سو اهي ڳالهيون هانگ ڪانگ ۾ اڃا موجود آهن. خاص
ڪري انهٿن ماڻهن منجهه جي ڪناري تي ۽ ٻيڙين ۾ آباد
آهن. آبر جان جهڙيون ڪيتريون ئي جڳهيون آهن. جتي
هزارين پراڻين ٻيڙين Junks ۾
ماڻهو ٻارين ٻچين رهيا پيا آهن. دڪان، هوٽلون،
عبادت گهر، جوا
جا اڏا، سڀ ٻيڙين تي. هڪ اهڙي شادي ڏٺم جيڪا
پراڻيءَ ٻيڙيءَ Junk ۾
رهندڙ ڌيءَ جي ٿي. ان ٻيڙيءَ کي ڳاڙهن لالٽين ۽
جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. شام جو ستين وڳي کان
مهمانن کي ماني کارائي وئي ۽ ٽي ڪلاڪ مانيءَ جو
کٽراڳ هلندو رهيو. ڪنوار پنهنجين سهيلين سان گڏ
ڌار ڪئبن ۾ کاڌو. ان کانپوءِ کيس ٻاهر آندو ويو- پيرين
اگهاڙو، ڪم ڪار وارن پراڻن ڪپڙن ۾ آئون اڳي ئي
سمجهي ويس ته هي چڪر
اهو ئي آهي جو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڇوڪرن سان شادين ۽
طهرن تي ٿيندو آهي يعني حجام اچي ڪپڙا پهرائيندو
آهي ۽ پهرين جا پاتل پراڻا ڪپڙا هن جا ٿيندا آهن.
ٿيو به ائين. هڪ ٻڍڙي سياڻيءَ ڪنوار کي سينگاريو ۽
سلڪ جا خوبصورت ڪپڙا پاتائينس. پوءِ کيس نصيحتون
ڪندي رهي ته مڙس سان ڪهڙي نموني ورتاءُ ڪرڻ کپئي
(پهرين رات ئي هو جي ٻلي ماري ته مرعوب نه ٿجان”)
وغيره. ساڏين جي پڙ جي گهوڙي وانگر جڏهن هوءَ هر
لحاظ کان سينگارجي وئي ته پوءَ کيس نقاب ٻڌو ويو.
ان بعد کيس ديوتائن جي پوڄا ڪرائي وئي. ان وقت
نقاب هٽايو ويو هوس، پر ٻه ننڍڙا ڇوڪرا سندس منهن
اڳيان ڳاڙهو ڪپڙو جهلي بيٺا رهيا. پنهنجي ڪئميرا
کي چمڙي جي ٿيلهي ۾ بند ڪري ڀر ۾ بيٺل چينيءَ کي
چيم ته، ”فوٽو کان ته هاڻ ڪم مٿي چڙهي ويو.“ کلي
چيائين:
”اهڙي ڳالهه ناهي. اجهو ته گهوٽ آيس پوءِ پڙدو لهي
ويندا ۽ فوٽو ڪڍجانءِ.“
رات جو ٻين وڳي سندس سينگاريل بسترو کڄي نئين گهر
(يعني ڀر ۾ بيٺل گهوٽ جي ٻيڙيءَ ۾ ويو) ۽ کيس
ڳاڙهو گائون پارائي گهوٽ جي انتظار ۾ ويهاريو ويو.
ان وقت پنهنجو اباڻو گهر (ٻيڙي) ڇڏڻ جي غم ۾ (رسم
مطابق) زور ڪري رئڻ لڳي، (جيتوڻيڪ دل ۾ لڏون پئي
ڀريس). ٽين وڳي گهوٽ صاحب آيو، جنهن سان ڪنوار
پنهنجي نئين گهر ڏي راهي ٿي، سندس هڪ سهيلي پڻ ڇڏڻ
گڏ هلي.
هن پاسي جي ملڪن ۾ سنڌي پڻ ڪافي ٿا رهن. مختلف
ماحولن ۽ ملڪن ۾ رهڻ جي باوجود به ڪيتريون ڳالهيون
۽ رسمون مونکي ساڳيون نظر آيون. اهي ئي ڳيچ ۽
لاڏا، اهي ئي رسمون ۽ رواج. هڪ ٻه شاديون ٿائلنڊ ۽
ملايا ۾ سنڌين جون ڏٺم (دعوت تي). هڪ هنڌ عورتن جو
ڪاڄ به ڏسڻ لاءِ ميزبان کي چيم ۽ ڪافي دير هن پاسي
جي سنڌي عورتن کي ڳائيندو ٻڌم ۽ هڪ ٻه لاڏو پڻ ٻڌي
پني تي اتاريم. ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ سنڌ ۾ به
اهي ڳايا ويندا هجن ۽ ڪيترن ٻڌا به هجن. نه ٻڌل
پڙهندڙن کي پسند اچن يا نه پر پڪ اٿم ته پڙهي
محفوظ ضرور ٿيندا. زالون ٿالهه ۽ ڍولڪ تي ڳائي
رهيون هيون: ”ماريو اچيئي ٿو.“
”جيءُ.“
”ڪنگر ڪڇ ۾، رلي ڪلهي تي.“
”جون مٿي ۾، لٺ هٿ ۾.“
”ماريو کٿر کٿر ڪندو آيو.“
”نماڻيءَ جو ڙي ڇلڙو آڻي ڏي.“
ٻه جوان
ڇوڪريون لاڏي ۾ هڪ ٻئي کي جواب ڏئي رهيون هيون:
”ڇلو جو گهر گهلو، ڪري پيو کوه ۾.“
”او ڀينڙي کوه جي مالهه ۾“
”جو نيسر مان ٿي لڌو“
”نماڻيءَ جو ڙي ڇلڙو آڻي ڏي.“
ان بعد هڪ ڇوڪري هيٺيون لاڏو ڳائڻ لڳي ۽ ٻي بيهي
جهمر هڻڻ لڳي.......
