪ هي به وٺي وڃو.“
”نه اسان کي ٻيو نه کپي.“ زيديءَ انڪار ڪندي چيس،
”پنڌرهن ڏينهن وڄڻ بعد بند ٿي ويو ته سمنڊ ۾ اڇلي
ڇڏينداسين.“
”چڱو ڀلا هي مصنوعي سون جا ڪنگڻ، منڊيون ۽ ايئرنگ
ڏسو.“
اسان انهن کي ڏسي، ٺاهڻ واري سوناري جي دماغ کي
داد ڏيڻ لڳاسين. کڻي لوه جا ئي هجن، پر انهن تي ڇا
نه محنت ٿيل آهي ۽ چمڪ، سونهن ۽ رنگ اهڙو جو سکر
جا سونارا به پهرين نظر ۾ پرکي نه سگهن ته اصل آهي
يا نقل. (يا ٿي سگهي ٿو ته هو پرکي سگهن ۽ اسان
جهڙا بيوقوف نه هجن __ ان صورت ۾ معافي، پنهنجا
لفظ واپس.)
اسان ڪنگڻن، منڊين ۽ ايئرنگن کي ڏسي هڪ ٻئي ڏي
تعريفي نگاهن سان ڏسڻ لڳاسين. دڪاندار به سڪون جو
ساه کنيو ته اجهي ته ڏاند ڏُڌا. اسان کي پنهنجن
ارادن تي وڌيڪ قئام رکڻ لاءِ، دڪاندار ٻيو ڊوز
ڏنو:
”قيمت جو ته سوچيو ئي نه. جوڙيءَ جا ڏهه هانگ ڪانگ
ڊالر ۽ منڊي ايئرنگ جا پنج پنج. يار وٺي وڃو. گهر
واريءَ يا ڀيڻ ڀاڄائي لاءِ، جي اهي به نه اٿوَ ته
ڪنهن ساهيڙي سکيءَ لاءِ.“
مون ۽ زيديءَ وري هڪ ٻئي ڏي نهاريو. زيديءَ چيو
”برادر، وٺ نه ته هي وري ٻي ڪا شيءِ اٽڪائيندو.“
اسان ٻئي ڪنگڻ وٺي ٻاهر نڪتاسين. جهاز تي پهچائڻ
واري ٻيڙيءَ ۾ اڃان وقت هو. گرمي به سخت هئي پر
اسان وري ٻئي ايئرڪنڊيشنڊ دڪان ۾ ٿڌي هوا کائڻ
لاءِ نه گهڙياسين.
جهاز تي پهچڻ سان زيديءَ ريڊيو وڄايو. آواز ڪن تي
پيم ته پنهنجي ڪئبن مان ئي دانهن ڪري اطلاع
ڏنومانس ته ادا باقي چوڏهن ڏينهن! ۽ پوءِ اهڙي طرح
اسان جي ٽرانسسٽرن کي وڄندي باقي چوڏهن ڏينهن به
گذري ويا پر بند نه ٿيا ۽ نه اڃان تائين ٿيا آهن.
اڄ جڏهن هي مضمون عوامي چين جي شهر شنگهائيءَ مان
لکي رهيو آهيان ته ان ٽرانسسٽر کي پورا پنج مهينا
کن ٿي ويا آهن. پر هن وقت به چيني زبان ۾ مائوءَ
جون چوڻيون چٽيون پيون اچن. هانگ ڪانگ ۾ جپان ۾ به
سڄو ڏينهن انگريزي گانن جي ڌم هوندي هئي. ملايا ۽
سنگاپور ۾ صبح شامل تامل، مليئي ۽ ٻين زبانن ۾
ايندڙ پروگرام چٽا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ها باقي ملير،
ميمڻ ڳوٺ، موسيٰ لين يا بغدادي ۾ جي ڪنهن کي سنڌي
راڳ ٻڌڻ ۾ نه آيو ته ان ۾ هن ٽرانسسٽر جو نه پر
ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو ڏوهه سمجهڻ گهرجي. بهرحال
هانگ ڪانگ ۾ اصلي نقليءَ جو ذمو خريدارن تي!
قميصن جي شوقينن لاءِ هڪ صلاح. هانگ ڪانگ مان ڪڏهن
به قميص پائي ڏسڻ بنا نه وٺجو ڇو ته هن پاسي جيڪي
به قميصون وڪامن ٿيون، سي هتي جي چيني، ملئي،
جپاني، فلپينو ماڻهن جي ماپ جون. جن جون ڳچيون ته
ٿلهيون آهن ۽
توهان کي ڪالر صحيح ماپ جو ملندو، پر سندن ٻانهون
۽ بدن بندرو هجڻ ڪري توهان کي هر گز فٽ نه ايندي.
پوءِ اسان وانگر وطن واپس اچي بنهه بندرا مائٽ
ڳوليندا رهندؤ، جن
کي اهي قميصون ڏئي جان آجي ڪري سگهو. |