سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: وايون وڻجارن جون

باب:

صفحو:7 

جهاز تان ايندي وقت به ٻيڙي جي اچڻ ۾ اڃان پنج ڏهه منٽ پيا هوندا ته سڀ تيار ٿي گئنگ وي (جهاز جي ڏاڪڻ) وٽ آنڌ مانڌ ۾ چڪر پيا هڻندا. يونيفارم لهڻ تي سڃاڻپ نه رهندي آهي ته ڪهڙو بٽلر، ڪهڙو بورچي. ڪهڙو ڪئپٽن، ڪهڙو ڪئارٽر ماسٽر، ڪو پلي بواءِ پيو لڳندو ته ڪو ڪائو بواءِ (Cow boy) ڪو ٽاءِ ڪوٽ هئٽ ۾ ته بٽڻ واري قميص ۽ ايليفنٽ باٽمنڊ پتلون ۾ سرڪس جو مسخرو پيو لڳندو.

سيارو هوندو ته رنگ برنگي ڪئين نموني جا سوئيٽر، ڪوٽ، جرسيون، ڪارڊيگن، چيسٽر، جئڪيٽون نظر پيون اينديون ۽ اونهاري ۾ وري ڪيترن قسمن جون قميصون، رنگن کان علاوه هر هڪ کي پنهنجي پسند جو عطر، ڪريم، لوشن، سينٽ، ويزلين، هئرآئل ۽ ڊيوڊورنٽ لڳل هوندو ۽ جهاز جي گئنگ وي وٽ ان مهل هڪ ئي وقت ماحول ۾ شنيل، ايوان، برٽ، توباڪ، مئڪسم، يارڊلي، مئڪس فئڪٽر، انٽيميٽ ۽ ايم. جي فائو، جي مليل جليل هڳاءَ ۾ رنڱيل هوندو. هر هڪ کي شهر وڃڻ جي جلدي هوندي. ڪنهن جيڊيٽ (ساهيڙي) بليڪ پيئر تي سندس انتظار ۾ به اڌ ٿي ٿئي ته ڪنهن جي پندرهن منٽ دير ڪري شايد يا شيڪا ڪئميرائن جي فيڪٽري ئي بند نه ٿي وڃي ۽ هو متان خريد ڪرڻ کان محروم رهجي وڃي. ڪنهن کي مغربجي نماز ڪولون يا هانگ ڪانگ جي مسجد ۾ جماعت سان پڙهڻي آهي، سا ٿي قضا ٿئي ته ڪنهن جي. ايڪسٽريٽيڊ ”فقط بالغي لاءِ“ انگريزي فلم ٿي مس ٿئي! ان آنڌ مانڌ جو نمونو هر جهاز جي عرشي تي ڪجهه اهڙو هوندو آهي. جهڙو يونيورسٽي، انجنيئرنگ، ايل ايم سي ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي شاگردن ۾ شهر ويندڙ بس لاءِ هوندو آهي ۽ مزي جي ڳالهه ته جهڙي طرح اهي حيدراباد ايندا آهن ته چوندا آهن، يا هڪٻئي کان پڇندا آهن ته شهر هلبو يا هلو ته شهرمان ٿي اچون، اهڙي طرح جهاز جو عملو به هڪٻئي کي ائين چوندو آهي، پوءِ چاهي جهاز ڪناري کان پنجن منٽن جي فاصلي تي بيٺو هجي، يا ڪناري تي لهي پوءِ ڀلي جهنگ گهمي اچن يا سمنڊ جي ڪناري تي وهنجي اچن، ته به چوندا ته "شهر" مان ٿي آياسين:اهو اصطلاح نه فقط اسان وٽ استعمال ٿو ٿئي، پر آمريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڻ عام شاگردن ڪن. پر شهر بدران اتي Down Town استعمال ڪن.

بليڪ پيئر جي مٿان کڏ تي، کلئي آسمان هيٺان، ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻن قطارن ۾ پٿرن جون ڊگهيون لسيون، اٽڪل چاليهه کن بينچون، پيل آهن. جن جا منهن آمهون سامهون هجڻ بدران مختلف پاسي آهن، جيئن ان تي وهندڙ جي پٺ هڪٻئي ڏي ٿئي. هتان هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جو ڪنارو چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ ايندو ۽ رات جي پري پري ڪيترن شين جي مشهوري جون ٻرندڙ نيان رنگين بتيون چٽيون نظر اينديون. مرسڊيز بينز، ڪئنن، ٽويوٽا، آشائي، پينٽڪس، سٽيزن، نئشنل، ڪالٽيڪس، راڊو وغيره.

بليڪ پيئر تي هيٺ گوڙ گهمسان، اچ وڃ ۽ آنڌ مانڌ جي زندگي هوندي آهي ته مٿي خاموشي، سانت، پيار جي دنيا پنهان هوندي آهي. هيٺان ڏاڪڻ چڙهي مٿي اچڻ تي ڄڻ ڪراچي جي گوڙ گهمسان، مان ميرپور بٺوري جي ماٺ ۾ پهچي ويا. هانگ ڪانگ ۾ انجهڙيون رومانٽڪ ۽ سڪون واريون الڳ ٿلڳ جڳهيون تمام گهڻيون آهن. جتي نوجوان جوڙا پيار ونڊيندي ۽ مستقبل جا منصوبا ٺاهيندي فرار وادي (Escapism) جي دنيا ۾ مگن نظر ايندا.

ڏينهن جو ته اس ۽ تپش هوندي آهي ۽ هر ڪو آفيسن، ڪاليجن ۽ ڌنڌي ۾ رڌل هوندو آهي. ٿوري شام ٿيندي ته ٿڌڪار ۽ جهونجهڪڙو ڇانئبو رهندو ۽ نوجوان جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏيندا يا ٻانهن جا نانگ هڪٻئي جي چيلهن ۾ ورائيندا مٿي چڙهندا ۽ ٻين جوڙن کان ڇڊا ڇڊا ٿي انهن بينچن تي ويهندا رهندا، ۽ پنهنجي دنيا ۾ مگن ۽ مست ٿي ويندا. ڀلي ٻيو ڪو جوڙو ويجهو به ويٺو هجي ۽ ڇا به پيو ڪري، ته به ڀر واري جوڙي کي ڪا پرواهه يا سروڪار نه رهندي آهي. هر هڪ جي اڳيان مانيءَ جو ڀريل دسترخوان هجي ته هو ٻئي جي کائڻ جي طريقي يا ڳڀي ۾ ڇو سڪڻي نظر وجهي!

ڪنهنڪنهن بينچ تي شام ٽاڻي، ڪا محترمه يا آدم جو Representative اڪيلو به ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو، جو پيار جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻلاءِ پنهنجي ڀيچيءَ جو منتظر هوندو ۽ اخبار يا ڪنهن ڪتاب جا ورق ورائيندو رهندو. جيئن سمجهن ته هو پڙهڻ ۾ مشغول آهي. جيئن ئي ڏاڪڻ تي ڪنهنجي پيرن جو آواز ٿيندو، انتظار ۾ ڇڙا ويٺل سڀ، اخبارن تان نظرون کڻي سامهون نهاريندا ته اجهو سندس سنگتي يا سهيلي ته نه اچي وئي.

ويٺي ڏسان راهه تي اجهي آيا سپرين.

پوءِ جنهن چيني ڇوڪريءَ جو بواءِ فرينڊ (محبوب) هوندو ان جا خوشيءَ ۾ پيلا ڏند ٻاهر نڪري ايندا، چوچيون اکيون وڌيڪ چوچيون ٿي وينديون ۽ ٻير جي ککڙي وانگر هڪٻئي سان چهٽي ويندا آهن ۽ انهن لاءِ ته واقعي ڳاڙهن ٻيرن جي رت اچي ويندي آهي. باقي ٻيا ڏاڪڻ جي طرف کان پنهنجيون نماڻيون ۽ منتظر اکيون ڦيرائي وري پنهنجي اخبار ڏي اهڙي بيزاري ۽ ٿڪاوٽ سان نظر ڪندا، ڄڻ هو اکين جا تارا نه پر ڪو ڳرو پلنگ يا ميز سيري رهيا هجن.