”لڳي سا تنبوري تار،
خاصي سا تنبوري جي تار
سڪ سڄڻ رک پاڻ وٽ
سڪ ڍولڻ رک پاڻ وٽ
پنهل پهريون خط لکيو مانءِ
ته پي مئو اٿئي گهر آءُ
پيءُ مئو ته ڀلي مئو
پيءُ مئو ته ڀلي مئو
تون لڏون خوب ورهاءِ.
--
لڳي سا تنبوري جي تار،
پنهل ٻيو خط لکيومانءِ
ته ماءُ مئي اٿئي گهر آءُ
ماءُ مئي ته ڀلي مئي
ماءُ مئي ته ڀلي مئي
تون چندن ڪاٺ ٻاراءِ.
--
لڳي سان تنبوري جي تار
پنهل ٽيون خط لکيومانءِ
ته ٻيڻ پرڻي اٿئي گهر آءُ
ڀيڻ پرڻي ته ڀلي پرڻي
ڀيڻ پرڻي ته ڀلي پرڻي
تون ڏاجا ڏيوڻ خوب ڏيار.
--
لڳي سان تنبوري جي تار
پنهل چوٿون خط لکيومانءِ
ته پٽ ڄائو اٿي گهر آءُ
پٽ ڄائو ته ڀلي ڄائو
پٽ ڄائو ته ڀلي ڄائو
تون ڇٽيون خوب ملهاءِ.
--
لڳي سان تنبوري جي تار
پنهل پنجون خط لکيومانءِ
ته زال مئي اٿئي گهر آءُ!“
ان بعد جهمر هڻندڙ ڇوڪريءَ پهرين ڇوڪريءَ جي لاڏي
جو جواب ڏيڻ شروع ڪيو:
”چٺي پڙهي ڇاتيءَ ڪيم ڌڪاءُ
ڪلڪ رهيم ڪن ۾ جتيءَ گاڏيءَ جاءِ
آيس گهر، ڏٺو ماءُ، پيم
ساه،
مون سان زال چٿر ڪئي.....
آيس گهر ڏٺم ڀيڻ، ٺريم نيڻ
مون سان زال چٿر ڪئي.....
آيس گهر ڏٺم پٽ،
ٿيس خوش
مونسان زال چٿر ڪئي.....
آيس گهر، ڏٺم زال، لقم خيال
مون سان زال چٿر ڪئي.....
سڪ ڍولڻ رک پاڻ وٽ
سڪ سڄڻ رک پاڻ وٽ
لڳي سان تنبوري جي تار
خاصي سان تنبوري جي تار.“ وغيره وغيره
ان کان علاوه سنڌ جي مشهور ڳائڻي چندر جا پڻ رڪارڊ
۽ راڳ دنيا ۾ رهندڙ سنڌين وٽ چڱا مقبول آهن. خاص
ڪري هي رڪارڊ ته ڪيترين شادين ۾ ٻڌڻ ۾ آيو:
”ڳايو لاڏا - پنيون مرادون
ڳايو ڳايو لاڏا - پنيون مرادون
پنيون مرادون - شل ٿين شاديون
وسن اوطاقون......
1 - منهنجي لاڏل جي رمز نرالي
رمز سان گڏ اٿس سمجهه نرالي
نرالي جنهن جي آ چال متوالي -
نت ننڍي لاڪون.....
2 - منهنجي لاڏل جو جوڙ نه جڳ ۾
دهل وڄن ٿا در تي دڳ تي
سڏڻ آئي اٿس سالي متوالي -
پهري پوشاڪون.....
3 - لاڏل کي ڪوسو واءُ نه لڳندو
وڏي حياتي جڳ جڳ جيئندو
واهر ٿيندس والي جنهنجو سوالي -
شل وسن واديون.....
4 - چندر چاهه مان جهمريون پايو
هڪ هٿ چيلهه تي هڪ لهرايو
هڪ ڀريل هڪ خالي وڄي تالي -
گهوريون سون چانديون.....
نئون اُٺ
ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي
عجيب اتفاق رهيو آهي جو هيستائين جيترا دفعا به
هانگ ڪانگ آيا آهيون، ته هر دفعي جهاز جو چيف
انجنيئر بدلبو رهيو آهي. پهرين دفعي جڏهن هانگ
ڪانگ آيا هئاسين ته اسانجو چيف انجنيئر پنجاهه
پنجونجاهه سالن جي ڀر جو مسٽر فخرالدين ايم- رضوي
هو. (”ايم“ اکر ”منصور“ لاءِ هو) سندس نالو ته ڪو
ٻيو هو، پر هتي پڙهندڙ في الحال اهو سمجهن، جو کين
نالي سان ڪوبه سروڪار نه هئڻ کپي. ۽ نالا ته ڪهڙا
به ٿي سگهن ٿا.
هڪ اسانجي دوست جو نالو شير علي آهي. پر هو سج لٿي
کانپوءِ ٻليءَ جي پاڇي کان به پيو ڏڪندو آهي.
