”سائين، ٽرام جو آخري اسٽاپ اچي ويو. هاڻ وري ٻيو
ڊرائيور ۽ ٽڪيٽ چيڪر ٽرام کي واپس وٺي هلندو. ڏاڍا
ڪڪ ٿياسين. وري ٻي ٽڪيٽ، در وٽ لڳل مشين ۾ پئسا
وجهي ڪڍي سين. هن دفعي مٿي وڃي ويٺاسين. پنجن منٽن
۾ ٽرام ڀرجي وئي ۽ پويان پير کڻي هلڻ لڳي. خوش
قسمتيءَ جي ڳالهه هئي جو ان وقت ٽرام ۾ اسانجي
اوسي پاسي ۾ ٻه ٽي يورپين به نظر آيا. ۽ اسانکي
آسرو ٿيو ته ڳالهائڻ
ٻولهائڻ يا خبر چار پڇڻ لاءِ ڪا پهر آهي. هونءَ بس
۽ ٽرامن ۾ اڪثر هتي جا اصلي رهاڪو چيني نظر ايندا،
جي يورپين جي مقابلي ۾ غريب هئڻ ڪري اهڙي سواري
اختيار ڪندا آهن. هتي انگريزن جي حڪومت هئڻ ڪري
انگريزن جو ته وڏو ٺاٺ ۽ اميراڻو دٻدٻو آهي. ۽
ٽئڪس فري بندرگاهه هئڻ ڪري، هرگري گنجي کي پنهنجي
ڪار رکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ۽ هتي جا اصلوڪي رهاڪو
ڌارين جي ان ٺٺ ٺانگر کي حسرت ڀريل نگاهن سان
ڏسندي، محسوس ٿيندا. نوجوانن ۾ ته ڪافي (Frustration) آهي
۽ ڌارين کي نفرت جي نگاه سان، جن جي چوڻ مطابق
ڌارين سندن زمين، دولت، تهذيب ثقافت تي ڌاڙا هڻي
ملڪ کي کوکلو بنايو آهي.
زيدي انهن يورپين کان سندن قوميت پڇي. ٻه گورا
جيڪي پٺيان ويٺا هئا، ڳچي ۾ ڪئمرائون هئن ۽ سياح
ٿي لڳا، سي جرمن هئا ۽ جتي جتي ٽرام ترسي ٿي ته
فوٽو ٿي ڪڍيائون. ڪٿي ڪا پوڙهي چيني عورت پٺيءَ
سان ٻار کي ٻڌي، سامان جي ڀري کنيو
پئي ويئي، يا ڪنهن چيني ڇاتيءَ سان پٽو ٻڌي رڪشا
پئي گهلي يا ڪنهن ڪنڊ پاسي پراڻي
قسم جي هوٽل اڳيان ٻارن پٽ تي ويهي چاپ اسٽڪس
(تيلين) سان پٽاٽا ۽ بهه ويٺي کاڌا يا ڪو ٻيو اهڙو
غربت جو نظارو، جو مغرب جي اميرن لاءِ نئون هو ته
سندن ڪئميرائون مٿي فوٽو ڪڍڻ لاءِ کڄي ٿي ويون.
اسانجي ڀر واري سيٽ جنهن تي هڪ ٿلهي يورپين عورت،
جنهنجي عمر پنجيتاليهه جي لڳ ڀڳ ٿيندي. منهن ۾
دهشت ۽ رعب هوس، سا انگريز هئي. پاڻ ٻڌايائين ته
سندس مڙس آرميءَ ۾ ڪرنل آهي ۽ پاڻ هانگ ڪانگ جي هڪ
انگريزي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي آهي. زيديءَ اهو
ٻڌي آهستي چيس ته، ”ها تون واقعي هيڊ ماسترياڻي ٿي
لڳين.“
تنهن تي پاڻ مرڪي پڇئين: ”ڇو؟“ ۽ زيدي ڏاڍي مزي
سان ڳالهه گول ڪري ويو.
اسانجي سامهون ڊگهي بينچ هئي، جنهن تي ويهندڙن جو
منهن اسان طرف هو. ان تي هڪ ڪراڙي چيني عورت ڪارن
ڪپڙن ۾، ٻه هتي جا چيني مرد، جن کي به سادا ۽ ڍلا
ڪپڙا پهريل هئا.اسانجي بلڪل سامهون ٻه ننڍڙيون
پرائمري اسڪول جون ڇوڪريون عمر اٺ يا نو سال کن
مس، هڪ هٿ ۾ ڪتابن جي ڀري ۽ ٻئي ۾ شايد رسيس ۾
کائڻ لاءِ ڪا شيءِ،
ويٺيون هيون. هو شام جي شفٽ ۾اسڪول وڃي رهيون
هيون.