شام ۾ اونداهي ايندي ويندي آهي. ٽيمون مڪمل ٿينديون وينديون آهن. جن جو جوڙيوال ساٿي نه ايندو آهي اهو غمگين شڪل ٺاهي اٿندو آهي. ٻڏندڙ سج وانگر سندس منهن جي جوت جهڪي هوندي آهي. هڪ ميل ڊوڙ ۾ هارائيندڙ رانديگر وانگر ڍرڪيل ۽ ليڙن ٽنگ سان هو ننڍا ننڍا قدم کڻي، ٻين جوڙن ڏي حسرت ڀري نگاهن سان ڏسي واپس هليو ويندو آهي. منهنجي نيت هئي ته مٿي بينچ تي ڊگهو ٿي سمهي رهندس. اسان ٻئي دوست مٿي آياسين. ڪافي جوڙا وڃي چڪا هئا، هڪ ٻه ڪنهن ڪنڊ واري بينچ تي اڃان ويٺل هئا-هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي چپ چپن سان ملائي، زمان ۽ مڪان کان شايد ڏور ڪنهن نرالي دنيا ۾!

زيديءَ چيو ته، "لڳي ته سخت عجيب ٿو ته پاڻ ٻئي نر پيا هلون، هتي ته سڀ جوڙا جوڙا ويٺا آهن، هتي فقط عاشقن کي اچڻ جي اجازت آهي"

"لالا پوءِ ڇا آهي، پاڻ به ته ڪنهن زماني ۾ عشق ڪندا هئاسين..."

"۽ هاڻ ٻين جو ڪم ڦٽائيندا آهيون، ائين نه،" زيديءَ اڌ ۾ منهنجو جملو ڪپيندي چيو.

"ته پوءِ ڀلا ڪٿان وڃي ٻه چيني ڇوڪريون مسواڙ تي وٺي اچ، بازار اڃان بند ڪا نه ٿي آهي".

زيديءَ جواب ڏيڻ بدران گهوري ڏٺو ۽ شايد ڪجهه چوڻ تي هو پر ان کان اڳ مون چيومانس.

"ها، ها، ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. زمانو ترقي ڪري ويو آهي، اڄڪلهه غالب جي زماني ۾ ئي بازار ۾ دليون، جگر، گردا ۽ آنڊا ملندا هئا. تڏهن ته هن هڪ شعر ۾ چيو آهي ته:

"لي آئين گي بازار سي جا کي دل و جان اور"

اسان ٻئي هڪ بينچ تي سامان رکي ويٺاسين. پر زيدي اڃان خاموش هو. کيس چيم ته "لانچ اچڻ ۾ اڃان به ٽي ڪلاڪ.

 

اهڙي مرد کي مرد چوڻ مرد جي بي عزتي آهي!

جان جا چور، مال جا چور ۽ ايمان جا چور!

هڪ رات منهنجو دوست انجنيئر زيدي ۽ آءٌ ڪولون کان پري ڀر وارا ڳوٺ گهمڻ لاءِ ريل گاڏي ۾ هليا وياسين ۽ گهمندي گهمندي وڃي چين جي سرحد ويجهو نڪتاسين. واپسيءَ تي گاڏيءَ بدران لائيٽ بس ذريعي ڪولون آياسين.

(لائيٽ بسون ننڍڙيون بسون ٿين. جي هانگ ڪانگ ۽ ڪولون ۾ عام جام هلن. منجهس ڏهه کن ماڻهو ويهن. ٽڪيٽ وڏي بس کان ٿوري گهڻي ٿئي. پر ان کان وڌيڪ آرام ده ۽ تيز رفتار آهن.) ڪولون مان فيريءَ ۾ چڙهي هانگ ڪانگ پاسي اسٽار فيري اسٽيشن تي پهتاسين ۽ تکا تکا قدم کڻندا بليڪ پيئر" ڏي، رات جو ٻارهين وڳي واري لانچ لاءِ اچڻ لڳاسين. پهتاسين ته خبر پيئي ته ڪجهه منٽ اڳ لانچ جهاز لاءِ ڇٽي وئي ۽ هاڻ رات جو ٽي وڳي ملندي. ٻڌي ڏاڍو ڪڪ ٿياسين. سڄي ڏينهن هلڻ ڪري ٿڪ اهڙو هو جو ننڊ پئي آئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير الڳ اٿڻو هو، جو جهاز کي هڪ Buoy تان هٽائي ٻئي ويجهي وٽ آڻڻو هو. ٽين وڳي واري ٻيڙيءَ ۾ ڪنهن به صورت ۾ پهچڻو هو، جو ان کانپوءِ ٻئي وري ڇهين وڳي وڃڻي هئي. نيٺ فيصلو ڪيوسين ته ڪنهن هوٽل ۾ هلي رهڻ بدران هتي ٽي ڪلاڪ مٿي کڏ تي ٻيڙيءَ جو انتظار ڪرڻ کپي.تيسين تون هن بينچ تي پٺي سنئين ڪر ۽ آءٌ ڀر واري بينچ تي ٿو ڪران".

"نه يار مونکي ته هن پٿر جي بينچ تي هرگز ننڊ نه ايندي" زيديءَ چيو "آءٌ جاڳندو ئي رهان ٿو".

"نه لالا، ٻيو ڇا کپي. هي منهنجو سامان به پاڻ وٽ سوگهو ڪر ۽ ٻيڙي جو انتظار ڪر ته آءٌ تيسين.

تيري زانو په سر رکهه کي ابهي سوتا هون،

انقلاب آئي تو مجهه کو جگانا ساقي.

"يار ننڊ ته نه ڪر، اڪيلو آءٌ بور ٿيندس". زيدي جو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي، تنهن ٻيڙي اچڻ تائين خبرون چارون ڪرڻ ٿي چاهيون، پر آءٌ جوتا لاهي پٿر جي بينچ تي ڊگهو ٿي سمهي پيس. زيديءَ مونکي سمهندو ڏسي هڪ دفعو وري دل شڪستو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

"ڇا ٽي ڪلاڪ ان پٿر جي بينچ تي سمهي سگهندين؟"

"پنهنجي ملڪ ۾ خبر ناهي ڪيترا اهڙا انسان آهن جن سڄي زندگي پٿر جي فٽ پاٿ تي گذاريو ڇڏين. آءٌ جي ٽن ڪلاڪن لاءِ پٿر جي بينچ تي ستس ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پئي. پوءِ به هيءَ پٿر جي بينچ لاڙڪاڻا ايڪسپريس ۽ بدين پئسينجر جي سيٽن کان وڌيڪ آرام ده آهي".

زيديءَ کي پڪ ٿي وئي ته ڇا به ٿي پوي پر مونکي سمهڻو آهي. سو پاڻ ڪجهه دير ته ڀر ۾ پيل اخبار کي اٿلائيندو پٿلائيندو رهيو. ان بعد ڳائڻ لڳي ويو.

هڪ گاني جي ٿلهه کنيائين ته مصرع ڪنهن ٻئي جي ۽ ختم وچان وڃي ڪنهن ٽئين گاني تي ٿي ڪيائين. مونکي خبر ناهي ڪنهن وقت ننڊ آئي.

ٿوري دير به ڪا مس ٿي، ڪو ڪلاڪ ڏيڍ کن مس ستو هوندس. ڪنهن جي ڳالهائڻ تي اک کلي، بلڪ زيديءَ ئي پير کي لوڏي مونکي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪو پوڙهو چيني ساڻس ڳالهائي رهيو هو. پهرين مون سمجهيو ته شايد هتي جو ڪو چوڪيدار آهي ۽ اسان کي هتي ويهڻ کان منع پيو ڪري ٽپ ڏئي اٿي ويٺس.