اسانجي پراڻي جهازتي هڪ اليڪٽريڪل انجنيئر هوندو
هو، نالو ”نورالدين“ هوس، پر عينڪ جو ساڄو ڪائو
مائينس ست جو ۽ کاٻو ڪمپائونڊ گلاس هو (جنهنجو
نمبر کيس به ياد نه هو).يا اسانجي نوڪر جو مثال
وٺو، نالو قائم الدين اٿس، پر اڄ تائين عيد نماز
به نه پڙهي اٿس. اسانجي ڪراچي آفيس جي Receptionist جو
نالو ”مس شيرين ناز“ آهي، پر سندس ائبسٽرئڪٽ قسم
جو ڳالهائڻ اهڙو ته بي سرو آهي، جو هالن جي جنا
کدڙي جو آواز به سريلو آهي! يا اسانجي هڪ ڪراچي جي
دوست جي پاڙيسري فنڪاره، جيڪا پهرين چڪلي ۽ شادين
مرادين ۾ ڳائيندي ۽ نچندي هئي (۽ هاڻ
ون يونٽ کان وٺي فقط ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان
ڳائيندي آهي ۽ ڪراچي ”ٽي وي“ تي دانشورن سان ڳالهه
ٻولهه جي پروگرام ۾ ايندي آهي)،جو نالو ته زيب
النساءِ آهي -- يعني ”عورتن جي سونهن“، پر منهنجي
خيال ۾ ته ڪي - پي - ٽي جا مزدور به سونهن ۾ کائنس
موچارا ٿيندا. سو سڄڻ نالن ۽ ذات پات جي چڪرن ۾ نه
پئجو.
ڳالهه اسانجي چيف انجنيئر جي پئي هلي، جيڪو بس،
مڙيئي، انگريزن جي وڃڻ ڪري، ۽ سندس هندستان مان
لڏي پاڪستان اچڻ ڪري، دير سان شادي ڪرڻ ڪري، سندس
ڪو پير مرشد نه هجڻ ڪري، رات جو دير سان سمهڻ ۽
صبح جو سوير نه اٿڻ ڪري -- ۽ ٻين ڪيترن ان قسم جي
معقول ۽ نامعقول سببن ڪري (جن لاءِ ڪيتريون ئي
روايتون مشهور آهن،) جلدي چيف انجنيئر ٿي ويو.
پنهنجي عمر جو ڳچ وقت ملڪي ۽ غير ملڪي جهازن تي
چيف انجنيئر هو، ان بعد ڊيزل جهازن جو ٿيو ۽ هي
اسان جو ماڊرن، ايئرڪنڊشنڊ ۽ تيز رفتار جهاز سندس
ٻيون يا ٽيون ڊيزل جهاز هو. پاڻ جهاران ڪمپني مان
تنگ هو ۽ ڪمپني منجهائس، (پوئين ڳالهه اسان کي
تڏهن خبر پوندي هئي، جڏهن هو گهڻي پيئڻ ڪري آئوٽ
ٿي ويندو هو) عمر کان وڌيڪ پوڙهو لڳندو هو، پر کيس
اها غلط فهمي
ويٺل هئي ته پاڻ پوڙهي اٺ وانگر ٻه ڪنواٽ لهي (جو
گذريل سال کيس هن ئي بندرگاهه هانگ ڪانگ ۾ سندس هڪ
پراڻي چيني ساهيڙيءَ همبستري وقت ٻڌايو هوس ته تون
اهڙوئي جوان آهين جهڙو ٽيهه سال اڳ) سندس ان چيني
کاکڙ ساهيڙي جيڪا کانئس به پوڙهي ٿي لڳي، جي جڏهن
ڳالهه ڪندو هو ۽ کيس جڏهن ماءِ گرل (My
girl)
يا ماءِ فيئر ليڊي چئي مخاطب ٿيندو هو ته شرم اسان
کي پيو ايندو هو. بهرحال هن عمر ۾ اسان جي چيف
انجنيئر کي ڪي گهڻا شوق نه هئا. پر سک وانگر فقط
ٻه شوق هئا. هڪ شراب پيئڻ (يا پيٽ اندر اوتڻ وڌيڪ
موزون لفظ ٿيندو) ۽ ٻيو عورت (هڪ سک لاءِ مشهور
آهي ته نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن فقط ڪڇو
پائي ٻير جي وڻ تي چڙهي، پڪل ٻير چونڊي پئي
کاڌائين ته سندس ڪنهن دوست پڇيس:
"سردار جي ڇا پيو ڪرين؟"
"بس يار هاڻي ته فقط ٻه شوق وڃي بچيا آهن" سک ٿڌي
آهه ڀريندي
ٻڌايس "هڪ ڪپڙا پائڻ ٻيو فروٽ کائڻ" سو اسان جي
چيف انجنيئر جا به ٻه شوق وڃي بچيا هئا، جي جواني
جي ڏينهن کان برقرار هئا. سندس ڪئبن چڱو خاصو بار
روم (Bar-room)
هو. ڪنهن به شراب مان ٽرندو نه هو. جپان جو ساڪي
روس جو روڊڪا چين جو جڳ مشهور شراب موٽائي (Moutaiy-Chiew)
کان وٺي ڪوٽڙيءَ
جي ڪيتري تائين چکيل پيتل ۽ اوتيل هوس. بيئر،
برانڊي، وسڪي، شئمپن، وينو جهڙيون ٻاراڻيون شيون
ته ليکي ۾ به ڪو نه آڻيندو هو. جو آيو سو اگهيو
وارو اصول هوس. ساڳيو معاملو عورتن جي سلسلي ۾ هو.
سندس بار بار اهو چوڻ جي ته سندس جواني اڃا ديواني
آهي، جي، ظاهر ته اهو هو ته سندس جواني جي ڏيئي جو
تيل کپڻ تي آهي ۽ اجهو ٿي سندس لاٽ ٻجهي، پاڻ
جواني جي ڏينهن جون ڳالهيون ته چشڪا ڏيئي ڪندو هو،
جڏهن پاڻي جي هڪ جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر هوندو هو،
جنهن جهاز جا هانگ ڪانگ ۾ ڏهه پنڌ هوندا هئا ۽
هانگ ڪانگ ڄڻ ته ان جهاز لاءِ هوم پورٽ Home
Port هو.
