هيءَ گهٽ، هي ڪارهو، ۽ گرمي، خط استوا جي ويجهڙائي
وارن ملڪن ۾ اها ئي ته مصيبت آهي، پر ڪجهه دير اڳ
ته مونکي ايتري مونجهه نه هئي. ڇا واقعي وهاب واري
ڳالهه ٻڌي يا ٿرين واري خبر پڙهي ڏک ٿيو اٿم.
مونکي گهڻو حساس ٿيڻ نه کپي. مونکي گهڻو سوچڻ نه
کپي. ٿرين بابت ٿرپارڪر مان چونڊيل ميمبر کي سوچڻ
کپي. مونکي پنهنجي جهاز جي انجڻين بابت سوچڻ کپي.
ايندي وقت فورٿ انجنيئر چيو هو ته سائين توهان فڪر
نه ڪجو هر شيءَ تيار هوندي. پر پڪ جونئر انجنيئرن
هوا به ڪا نه ڀري هوندي. ٽرننگ گيئر (Turning
gear)
به ٻاهر ڪو نه ڪڍيو هوندائون ۽ پوءِ جڏهن هلڻ جو
وقت ٿيندو ته انجڻ کي جنريٽرن کان Discouple ڪرڻ
جي ياد ايندين، هيٺ مٿي، مٿي هيٺ ڪوئن وانگر ڀڄ ڊڪ
لڳائي ڏيندا. هڪ عذاب آهي، عذاب، هن نوڪريءَ ۾
ذهني به ته جسماني به، بهرحال ڏٺو ويندو مونکي هن
وقت پاڻ کي خوش رکڻ کپي. ڪار جو شيشو هيٺ ڪري
ڇڏيم. چيني ڊرائيور غلط ۽ ڊگهن رستن تان ڦيرائي
وٺيو پئي ويو. ڪڇيس ڪو نه، ڀل پنهنجو ڀت گهاٽو
ڪري، هانگ ڪانگ اڄ ڇڏيان پيو ۽ رهيل ٻه چار ڊالر
هونءَ به کيس ئي ٽپ ڏيندس. آخري دفعو ڪولون جا
رستا، عمارتون ۽ ماڻهو ڏسي ڇڏيان. مسافرن سان ڀريل
رستا، خريدارن سان ڀريل دڪان، اگهاڙن سئنيمائن
اڳيان ميڙ، عورتن جا شهوتي پوسٽر، ڪوڪاڪولا، پيپسي
ڪولا ۽ بيئر جي بوتلن جي کلڻ جا آواز، ڪلبن ۽ پبس
اڳيان بيٺل چوڪيدارن جو راهيگيرن کي اندر اچڻ لاءِ
مدعو ڪرڻ لاءِ سڏ ۽ دانهون، خوبصورت ڪپڙن ۽ سينگار
۾ ٿڦيل هي وئشائون، ٽرئفڪ جو گوڙ شور، ڪولا هل،
هيءَ مشيني زندگي، دونهون، آواز، هل هلاچو.
پالوشن، يرورشن،
پورنو گرافي ۽ پراسٽيچيوشن!هي
اوچيون عمارتون ۽ نيان سائين. هي سمنڊ جو ڪنارو،
هي اشتهار، هي چمڪندڙ ڪارون ۽ لاريون، پروگريس ۽
پراسپرٽي جي نشاني، روشني ۽ روشني، زندگي ۽ زندگي،
ڏيک ۽ ڏيک- کڻي
ظاهري ئي سهي، هي اونداهو (Tunnel)
سرنگهه- هي
سمنڊ جي هيٺ ڊگهو ٽنل، انڌيرو، ڪارونڀار، خاموشي،
خوف، هراس، ٿر جي بي گهر ڏتڙيلن جي چهري جهڙو، ٿر
جي قبرستان جهڙي ڀوائتي سانت، سڄي ٿر جهڙي ٿر ۾
گرمي به گرمي هوندي، ويتر هن سال جو مينهن نه وٺو
آهي. سو واري تپي ٽانڊا ٿي هوندي. پاڻيءَ جي کوٽ،
خوشيءَ جي کوٽ، نوڪرين جي کوٽ، بيماري، بک،
بيروزگاري، انگ اگهاڙا ٻار، ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهو،
اميدن ۽ مطالبن تي زندهه رهندڙ اسان جي اٻوجهه
قوم، مطالبا ۽ مطالبا- مطالبن
تائين محدود اميدون، آشائون، آسرا، تاريخ جو هڪ هڪ
ورق ذهن جي پردن تي اٿلندو ٿي ويو. ڪيڏا ڪلور ۽
ڪوس هن ڌرتي تي. ڪيڏا هاڃا، ڪيڏيون ڦرون لٽون،
ڪيڏا گهوڙا ۽ گهلون، ڪيتريون جنگيون، ڪيڏيون
غلاميون ۽ زنجيرون، آرين کان ارغون تائين، ترخانن
کان ڪلهوڙن تائين. انگريزن کان ايوب ۽ يحيٰ تائين.
ان ڌرتيءَ سان ڪيڏا رڻ ۽ روه!ڪيترا
روڄ ۽ رتو ڇاڻ، ڪيڏا قبرستان، قبرن مٿان قبرون،
تنهن مٿان قبرون، هر ڪو چوي ٿو ته هاڻ عوامي دور
اچي ويو آهي. هاڻ سنڌ وري سکي بڻجي ويندي، سنڌ
بهشت برين ٿيڻ واري آهي. هڪ دفعو وري اميد ٿي آهي.
ائين ٿو لڳي ته ڌرتي تي جابجا جنت برپا ٿيڻ واري
آهي. پر سو ڇا؟ ڇا مونکي يقين آهي ته تيستائين
منهنجي نستي ۽ نٻل سرير ۾ ايتري شڪتي ۽ سگهه رهندي
جو مان ڊڪي وڃي ان جنت جي مرحبا ڪندس؟ ڇا منهنجي
جسم ۾ ايتري جان هوندي جو وڌي وڃي ان بهشت کي ڀاڪر
پائي سگهندس. منهنجا مولا! جڳن ۽ آسمانن جا رب!