"برادر، هيءَ فلم چڱي ڳچيءَ ۾ پئي آهي." زيدي چيو. سامهون ٻن بينچين تي ڏٺم ته ان تي جوڙن بدران ڪٿي ڪٿي مرد ويٺا هئا. زيدي کان پڇيم ته: ڇا ڳالهه آهي. پر هو کلندورهيو. مون پهرئين چئني طرف گهور ڪري ڏٺو ته هو هيراسجي ويو پر پوءِ اسان کي کلندوڏسي، هو به رنن وانگر مسڪرائڻ لڳو، عمر سٺ سالن جي لڳ ڀڳ ٿينديس، پوشاڪ ۽ شڪل مان امير ٿي لڳو، جيتوڻيڪ پوشاڪ زالن سان گهڻو ملندڙ، ريشمي نموني جي هئس. زيديءَ وٽان اٿي منهنجي ڀر ۾ اچي ويٺو.

"ڇاهي، جاڙا خان؟" انهن ڏينهن رکايل وڏين، مڇن کي وٽ ڏيندي مون سنڌي ۾ ئي پڇيومانس، "توکي به اسان وانگر گهر ڪونهي ڇا يا ڪا ٻيڙي ڇٽي وئي اٿئي؟

زيدي کلندو رهيو، چيني همراهه اشارو ڪرڻ لڳو ته کيس ڪجهه به سمجهه ۾ ڪو نه ٿو اچي. اسان به چرچن جي موڊ ۾ هئاسين ۽ اها پڪ هئي ته وڌ ۾ وڌ جي جهڳڙو ٿيو ته: لڳو"توهان مان ڪو مونسان هلندو"

ان دوران آءٌ به چڪر سمجهي ويس ۽ زيديءَ به مونکي اک ڀڳي ته همراهه ڪنهن ڏٽي مٽي جي تاڻ ۾ آهي. "اڙي تون gay ته نه آهين." اسان پڇيس.

جواب ڏيڻ بدران هو وري رنن وانگر شرمائڻ لڳو. زيديءَ کيس اٿڻ جو اشارو ڪندي چيس، "اٿ هتان، ڪو ٻيو ماتليءَ جو شيدي تاڻ، اسان ته ٻيڙيءَ جي چڪر ۾ هتي ويٺل آهيون." ۽ پوءِ مونڏي منهن ڪري چوڻ لڳو "ڏٺئه برادر، هتي ويهڻ ئي غلط هو."

چيني چپ چاپ اسان وٽان اٿي، اڳتي ٻي بينچ ڏي هليو ويو. جتي گنجي ۽ خاڪي پتلون ۾ ڪو مزدور ٿي لڳو، ويٺو هو، ۽ سگريٽ جا سوٽا هڻي رهيو هو. هو ان سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو، ۽ کيسي مان پئسا ڪڍي ان مزدور کي ڏيڻ لڳو، زيديءَ چيو ته "برادر هيءَ جڳهه به ٽوڪيو (جپان جي Aoyama 3-Chome واري سنئڪ بار وانگر آهي".

ٽوڪيو (جپان) ۾ هڪ رات اسان جهاز جا ڪجهه دوست مٿئين هوٽل ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ گرم ڪافي ۽ برانڊي پيئڻ لاءِ گهڙياسين. ڇوڪرين جهڙا ڇوڪرا بئرا زنانن ڪپڙن ۾، دريا خان مان دريا خاتون، ٿيل، هر آيل گراهڪ جي ٽيبل تي ويهي ڇوڪرين وانگر نخرا ڪرڻ لڳا- جيئن اسان جي ملڪ ۾ کدڙا زنانا ڪپڙا پائي، ڳائيندي ۽ هلندي چلندي نظر ايندا آهن. سندن چال ۾ عورتن کان وڌيڪ نخرو هوندو آهي. ان هوٽل ۾ ميوزڪ هلي رهي هئي. اسان مان هڪ ئي هن ليڙي ۽ نٻل جسم چينيءَ لاءِ ڪافي آهي. سو انگريزي ۾ پڇيومانس: "گرل فرينڊ ڪا نه اٿئي ڇا، پوڙها، جو هتي ڇڙو اچي نڪتو آهين. ”نه، توهان به ته ايئن آهيو“.

"اسان جي ته ڳالهه ئي ڇڏي، پرديسي ڏورانهين ڏيهه جا آهيون، تون به ڪنهن ٻي ولائت جو آهين ڇا؟"

"نه هتي جو" هن چيو مون وقت ڏٺو، سوا ٻه ٿي رهيا هئا، ڏيهه ۾ ائين دربدر ڪنهن کي مون ڪونه ڏٺو، هي آهي ڪهڙي فلم آخر.

"وائيف ڪٿي اٿئي؟" وقت گذارڻ ۽ ان سان گڏ پنهنجو تعجب ۽ تجسس ختم ڪرڻ لاءِ ته هي آخر آهي ڪير. اسان کانئس سوال پڇندا وياسين ۽ هو ڪاوڙجڻ بدران، عجيب نگاهن سان اسان ڏي نهاري، وڌيڪ ويجهو سري چوڻ لڳو، "گهر آهي."

"اولاد ڇا اٿئي؟"

"ٽي ڌيئرون ۽ ٻه پٽ"

"ته اهي سڀ گهر ويٺا آهن ۽ تون اڪيلو هتي آڌي رات جو ڇا پيو ڪرين؟" "هوا کائڻ آيو آهيان" هن چوڌاري نهاري چيو، پوءِ اسان کي مٿي کان پيرن تائين گهورڻ لڳو، اسان کان کل نڪري وئي ته سڄو ڪولون ڇڏي هن پاسي اچي نڪتو آهي هوا کائڻ! اها هوا ڪهڙي آهي.

"پوڙها، گهر وڃي سکيو ٿي" زيديءَ چيس ۽ هو وري زالن وارا عجيب نخرا ڪري اسان سانلڳي ويٺو ۽ ورائڻ ماحول ۾ دونهين، ڪافي ۽ شراب جي ڌپ مليل جليل هئي. ڊگهن وارن وارا مرد ۽ ڪجهه آمريڪن خلاصي، جپاني ڇوڪرين سان نچي رهياهئا ۽ سڀ کان وڌيڪ تعجب خيز مٿئين قسم جي، ڇوڪرين جو هو، (جي پاڻ کي ڇوڪريون سڏائيندي فخر محسوس ڪري رهيا هئا. يا کڻي چئجي ته ڪري رهيون هيون) جيڪي آيل مهمانن جي خدمت ڪري رهيون هيون. جپانيءَ ۾ "نيسان" خدمتگار ڇوڪريءَ کي چئبو آهي. پر اسان کي تازو معلوم ٿيو ته جپان ۾ اهڙين هوٽلن ۾ کدڙا Blue Boys به پاڻ کي نيسان سڏائين. جي نه فقط عورتن جهڙا ڪپڙا پائين پر "دريا خان" مان "دريا خاتون" ٿيڻ لاءِ جنس جي آپريشن به ڪرائي ڇڏين. جا اڄڪلهه پئرس (فرانس) ۾ عام جام پنجاهه سٺ هزار روپين ۾ ٿئي. اسان ائين ئي رونشو ڏسڻ ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ گلاس رکندڙ ڇوڪريءَ "سايوري" کي چيوسين "هيلو نيسان؟"

"بان زوئر (Banjour)" هن مسڪرائي فرينچ زبان ۾ کيڪاريو، شايد اسان کي فرينچ سمجهيو هو، يا خود فرينچ هئي. "ڇا تون فرينچ آهين؟" اسان پڇوسين.