اوسي پاسي جي هڪ ٻن ملڪن ۾ ڦري وري هانگ ڪانگ اچي
ديرو ڄمائيندو هو. "۽ ان
زماني جي هانگ ڪانگ جي ڇا ڳالهه ڪجي" هانگ ڪانگ
ايندي وقت اسان کي روز ڊنر کانپوءِ ٿڌو ساهه کڻي
ٻڌائيندو هو. پر سندس ڳالهيون ٻڌڻ وارا سڀ بي سرا
هئا. ڪنهن کي ڪپڙن خريد ڪرڻ جو شوق، ڪنهن کي
پراڻيون عمارتون ۽ جڳهيون ڏسڻ جو مرض، ڪنهن کي
جهاز جي ڪمري ۾ ئي وقت گذاري
پئسا بچائڻ جو شوق ته ڪنهن کي پنهنجي ايندڙ
انجنيئر جي امتحان جي پڙهائي جو فڪر، هانگ ڪانگ ۾
باقي ٻه ڏينهن هئا ته جهاز جي ٻن جونيئر انجنيئرن،
ٻه ففٿ انجنيئرن، ٻه فورٿ ۽ ٻه اليڪٽريڪل انجنيئرن
کي مين انجن جي Indicator
Card وٺڻ
۽ جنريٽر جا ڪاربن Bushes بدلائڻ
بابت ٻڌائيندي، چيو هئائين.
"جهاز پهرينءَ هانگ ڪانگ پهچي رهيو آهي، آئون
توهان کي اهو ته هرگز نه چوندس ته ڪو توهان ڪنهن
ڌارئي عورت سان نه سمهو. اها هڪ اهڙي شيءَ آهي،
جيڪا هر ماڻهو کي خود ئي سوچڻ گهرجي ۽ جيترو جلد
اوترو بهتر. آئون توهان کي فقط اها ڳالهه سوچڻ
لاءِ مجبور ڪندس ته عورتون ٻن قسمن جون توهان سان
ٽڪرائبيون.
هڪ اهي جيڪي پنهنجو اگهه سنئون سڌو بنا ڪنهن هٻڪ
جي چئي ڏينديون ۽ ٻيون اهي جيڪي خاموشي اختيار ڪري
توهان کي ڪٿڻ ۽ ڪڇڻ لاءِ مجبور ڪنديون. جيڪڏهن
پهرين قسم جي آهي ته توهان کي يڪدم ڄاڻ پئجي ويندي
ته توهان ڪٿي بيٺا آهيو ۽ پاڻي ڪيترو اونهو آهي،
لنگر ڪيرائجي يا نه. پر ٻيو قسم اهو آهي جنهن کان
توهان کي خبردار رهڻ گهرجي. هوءَ اهو ئي سوچيندي
رهندي ته گراهڪ ڪٿي ٿو ڪسي ۽ هوءَ هميشه توهان مان
وڏي اميد رکندي توهان پڪاڻي ڪندا رهندا. بهرحال
دنيا ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا به ذليل شيءَ آهي ته ڪا
نه، ته جهاز جو هڪ جوابدار آفيسر، توهان جهڙو،
خسيس ڳالهه لاءِ هڪ ڪني رن سان اگهه تي بحث ڪندو
رهي"
"سائين، هانگ ڪانگ ۾ ٽاور پيڪ ضرور ڏسنداسين" هڪ
جونيئر انجنيئر وچ ۾ ڳالهايو.
"هون"! چيف انجنيئر خفي ٿي وراڻيو، ڄڻ ڪواب
کائيندي ڪنهن کي هڏو ڦاسي پوي، "ٽاور پيڪ به ڏسڻ
جي جاءِ آهي، آئون ته جڏهن ڇٽيهون، دفعو هانگ ڪانگ
آيو هوس شادي ڪري پنهنجي زال سان گڏ، تڏهن اهو
ڏٺم، ان کان اڳ رڳو هانگ ڪانگ جا ڪلب، چڪلا، ٻار ۽
هوٽلن جي خبر هوندي هيم"
جهاز جڏهن هانگ ڪانگ پهتو ته هڪ ڏينهن شام جي
چانهه تي، ڪنهن همراهه هانگ ڪانگ جي معاشي ترقي ۽
محنت جو ذڪر ڪڍيو. ڪنهن چيف انجنيئر کان به کڻي
راءِ ورتي، ۽ پوءِ ته ٻئي کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي
نه مليو.
"ها واقعي هانگ ڪانگ ڏاڍي ترقي ڪئي آهي، هاڻ ته ڪا
ڇوڪري کنگهي به ڪا نه ٿي، نه ته اڄ کان فقط پنج
سال اڳ تائين، اها حالت هئي، جو جهاز اڃا پري
ائنڪريج (کلئي سمنڊ) تي بيٺو آهي ته ڇوڪرين جا
ٽولن جا ٽولا ٻيڙين رستي جهاز تي پهچي ويندا هئا.