خاڪ مان سون بنائڻ وارا سنڌي....
شروع ۾ هانگ ڪانگ ۾ مسٽر سيتل
سان ملاقات جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. مسٽر سيتل جي
انٽرويو وٺڻ وقت پاڻ ٻڌايو هئائين ته هانگ ڪانگ ۾
سنڌين کي رهندي سئو سالن کان مٿي ٿي ويا آهن، سو
ان موقعي تي انهن ڏينهن ۾ مختلف قسمن جا ڪاڄ ۽
جلسا پئي ٿيا. پاڻ ٻڌايائين ته، هو پڻ عنقريب وڏي
پئماني تي هڪ سنڌي فنڪشن ڪرائڻ وارو آهي، جنهن ۾
سنڌي جا مشهور ڳائڻا حصو وٺندا. مونکي اهو ڏسڻ جو
شوق هو ۽ دل گهڻو ئي چاهيو ته جيڪر ان جي ڏسڻ جو
موقعو ملي ويو ته ان بابت سنڌ جي ڪنهن اخبار لاءِ
رپورٽنگ پڻ لکندس، جيئن
اسان جي وطن جا ماڻهو اهو معلوم ڪري سگهن ته ولائت
۾ ڪهڙي نموني سان ڳائڻ وڄائڻ جا ڪاڄ ملهايا ٿا وڃن. پر
ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجو هانگ ڪانگ جو ڪم ختم ٿي ويو ۽
جپان هليو ويس- جپان
۾ مهينو ڏيڍ رهڻ کانپوءِ وري اوچتو هفتي ڏيڍ لاءِ
هانگ ڪانگ اچڻ ٿيو.
ڏور اوڀر جي ڪجهه ملڪن جهروڪ هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽
فلپين
۾ ايندي مونکي اها خوشي ضرور ٿيندي آهي جو انهن
ملڪن ۾ ريڊيو ٻڌڻ جو موقعو ملندو آهي. جپان، چين،
ڪوريا وغيره ۾ ته رڳو ان ملڪ جي زبان ۾ گانا ۽
خبرون اينديون آهن. پر مٿئين ملڪ جي ريڊيو اسٽيشن
تان مستقل انگريزيءَ ۾ گانا ايندا رهندا
آهن ۽ پرديس ۾ پنهنجي ملڪ جي زبان نه سهي ته گهٽ ۾
گهٽ سمجهه ۾ ايندڙ ڌارئين زبان ئي غنيمت سمجهي
ويندي آهي. سو انهن ملڪن ۾ پهچڻ سان ننڍڙو پاڪيٽ
سائيز ريڊيو
دريءَ تي ٽنگي ڇڏيندو آهيان ته پيو وڄي ۽ ساڳي وقت
آءٌ لکڻ
پڙهڻ ۾ مشغول هوندو آهيان. ٽي وي ۾ اهو نقصان آهي
جو ڏسڻ وقت، ڪو ٻيو ڪم لکڻ پرهڻ جهڙو نٿو ڪري
سگهجي.
بهرحال، جپان کان جڏهن واپس ٿياسين ته هانگ ڪانگ
ريڊيو جي ڪمرشل سروس تان پهرئين ڏينهن ئي هر هر
انگريزيءَ ۾ اعلان ٻڌم ته ايندڙ هفتي هانگ ڪانگ جي
هڪ هوٽل ۾ راڳ رنگ جو پروگرام ٿي رهيو آهي. ان
لاءِ ٽڪيٽن جا اگهه ۽ انهن جي ملڻ جا هنڌ پڻ ٻڌايا
پئي ويا. مزي جي ڳالهه جو ان اشتهار جي آخر ۾ ڪجهه
ڳائڻن جي سنڌي راڳن جا ٽڪرا پڻ ٻڌايا پئي ويا.
وطن کان ڏور ڌارئين ملڪ جي ريڊيو اسٽيشن جي
انگريزي پروگرام جي وچ وچ ۾ سنڌي راڳن جا ٽڪر ٻڌي
عجيب ڪشش ۽ سرور ٿي آيو. دل ۾ خيال آيو ته هي پڪ
اهو پروگرام هوندو، جنهن بابت سيتل ذڪر ٿي ڪيو سو
جيئن ئي ٻئي ڏينهن مونکي فرصت ملي ته کيس فون ڪري
پروگرام جي پڪ ڪيم، منهنجي هانگ ڪانگ ۾ هجڻ جو ٻڌي
کيس خوشي ٿي. مون کيس ان پروگرام جي ڏسڻ لاءِ
ٻڌايو ۽ ٽڪيٽ لاءِ ڳالهه ڪئيمانس، (جا اٽڪل سٺ
هانگ ڪانگ ڊالرن جي هئي. يعني هڪ سئو ويهه روپيا
کن ان ۾ ڊنر ۽ شراب پڻ شامل هو.) پاڻ چيائين ته آءٌ اتي
پروگرام وقت پهچي وڃان ۽ ٽڪيٽ به خريد ڪرڻ جي
ضرورت ناهي. سنڌ کان آيل هڪ مهمان ليکڪ جي حيثيت
هنن لاءِ منهنجي موجودگي باعث عزت رهندي.