"هائو، توهان صحيح آهيو. اسان سڀني (ٻين پاڻ جهڙين ڇوڪرين ڏي اشارو ڪري) پئرس ۾ ٻيو جنم ورتو آهي. هونءَ اصل جپاني آهيون" هن وري فرينچ ۾ اسان کي سمجهايو ۽ وڃڻ واري ٿي ته ڀر واري ٽيبل تي هڪ جپاني ويٺل کيس ڪجهه جپاني زبان ۾ چيو ۽ هن (سايوريءَ) اسان جي ئي ٽيبل تان خالي ڪوپ کڻندي ان همراهه کي کڻي هنيو ۽ گوڙ مچي ويو. اسان سوچڻ لڳاسين ته هن جو دماغ ته نه خراب ٿيو آهي.

"دماغ ڇو نه سايوريءَ جو خراب ٿيندو. هن جپاني مرد سايوريءَ کي "مرد" سڏيو. اها هنن کدڙن جي بي عزتي آهي" اسان جي ٻئي پاسي واري ٽيبل تي ويٺل آمريڪن عورت (اصلي ۽ نج) اسان کي ٻڌايو.

اها هڪ نرالي دنيا آهي. جتي خونريزي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪو مرد "مرد" کي مرد سڏي، منهنجا ڀائرو. "سامهون ٽاور ۾ گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ هنيا. ۽ زيديءَ چيو ته "اڃان ڪلاڪ آهي، هلو ته سامهون هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل تائين واڪ ڪري موٽي اچون. ڪافي ٽائيم گذري ويندو." اسان ٻئي هيٺ لٿاسين. سامهون خاڪي پتلون ۽ گنجيءَ وارو همراهه قميص پائي، هڪ وڏي ڪار جي پوئين سيٽ تي  ان پوڙهي چينيءَ سان گڏ وڃي ويٺو ۽ پوڙهي چينيءَ عورتن جي انداز ۾ نخرا قائم رکندي پنهنجو جسم کڻي ان مزدور جي هنج ۾ ڇڏيو ۽ امير چينيءَ جو ڊرائيور "ڪناٽ روڊ" تان موٽر ڦيرائي پيڊر اسٽريٽ ڏي وٺي ويو.

اسان سٽي هال وٽان ڦرندا، ڪناٽ روڊ ٽپي، ميڊارن هوٽل جي اڳيان پبلڪ پارڪ جي وچ مان لنگهندا هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل ڏي لڙياسين، ته رستي ۾ ڍنڍ ونيا جي ٻوڙن پٺيان ڪو ويٺل چيني، ٽپ ڏئي اڳيان اچي بيهي رهيو. پول لئمپ جي فقط ڊم لائيٽ هئي. اسان دل ۾ چيو هي ويٽ ڪانگو جو گوريلو هتي ڪٿان آيو. ان بندري قد جي چينيءَ پهرين ته مسڪرايو پوءِ التجا وارين نظرن سان ڏسي چوڻ لڳو "چو- ڪيري" پهرين ته اسان سمجهيو شايد چيني زبان ۾ پيو ڳالهائي. سو دڙڪو ڏئي چيوسينس:

"واٽ چو- ڪري؟"

"سر چو- ڪري گرل. بيوٽيفل چائينيز گرل، جيپنيز گرل، فلپينو گرل..."

اتان ٿورو اڳتي هلياسين ته هلٽن هوٽل جي بلڪل ڪنڊ وٽ وري ٻيو هڪ گوريلو نڪتو، جنهن به ساڳي وکر جو سودو ٿي ڪيو. هوٽل ۾ ساڳي جان هئي جا شام جو يا صبح جي وقت هوندي آهي. ٽيبل ڀريل، ماڻهن جي هلچل گوڙ، شور ڪولاهل، ميوزڪ، دونهون، هڪ ڪنڊ ۾ ٿوري دير ويهي، ملڪ شيڪ جا ٻه وڏا گلاس پي ٻاهر نڪتاسين ۽ بليڪ پيئر ڏي رخ رکيوسين. رستي تي ساڳيا ويٽ ڪانگ گوريلا وري نه مليا. ڪناٽ روڊ تي پهتاسين ته پوڻا ٽي ٿيا هئا. رستو ٽپي ٻئي پاسي پهتاسين ته وري هڪ چيني مليو: "سر يو وانٽ ٽئڪسي؟"

"نه بابا، ٽئڪسي جي ڪهڙي ضرورت آهي، اها سامهون بليڪ پيئر آهي".

ءِ مسين ٽئڪسي گرل (I mean Taxi girl) هو اسان کي سمجهائڻ لڳو ۽ بليڪ پيئر تائين ڪڍ لڳو آيو ۽ جيئن ڪنهن نئشنل اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي جي چونڊ لاءِ ڪنهن ميمبر جي ڪنواسنگ ڪبي آهي، يا ڪو ميڊيڪل ريپريزينٽو Medical Respresentive  ڪنهن دوا جو نمونو ڊاڪٽر کي ڏيکاري، ان جا گڻ ٻڌائيندو رهندو آهي، تيئن هو پنهنجي مال جي تعريف ڪندو آيو، جيسين اسان جيٽيءَ تان ٽپ ڏئي اچي پنهنجي ٻيڙيءَ منجهه ويٺاسين. ٻيڙيءَ ۾ جهاز جو واڍو (چپي) اڳهين ٿلهڙو ٻوٿ ٺاهيو ويٺو هو.

”اڙي نڀاڳا، توکي ڇا ٿيو آهي ۽ هنن افعالن ۾،“ اسان پڇيس.

”سائين، وان چائي مان اڪيلو پئي آيس ته ڪي غنڊا مونکان سڀ پئسا به ڦري ويا ۽ مار به ڏني اٿن.“

سو منهنجا پڙهندڙو، هانگ ڪانگ ۾ آڌي رات کانپوءِ اڪيلا نڪرندي گريز ڪجو، نه ته هن روشنين جي شهر ۾ توهان کي ڪيترائي چور ملندا جان جا چور، مال جا چور ۽ ايمان جا چور.

دادوءَ کان ميهڙ ويندڙ کٽارو بس ۽ سک، ڳوٺ کان ٻاهر جهڙي موڳي رڍ!

هتي هانگ ڪانگ ۾ جيئن ته ٻارهو ئي سياحن جا انبوهه ايندا رهن ٿا، سو انهن جي رهائش لاءِ هوٽلن جو تعداد به تمام گهڻو آهي، ۽ گهڻو ڪري سڀ وڏيون ۽ اعليٰ درجي جون آهن، جن جي روزانا رهائش جي مسواڙ پنجاهه رپين کان ٻه سؤ پنجهتر رپيا تائين آهي. (هانگ ڪانگ حايات هوٽل جي سنگل ڪمري جي مسواڙ 221 رپيا آهي ۽ ڊبل جي ٻه سو پنجهتر رپيا. پيننشولا، ميرامار جي به ذري گهٽ ساڳي آهي. ان بعد ٻئي نمبر تي ميرلين، هئنڪو روڊ تي، ايمپريس ۽ پارڪ، چاٿام روڊ تي، گرانڊ، ڪارنارون روڊ تي، هانگ ڪانگ، ڪئنٽن روڊ تي ۽ پئلس، ڪئمران روڊ تي اچي ٿيون وڃن، جن جي سنگل ڪمري جي مسواڙ ڏيڍ سو رپيا کن ۽ ڊبل ٻه سو رپيا آهي. ان بعد فارچونا، فيوجي، انٽرنيشنل ۽ رايل هوٽلون ڪجهه سستيون آهن.) بهرحال هانگ ڪانگ جون سڀ هوٽلون شهر جي سٺن هنڌن تي آهن ۽ مسافرن جي آرام جو خيال چڱيءَ طرح رکيو ٿو وڃي. هر ڪمرو ايئرڪنديشنڊ ۽ ٽيليفون، ٽي-وي، ريفريجريٽر، غاليچي ۽ بهترين لاڳو باٿ روم سان ڳنڍيل آهن.