زيديءَ ڀر واري سيٽ تي ويٺل هيڊ ماسترياڻي مسز
گرئفرڊ، جيڪا ٻن ڄڻن جي جاءِ والاريو ويٺي هئي، ان هوندي به
سندس ٿلهين ٽنگن جو ماس ۽ جسم جو ٻيو حصو ٻاهر
لڙڪي رهيو هو بلڪل ائين جيئن حيدرآباد فقير جي پڙ
۾ ڪيترا ڪچا
دڪان، ڀاڄين، مڇين،چمپلين، اٽي ، کار ۽ ”هر مال
مليگا باره آني“ واري سامان جا گاڏا، غير قانوني
طور فٽ پاٽ کان به اڳيان پڪي رستي اچي ويندا آهن.
”توهانکي هانگ ڪانگ ۾ آئي ڪيترو وقت ٿيو آهي؟“
زيديءَ پڇيس. ”نو سالن کان مٿي ٿي ويا آهن.“ گوشت
جي جبل چرپر ڪندي ٻڌايو. ”انگلينڊ کان ته وڌيڪ
توهانکي هتي مزو ايندو هوندو. جو هتي هر شيءَ سستي
آهي ۽ هانگ ڪانگ تمام خوبصورت آهي.“
”ها، پر تڏهن به اسانجي انگلينڊ جي ڇا
ڳالهه ڪجي، ۽ مون کي مانچسٽر، لورپول، لنڊن، نيو
ڪيٽل، ڊنڪاشائر، انگلينڊ جي ٻين
شهرن جون بدبودار گهٽيون، گهم، گهٽ ۽ گندگي اکين
اڳيان ڦرڻ لڳي. پر چوندا آهن ته عورت کڻي پوٽن
ڏهٽن واري ٿي وڃي، پر تڏهين به کيس اهي ڪانگ سهڻا
لڳندا آهن، جيڪي مائٽياڻي گهر کان اڏامي اچن. ان
وانگر انگريز به چاهي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪيترو
به سکيو هجي ۽ اهو عيش نصيب هجيس، جيڪو کيس پنهنجي
ملڪ ۾ ستن پيڙهين گذرڻ بعد به نصيب ٿيڻ جي اميد نه
هجي، ته به پنهنجي ملڪ جي تعريف ۾ ٻيڻو ٽيڻو پيو
ٿيندو.”ڀلا اڄ ڪلهه هتي
هانگ ڪانگ ۾ انگريزن جو ڪهڙو حال آهي،“ زيديءَ ٻيو
سوال پڇيس، ”هتي جا چيني چاهين ٿا ته توهان رهيا
پيا هجو يا هو هاڻ ڌارئين جي حڪومت برداشت نٿا
ڪن؟“
”نه نه. چيني ته هر گز اهو نه چاهيندا ته اسان
هليا وڃون، هو ته اسان مان ڏاڍا خوش آهن. اسان ئي
ته هن ملڪ کي هن اوج تي آندو آهي. کين تهذيب
سيکاري آهي. دولت ڪمائڻ سيکاري آهي.“ مسز گرئفرڊ
هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي، اکيون ڦاڙي، اسان کي
مرغوب ڪرڻ چاهيو. مون هانگ ڪانگ جو اوج پنهنجي
پاسي واري دريءَ منجهان، ٽڪرين تيخوبصورت
بنگلن ۽ عمارتن جي روپ ۾ ڏٺو. جنهن ۾ هتي جا چيني
باشندا نه پر انگريز سڪون ۽ رنگينين سان پر زندگي
بسر ڪري رهيا آهن. ۽ تهذيب جو سوچيندي هانگ ڪانگ
جا سوين اگهاڙا
ناچ گهر، مساج گهر، شراب خانا، ڪلب، جوا جا اڏا ۽
چڪلا جنجي ٻاهران رنگين ٻرندڙ وسامندڙ روشنين ۾
سندن خوبصورت ۽ رومانوي انگريزي نالا لکيل آهن،
ڦرڻ لڳا. منهنجي ڪنن ۾ فرينچ ليکڪ خاتون ڪوليٽ
منڊوئين جا جملا ٻرڻ لڳا، جيڪي هن مشرق جا ملڪ
گهمي شنگائي جي هوٽل ”ساسون“ جي کڏ تي بيهي چوطرف
نهاري چيا هئا: ”مغرب هميشه مشرق کي بک، بيروزگاري
۽ بڇڙايون ڏنيون آهن.“
ڇا ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته مغرن جي سامراجين
جنهن جنهن ملڪ ۾ قدم رکيو، ان تي قبضو ڪيو ۽ ان جو
رت چوسيو. مشرق جا ملڪ پوءِ چاهي آفريڪا جو ڪينيا،
نائيجيريا، موزمبيق، اٿوپيا يا ملگاسي هجي يا
ايشيا جو هندستان، ملايا، انڊونيشيا، چين يا برما
هجي، مغربين لاءِ مشرق جا مڙيئي ملڪ مينهون هيون،
جنکي هنن فقط ڏڌو، پر گاهه ڏيڻ کان سڪايو ۽ بکيو
رکيو. مشرق جي مڃيل حقيقتن تي چٿرون ڪيون.