فنڪشن رات جو نائين وڳي هوتل حايات ۾ ٿيڻ وارو هو،
جا ڪولون پاسي، هتي جي فئشنبل
هوٽلن مان هڪ آهي. حيدرآباد کان حسين شاهه بخاري،
مير رفيق ٽالپر، تاجپور ۽ نصرپور کان نواب سيف
الدين، سومار ڏيرو ۽ ٻيا سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد
پڻ، انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ گهمڻ آيا هئا. سو انهن
سان به ملاقات ان ئي ڏينهن هئي. بهرحال هوٽل حايات
تائين پهچندي پهچندي مونکي ساڍا نوَ ٿي ويا. مونکي
ياد آهي ته هوٽل
جي در وٽ بيهي مون سوچيو ته مونکي مقرر وقت کان
دير ٿي وئي آهي، آيا وڃا يا نه وڃان. خراب لڳندو
جو پروگرام نائين کان شروع ٿي ويو هوندو. فنڪشن
کڻي سنڌي جو آهي. پر سنڌ ته آهي ڪو نه جو وقت مقرر
هوندو نائين جو، شروع
پيو ٿيندو ڏهين کان پوءِ.آخر
اندر گهڙڻ جو ارادو ڪيم،
پڇا تي معلوم ٿيو ته مٿئين فلور تي اهو فنڪشن هلي
رهيو آهي. هوٽل حايات جي خاموش ماحول ۽ ترڪندڙ لسي
پٽ تي آهستي آهستي قدم رکندي هال وٽ پهتس. آهستي
ليئو پائڻ لاءِ دروازو کوليم ته آواز، کيڪارون،
ٽهڪ، گوڙ گهمسان جو اندر عالم هو. سگريٽن جي مختلف
برانڊن جو دونهون ۽ ڪيتريون ئي اعليٰ قسمن جون
خوشبوئون ملي هڪ ئي وقت مختلف ڪاسميٽڪ ڪمپنين جي
اشتهارن جو ڪم ڏئي رهيون هيون. هال ۾ سڀني هڪ ٻئي
سان ملي خبرون چارون ڏئي وٺي رهيا هئا، سڀني مردن
کي سوٽ (ايوننگ ڊريس) پاتل هئا، سواءِ هڪ ٻن جي،
جي سفيد شيرواني ۾ هئا. عورتون رنگين ۽ قيمتي
ڀڙڪندڙ ساڙهين ۾ هيون. ڪي ڳهن سان جهنجهيل هيون ته
ڪي فقط منڊيءَ ۾ به خوبصورت لڳي رهيون هيون.
نوجوان ڇوڪريون ساڙهين ۾ نه هيون. ڪي بيل باٽمنڊ
پجامن ۾، ڪي غرارن ۾، ۽ ڪي مغربي لباس پتلون ۾،
سمارٽ لڳي رهيون هيون. ڪن ڪن ڇوڪرين جو ميڪ اپ ته
ڏسڻ وٽان هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ
پنهنجيلافاني فن جو مظاهرو ڪيو هجي، هڪ ٻه ڇوڪريون
ته پنهنجي قدرتي حسن ۽ ميڪ اپ جي مدد ڪري ايڏيون
ته سندر لڳي رهيون هيون، ڄڻ ڪي اپسرائون سڌ واجنتا
جي غارن مان نڪري آيون هجن! ٻار مختلف ڳوڙهن ۽ ٿڌن
رنگن ۽ مختلف نمونن جي وڳن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري
رهيا هئا.
منهنجي دل جو اهو خوف کڻي چئجي، وهم ويٺل هو ته
ولائت ۾ خبر ناهي ڪهڙي نموني سان سنڌي فنڪشن ٿيندو. ۽
ڪافي ڊسيپلينڊ هوندو، اهو نظارو ڏسي، مونکي ڪو
چوي، ان کان اڳ ئي پنهنجو پاڻ کي گهائل مائل ۽
پنهنجي وطن ۾ محسوس ڪيم. ويتر
جو اڳتي هلي جڏهن سنڌي فلمن اباڻا، راءِ ڏياچ،
اڃان ته ائٽ مان ننڍڙي آهيان، نقلي شان، فلمن جي
ميوزڪ ڊائريڪٽر بلوسيراڻي ۽ مشهور ريڊيو سنگر جوتي
موٽواڻيءَ ناز
ڀريل ادا ۾ ’منهنجن
ڳوڙهن تي نه مسڪراءِ- منهنجا
نيڻن جا ٺار‘ ڳائڻ
شروع ڪيو ۽ ويٺلن مان نوجوان ڇوڪرن (۽ ويندي
ڪجهه ڪجهه پوڙهن)
سنڌي نموني ۾ ‘واه، واه، واه ڪئي‘، ته
مونکي ڪراچيءَ جي
سنڌي ادبي سنگت ۽ ڊوميڊيڪل ڪاليج جا سنڌي جشن ۽
دادوءَ جي ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ڪاڄ ياد
اچي ويا. هڪ ٻن خوش مزاج، ۽ کلمک همراهن ته ڀر ۾
ويٺل پنهنجين زالن کان پاسيرو ٿيندي،
سيٽي به وڄائي. بهرحال
ماحول ۾ ڏاڍو لطف ۽ رونق هئي ۽ فضا ۾ عجيب سنڌيت
جي سڳند هئي.
پهچڻ سان مون پهرين سيتل کي ڳوليون جو ان کانسواءِ
ٻيو ڪو به سڃاڻو نه هو. هو آيل مهمانن ۽ پروگرام
جي بندوبست پٺيان مشغول
هو. مونکي ڏسڻ سان قربائتي ڀليڪار ڪري اسٽيج اڳيان
بيٺل ڪلاڪارن جي ميڙ ۾ وٺي آيو ۽ سڀني سان تعارف
ڪرايائين:هي
گوپال گربخشاڻي، هيءَ سندس پتني، هيءُ مشهور ڳائڻي
چندر جو ناٺي رام نانواڻي، هي بلوسيراڻي وغيره
وغيره. ان
کان اڳ وچ تي هڪ ٽن ٽولن اڳيان لنگهندي انهن سان
به ملايائين: هي به پنهنجا سنڌي ڀائر آهن، جي
جڪارتا، (انڊونيشيا) کان آيل آهن. هي ملايا کان
آيل آهن ۽ هي سنڌي سنگاپور ۾ ٿا رهن. اڄڪلهه هتي
گهمڻ خاطر آيل آهن.
ٿوري دير ٻي، کيڪار کڙي ۽ حال احوال وٺڻ کانپوءِ
ڊنر جو اعلان ٿيو. ان وقت ڏهه به ٿي ويا هئا.