هوٽلن جي ڪمرن ۽ مينو کان وڌيڪ پرڪشش هوٽل جي بئرن، چوڪيدارن ۽ ڪم ڪار ڪندڙ ڇوڪرين جي وردي آهي. هن پاسي جي ملڪن ڏي چوڪيدار معنيٰ ته سک ۽ سک معنيٰ چوڪيدار سمجهڻ کپي. ساڳي طرح هتي هانگ ڪانگ ۾ پڻ آهي. مڙيئي زيورات جي دڪانن ۽ بئنڪن اڳان ڪيمبل پور (پنجاب) جا چوڪيدار ۽ درٻان نظر ايندا. باقي هر وڏي هوٽل اڳان هڪ عدد يا ٻه کن سک سردار جي ٽپ ٽاپ ڊريس ۾، بت وانگر بيٺا هوندا. جهڙو ئي اوهان هوٽل طرف وڌندا(جي توهان گوري کل جا يعني يورپين يا آمريڪن آهيو) ته هو يڪدم پنهنجا پيلا ڏند ڪڍي، مڇون ٽيڙي، جهڪي، توهانجي آڌرڀاءُ ڪندو ۽ در کوليندو، پوءِ توهان چڱوخاصو اندر گهڙي ويندا تڏهن به باادب در کولي بيٺو هوندو پوءِ آهستي ڪري اهو شيشي جي در جو تاڪ بند ڪندو. پر جي توهان ڪارا ايشيائي، سندس ملڪ (انڊيا) پاڪستان، سلون، برما وغيره جا آهيو ته پوءِ هنکي اها ساڳي ادا دهرائيندي ڄڻ ٽيڙ تپ وٺي ويندا. در جو تاڪ ائين بي دليو کوليندو، ڄڻ اهو هلڪي شيشي جو در اسپرنگن تي نه هجي، پر دادوءَ کان ميهڙ ويندڙ کٽارو بس هجي، جنهنکي ڏينهن تتي جو ٽيون دفعو ٽيون ڌڪو ڏيڻ لاءِ ڊرائيور چيو هجي. سنگاپور ۽ ملايا ۾ ڪيترن ٻئنڪن ۽ آفيسن اڳيان  سک چوڪيدار بندوق کنيو بيٺل نظر آيا هئا، پر اهي سڀ گهڻو ڪري وڏي عمر جا ۽ سادي وردي (گهڻو ڪري خاڪي يا مليشي رنگ جي) ۾ ملبوس نظر آيا. ڏاڙهي به ڄاري ۾ ٻڌل هئڻ بدران، پوک ۾ ڇڙواڳ ڇڏيل ڪنهن سنڌ جي پير يا سيد جي ٻڪرين وانگر هئي، ڪو وار ڪيڏانهن ته ڪو وار ڪيڏانهن.

هتي هانگ ڪانگ ۾ پهرين ڏينهن ۾ ، پيڪ ٽرمينل کان بليڪ پيئر طرف پئي آياسين ته سامهون هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل جي در وٽ هڪ وڏي امپالا ڪار نئين ماڊل جي اچي بيٺي. چيني ڊرائيور خاڪي وردي ۾، ڪار ۾ ئي ويٺو رهيو ۽ پنهنجي صاحب جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ سامهون هوٽل جي ڏاڪڻين تان هڪ خوش پوشاڪ سردارجي (سک) ريشمي واڱڻائي پٽڪو، سوٽ ۽ ڪوٽ ۾ ملبوس (شايد ڪوٽ جو رنگ ڳاڙهو هو)، ان مٿان ويڪري ڪارو پٽو چيلهه تي ٻڌل، هٿ ۾ اڇا سوٽي دستان، نوان چلڪندڙ بوٽ (جهڙا فلم يا ٽي-وي تي ڪنهن بوٽ پالش جي اشتهار ۾ ڏسبا آهن)، لٿو ۽ ان بيٺل ڪار جي در ۾ اچي هٿ وڌائين. مون سان گڏ سکر جو عالم شيخ (تربيلا جهاز جو سيڪنڊ آفيسر)، درٻيلي جو احمد حسين مخدوم ۽ شڪارپور جو مسعود فاروقي ساڻ هئا، مون يڪدم کين چيو ته يار هي ته پڪ ڪنهن رياست جو راجا ٿو لڳي (چوڪيدار وارو خيال ته ان وقت بلڪل دماغ ۾ نه آيو ۽ نه پهرين ڪو اهڙو خوش پوشاڪ سک چوڪيدار ڏٺو هوم) عالم شيخ چيو، ”يار واقعي، لڳي ته ڪو نواب يا رئيس ٿو نه ته اگڙي ڪار ته ڪنهن خواب ۾ به نه ڏٺي هوندي پر ڪپڙن جو رنگ ته بلڪل ئي مئچ ڪونه ٿو ڪريس!“

احمد حسين مخدوم چيو ته، ”نه يار، ڪو آرميءَ جو جنرل هوندو، هتي جي فوج گورکا آهي سو ٿي سگهي ٿو انگريزن ان جا آفيسر به هندستاني رکيا هجن.“ پر ڪار ۾ ويهي ڇو نه ٿو...... در کوليو اڃا بيٺو ڇو آهي..... پنهنجي ڪنهن دوست جو انتظار ته نه ڪري رهيو آهي. ايتري ۾ هڪ يورپين شايد انگريز، هوٽل مان نڪتو ۽ سڌو ڪار جي کليل در مان اندر گهڙي، ٽيڪ ڏئي ويٺو. ان جي پٺيان سندس زال پڻ ڪار ۾ ويٺي. سک در بند ڪيو، جهڪي کين سلام ڪيو، انگريز کيسي مان ڪو سڪو ڪڍي سک جي هٿ تي بخشش طور رکيو، سک هڪ دفعو وري پنهنجي چيلهه کي ڪٻو ڪيو. انگريز جي زال ڪار جو شيشو مٿي چاڙهيو. ڪار ٻي ٽرئفڪ کي چيريندي هلي وئي ۽ اسان کلندا رهياسين. ٿورو اڳتي وڌياسين ته هڪ پٺاڻ شلوار ۽ ڪڙتي ۾ اسٽار فيري اسٽيشن جي ڪنڊ وٽان، ايندو نظر آيو. هڪ هٿ سان پنهنجي ساڄي مڇ کي وٽيندو وڏي رعب سان پئي آيو ته ٻئي هٿ ۾ جهليل سگريٽ جا ڊگها ڊگها ڪش پئي هنيائين. مخدوم مونکي ٽوڪڻ لاءِ، ان ڏي اشارو ڪندي پڇيو: ”الطاف، ڀلا اهو همراهه ٻڌاءِ ته ڪهڙي رياست جو نواب يا راجا آهي؟“

”ڇڏ يار هاڻ پچر. ڪا ڳالهه ٿي هٿ اچئي ته پوءِ ان جا لاهه ڪڍيو ڇڏين.“ مون ڦڪو ٿيندي کيس ڇينڀيو.