مونکي جپان ۾ لڳل ميلي ”Expo-70“
۾ اسانجي ملڪ جي لڳل اسٽال اڳيان اسانجي ڳوٺائي
عبدالرزاق ميمڻ جو هڪ امريڪن فئمليءَ سان ٿيل
زباني جهڳڙو ياد اچڻ لڳو. اسان جي اڳيان قطار ۾
بيٺل امريڪن عورت کي سندس مڙس اهو چئي اسٽال ڏسڻ
کان ٽوڪيو ته ”هنن وٽ آهي ئي ڏيکاڻ لاءِ ڇا،“
”۽ توهان
امريڪن وٽ وري ڇا آهي ڏيکارڻ لاءِ؟“ عبدالرزاق
اڳتي وڌي چيس. ”ڇا اسانجي تهذيب ۽ ثقافت توهان
کانّ به وئي؟ اسانجي تهذيب ته پنج هزار سالن کان
به پراڻي
آهي! موهن جو دڙو، هڙپا، ٽئڪسلا، ڀنڀور، ڪوٽ ڏجي،
آمري انهن جا جيئندا جاڳندا ثبوت آهن. فقط توهان
ظاهري ۽ اندر جي اکين تان تعصب جو پڙدو لاهيو ته
توهانکي پنهنجي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ئي هزارين
شاگرد موهن جي دڙي ته کوجنائون ۽ اڀياس
ڪندا نظر ايندا.“
”ملايا جي هڪ هوٽل ۾ هڪ يورپين سان ويٺو هوس.
سامهون واري ٽيبل تي ملئي زال مڙس ۽ سندن ٻه ٻار
چاپ اسٽڪس (تيلين) سان کاڌو کائي رهيا هئا. يورپي
سنگتيءَ وڏي فخر سان انهن ڏي اشارو ڪندي مونکي
ٻڌايو، ”هنن اسانجي ڪانٽي ڇريءَ تان اهو تيلين سان
کائڻ جو رواج نقل ڪيو آهي.“
”منهنجا ڀاءُ،“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس سڪون
سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هي Chop-Sticks تيلين
سان کائڻ جو رواج ته عيسوي سن کان به گهڻو پراڻو
آهي. ۽ اڌ کان وڌيڪ مشرق ۾-برما، انڊونيشيا ۽
فلپين جي هزارين ٻيٽن کان وٺي ويندي چين، ڪوريا،
جپان منگوليا تائين ماڻهو انهن تيلين سان کائيندا
اچن. ڪانٽو ۽ ڇري ته هنن تان پاڻ توهان نقل ڪيو
آهي.“ مون جيئن ٿي اهي ڳالهيون سوچيون، منهنجو ساه
ٿي گهٽيو. پنهنجو ڌيان ڳالهين تان هٽائي سامهون
ويٺل چينيءَ ڇوڪرين
ڏي ڏسڻ لڳس. خوبصورت چينيءَ گڏين
جهڙيون ننڍڙيون چيني ڇوڪريون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري
رهيون هيون. هڪ سنهي هئي ۽ ٻي ٿوري ٿلهي، پر سندس
منهن سڄو فٽ بال وانگر گول هو ۽ ان تي سنهي فريم
جي عينڪ چڙهيل. ٿلهي صبر واري ۽ ٻيءَ کان وڌيڪ
سياڻي ٿي لڳي. سنهي ڇوڪري چست ۽ چالاڪ ٿي لڳي.