مونکي ساڍي يارهين وڳي واپس به وڃڻو هو. جو منهنجو
جهاز هانگ ڪانگ ( وڪٽوريا) پاسي بيٺو هو ۽ آخري
لانچ جهاز ڏي پوري ٻارهين وڳي وڃڻي هئي. ان ڪري
مونکي اهو ئي افسوس پئي ٿيو ته سڄو پروگرام ڏسي نه
سگهندس. سو جيترو جلد جيڪر شروع ٿي وڃي ته بهتر. ڊنر
ته آئون کائي آيو هوس. پر گربخشاڻي صاحب زور ڪري
فنڪارن واري گول ٽيبل تي ڀر ۾ ئي وهاريو. هو تازو
بئنڪاڪ (ٿائيلينڊ) کان آيل هئا ۽ اتفاق سان آءٌ هانگ
ڪانگ کانپوءِ اوڏانهن پهريون دفعو وڃي رهيو هوس.
سو ڪافي دير ٿائيلينڊ جون خبرون پڇندو رهيوسانس. پاڻ
پڇيائين ته مون سندس ڪٽنب جو نالو گربخشاڻي ته
ضرور ٻڌو هوندو، جو ان جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي
تعليمي ادارن سان ڪافي واهپو رهيو آهي.مون کيس
ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو ته
توهان لڏي چڪا هئائو، ان کانپوءِ پڙهائي ۽ نوڪري
جي سلسلي ۾ به منهنجو گهڻو وقت حيدرآباد کان ٻاهر ئي
رهيو آهي، پر البت ايترو معلوم اٿم ته ”شاهه
جو رسالو“ ڊاڪٽر
گربخشاڻي صاحب پڻ ترتيب ڏنو آهي، جنهنجو پهريون
ڇاپو 1923ع ڌاري شايع ٿيو هو.
”اهو
منهنجي پيءُ جو سوٽ هوتچند مولچند گربخشاڻي آهي،
جو ڪراچي ڪاليج جو پرنسپال پڻ هوندو هو.“
حيدرآباد جي ڪنهن زماني جي مشهور جج چنديرام
سامتاڻي جي ڀيڻ (سندس گهر واري)، جنهن اسٽيج تي هڪ
تمام بهترين One
act play پيش
ڪيو، سا هر هر سنڌ يونيورسٽي (پراڻي عمارت) ۽ ٻين
درسگاهن بابت وڏي سڪ مان پڇندي
رهي، تنهن پوءِ ٻڌايو ته گوپال (سندس مڙس) جو
پيءُ نرمل داس،
ڌرمداس گربخشاڻي،
پهرين نئشنل ڪاليج جيڪو ڦليلي وٽ آهي، ان جو
پرنسيپال هوندو هو، ان کانپوءِ سيشن ڪوٽ وٽ
نوودياله اسڪول جو پرنسيپال هو. سندن گهر
به ان اسڪول منجهه هو. پاڻ مونکان ان اسڪول جون به
خبرون پڇڻ لڳي. پر افسوس جو مونکي انهن جي معلومات
نه هئي، ۽ نه غلام علي نانا،
شيخ عبدالمجيد ۽ شهواڻي صاحب جن جي، جن بابت هو
بار بار پڇي رهيا هئا ته ڪٿي آهن ۽ آيا زندهه آهن،
يا لاڏاڻو ڪري ويا. پاڻ ٻڌايائين ته مرحوم حيدر
بخش جتوئي سندس سهريجو Favorite شاگرد
هو.
مسٽر گوپال ٻڌايو ته: هيرآباد ۾ سندس والده جي
نالي ۾ ڪملا اسڪول هو ۽ هاڻ کار بمبئي ۾ پڻ پنهنجن
پئسن سان هنن زمين وٺي ماتا جي ياد ۾ ڪملا اسڪول
کوليو آهي، جنهن ۾ پنڌرهن سؤ کن شاگرد آهن. جنهنجي
پرنسيپال سندس سالي مس سيتا سامتاڻي آهي، جا ”سر
سوتي“ سنڌي اخبار جي ايڊيٽر پڻ آهي.
پاڻ بار بار اهو به پڇي رهيا هئا، ته آيا سنڌ جي
نئين ٽهيءَ کي پنهنجي زبان ۽ ادب سان لڳاءُ آهي يا
نه. باقي هندستان ۾ جيڪو سنڌين جو نئن نسل آهي. ان
بابت کيس ڏک هو ته هنن ۾ انگريزيءَ جو واهپو وڌي
ويو آهي. ان ڪري هو ۽ ٻيا ڪيترا ان ڪوشش ۾ آهن ته
سنڌي ٻولي هن موجوده عربي لپي مان ڦيرائي ديوناگري
لپي ۾ هلائي وڃي، جوئي هندستان ۾ ٻولي بچائڻ جو
واحد طريقو آهي. پر ان ساڳي راءِ تي سيٺ سيتل ۽
ٻين ڪيترن جي ڳالهين مان مون اندازو لڳايو ته گهڻن
کي ان سان اختلاف آهي ۽ هو ان حق ۾ نه آهن. تازو
بمبئي ۾ ڪوٺايل ”سنڌي جاتي جي ميلي“ ۾ پڻ ڪيترا ان
حق ۾ هئا ته سنڌي ٻوليءَ کي اصلي صورت ۾ ئي ڇڏيو
وڃي. ايتري قدر جو سؤ ورهين تي پهچندڙ سنت ليلا
شاهه پڻ اها تلقين ڪئي: ”ٻولي پنهنجي نه ڇڏيو.
ٻوليءَ جي اظهار لاءِ جيڪا ودوانن لپي جوڙي آهي،
ان کي نه ڇڏيو.“ "سنڌي ٻولي امر رهي، سنڌي لپي
زنده باد،"
جا نعرا لڳايا ويا هئا.
بهرحال سنڌي ٻولي کي ديوناگري لپي ۾ ڦيرائڻ جو
ويچار ائين پيو لڳي، جيئن ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ پڻ ان
تي ڪافي بحث پئي هليو ته آيا عربي لپي ڦيرائي رومن
ڇونه ڪئي وڃي.