هڪ هنگامو متل هوندو هو. حالت اها هوندي هئي جو
اسان ڪمرن کي اندران ڪلف چاڙهي ويهندا هئاسين. ڌڪا
ڏيئي ڪڍبو هون، ته به ڇوريون نه نڪرنديون هيون.چونديون
هيون ته هاڻي آيون آهيون، ته ٻيو نه ته فقط ماني
کائڻ ڏيو ۽ رات ٽڪڻ لاءِ ڇڏيو.۽
هاڻ ته سائين سڀني جو نڪ مٿي آهي. نوڪريون، ڌنڌا،
پورهيا ايترا ته ڏسندي ئي ڏسندي وڌي ويا آهن، جو
هتي جي سڀني ماڻهن کي ته سٺن پگهارن واريون
نوڪريون ۽ ڌنڌا آهن، پر ڌارين ملڪن جا به ڪمائڻ
لاءِ هتي ٿا اچن. ڏسندي ئي ڏسندي هانگ ڪانگ جو سڪو
چوٽ چڙهي ويو آهي. آمريڪا جي ڊالر ۽ انگلينڊ جي
پائونڊ کي به ڪو هتي نٿو کنگهي. هاڻ ته ڪا ڇوڪري
بار ۾ پيئڻ لاءِ ڪمپني ٿي ڏئي ته ان جا به پنجويهه
هانگ ڪانگ ڊالر ٿي وٺي!“
هڪ رات ٻارهين وڳي ڌاري، چيف انجنيئر جي ڪئبن جي
بتي ٻرندي ڏسي انجڻ جي مرمت لاءِ ٺاهيل لسٽ وڃي
ڏنيمانس، جيئن صبح سان هانگ ڪانگ واري آفيس ڏي
موڪلي سگهي. پاڻ اڪيلو پي رهيو هو. سڄي جهاز تي
سندس پيالي ڀائي- ريڊيو
آفيسر هيٽر تي بيدا تري رهيو هو. ڪچي ووڊڪا جو
گلاس ڀري منهنجي اڳيان رکيائين. آءٌ کلڻ لڳس ته
چيائين:
”ڪمال آهي الطاف. تون ڪهڙو سنڌي آهين؟ منهنجو هڪ
سنڌي دوست جهڏي جو زميندار آهي. خاص شراب پيئڻ
لاءِ فصل لهڻ تي ڪراچي اچي رهندو آهي.“
”خير مونکان نه هلندي. جهڏي جو زميندار ڀلي عيش
ڪري. هونءَ سنڌين جي دين ڌرم
۾ اهو لکيل ڪونهي ته هو ضرور پيئن.“
”يار تڪلف نه ڪج. آءٌ تنهنجو آفيسر آهيان ته ڊيوٽي
وقت. ان بعد دوست آهيون.“
”تڪلف جي ڳالهه ناهي، سائين. زور ٿا ڪريو ته ڪمپني
خاطر ڪو بيئر يا ليمنڊ هجيو ته اهو کڻي ڏيو. باقي
هيءَ نج ڪچي
ووڊڪا منهنجا آنڊا ساڙي ڇڏيندي.“
”اڙي يار، بيئر يا ليمنڊ کي ڪير ڪافر ٿو شراب سڏي.
ڀلا ويهه ته خبرون چارون ڪريون.“
”پڇو جيڪي وڻو.“
”چيف انجنيئري جو امتحان ڪڏهن ٿو ڏين؟“
”بس سائين، سي ٽائيم پورو ٿي ويو آهي. پڙهائيءَ ۾
مشغول آهيان. سوچيان پيو ته هن سال ڪراچي يا لنڊن
وڃي ڏئي اچان. پاڻ توهان ڪجهه ٽيوشن ڏيوم.“
”اڙي يار، هيءَ منهنجي عمر آهي پڙهائڻ جي، هو ٽهڪ
ڏيندي چوڻ لڳو، ”حساب ته لڳاءَ ان کي ڪيترا سال
ٿيا، جڏهن مون چيف انجنيئري جو امتحان ڏنو هو!
1949ع جو زمانو هو اهو! بلي بلي! تازو چين ۾
انقلاب آيو هو. مئوزي تنگ اهڙي ته باه ٻاري ڏني،
جو سٽڪن جي ڊپ کان شنگهائي، پيڪنگ ڪئنٽن جو سڀ
رنون چين ڇڏي اوسي پاسي جي ملڪن هانگ ڪانگ، فلپين،
تائيوان ۾ انبار ٿيڻ لڳيون. هاڻ چينين جا ٻه قسم
آهن. هڪڙا شريف ۽ ايماندار جيڪي مائوزي تنگ وٽ ئي
رهيا پيا آهن ۽ ٻيا
هي لاه، جيڪي هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ تائيوان پاسي
اچي نڪتا آهن....“
ريڊيو آفيسر تريل بيدا اچي اڳيان رکيا. فراءِ بيدا
هڪ پليٽ ۾ ۽ آمليٽ ٻيءَ ۾. ساڳيا بيدا هئا، پر فرق
پچائڻ جو هو. ڊبل روٽيءَ جي ٻن پترن جي وچ ۾ آمليٽ
بيدو رکي، سئنڊوچ ٺاهيو هئائين.