سندن اشارن مان سمجهيم ته هو کين گهر لاءِ مليل
حساب جا جواب، ڏسڻ ٿيون چاهين. آخر پهرين عينڪ
واري ٿلهي، فوٽ بال جهڙي منهن واري ڇوڪريءَ
پنهنجو ڪتاب کولي ٻيءَ کي جواب ڏيکاريا. آلجبرا جو
ڪتاب هو. ننڍڙا ننڍڙا سوال هئا. مثال طور: پنج
ايڪس واڌو ٽي واءِ.
ضربيان پنج ايڪس. انهن جا جواب به سامهون ڪتاب تي
ئي لکڻا هئا. سنهي ڇوڪري جواب ڏسندي رهي، پر
پنهنجا جواب اڃان نه ڏيکاريائين. تنهن تي عينڪ
واريءَ زبردستي سنهي ڇوڪريءَ جو ڪتاب کسي کولي
ڏٺو. مون به ليئو پائي ڏٺو. هڪ به حساب ٿيل نه هو!
ان ويسا گهاتيءَ
تي عينڪ واري ڇوڪري کي چڙ لڳي، پر جيئن ته مونکي
به ان چالاڪيءَ
تي کل اچي وئي ۽ پاڻ به کلي رهي هئي، ان ڪري
معاملو رفع دفع ٿي ويو. ان دوران ڏٺم ته سنهي
ڇوڪريءَ جلدي جلدي ساڳيا جواب پنهنجي ڪتان تي به
هڻي ڇڏيا. زيديءَ کي چيم، ”ڇوڪري آهي يا بلا.“ مون
سندن نالو پڇيو، پر چيني مون
کي ڪانه ٿي آئي. ۽ کين انگريزي سمجهه ۾ ڪانه پئي
آئي. چين، سنگاپور، ملائيا ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهي.
چيني سکڻ
جي معاملي ۾ شاه لطيف جي شعر: ”اکر پڙهه هڪڙو، ورق
سڀ وسار“ تي پورو پنو عمل ڪيو هوم. ”چٻي
چٻي“
معنيٰ ”مهرباني“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿي آيم.
ان وقت مسز گرئفرڊ هيڊ ماسترياڻي ۽ زيدي به کين
ڏسي کلي رهيا هئا. ڇوڪرين کي جڏهن منهنجي ۽ زيديءَ
جي انگريزي سمجهه ۾ نه آئي ۽ رڳو کلنديون رهيون ته
مسز گرئفرڊ وچ ۾ ٽپي، حاڪماڻي
انداز ۾ کائن گول منهن ٺاهي پڇيو، ”واٽ از يوئر
نيم؟ّ“
اسان سمجهيو هوءَ هتي نو سال کن رهي آهي، سو هتي
جي زبان کان واقف هوندي. ٻنهي ڇوڪرين سندس اوچتي
سوال تي هن عجيب نظرن سان گهوري ڏٺو. وري اسان ڏي
نهاريو ۽ پوءَ هڪ ٻئي ڏي نهاري مرڪي، ٽيڏي اک سان
مسز گرئفرڊ ڏي ڏٺو. مسز گرئفرڊ ڏاڍو شڪي ٿيڻ لڳي ۽
پوءَ هي ٻئي ڇوڪريون اچي کل ۾ پيون ته بس ئي نه
ڪن. خبر ناهي ڇو مونکي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هو
انگريز خاتون کي چئي رهيون هجن ته: تنهنجو ڇا وڃي
اسان مشرقين ۾.