تازو سنڌ جي ڪن اخبارن ۾ اها خبر شايع ٿي هئي ته
سنڌي مشهور پراڻو ڳائڻو (ٺارو شاهه جو رهاڪو)
ماستر چندر، (جيڪو اڄڪلهه هندستان ۾ رهي ٿو) وفات
ڪري ويو. منهنجي ڀر ۾ ٻئي پاسي چندر جو ناٺي رام
ويٺو هو. تنهن کان ان خبر جي تصديق ڪيم ته هن سان
گڏ ٻيا به کلڻ لڳا. ۽ آءٌ وائڙو ۽ شڪي ٿي ويس. پر
پوءِ هن ٻڌايو ته، ”اهو افواهه هندستان ۾ به ايترو
عام ٿي ويو هو، تو وانگر جيڪو ٿي مليو، تنهن ٿي
پڇيو. پر حقيقت اها آهي جو هو اڃان زنده ۽ نوبنو
آهي.“
ڊنر کانپوءِ ڳائڻ وڄائڻ، سوانگن
۽ ننڍڙن ڊرامن جو دور شروع ٿيو، ۽ معلوم ٿيو ته
هيءَ راڳ رنگ جي محفل صبح جو پنجين تائين پئي
هلندي. پر مونکي جيئن ته جلد وڃڻو هو سو جيئن ئي
گهڙيال جا ڪانٽا ساڍن يارهن تي پهتا ته اٿي کڙو
ٿيس، دل ته نٿي چاهيو وڃڻ تي، پر مجبوري منهنجن
پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڪي آڻي ٻاهر ائشلي روڊ (Ashley
road) تي
بيهاريو. چپ چاپ ٽئڪسي کي هٿ جي اشاري سان بيهاري
در کولي ويٺس ته ان وقت، حايات هوٽل جي مٿئين فلور
تان ڪورس جي انداز ۾ راڳ جو ڌيمو ڌيمو ۽ ڇڻيل آواز
هيٺ ٻڌڻ ۾ پئي آيو:
”آنڌيءَ ۾ جوت جڳائڻ وارا سنڌي
خاڪ مان سون بنائڻ وارا سنڌي...“
چيني ڊرائيور، موٽر گيئر ۾ وڌي ۽ هئپانگ روڊ ۽
ناٿن روڊ واٽان ڦري اچي جارڊن روڊ فيري اسٽيشن تي
ڇڏيو.
اڃا آهيان مان جوان
رب رسي ته مت کسي
گذريل هڪ مضمون ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان
ته هانگ ڪانگ جون هوٽلون
آرامده ۽
سٺيون آهن. آرامده سان
منهنجو مطلب اهو آهي ته انهن ۾ ٻين ملڪن جي هوٽلن
جيان اجايو گوڙ شور ناهي. ٿائيلنڊ ۽ ملايا جي ٻن
هوٽلن ۾ رهڻ ٿيو، انهن ۾ رهندي ائين ٿي لڳو ڄڻ
ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ٽڪيو پيو هجي. سڄو ڏينهن گوڙ
شور، هل هنگامو. ڪا ٻڌڻ واري پهر نه! جي ٻڌڻ واري
ڪا پهر موجود ته سمجهن نه!
۽ جي ڪنهن سمجهيو ٿي ته جواب ڪونه ٿي مليو. نلڪن ۾
هميشه پاڻي غائب. ڇت وارو بلب صحيح هوندو ته ٽيبل
لئمپ وارو فيوز ٿيل!
پر ڪولون جي ميرامار هوٽل جي ٻي ڳالهه هئي. ان ۾
ڪجهه ڏينهن ترسڻ ٿيو. سندس خاموشي ۽ سڪون ڏسي ڳوٺ
جي نوائي رات ياد ايندي هئي. بس فرق فقط اهو هو ته
رکي رکي ڪنهن وقت ڪتي جي ڀونڪار بدران، هيٺ رستي
تي لڳندڙ اوچتي بريڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. سو
به تڏهن جڏهن دري
کليل رکبي هئي. نه ته ڪمرو ايئرڪنڊيشن هئڻ ڪري دري
گهڻو تڻو بند رهندي هئي. لفٽ (ايليويٽر) گرلز ۽
روم بئرا اهڙا سلڇڻا ۽ فرمانبردار، جو ڪڏهن ڪڏهن
نه سڏبو هو تڏهن به پاڻهي در کولي اڳ ٻڌي پڇندا،
”سر، توهان سڏيو ڇا؟“
اهڙي پرسڪون ماحول ۾ شاعر ۽ سائنسدان کي سوچڻ ۽
سمجهڻ جو سٺو موقعو ميسر ٿي سگهي ٿو، پر اسان
مستري ماڻهن جو اهو حال هو جو رڳو ننڊن تي زور!
جهاز جي انجڻن جي گوڙ گهمسان جي زندگي مان اهڙو
پرسڪون ۽ خاموشيءَ وارو هفتو ملي ويو سو ننڊن ۾ ئي
بسر ٿي ويو- اسان
به ڇا ياد ڪنداسين ته ”وڻن پوکڻ جو هفتو،“ ”شهر
صاف رکڻ جو هفتو“ ”ڏهه ساله ترقي جي جشن جو هفتو“
وغيره وغيره (۽ ان
”وغيره وغيره“ جي هڙ ۾ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا هفتا اچيو ٿا
وڃن، تنجي مونکي پاڻ سڌ ناهي، في الحال)، ته اڄ
تائين ڪونه ملهائي سگهياسين، پر ننڊن جو هفتو ته
ملهايوسين.
ان هوٽل ۾ رهڻ جي دوران، هڪ ڏينهن ڪنهن دوست کي
اچڻو هو. سوچيم ته ڪمري تائين پهچندي متان هنکي
دقت ٿئي سو هيٺ لونج (بيٺڪ) ۾ اچي ويٺس. جتي ايندڙ
ويندڙ مسافر ۽ ملاقتي انتظار ڪندا رهندا آهنب. ڪنڊ
واري ڪوچ تي ٽيڪ ڏئي ويٺس ۽ اوسي پاسي ۾ ويٺلن کي
ڏسندو رهيس. هڪ ڪنڊ ۾ جپاني صحافي بئگ اڳيان رکي
ڪو ناول پڙهي
رهيو هو. هنکي هوائي اڏي تي پهچائڻ واري بس جو
انتظار هو. هو هڪ ڏينهن اڳ به مانيءَ تي مليو هو.