اهڙيون ٻيون انيڪ ڳالهيون اسانجي ان چيف انجنيئر
جون، جي ڪڏهن ڪڏهن ياد اينديون رهنديون آهن ۽ هنکي
هميشه اها شڪايت هوندي هئي ته سندس سڄو انجنيئري
اسٽاف حد کان وڌيڪ شريف آهي. جيتوڻيڪ ان وقت جي
ڪئپٽن کي ان کان مختلف شڪايت هئي، سندس ڊيڪ
آفيسرين بابت خاص ڪري ڪئبوٽن
لاءِ ته:
”......هون، اڄ ڪلهه جا ڪئڊٽ ته ڏسو. رڳو فيشن ۾
نخري تي زور اٿن. جمعو جمعو اٺ ڏينهن به نه ٿيا
اٿن ته رڳو Navigation جو
پيا سوچين. باقي Sea-Man
ship کان
ٻرو ٿو وٺين. اسان ڪئڊٽ هوندا
هئاسين ته صبح کان شام تائين ڊيڪ تي چپنگ ۽ پينٽنگ
۾ گذاريندا
هئاسين. جهاز
جي هڪ هڪ شيءِ جو نالو برزبان ياد هوسين. موڪل جو
ته سوچيندائي نه هئاسين. جيڪڏهن چيف آفيسر يا
ڪئپٽن ڪنهن پورٽ ۾ خوش ٿي خرچي ڏيندو هو ته گڏ
ڪندا ويندا هئاسين ۽ وطن ورڻ تي ڀائر ڀينرن لاءِ
شيون وٺي ويندا هئاسين. پر اڄڪلهه جا ڪئڊٽ
الاامان! کين ڪنهن پورٽ ۾ سندن گهٽ پگهار جو سوچي
چاليهه پنجاهه رپيا کن خرچي جا کڻي ڏي، ته يڪدم
ٻئي ڏينهن ڊيوٽي کان موڪل وٺي ڪنهن ڇوڪريءَ سان
وڃي سمهندا.“
ٻئي دفعي هانگ ڪانگ جڏهن آياسين ته نئون چيف
انجنيئر ٽيهن سالن جو نوجوان، گهٽ تجربي جي هوندي
به بيحد هوشيار سيد اڪبر غازي هو. طبيعت ۽ عادتن ۾
پهرين کان بلڪل نرالو. هر وقت جهاز جي انجڻ ۽
پنهنجي زال جو فڪر هوندو هوس. ڊسيپلين ۽ يونيفارم
جو پابند. پهرين ڏينهن ئي سڄي اسٽاف کي جهاز،
ڪمپني ۽ سندس اصول ۽ قاعدا قانون واضح ڪيائين ته
ڪنهن به انجنيئر آفيسر کي ڪنهن به ڌارئين بندرگاه
۾ ڪنهن به ڇوڪريءَ سان شادي يا شادي بابت وعدو
ڪرڻو ناهي، انجڻ روم وارو چئمپلڊائننگ
سئلون ۽ سموڪ روم ۾ پاڻي نه
اچڻا آهن، ريفريجريشن انجنيئر کي خط استوا وارن
ملڪن يا سمنڊن تان لنگهڻ وقت بنا پڇڻ ۽ ٻڌڻ جي
ايئر ڪنڊيشنڊ هلائڻو پوندو. ٿرڊ انجنيئر کي هر
ڇنڇر ڏينهن جهاز جي Life-boat جي
انجڻ ٽيسٽ ڪرڻي پوندي، چاهي جهاز ٻڏڻ جي اميد هجي
يا نه. بيمار انجنيئر کي ڪنهن ملڪ جي اسپتال ۾
داخل ٿيڻ وقت ڪنهن به نرس جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت
ناهي ۽ نه چاڪ ٿي اچڻ وقت ڪنهن به نرس کي دعوت ڏئي
جهاز جي ڪئبن ۾ آڻڻو نه آهي. باه وسائڻ لاءِ Fire-Extinguishers۽
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ Flooding
System هميشه
تيار رکڻو آهي..... وغيره وغيره.ڍ
پهرين هفتي ئي مونکان جونيئر انجنيئرن بابت
پڇيائين ته:
”هو فرصت جي وقت سمنڊ تي ڇا ڪندا آهن.“
”سائين ڪي "آداب ارض" پڙهندا آهن، ڪي اخبار جهان
جو مستقل ڪالم "تين عورتين تين ڪهانيان" پڙهندا
آهن. ڪي ٽيبل ٽينس کيڏن ۽ ڪي سگريٽ جي پاڪيٽن تيFlash کيڏين.“
”هاڻ توهان اهي ڌنڌا ڇڏي ٻي Voyage کان
انجنيري جي ڪتابن جو دور ڪندا ڪريو ۽ ٽيڪنالاجي جي
دنيا ۾ نت نيون ٿيندڙ ايجادن سان واهپو رکو.“
نماز ۽ روزي جو ايترو ئي پابند، جيترو جهاز جو
سيڪنڊ آفيسر روزانو صبح جو اٿيSextant تي
سائيٽ وٺڻ جو. رات جو ٽين وڳي اٿي تهجد پڙهندو هو.
انجڻ روم جي هڪ هڪ مشين سان گهرو تعلق ۽ فڪر.
”الطاف جنريٽر جو ڇا ٿيو؟“
”خدا جي فضل سان هاڻي ٺيڪ آهي Locating
bearing بدلائڻ
سان Lubrication جو
مسئلو حل ٿي ويو آهي. سندس ٽربو چارجر به صحيح ڪم
پيو ڪري.“
”او ويري گڊ. ويري گڊ! آءٌ اڄ تمام خوش آهيان.
توکي به هينئر ئي ٻه رڪعتون نفل شڪراني جون ادا
ڪرڻ کپن. پروردگار جون مهربانيون آهن، جيڪو برن ۽
بحرن ۾ بندي کي پيو هلائي نه ته ڪمزور انسان کي ڇا
طاقت آهي. تون اهو نٿو محسوس ڪرين ته پاڻکي سڄو
ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ هندي وڏو سمنڊ هڪ ئي جنريٽر تي
لتاڙڻو پوي ها. ۽ اهو ڪيڏو نه جوکائتو ڪم هو!“
هانگ ڪانگ پهچڻ کان اڳ پڇيائين، ”الطاف هانگ ڪانگ
۾ هڪ تمام وڏي ۽ خوبصورت مسجد اٿئي.“
”هڪ ته ڪولون پاسي ناٿن روڊ تي پارڪ جي وچ ۾ نظر
ايندي آهي.“
”ها، "ميرامار" هوٽل کان ٿورو اڳتي. ڪڏهن مون سان
تون جمعي جي رات اتي هلجانءِ.