”ڇا توهان هتي نو سال رهڻ بعد به هتي جي زبان نه
سکي آهي. چيني ته تمام جهوني ۽ وسيع زبان آهي؟“
زيدي اهو سوال ڪري کيس وڌيڪ شڪي ڪيو. ان سوال جي
ڪڙاڻ هوءَشايد
نڙ گهٽ ۾ محسوس
ڪرڻ لڳي، جو مون ڏٺو ته هوءَ جواب ڏيڻ بدران فقط
ڳيتون ڏيندي رهي. بس هلندي ۽ بيهندي وئي. جبلي
اسٽريٽ، وڪٽوريا اسٽريٽ، پاٽنجر اسٽريٽ،
پيڊر اسٽريٽ ۽ ٻيا رستا پار ڪندي رهي. مسافر
چڙهندا ۽ لهندا رهيا.يورپين سياح دريءَ وٽ
ڪئميرائون جهلي هانگ ڪانگ جي حسن ۽ بچيل غربت جي
آثارن جا فوٽو ڪڍندا رهيا. گول منهن واري ڇوڪريءَ
ڪيڪ ڪڍي اڌ
پاڻ کاڌو،
اڌ سنهي ڇوڪريءَ کي ڏنو. ان کان پوءِ سنهي ڇوڪريءَ
انگورن جو لفافو کولي هنکي به کائڻ لاءِ آڇيو. پر
هن هڪ وات ۾ وجهي ٻيو نه کنيو، پر سنهي ڇوڪري مزي
سان کائيندي رهي ۽ اسانکي به کائڻ جو اشارو ڪندي
رهي. پهرين ته آءُ ”چٻي
چٻي“
(مهرباني) چوندو رهيس، پر پوءِ زور ڪرڻ تي ٻه
انگور وات ۾ وڌم ته خبر پيئي ته اهڙا کٽا جو ڪوبه
گدڙ (پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل) بنا پڄڻ يا کائڻ جي آکي
سگهندو ته: ”ٿو کٽا“ آهن --- بشرطيڪ اها ٻئي درجي
سنڌيءَ جي ڪتاب جي ڪهاڻي واقعي سچ آهي ته (ان تي ۽
ٻين ٻئي درجي جي آکاڻين تي پڪ اٿم ته هيستائين ظفر
حسين ۽ عبدالحليم بروهي جهڙا جوان ڪافي ريسرچ مڪمل
ڪري چڪا هوندا.)
بس ٿورو اڳتي هلي هڪ خاص اسٽاپ تي ترسي، سامهون
وڏن اکرن ۾ لکيل هو Star-Ferry
To Kowloon ان
فيري (موٽر بوٽ) ذريعي هانگ ڪانگ جو ننڍڙو ٻيٽ
هانگ ڪانگ جي ٻئي حصي ”ڪولون“ سان ڳنڍيل آهي. اسان
ٻئي ڪولون وڃڻ جو خيال ڪري، بس مان تکا تکا
لٿاسين. چيني ڇوڪرين پنهنجا ننڍڙا هٿ لوڏيا.
سنڌي ثقافت ۽ سڀيتا جو پرچار هڪ ملاقات ۽ انٽرويو
پهرين دفعي جڏهن هانگ ڪانگ آيو هوس ته آخري ڏينهن
صبح جو اٿڻ سان، جيئن ئي هانگ ڪانگ ريڊيو اسٽيشن
کوليم، سنڌي گانو ٻڌڻ ۾ آيو:
”او وڃ نه پري مونکان هٿڙو ڇڏائي.“ ڪٿي خواب ته نه
لهي رهيون آهيان. سنڌي گانو محمد يوسف جي آواز ۾،
سو به هانگ ڪانگ ريڊيو تان! منهنجي جاءِ تي ڪوبه
هجي ها ۽ ٻڌي ها ته في الحال وائڙو ٿي وڃي ها.
ڏاڍو خوش ٿيس. پنهنجي زبان جو راڳ
سو به وطن کان هزارها ڪوه ڏور هانگ ڪانگ ۾! اسان
سنڌي ته ڪراچي
ريڊيو تان ئي ڪڏهن سنڌي راڳ ٻڌندا آهيون ته ان تي
ئي خوش ٿيندا آهيون. ڇو جو اسانجي خواهش
۽ سَڌَن
جو ايترو ته قتل عام ٿيو آهي، جو ڪا معمولي خواهش
به تڪميل تي ٿي پهچي ته خوشي ۾ نٿا ماپون.
پڪ ڪرڻ لاءِ ته واقعي هانگ ڪانگ ۾ آهيان، دريءَ جو
پڙدو ريڙهي هانگ ڪانگ جي اڀين عمارتن ۽ ساوڪ سان
جهنجهيل ٽڪرين کي ڏٺم. اتفاق سان ان ئي ڏينهن شام
جو هانگ ڪانگ کان ”ڪولون فيري“ ۾ ويندي ٻه ٽي هتي
جا رهاڪو سنڌي گڏيا. تن ٻڌايو ته هانگ ڪانگ ۾ هفتي
۾ هڪ ڏينهن ريڊيو ۽ ٽي-ويءَ تي سنڌي پروگرام ايندو
آهي. اهو ٻڌي مونکي تعجب لڳو (ڪراچي ٽي-وي وارن کي
ته هي پڙهي مونکان به وڌيڪ تعجب ٿيو هوندو. ٿي
سگهي ٿو ٿورو ٿورو شرم به محسوس ڪري رهيا هجن.