هن ٻڌايو هو ته هو اوساڪا مان نڪرندڙ هڪ روزنامي
جپاني اخبار ”شمبون“ جو نمائيندو آهي ۽ هانگ ڪانگ
۾ انهٿن ڏينهن ۾ هلندڙ چينين جا فساد ۽ ڪن اهم
ماڻهن جا انٽرويو وٺڻ لاءِ آيل هو. ان کانسواءِ
باقي ٻين ڪوچن تي ڏهه ٻارهن پوڙهين جو وڳر ويٺو
هو. (يا اڃا به ”وڳر“ بدران لفظ ”ڌڻ“ استعمال ڪرڻ
مناسب رهندو.) عمر ۾ شايد ئي ڪا سٺ سالن کان هيٺ
هجي. (پڇي پڪ ڪرڻ ته بيڪار هو جو ڪابه چاليهن کان
مٿي نه ٻڌائي ها، ڇو جو عورت چاليهن سالن جي عمر
تي پهچي پوءِ ساڳيو سال گهٽ ۾ گهٽ چاليهه سالن
تائين ڳڻندي آهي. ۽ هونءَ به عورت کي پنهنجي صحيح
عمر ٻڌائڻ نه کپي. اها عورت جا پنهنجي عمر به ٻين
کي ٻڌائي سگهي ٿي، سا ڪوبه راز دل ۾ سانڍي نٿي
سگهي.) چخ چخ، انگريزيءَ ۾ بڪ ڪري
رهيون هيون. ان کان اڳ مان فقط انجڻن جي گوڙ کان
مرعوب هوس ۽ سوچي به نٿي سگهيس ته ايتريون ٿوريون
ساهه واريون
شيون ايڏو وڏو گوڙ پيدا ڪري سگهن ٿيون! ائين ٿي
لڳو، ڄڻ هڪ ئي وقت سڀ ڳالهائي رهيون هجن. ۽ اهو
ڳولڻ ته انهن ۾ ٻڌي ڪير رهي آهي. ايترو ڏکيو ڪم هو
جيترو بنا ڄاڻ سڃاڻ جي ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري حاصل
ڪرڻ. دل ۾ چيم ته ڀائو تو به هن هوٽل ۾ ڪافي آرام
فرمايو ۽ هاڻ هيءُ لقاءُ به ڏسي ڇڏ.
اهي سڀ گوري چمڙي واريون پوڙهيون ڪنهن دور دراز
ولائت کان ”هاليڊيز“ يعني موڪلون ملهائڻ ۽ گهمڻ
خاطر هانگ ڪانگ لٿل هيون يا گهمي هاڻ روانيون ٿي
رهيون هيون. امير ملڪن جو ان عمر ۽ قسم جو عورتون
هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٿائيلنڊ، هوائي، تهتي، ڪنري
ٻيٽ ٽرينڊاڊ ۽ ٻين افريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ گهمڻ
خاطر نظر اينديون. ۽ خاص ڪري شام جي وقت پارڪن يا
سمنڊ جي ڪناري تي پنهنجي گذريل ماضي ۽ لٽيل شباب
کي ياد ڪنديون رهنديون آهن. نخرو سندن چال ۽ ڳالهه
۾ اهڙو هوندو آهي جو ڄڻ ننڍيون نيٽيون هجن. انهن
جو هجوم هوٽل ميرامار جي لونج ۾ منهنجي چوڌاري
ويٺو هو. سڀني پوڙهين جا وار اڇا اڇا جهڙي چاندي.
ڪنهنجي ڪا چڳ اڌ ڀورسري يا ڪاري پڻ هئي. اڌ کان
وڌيڪ کي اکين تي عينڪون! صحيح عمر جي لحاظ کان سڪل
کارڪون ٿي لڳيون، پر ميڪ اپ جا تهه سڀني تي چڙهيل
("مومل نه ته مومل جي ماءُ ته آهيان" وارو ڪم).
ڪپڙا ڀڙڪيداڙ ۽ ڳوڙهن رنگن جا. انهن جي سلائي ڪٽنگ
جو نمونو وت ۽ ڪوشش آگر نوجوان ڇوڪرين جي ڪپڙن
جهڙو. ان وقت جي آءٌ اٿي بيهي کين رڳو ايترو چوان
ها: ”او پوڙهيون، توهان ڪٿان نازل ٿيون آهيو؟“ ته
سڀ گڏجي مونتي خوني حملو ضرور ڪن ها. پر مولا
حقئون به رکي ناحقئيون به رکي، مون ارادو بدلائي
فقط آهستگي سان ڀر ۾ ويٺل هڪ ڪراڙي (جنهن سان نه
ڪو ڳالهائي رهيو هو ۽ نه جنهنجي ڪو ڳالهه ٻڌي رهيو
هو) تنهن کان پڇيم: ”مئم، توهان انگلينڊ
يا آمريڪا کان ته نه آيا آهيو؟“ منهنجو سوال پڇڻ ۽
ليسوڙي جي جن وانگر منهنجي جان نه ڇڏڻ. ڄڻ هن جي
ماٺ جو روزو کليو. مون ڏٺو ته منهنجي سوال
تي هنجو چهرو اهڙو خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي ويو، جيئن
چاليهي جي روزي ۾ ٻانگي جو آواز ڪن تي پوڻ تي
ٿيندو آهي. ”هوءَ اڳهين ويٺي هئي رٺي، ويتر جو آيس
پيڪان نياپو.“ وانگر مون سان ڳالهائڻ (بلڪه ڪنهن
سان به ڳالهائڻ لاءِ ڪا تيار ويٺي هئي) ۽ بنا هم
يا تم ڪرڻ جي شروع ٿي
وئي ۽ هي بندو گندو، "الف" کان "ي" تائين سندس
داستان، ڪنن مان ڪپهه ڪڍي ٻڌندو رهيو. وچ وچ ۾
ڪجهه چرچا به ٻڌائيندي ٿي رهي- جن
۾ ڪا خاص ڳالهه مونکي ته ڪانه ٿي لڳي (ٿي سگهي ٿو
ته منهنجي سمجهه کان مٿي هجن)، پر وڏي غور سان ڪن
ڏئي ٿي ٻڌم ته جيئن چرچو ختم ٿيڻ تي صحيح مهل تي
پنهنجا ڏند، ڏاٺون (۽ عقل
ڏاٺون پڻ) ٽيڙي، کلي کيس اهو احساس ڏياريان ته
سندس ڳالهيون مزيدار ۽ دلچسپ آهن.