وڏا عالم ۽ علماءِ اچي ٿا گڏ ٿين، جن جون ڳالهيون
ٻڌڻ سان انسان جي اندر ۾ هڪ نئون اجالو اچيو وڃي.“
ڪراچي جڏهن جهاز پهتو ته سندس زال بيمار ٿي پئي ۽
آخري ڏينهن تائين اسپتال ۾ هئي. نتيجي طور پاڻ
اسان سان گڏ Sail ڪري
نه سگهيو. چيف انجنيئر وري نئون آيو آهي. ۽ جونيئر
انجنيئر ڪنهن مفڪر يا سائنسدان وانگر ان کي جاچي
رهيا آهنب ته: نئون اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي.
ڪجهه هانگ ڪانگ جي تاريخ جاگرافي بابت- راڪاس
جي پير جو ننهن - اڳ
جو چين سنڌي وڏيري مثل هو.
DO NOT AWAKE YELLOW LION
هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) ۽ سندس ٻيو حصو ڪولون
ائين سمجهڻ گهرجي، جيئن سنگاپور ۽ مليشيا جي پوڇڙ
جو حصو ”جوهر“، يا جيئن اسان وٽ منوڙو ٻيٽ ۽
پاڪستان جو آخري پوڇڙ ڪياماڙي جنهن کانپوءِ سمنڊ
آهي. ڪولون به ڪيماڙي وانگر آهي، جو عوامي چين
جهڙي راڪاس جي پير جو ننهن سمجهڻ گهرجي. ڪولون جي
ريلوي اسٽيشن کان ڪئنٽن (عوامي چين) جي ريلوي
اسٽيشن فقط نوي ميل آهي ۽ روزانو ڪولون ۽ ڪئنٽن جي
وچ ۾ مسافر ۽ مال گاڏيون هلن. ڪيترا چيني هانگ
ڪانگ ۾ اهڙا آهن،جن جا مائٽ مٽ اڃان تائين عوامي
چين ۾ رهندا آهن. هانگ ڪانگ جو لووو اسٽيشن بعد
لوڪماچو (Lokmachau) اسٽيشن
پوليس ۽ اميگريشن جي چونڪي آهي. جتي ايندڙ ويندڙن
جي سخت چڪاس ڪئي ويندي آهي. پهرين ايتري سختي نه
ٿيندي هئي، پر ڏينهون ڏينهن جڏهن عوامي چين مان
گهڻا چيني ڀڄي هانگ ڪانگ پاسي (ٻين لفظن ۾ آزاد
دنيا ۾) اچڻ لڳا ۽ آدمشماري حد کان وڌيڪ هانگ ڪانگ
جي لڳي ته ٻنهي ڌرين (عوامي چين ۽ هانگ ڪانگ جي
انگريز سرڪار) خشڪي ۽ پاڻيءَ تي سخت پهرو بيهاري
ڇڏيو. شروع شروع ۾ هانگ ڪانگ ڪالوني جي آدمشماري
فقط پنج هزار هئي. 1898ع ۾ اڍائي لک
تائين ٿي
وئي. 1921ع
۾ ڇهن لکن کان چڙهي وئي ۽ 1941ع ۾ پندرهن لکن
تائين وڃي پهتي. ٻي
جنگ عظيم ۾، سن 1941ع ۾ جپانين هانگ ڪانگ تي قبضو
ڪيو ۽ 1945ع آڻ مڃڻ وقت هانگ ڪانگ وري انگريزن جي
قبضي ۾ آيو. جنگ جي ڪري سڀ واپار وڙو،
هند ڌنڌا سڀ بيهي ويا هئا. انگريزن اوسي پاسي ۾
رهندڙهنرمند
چينين کي گهرائي هانگ ڪانگ ۾ رهايو ۽ ٿورن ئي سالن
اندر هانگ ڪانگ وري ترقي ڪرڻ لڳو. 1949ع ۾ عوامي
چين ۾ انقلاب آيو ۽ شنگهائي تي ڪميونسٽن جو قبضو
ٿي ويو. شنگهائي جيڪو دنيا جو تن ڏينهن ۾ مشهور
ترين شهر هو، مائوزي تنگ جي انقلاب تي، ان جو سڀ
بئنڪون، واپاري ڪمپنيون ۽ دور دراز ملڪن ڏي ويندڙ
جهازن جو آفيسون سڀ هانگ ڪانگ اچي ويون. هانگ ڪانگ
۾ اڄڪلهه اڻ ڳڻت شپنگ آفيسون آهن. چيو وڃي ٿو ته
انهن جو انگ ٽن سون کان به مٿي ٿيندو، ٽئڪس فري
ملڪ هئڻ ڪري ۽ واپار جي سهولتن ۽ ڪمائي جي وڌندڙ
ذريعي ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو هتي اچڻ لڳا.
1947ع ۾ هندستان پاڪستان ٿيو. سنڌ جا هندو جيڪي
واپار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، تن جو وڏو حصو هتي
هانگ ڪانگ ۾ اچي رهيو، جتي پهرين کان ڪجهه واپار
جي سهوليتن ۽ سولاين ڪري لڏي اچي رهيا هئا. بهرحال
1950ع کانپوءِ به ڏينهون ڏينهن هتي جي آدمشماري
وڌندي رهي ٿي ۽ زمين کٽندي وڃي. حالت اها آهي جو
ڪيڏو سمنڊ جو حصو ڀنجهونءَ ۽ پٿرن سان ڀري سڪي
ٺاهي ويئي آهي. هانگ ڪانگ جو ڪناٽ روڊ، وان چائي،
ڪئينس روڊ وغيره سڀ اڄ کان ٽيهه سال کن اڳ سمنڊ
هو. پٽ جي اگهه جي اها حالت آهي جو هزار رپيا فٽ
به سٺي
هنڌ تي ڏکيو ٿو ملي!