”نه يار، تڏهن به ڪجهه ته ٻڌاءِ“، مخدوم چيو. ”هڻ ڪو کڻي ڌڪو، الله جي ڏني مان.“

آءٌ خاموش رهيس ته وري مخدوم چيو، ”يار، ڪٿي سنڌ جو ڪو وڏيرو، ابن وڏيرو ته نه آهي؟ آڪڙ ته سنڌي وڏيري جهڙي اٿس.“

”آڪڙ کڻي سنڌي وڏيري جهڙي هجيس.“ عالم چيو، ”پر سنڌي وڏيرو ٿي نٿو سگهي، ڇو ته سنڌي وڏيري جي آڪڙ محدود هوندي آهي پنهنجي ڳوٺ جي غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن تائين. سنڌ جو وڏيرو وڏي شهر يا پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر، جهڙي موڳي رڍ!“

ڌرتيءَ جا گهوٽ اڻموٽ ٿيندا آهن. سنڌ بهشت برين ٿيڻ وارو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته توهان ڪو ماڻهو ڪنهن خاص هنڌ تي ڏٺو هجي ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن بعد ان کي ٻي جڳهه تي ڏسو ته في الحال پهرين نظر ۾ سڃاڻي نه سگهندا. مثال طور هڪ دفعي ڪراچي جي بامبيونو سئنيما ۾ انٽويل ۾ هڪ ماڻهوءَ تي نظر پئي. ۽ ڏٺل وائٺل لڳو. گهڻو ئي دماغ تي زور ڏنم، پر ياد نه ڪري سگهيس. سندساڇا اجرا ڪپڙا سوٽ، ڪوٽ ٽاءِ ڏسي جلديءَ ۾ اهو محسوس ڪيم ته شايد ڪنهن زماني ۾ ڪنهن اسڪول ڪاليج يا شپ يارڊ ۾ تعليم دوران استاد يا انسپيڪٽر رهيو هجي، ۽ استادن لاءِ عزت قائم رکندي، هڪ ٻئي جي ڀرسان گذرڻ وقت کيس جهڪي سلام ڪيم. ۽ پوءِ باقي اڌ فلم ۾ هر هر اهو خيال ايندو رهيو ته ان شخص کي ڪٿي ڏٺو اٿم. اوچتو ياد اچي ويو ۽ کل نڪري ويئي. اهو شخص ته چٽاگانگ جي انجم هوٽل جو بئرو هو، جنهن هوٽل ۾ اسانجو سڀ کان گهڻو وڃڻ ٿيندو هو.

اهڙو هڪ ٻيو واقعو مونسان هانگ ڪانگ ۾ ٿيو. شروع جا ڪجهه سال جڏهن آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ڏي جهاز کي وٺي ويندا هئاسين ته سوئيز ڪئنال بند ٿي وڃڻ ڪري ايندي ويندي ڪينيا ملڪ جي بندرگاهه "ممباسا" ۾ ضرور ترسندا هئاسين. ممباسا جا سڀ وڏا دڪان ۽ نوڪريون اتي جي اصلوڪي باشندن شيدين جي قبضي ۾ نه، پر ڌارين جي هٿ هيٺ آهن، جيتوڻيڪ ملڪ آزاد ٿئي به ڏهاڪو کن سال ٿي چڪا آهن.  هڪ دڪاندار هو الهه آباد (انڊيا) جو. سندس دڪان ممباسا جي وڏن دڪانن مان هڪ هو. ڪاٺ مان هٿ جا ٺهيل رانديڪا، شيدين کان سستي ملهه تي وٺي وڪڻندو هو ۽ ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ: يورپ ۽ آمريڪا، جتي هٿ جي هنر جو وڌيڪ قدر آهي، اوڏانهن ڳرين قيمتن تي برآمد ڪندو هو. سندس نالو هو نورالوهاب فاروقي.

سندس دڪان تي جڏهن پهريون دفعو اسان چڙهياسين ته انهن ڏينهن ۾ تازو ايوب خان لٿو هو ۽ يحيٰ خان پاڪستان جو صدر ٿيو هو. دنيا جي هر اخبار ۽ ريڊيو ۾ هڪ مارشل لا لهڻ ۽ ٻئي جي مڙهجڻ جو خبرون اچي رهيون هيون. پاڻ يعني وهاب (الهه آباديءَ) ڳالهين ڪندي چيو: ”هون، اهڙا حاڪم چئبا. جي ملڪ کي ائين ڀيلين. گذريل هفتي جي ٽائيم مخزن ۾ صدر ايوب بابت هو ته هو هڪ غريب ترين ملڪ جو امير ترين صدر هو. سندس ٽيهه ڪروڙ رپيا فقط سئزرلئنڊ جي بئنڪن ۾ آهن. يعني ايترن پئسن مان اٺ کن فئڪٽريون ته خوشيءَ سان ٺهي وڃن. ۽ اهو پئسو جي ملڪ لاءِ ڪتب اچي ته الائي ڇا مان ڇا ٿي پوي. اندرا آهي، ڪري ڪيئن به هجي پر هندستاني حاڪم جو ڪردار بي داغ آهي. اسپاٽ ليس. جسٽ اسپات ليس.“

وري اسانجي ويجهو اچي چوڻ لڳو، ”دل ۾ نه ڪجو. حقيقت ۾ آءٌ ته اصلي پاڪستاني آهيان. توهان ته ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان ۾ آيا هوندا، آءٌ ڄائو ئي پاڪستان جي شهر گجرات ۾ هوس. منهنجو پيءُ تن ڏينهن ۾ اتي نوڪريءَ ۾ هو.“

”پوءِ ڀلا اڄڪلهه ڪهڙي ملڪ جي قوميت اٿو.؟“

”پاسپورٽ ته مون وٽ برٽش نئشنلٽي جو آهي. هونءَ ٻار هندستان ۾ ئي پڙهن ٿا. پر واپار جو اتي چاڙهو ڪونهي. ڪجهه مائٽ تازو پاڪستان به لڏي آيا آهن.“

”ڇو ڀلا توهان پاڪستان نه آيا آهيو، جڏهن توهانجا ڀائر قربانيون ڏئي پاڪستان لڏي آيا.“ اسان پڇيس.

”هون پاڪستان به ڪو ملڪ آهي. سڀ چور چور اچي گڏ ٿيا آهن. اسان ڪي کٽل ٿورو ئي هئاسين جو مال ملڪيتون ڇڏي پاڪستان اچون.“

”پاڪستان ۾ ته سڀ چور آهن پر ٿي سگهي ٿو ته توجهڙا چڱا مڙس اچي نڪرن ها ته حالتون سڌري وڃن ها.“ اسان کيس ٽوڪيو، جا ڳالهه هو سمجهي ويو ۽ معافيءَ جي نوع ۾ ڳراٽڙي پائي چوڻ لڳو: ”اڙي منهنجا دوستو، توهان ته ناراض پيا ٿيو. مان ته ائين ئي پيو وڦلان. ڀلا اسان جهڙا واپاري اجايو بحث ڪندا ته پوءِ ڪيئن ڪمائي سگهندا. يار مونکي معاف ڪجو جي مون توهان جي دل ڏکائي هجي.“

ٻئي دفعي جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته پاڪستان سندس حملي کان بچيل هو. (خوش قسمتيءَ سان يا مصلحتن) ۽ ڪينيا سندس عتاب هيٺ هو.