معلوم ٿيو اهي مايون انگلنڊ يا آمريڪا جون نه آهن،
پر آسٽريليا جون آهن ۽ هفتو
کن رهي هاڻ واپس وطن ڪوچ ڪري رهيون هيون، ڪلاڪ ڏيڍ
اندر سندن لاءِ هوائي ڪمپني طرفان بس ايندي جا کين
هوائي اڏي تائين نيندي. ان بعد ميلبورن (آسٽريليا)
تائين ايئر فرانس جو جمبو جيٽ ڍوئيندن. بدقسمتي
چئجي يا خوش قسمتي (پڪ نه اٿم) ته لڏو به منهنجي
اچڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ هن هوٽل ۾ اچي وارد ٿيو
هو، بدقسمتي سان سندن ڪمرا منهنجي آسپاس وارا هئا،
پر چڱو جو خوش قسمتي سان واقفيت اڳ نه ٿي، نه ته
هنن ڪراڙين جو جوان ڳالهيون مونکي هڪ هفتي اندر
پوڙهو ته ڇا، ڌڪي قبر ۾ ڪرڻ جهڙو ڪن ها.
اسانجي طرف جي ملڪن ۾ جڏهن عورت ان عمر جي ٿيندي
آهي ته ڪنڊ پاسو وسائي رب جي بندگي ڪرڻ، ٻارن جي
ڦاٽل ڪپڙن ۾ چتيون هڻڻ، يا اجايو پاڻي هارڻ ۽ صبح
جو دير تائين سمهڻ کان منع ڪرڻ، يا قبر جي زندگي ۽
جنت ۽ جهنم
جي جزا ۽ سزا جون ڳالهيون ويهي ٻڌائيندي آهي. پر
گورن ملڪن جون مڙسن کان رٺل (گهڻو ڪري)، اولاد کان ڌڪاريل،
هي پوڙهيون گهر ٻار ڇڏي، ڪمزور جسم کي
ٽلڪائينديون، ٿاٻا ۽ ڌڪا کائينديون، هانگ ڪانگ،
سينگاپور، بيروت، جپان ۽ ٻين اهڙن ملڪن (جن جي سياڻي
حڪومت سياحن جي اچڻ لاءِ،
پنهنجي ملڪ جي تعريف ۾ اشتهار بازي ۽ پروپئگنڊا
پٺيان ڪافي ٿي خرچم ڪري) جي گهٽين، بازارن، ڪلبن،
هوٽلن جي آڳندن ۽ سامونڊي ڪنارن تي ڦرنديون
رهنديون آهن ۽ باقي سندن وطن ۾ رهيل پاڙي وارين
پوڙهين ڏي فوٽو ڪارڊ لکنديون آهن: ”ڪاش تون به هتي
هجين ها. مان هانگ ڪانگ ۾ تمام سٺو وقت پئي
گذاريان“ سٺو وقت پاڻ ته نه، البته ملڪ جون هوٽلون
۽ هوائي ڪمپنيون اهڙين پوڙهين جي بچيل پنجي هضم
ڪري گزارينديون
آهن، ان کي چئبو آهي شايد ته: رب رُسي
ته مت کسي هڻي ڪونه هٿيار.
بهرحال، سائين منهنجي ڀرسان ويٺل "محترمه" جنهن
لاءِ پهرين ته سمجهه ۾ نه آيم ته ڪهڙي لقب سان
مخاطب ٿيانس، پر پوءِ هر وقت مئڊم جو شارٽ فارم
"مئم" ئي چوندو رهيوسانس. (ان ڪري اسانجي ملڪ ۾
ڪنهن اوپري يا ڌارئين عورت سان ڳالهائيندي دقت نه
ٿيندي آهي.
جو اسان وٽ فقط ٻن قسمن جون عورتون آهن. جي عمر جي
وڏي ته "امان" يا "ماسي" ۽ ننڍي ته "ادي" يا
"ڀيڻ". سو هيءَ اسانجي ڀر ۾ ويٺل پوڙهي جا جوانيءَ
۾ (بلڪل ڦوهه جواني، جو، جوان ته هن هينئر به
پاڻکي ٿي سمجهيو، پر قدردانن جي کوٽ هئڻ ڪري ”حال
منهنجو هيئن ٿيو“ وارو قصو هو) حسن ۽ سونهن سوڀيا
۾ غضب يا کڻي چئجي قيامت هئي (بقول سندس)، ۽ اڃان
به پنهنجو پاڻکي ”ڏندين ڏاند پر کرين گابي“ سمجهي
رهي هئي- ڪاسميٽڪ
ڪمپنين جي مهربانين سان ٽي شاديون ڪري چڪي هئي، پر
بقول سندس، مڙس کيس
ڪوراس نه آيو. هو اڃا تائين اهڙي مڙس جي ڳولا
۾ هئي، جنهن تي هوءَ ڪالونيءَ وانگر حڪومت ڪري
سگهي. هوءَ مونکي "شادي" ۽ "مڙسن" جي عنوان تي
ائين کلي ٻڌائي رهي هئي، جيئن ڪو ائناٽامي جو
پروفيسر امتحان کان ٻه چار ڏينهن اڳ پنهنجي شاگردن
کي جلدي جلدي سڄي جسم جي عضون بابت ٻڌائي. پاڻ
چيائين ته: ”عورت هڪ کليل ڪتاب آهي پر پاڪيٽ سائيز!