جيتوڻيڪ هنن پنهنجي پر ۾ سنڌي پروگرام لاءَ هفتي ۾
پنجويهه منٽن جيترو قيمتي وقت رکي، سنڌين تي وڏو
احسان ڪيو آهي.)
مٿين همراهن کان پڇا تي معلوم ٿيو ته هانگ ڪانگ
ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان سنڌي پروگرام مسٽر ڪي-سيتل
نالي ڪو همراهه نشر ڪندو آهي. مونکي ان شخص سان
ملڻ جي خواهش ٿي. سج لهي چڪو هو. سندس آفيس بند ٿي
چڪي هئي ۽ گهر جي ائڊريس جي خبر پئجي نه سگهي. ٻئي
ڏينهن صبح جو پرهه ڦٽيءَ کان اڳ اسان سڙهه سانبهاهيا
۽ لنگر کڻي اڀرندڙ سج جي ملڪ
جپان ڏي روانا ٿي وياسين. افسوس ٿيم ته جي اڳواٽ
خبر پوي ها
ته مسٽر سيتل سان ضرور ملي حال احوال وٺانس ها.
پر جپان ۾ پنڌ رهن ويهن کن ڏينهن رهڻ بعد اسانجو
پروگرام وري هانگ ڪانگ جو ٺهيو ۽ اچي هانگ ڪانگ
نڪتاسين.
هانگ ڪانگ پهچڻ سان آءٌ ونڌام (Windham) اسٽريٽ
۾ اسٽائلو
ڪارپوريشن ۾ پهتس. جنهنجو پاڻ مئينيجر پڻ آهي.
ساڻس ملي هانگ ڪانگ جي خبر چار ورتم. پاڻ ڳالهين
جو ڳهير، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو (باوجود مصروف زندگي
گذارڻ جي) ۽ علم جو ڀنڊار معلوم ٿي ٿيو.
پاڻ ٻڌايائين ته سنڌ کانپوءِ سڀ کان گهڻا سنڌي
هانگ ڪانگ ۽ جڪارتا ۾ رهن. ٿا. هانگ ڪانگ جي ريڊيو
تان هفتي ۾ هڪ دفعو سنڌي پروگرام پيش ٿئي ٿو، هتي
ها سڀئي سنڌي، واپاري ۽ امير آهن. (انهن سنڌين ۾
مشهور سنڌي اديب ۽ دانشور علي محمد راشدي پڻ هو.
جو پڻ هانگ ڪانگ ۾ ڪافي عرصو رهي چڪو آهي.) سيتل
ٻڌايو ته دنيا ۾ ”سنڌي واپاري“ مشهور آهي ۽ مارڪيٽ
جي ٽيڪنڪ کان چڱي طرح واقف آهي. هڪ ئي وقت ساڳي
شيءِ ساڳي قيمت تي ڏهه مختلف ڪمپنيون ٺاهين ٿيون،
پر مارڪيٽ ۾ ڪيئن ۽
ڪنهن جي گهڻي کپت ٿيندي، انکي مارڪيٽ ٽيڪنڪ سڏجي
ٿو. جنهن ۾ سنڌي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اڄڪلهه دنيا ۾
اها چوڻي
عام آهي ته: ”سنڌي معنيٰ سيلزمين“ ۽ ”سيلزمين
معنيٰ سنڌي.“ (Sindhi
means Salesman and Salesman means Sindhi.)
پاڻ هڪ ڏاڍي
مزيدار ڳالهه ٻڌايائين ته: سنڌين جو حصو واپار ۽
دنيا جي ترقي ۾ ٻين علمن سان گڏ Draft جو
پڻ آهي. شڪارپوري پهريان سنڌي هئا، جن اڄ کان ٻه
سو سال کن اڳ Draft (ڊرافٽ)
جو طريقو ايجاد ڪيو، جنهنکي سنڌي ۾ ”هنڊي“ سڏبو
آهي. ۽ ڪجهه عبارت هن ريت لکي ويندي هئي ته: پيارا
ڀاءُ هيءَ چٺي پڙهي ڀاءُ فلاڻي کي هڪدم رپيا پنج
هزار اکرين پنج هزار فقط، ڏيندا ۽ اهو ساڳيو ڊرافٽ
سسٽم انکانپوءِ انگريزي ۾ آيو آهي ته: On
demand of Mr. So and so please pay sum of
rupees.وغيره
وغيره.