”يار هي ڏسو هتي جا شيدي ۽ سندن ملڪ. هننکي اسان ئي سڌارو، تهذيب سيکاري ۽ ملڪ ٺاهي ڏنوسين ۽ هاڻ اسان تي ئي ڏنڊا ٿا کڻن، جو موڪينياتا (ڪينيا جو صدر) حڪم ڪڍيو آهي ته هر ڌاريون واپاري پنهنجي دڪان يا هوٽل تي اڌ عملو شيدي نوڪرن جو به رکي.“

ٽئين دفعي ممباسا آياسين ته سندس دڪان جي ٻن نوڪرن مان هڪ سندس ئي ملڪ جو هو ۽ هڪ شيدي ويهن ٻاويهن سالن جي عمر جو ڦاٽل ميرا ڪپڙا، پير اگهاڙا، اٻوجهه شڪل، ٻهاري ڏئي رهيو هو. ان بعد اسان لاءَ چانهه وٺڻ ويو، پوءِ مالڪ جي نئين ماڊل جي مرسيڊيز ڪار پاڻي سان ڌوئڻ لڳو. مون وهاب کان پڇيو ته، ”ان شيدي نوڪر کي ٻئي سان گڏ دڪان ۾ شيون وڪڻڻ لاءِ ڇو نٿو ڇڏين؟“

”نه، نه، بابا ڇڏيانس ته ماڳهين ڪم سکي وڃن ۽ سڀاڻ اسان کي به انگريزن وانگر ڏنڊا هڻي ڪڍي ڇڏين. اهي شيدي ائين ئي ڀلا آهن. تجارت يا نوڪريون انهن جي وس جي ڳالهه ناهي.“

”هونءَ آهي ته ملڪ سندن ئي. سخت ڏک ٿو ٿئي جڏهن هتي جي اصلي رهاڪن کي سندن ئي ڌرتي تي انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو ٿو ڏسجي ۽ اسان ڌاريان "آئي ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي" وارو حساب لڳايو ويٺا آهيون. ائين نه ٿئي جو ظلم جي حد وڌڻ ڪري هو باغي ٿي پون.“ مون وهاب سان ڳالهه ڪئي. پر هنکي اها ڳالهه نه وڻي ۽ اها ئي ورندي ڏنائين ته، ”هنن شيدين جي جهنگلي دماغ ۾ اها ڳالهه ڪٿي ٿي ويهي. في الحال ڪپڙي لٽي ۽ اٽي جي چڪر ۾ ئي هو اهڙا ڦاٿل آهن، جو ٻي ڪا ڳالهه سوچي نٿا سگهن.“ وهاب شايد ان امر کان اڻ واقف ٿي ڏٺو ته ڌرتيءَ جا گهوٽ اڻ موٽ ٿيندا آهن، جنجي زندگيءَ ۾ اٽو، لٽو، اجهو، عورت، مال، دولت ٻئي درجي جي ثنوي حيثيت رکندي آهي. جيڪي ڌرتي ماءُ جا لال هوندا آهن، تن لاءِ حالتون، تاريخ جي ڪنهن به وڪڙ يا وراڪي ۾ سوليون نه هونديون آهن. پر ان هوندي به هو پرواه نه ڪندا آهن. اهو جي قدرت جو قانون نه هجي ها ته انگريز ڪڏهن به اسانجي جان نه ڇڏين ها، الجيريا ۽ چين ڪڏهن به آزاد نه ٿئي ها. کائنس اهو پڇڻ ته اجايو هو، جو ڄاڻ اٿم ته آفريڪا ۾ رهندڙ نوي سيڪڙو واپاري، اسان جي ملڪ جي واپارين ۽ ملڪ دشمنن عناصرن وانگر، ڪمايل پئسو ان ڌرتيءَ تي رکڻ بدران يورپ ۽ آمريڪا جي بئنڪن ۾ ئي رکن. حڪومت طرفان پابندي هوندي به لڪ چوري آفريڪي ناڻو وڪڻي ڊالر ۽ پائونڊ ٺاهيندا ويندا جنهنڪري ملڪ جي ناڻي ۽ معيشيت کي ڪافي ڌڪ ٿو رسي. جايون خريد ڪون ڪن ۽ مسواڙ تي رهن، جيئن حالتون خراب ٿي ويون ته ميڙيل پنجي سولائيءَ سان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ کڻي وڃي سگهن. اهڙا ماڻهو ملڪ، مذهب، ۽ ٻين جذبن کان خالي هوندا آهن. شايد "موقعي پرست" (Opportunist) لفظ انهن لاءِ صحيح آهي.

ڪجهه سال لڳاتار دنيا جي ان پاسي وڃڻ بعد سال ڏيڍ سال ڏيڍ امتحانن خاطر ڪناري تي رهيس. ان بعد جو وري سامونڊي زندگي ۾ گهڙيس ته مون لکي اهڙا جهاز ڏنا ويا جن جو وڃڻ دنيا جي ٻئي پاسي (مشرق) ٿئي ٿيو. ۽ هر ٽئين چوٿين مهيني ۾ ملايا، ٿائيلنڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان ۽ چين جو چڪر هڻي واپس ڪراچي ايندا هئاسين. پنجون يا ڇهون چڪر هوندو، جڏهن اسان هانگ ڪانگ آيل هئاسين. فيبروري جو مهينو شروع ٿي چڪو هو ۽ هانگ ڪانگ ۾ اهو ڏينهن آخري ڏينهن هو، جو شام ڌاري جپان لاءِ لنگر کڻي رهيا هئاسين. صبح جو شهر ويس ۽ باقي رهيل آفيس جي ۽ ذاتي ڪمن کي لڳي ويس. منجهند ڌاري "پي. آءِ. اي" جي اسٽيشن اڪائونٽنٽ عبدالجليل خان کان موڪلائڻ لاءِ ڪولون فون ڪيم ته هن ٻڏايو ته P.I.A جا ڪجهه ڪئلينڊر ۽ پوسٽر منهنجن دوستن لاءِ ڪڍي رکيا اٿم سي کڻي وڃان. وقت تمام ٿورو وڃي بچيو هو. پر پي - آءِ - اي جي آفيس ڪولون اسٽار فيري اسٽيشن جي بلڪل ويجهو پنجن منٽن جي پنڌ تي آهي. سو فيري رستي ڪولون پهتس ۽ تکو تکو آفيس، پيننشولا هوٽل ڏي وڃڻ لڳس. سئلسبري روڊ وٺيو پئي ويس ته واٽ تي "واءِ-ايم-سي-اي" وٽ، سامهون ايندڙن ۾ هڪ شڪل ڄاتل سڃاتل لڳم. ڪجهه ائين لڳو ته ڪٿي ڏٺل آهي. هن به مونڏي نهاريو. ڪجهه شڪ ٿيس پر هڪ ٻئي ڀرسان لنگهڻ وقت نه هن کيڪاريو نه مون. جڏهن هڪ ٻئي کان ٽپي وياسين ته مونکي خيال آيو ته ڪٿي وهاب ته نه آهي. سو پڪ لاءِ مڙي ڏٺم ته هو به هلندي هلندي ڪنڌ ورئي ڏسي رهوي هو. شڪل ته وهاب جهڙِي هئس پر هو ته ممباسا جو سيٺ آهي ۽ هي اڻ استري ٿيل ڪپڙن ۽ وار کنڊريل هتي ڪولون ۾ ڪٿان آيو. ٻي گهڙيءَ الائي ڪهڙو اسان ٻنهي کي خيال اچي ويو جو هٿ لوڏي هڪٻئي کي کيڪاريوسين. ۽ ٻئي هڪ ٻئي ڏي موٽڻ لڳاسين. مون پڇيومانس ته، ”توهان نورالوهاب فاروقي ته نه آهيو؟“

۽ توهان سنڌ جا رهاڪو، مسٽر.... .“

”جي ها، الطاف آهيان.“ مون کيس ياد ڏياريو.

”هيلو الطاف ڇا حال آهي؟“

”ٺيڪ آهي. توهان ٻڌايو. هتي ۽ هنن افعالن ۾ ڪيئن؟ ڀاڀي ڪيئن آهي، ٻار ڪٿي؟“

”بس يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين.“ هنجي لهجي ۾ ڏک ۽ مايوسي هئي. مونکي يڪدم ڇهين حس سجاڳ ڪيو ته پڪ يوگنڊا جي "عيدي امين" جي ٿيلهي، اوسي پاسي وارن ملڪن کي به لوڏيو هوندو.

”الطاف ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين. افريڪا ۾ باهه پئي ٻري. ڌارين کي ته اصل سهن نٿا. شيدي هاڻ اهي جاهل ۽ ڪمزور قوم نه رهي آهي.“

”ڇو ڪينيا ۾ به يوگنڊا وارو قوميت جو جذبو پيدا ٿيو آهي ڇا؟“ مون پڇيومانس ۽ هن ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي.