جنهنکي بستر ۾ پڙهڻ کپي.“ ۽ هو پڙهڻ جا مختلف
طريقا ۽ ٻيون ڳالهيون ان سان وابسته ٻڌائيندي رهي.
کيس ٻڌائڻ ۾ ايترو به شرم نه پئي آيو جيترو مونکي
ٻڌندي.
هنجي مختلف عنوانن جي ڳالهين مان اهو اندازو لڳايم
(بلڪه پوءِ پاڻ به کليءَ طرح دل جو حال اوريائين)
ته هوءَ هن راڄ ۾ ۽ هن عمر ۾ به اڃا ڪنهن راڻي جي
تلاش ۾ آهي! ڏاڍو تعجب کاڌم ته عورت آهي ڪرڙي، جا
مڙسن کي جيت سمجهي هڪ ٻئي پٺيان ڳڙڪائيندي وڃي. دل
۾ خيال آيم ته چوانس: ”هاڻ گهڻوئي ٿيو، هاڻ ٻئي
جنم جو انتظار ڪر.“ ۽ اڪيلي هجي ها ته پڪ چوانس
ها ته: ”او مائي! هي تنهنجي شادي ڪرڻ جا ڏينهن
آهن يا مرڻ جا بلڪه ٻڏي مرڻ جا!“ پر مار جي ڊپ کان
شايد، يا اجايو ککر ۾ کرو هڻڻ کان ۽ اهو به سوچي
ته متان هنکي ڏک ٿئي ته آسٽريليا ۾ ته هن جا
قدردان نه آهن، پر ايشيا جي بکايل ملڪن جا ماڻهو
به چٽ آهن، ۽ ڪجهه کيس سندس حال ۽ ٻٽاڪ تي خوش رکڻ
خاطر ته پنهنجي وطن خوش ٿي وري، چپ چاپ شيدي نوڪرن
وانگر ٻڌندو رهيس. پاڻ هڪ ٻه اهڙو
سوال ٿي پڇيومانس، جنهن مان هنجي زخميل "انا" ۽
"آهيان اڃا مان جوان" جي احساس کي تقويت ملي. مثال
طور: دل تي پٿر رکي پڇيومانس: ”لڳي ٿو ته توهان
ڄاڻ ته چوٿين شادي ڪئي. ڪيترائي اميدوار هوندا. جن
مان ڪنهن کي
ڳولڻ ۾ توهان کي دقت پئي ٿيندي هوندي.“ ته ٿڌو
ساهه کڻي، سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي ورائڻ لڳي،
”الائي، اڃان ته ٻه چار سال آرام ڪرڻ جي موڊ ۾
آهيان.“ ۽ وري هڪ ٻيو ان ڪينٽ سگريٽ جو ڊگهو ڪش
هڻي چوڻ لڳي، ”در اصل، دنيا ۾ مرد تمام گهٽ آهن ۽
عورتون تمام گهڻيون. جيئن موٽرون گهڻيون ٿي پيون
آهن ۽ پارڪنگ جي جڳهه گهٽ. ڪو مڙس هٿ ڪرڻ به اڄ
ڪلهه ائين آهي، جيئن وچ شهر ۾ پارڪنگ لاءِ جڳهه
ڳولڻ! ۽ جيئن جڳهه حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪنهن نه
ڪنهن ڪار جي پٺيان ترسي ان جي نڪرڻ جو انتظار ٿو
ڪرڻو پوي، تيئن مڙس حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن
جي ڪڍ لڳڻو ٿو پوي- جيسين
هنجي پهرين زال مري يا طلاق وٺي. ته ان جي جڳهه
ماڻي سگهجي.“ پاڻ ٻين پوڙهين سان به تعارف
ڪرايائين. ان گروپ ۾ اڌکن ته هن جهڙيون ئي هيون،
جن جي ٻي يا ٽين شادي بعد طلاق ٿيل هئي. ٻيون مڙسن
کان رٺل هيون. ڪي مڙسن سان وڙهي اڪيلي سر گهمڻ
لاءِ نڪتيون هيون. ته ڪي ٻارن ٻچن کان الڳ ٿلڳ
هيون. بلڪه ٻار ٻچا هنن کان الڳ ٿيل هئا جيئن اڪثر
مغربي ماحول ۾ آهي.
پاڻ پنهنجي انيڪ عشقن (حد تڪميل تي نه پهتل) جون
ڳالهيون به ٻڌائيندي رهي (جن مان ڪيتريون مونکي
ايئن لڳيون ته اڳ به ڪنهن فلم ۾ يا ڪتاب ۾ پڙهيون
اٿم). نقلي ڏندن جي جت سان چيغم به چٻاڙيندي رهي.
ايتري ۾ سندن بس اچي نازل ٿي ۽ ٽريول ايجنسي جو
ماڻهو پڻ- جو
هنن کي ڍورن وانگر ٻاهر مين گيٽ ڏي هڪلڻ لڳو. اٿڻ
مهل پرس مان پنهنجو هڪ فوٽو ڪڍي ڏنائين، جو سندس
تڏهن جو هو، جڏهن هوءُ ويهن سالن جي ڪاليج گرل
هئي! ۽ اڃا آسٽريليا
لڏي ڪانه آئي هئي ۽ انگلنڊ جي ڪنهن ڏاکڻي ڪائونٽي
(ضلعي) ۾ رهندي هئي. (خبر ناهي ان فوٽو جون ڪاپيون
ٺهرائڻ ۽ هڪ مونکي ڏيڻ ۾ ڇا رکيو هو.) ”مهرباني“
چئي فوٽو قبول ڪيومانس ۽ هڪ دفعو وري کيس ۽ ان
فوٽو ۾ سندس خوبصورت تصوير کي ڏٺم. ڇا غضب جي فگر
لڳي رهي هئي فوٽوءَ منجهه! چاليهه سال اڳ جي گوگو
گرل ۽ مستاني مورت کي عشقن ۽ چيغمن هڻي پٻو
۽ گوشت جو لڙڪيل ڍير بڻائي ڇڏيو هو- جو
منهنجي اڳيان رڙهي ٻاهر بس ڏي وڌي رهيو هو. |