پاڻ هانگ ڪانگ مان ٽن
سالن کان هڪ انگريزي رسالو سٺ
صفحن کن جو آرٽ پني تي ڪڍي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه
حصو دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جي خبرن جو پڻ آهي. تازو
هندستان ۾ جڏهن سنڌي لپي بدلائي هندي ڪرڻ جي مهم
ٿي هئي، ته هنجي رسالي ساڳي عربي اسٽائيل
رسماالخط
قائم رکڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ۽ پاڻ ايڊيٽوريل
پڻ لکيائين ته سنڌي لکڻي رومن يا هندي ڪرڻ بدران
ساڳي اصلي رهڻ گهرجي. پاڻ ڪجهه سنڌي ڪتاب مونکي
ڏنائين، جي هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي اديبن جا لکيل
آهن. هڪ ته ”دردوند دوست“ نالي پنج سو صفحن کان به
مٿي جو ڪتاب آهي.
مسٽر سيتل ٻڌايو ته هو پاڪستان اڪثر ايندو رهندو
آهي، ڇو ته هنکي برٽش پاسپورٽ آهي ۽ هنجي شهريت (Citizenship) اصل
کان هانگ ڪانگ جي آهي، وڏا سنڌ ۾ ڄاوا نپنا ۽ پاڻ
ورهاڱي کان به اڳ هانگ ڪانگ ۾ اچي آباد ٿيا. پاڻ
چيائين ”ڪيڏو نه سٺو ٿئي، جيڪڏهن سنڌ جا ڪجهه
ڳائڻا ۽ فنڪار هڪ ائسوسيئشن ٺاهي، ٻين ملڪن جا
دورا ڪن ۽ مختلف وڏن شهرن ۾ پنهنجي ثقافت ۽ هنر جا
جوهر ڏيکارين.
”هتي اڪثر هندستان کان سنڌي ڳائڻا ۽ فنڪار دوري تي
ايندا رهندا آهن. تازو مهيني ٻن بعد بمبئي ۽
بئنڪاڪ کان سنڌينجي ٽولي هتي جي وڏي هوٽل ”هانگ
ڪانگ حايات“ ۾ فنڪشن ڪرڻ واري آهي، هتي لاءِ
پروگرام جو مون بندوبست ڪيو آهي، تون جي انهن
ڏينهن ۾ هجين ته توکي به ڏسڻ لاءِ اڳواٽ دعوت ٿو
ڏيان. ڊنر جو به پروگرام رکيو اٿم، هتي جي سنڌين
لاءَ ٽيهه ڊالر (سٺ رپيا کن) ٽڪيٽ رکي اٿم.“
(اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ منهنجو وري هانگ ڪانگ اچڻ
ٿيو هو. فنڪشن جو ذڪر ڪٿي اڳتي هلي ڪندس.)
مون سندس مهرباني مڃي ۽ محسوس ڪيو ته ”ضيامحي الدين“
جهڙن بدران سنڌي خود ٻاهر اچي سنڌي ثقافت جو صحيح
مظاهرو
ڪن. تازو پاڪستان انٽرنيشنل
ايئر لائنز
طرفان ڪراچي
ٽي-وي جي فنڪار ۽ فلمي اداڪار ضيامحي الدين جي
سرپرستي هيٺ هڪ فنڪارن جي ٽولي پاڪستان
جي مختلف صوبن جي ثقافت ۽ راڳ روپ کي دنيا سان
متعارف ڪرائڻ لاءِ دنيا جي دوري تي نڪتي هئي. ان
فنڪشن جو هڪ پروگرام نموني خاطر ڪراچي
جي آرٽس ڪائونسل ۾ پڻ پيش ڪيو ويو هو. جنهن ۾ سنڌي
هو جمالي ۽ سنڌي ثقافت ۽ سڀيتا کي ايڏو غلط رنگ
ڏئي پيش ڪيو ويو هو، جو سنڌ ۾ وڏا گور مچي ويا هئا
۽ ان قسم جي غلط حرڪت ۽ سنڌي ڪلچر سان هٿ چراند کي
بند ڪرڻ لاءِ سڀني اخبارن ۾ آيو هو. ڪراچي جي هلال
پاڪستان اخبار ان سلسلي ۾ انگريزيءَ ۾ به اداريو
ڏنو هو. امر جليل ۽ نور عباسي جهڙن مشهور ڪالم
نويسن ته ان سلسلي ۾ ڪالم به لکيا هئا.