”توهان ڀلا هتي ڪيئن پيا ڏسجو. دڪان تي ڪير ويهاري آيا آهيو؟“

”دڪان وڪڻي ڇڏيم، ٻه مهينا کن اڳ. اڳتي هلي ڪو شيدي مفت کسي وڃي، ان کان بهتر آهي چار ڏوڪڙ ٺاهي ورتم. ٻار انڊيا ۾ ئي آهن ۽ آءٌ هتي هانگ ڪانگ دڪان کولڻ جو سوچي رهيو آهيان. پر هانگ ڪانگ جي حڪومت اجازت نٿي ڏئي. اهوئي سبب ٿا ڏين ته هتي اڳي ئي ڌاريان گهڻا آهن. اسانجا لوڪل ماڻهو ڪيڏانهن ويندا. اڄ پنڌرهون ڏينهن آهي، انهن چڪرن ۾، پر ڪو کڙتيل نڪرڻ جي اميد ڪانه ٿي ڏسجي. دبئي ۽ سيلون ۾ ڪوشش ڪيم پر اتي به گهمڻ لاءِ ته چون ٿا ته ڀلي ڪو اچي، پر هميشه جي رهڻ لاءِ شايد ڪنهن ملڪ ۾ هڪ انچ به زمين فالتو ڪانه ٿي ڏسجي.“ مونکي سندس حال تي تمام گهڻو افسوس ٿي رهيو هو. جيتوڻيڪ جلدي ۾ هوس ۽ هڪ منٽ به ضايع ڪندي خيال پئي آيو ته اجهو ٿو جهاز هلڻ جو وقت ٿئي، پر سندس هي حال پرديس ۾ ڏسي مونکي ڏاڍو خيال ٿيو. ماني ۽ چانهه پاڻيءَ جي صلاح ڪئي مانس پر هوبه جلدي ۾ هو. موڪلائڻ وقت پڇيومانس ته، ”جي هتي هانگ ڪانگ ۾ به رهڻ جي اجازت نه ملي ته پوءِ؟“

”پوءِ ڪراچي ته آهي ئي. نارٿ ناظم آباد ۾ هڪ مائٽ جي معرفت هڪ مارڪيٽ جو پلاٽ وٺي ڇڏيو اٿم ته جيئن پس پيش ٻئي ڪنهن هنڌ سٺو موقعو نه ملي ته ڪراچي اچي ڄمائيندس. هڪ ٻه رهائشي پلاٽ به ورتا اٿم. جنهن مان هڪ رهڻ لاءِ ۽ ٻيا مسواڙ تي ڏيڻ جو سوچيو اٿم. ٻيا به ڪيترا آفريڪا کان لڏي ڪراچي پيا وڃن. ۽ انهن کان معلوم پيو ٿئي ته هو اتي وڌيڪ خوش آهن. چڱو ڀلا پوءِ موڪلايون ٿا.“ هن هٿ وڌائي موڪلايو ۽ آءٌ باقي رهيل پنڌ ڪري جليل خان وٽ آيس ۽ جلدي جلدي سامان ڏيڻ لاءِ چيو مانس، جيسين هو ڪڍي، تيسين سامهون ٽيبل تي پيل هڪ پاڪستاني پراڻي اخبار کڻي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳس. ٽين صفحي جي هڪ ڪنڊ تي ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن يا شايد "جيئي سنڌ" جي اڳواڻ جو مطالبو پڙهيم: ”ٿرين کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي.“ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪجهه گهٽ ۽ گرمي محسوس ڪيم. جليل خان کان موڪلائي پي آءِ اي آفيس مان ٻاهر نڪري هيٺ لٿس. هيٺ ڪنڊ تي پي آءِ اي جي ريسيپشن ۽ شو روم ۾ ويٺل اسٽاف کي هٿ سان کيڪاري ناٿن روڊ تي لهي هلڻ لڳس. گرمي ۽ مونجهه اساٽ ۽ اڃ فيبروري جي مهيني هوندي به گرمي. شايد هوا ۾ گهم هئي. نٽهڻ اس، وري ساڳيا پير کڻي اسٽار فيري اسٽيشن تي ويس جتان هانگ ڪانگ لاءِ فيري ۾ چڙهيس. سوچيم: پنڌ ته ڪو خاص ناهي، پر ٽڪيٽ وٺڻ، فيريءَ جي در کلڻ جو انتظارڪرڻ، وري بند ٿيڻ. پوءِ خلاصي آرام سان رسا کولين تڏهن مس مس هلي. ايتري ئي گهل آهي، جيتري راشن، ڪارڊ تي ڳوٺ ۾ کنڊ وٺڻ. پر آئون ايتري ڪمزوري ۽ نستائي ڇو محسوس ڪري رهيو آهيان. ملول ۽ اداس ڇو آهيان. دل تي بار ۽ دماغ تي ڪوهيڙو ڇو ڇائنجي ويو اٿم، ايندي وقت ته خوش هوس، ان دوران ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ٿي ته ڪا نه، ڇا وهاب جو ڪراچيءَ ۾ جاين تي قبضو ڪرڻ مونکي ڏکيو لڳو آهي. مونکي ٻئي ڪنهن جي وسڻ ۽ ويجهڻ تي خار نه لڳڻ کپي. سنڌي ته مهمان نواز قوم آهي. هن هميشه ڌارين جي آڌرڀاءُ ڪئي. پر اهڙي مهمانوازيءَ کان ٻڏي مرڻ چڱو. اهي سڀ آئوٽ آف ڊيٽ ڳالهيون آهن ۽ سڙيل دوائن وانگر انهن جو استعمال تباهي آهي. انهيءَ مهمان نوازيءَ ته اسان کي سو سالن لاءِ غلام بنايو. انهيءَ مهمان نوازيءَ ته اسان کي اجڙيل ٺٽو ۽ ويران بکر بنايو آهي. نه نه مونکي Pessimist نه ٿيڻ کپي. مون کي آشاوادي ۽ فراغ دل ٿيڻ کپي ماڻهو اڳهين چون پيا ته سنڌي تعصبي آهن پر اسان جي تعصبي آهيون ته ان حساب سان جپاني، چيني، جرمن، انگريز ۽ ٻيون قومون به سخت تعصبي چئبيون، جيڪي ڌارين کي پنهنجي ڌرتي تي پير به رکڻ نه ٿيون ڏين. پر اسان جو ملڪ پاڪ، آستان جتي هر مسلمان کي اچڻ جي اجازت آهي، ڪراچي جي ڀتين تي لکيل پڙهيو هوم، ته پوءِ فلسطين جي ڏتڙيلن ۽ ڏکڻ فلپين ۽ ٿائيلينڊ جي به مسلمانن کي آندو وڃي، پر لبنان، مصر، عراق، شام، سعودي عرب ۽ ٻيا ڀر وارا ملڪ فلسطيني مسلمانن کي چونٿا پاڻ وٽ رکن. لبنان جيڪي ٿورا، فلسطيني پاڻ وٽ رکيا آهن، انهن کي به الڳ ڪئمپن ۾ رکيو ويو آهي ۽ ان شرط تي ته فلسطين آزاد ٿيڻ تي کين واپس وڃڻو پوندو. هندستان ۾ فقط ڪجهه بنگالي ڪجهه عرصي لاءِ اچي رهيا ته سڄي دنيا ۾ هن واويلا مچائي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي نوڪرين جي حفاظت خاطر ڪنهن هڪ به ڌارئين کي گهٽ پئسن تي به نوڪري نٿي ڏني وئي. "ٽئڪسي" ناٿن روڊ تي چيچڙاٽ، بريڪن جو آواز، چيني ڊرائيور منزل پڇي. "سڌو هانگ ڪانگ هل، ٽنل مان لنگهي".

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org