مان پنهنجو ڌيان ٻين ڳالهين
تان هٽائي انٽرويو وٺڻ ۾ رڌل رهيس. ”توهانکي
پاڪستان جي سنڌي ڳائڻن ۾ ڪير ٿو گهڻور وڻي؟“
”ابراهيم، جمن، خديجه، زليخا، روبينه، زرينه ۽ ٻين
ڪيترن جو آواز سٺو آهي،
۽ انهن راڳ جون ڪيتريون ئي صنفون پيش ڪيون آهن.
ڀاڳيءَ جي آواز ۾ جيڪا خاص لئه آهي، سا وري ٻين ۾
مشڪل ملندي. نوربانو ۽ زينب کي پنهنجو Style آهي.“
”رونا ليليٰ کي ڇا توهان نه ٻڌو آهي.“
”ٻڌو ته سڀني کي اٿم. تازو هينئر پنهور جا رڪارڊ
نڪتا ته اهي به دوست هٿان گهرائي ٻڌم. پر رونا
ليليٰ جا اچار تمام غلط آهن. هر ڪو سنڌي سمجهيو
وڃي ٿو ته هيءَ ڌارين آهي. گذريل مهيني ڏاڍي
مزيدار ڳالهه ٿي. رام پنجواڻي مون وٽ گهمڻ آيو.
تنهنکي روناليليٰ جو رڪارڊ ٻڌائي چيومانس ته:
تبصرو ڪر. رڪارڊ ٻڌي چيائين، ڳائڻي تمام سٺي، پر
سنڌياڻي نٿي لڳي، جو اچار صحيح نه اٿس.“
”مونکي ڏاڌو شوق آهي ته اسانجا اديب ۽ فنڪار
ٽوليون ٽوليون ٺاهي دنيا جو دورو ڪن ۽ مختلف جڳهن
جا مختلف مشاهدا ماڻين ۽ ماڻهن سان ملن. تازو
سنگاپور ۾ ڪوريا جي فنڪارن جا ناچ ۽ رومانيه جي
ڳائڻن جا فنڪشن ڏٺم ته مونکي ڏاڌو شوق ٿيو ته ڪاش
ائين اسانجا به سنڌي فنڪار نڪري پون.“
تازو پاڪستان جو شپنگ
منسٽر مسٽر غلام مصطفيٰ جتوئي جڏهن هانگ ڪانگ دوري
تي آيو ته سيتل ۽ ٻين هتي جي سنڌين اسانجي وزير کي
لنچ ڏني هئي. پاڻ جتوئي صاحب جي خيالن کان تمام
گهڻو متاثر ٿي ڏٺو. هر هر سندس ذهانت ۽ قابليت جي
تعريف ڪندو رهيو. پاڻ ٻڌايائين ته: هو اهو ڏسي خوش
ٿيو آهي ته اسانجي ملڪ جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي
جهڙي باشعور صدر جي هٿ ۾ آيون آهن. جنهنجو والد پڻ
قابل سياستدان هو، ۽ سندس والد جو گهاٽو دوست پڻ
هو.
سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ فلمن جو ذڪر ڪندي پاڻ
ٻڌايائين ته: ”افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو هتي هانگ
ڪانگ ۽ ٻين ملڪن ۽ هندستان جا سنڌي رسالا ته جام
اچن پيا ۽ غير ملڪي ناڻو هڪ طرف ڪمائي رهيا آهن ۽
هندستان جا سنڌي اديب شاعر دنيا سان واقف ٻئي طرف ٿي
رهيا آهن. پر پاڪستان ان ڏس ۾ ڪو قدم نه کنيو
آهي. سنڌي زبان ئي هڪ اهڙي آهي جا انگريزيءَ کانپوءِ
دنيا جي هر ملڪ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ ڇپيل
سنڌي ڪتاب رسالا ۽ فلمون ڪنهن به قيمت تي هندستان
جي سنڌي ادب کان گهٽ نه آهن.“ |