هانگ ڪانگ ۽ عوامي چين جي وچ ۾ "شام چن" (Shamchun) نالي
ندي، سرحد ٿي ٺاهي. ۽ "شاتائوڪاڪ" (Shataukok) نالي
ڳوٺڙو بلڪل سرحد تي آهي جنهن جو اڌ هانگ ڪانگ جو
حصو آهي ته اڌ عوامي چين جو. ڪنهن زماني ۾ ته هانگ
ڪانگ هڪ غيرآباد (آدمشماري ۽ ترقي جي لحاظ کان)
ٻيٽ هو. جنهن تي ڪجهه مهاڻا رهندا هئا ۽ مڇيون
ڦاسائي پيٽ قوت ڪندا هئا. ان کانسواءِ بحري قزاقن (Pirates) جو
پڻ اڏو هو، جي واپاري ٻيڙن کي سمنڊ تي ڦري اچي
هانگ ڪانگ ۾ پناه وٺندا هئا. پورچوگيز پهريان
يورپين هئا جن آفريڪا جو ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي
هيڏانهن مشرق طرف اچڻ شروع ڪيو. هندستان، سلون،
ملايا، انڊونيشيا طرف وڌي اڳتي چين طرف پڻ پهتا.
ان کانپوءِ انهن پٺيان انگريزن گس ڏٺو پوءِ ته
سائين بس روز: ”سلام اليڪم
جاڙا خان، اسان اچي ويا آهيون پنهنجي ڪتي کي ته
جهلجان.“ وارو لقاءُ هو. پهرين واپار جي بهاني سان
سندن جهاز اچڻ شروع ٿيا، ۽ چين جي شهر ڪئنٽن (Canton) ۾
پير پختو ڪيو. پر ڪئنٽن انگريزن کي ڀانءِ ڪونه پيو
جو انهن ڏينهن جي چين حڪومت جا ساڻن شرط شروط ۽
نمونا اهڙا ته ڏنگا ڦڏا رهيا جو ايسٽ انڊيا ڪمپني
جي چوڻ تي برٽش حڪومت ڪنهن ٻي الڳ ٿلڳ مناسب جڳهه،
واپاري چونڪي لاءِ ڳولڻ لڳي. (هيءَ اها ئي
انگلينڊ
جي ايسٽ انڊيا ڪمپني هئي جيڪا راڻي ايلزبيٿ
پهرينءَ 1600ع ۾ هندستان موڪلي هئي ۽ 1608ع ۾ سندس
پهريون جهاز ڪئپٽن وليم هائڪنس جي ڪمانڊ هيٺ سورت
پهتو هو.) بهرحال انگريزن هانگ ڪانگ جي ٻيٽ تي
1842ع ڌاري قبضو ڪيو جيڪو انهن ڏينهن ۾ (يعني فقط
سوا سؤ سال کن اڳ) هڪ ويران جڳهه هئي جنهن لاءِ
انگلينڊ
۾ ته خوب گلا ڪئي وئي هئي ته ههڙي جڳهه ڪيئن
واپاري مارڪيٽٿي سگهندي. (هيءَ انهيءَ سن جي لڳ ڀڳ
جي ڳالهه آهي. جڏهن لارڊ ايلنبرو سنڌ ۾ سرچالس
نيپيئر جي سالاري هيٺ لشڪر موڪليو. جن مياڻي ۽ دٻي
جي لڙائيءَ ۾ ميرن کي شڪست ڏئي 1843ع ۾ سنڌ فتح
ڪئي.)
هانگ ڪانگ ٻيٽ جي ايراضي اوڻٽيهه چورس ميل ٿيندي.
هانگ ڪانگ چيني لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي
”خوشبودار بندرگاهه“ (هانگ معنيٰ خوشبوءِ ۽ ڪانگ
معنيٰ بندرگاهه) اهو ان تي نالو ان ڪري پيو، جو
انهن ڏينهن ۾ اوسي پاسي جي سمنڊ ۾ مڇيون ماريندڙ
مهاڻا هتان پيئڻ جو پاڻي کڻڻ ايندا هئا، جو هتي
ابردين جي ڀرسان هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو هوندو
هو. ”جيڪو اڃا تائين موجود آهي“ ۽ اُن پاڻي کي خوشبودار
سمجهيو ويندو هو. (جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ عام پاڻيءَ
کي "مٺو پاڻي" سڏيو ويندو آهي ۽ عام طرح ائين ٻڌڻ
۾ ايندو ته ابا فلاڻي کوهه جو مٺو پاڻي آهي.“ ان
جو مطلب هر گز ناهي ته ان کوهه مان روح افزا يا
ٺٽي جي شربت جا ٻڪ ڀرجيو ٿا نڪرن! ۽ ان جي ڀيٽ ۾
واٽر ڪورس يا شاخ جو ميرو پاڻي، يا اها زمين جنهن
جي تهه ۾ لوڻياٺ (Salts) گهڻا
هوندا آهن اتي جي کوهه جو پاڻي اڻ وڻندڙ ذائقي جو
ٿيندو آهي، جنهن کي ٻاڙو پاڻي سڏيو ٿو وڃي. اهڙي
طرح اسان جهڙا انسان جن کي بقول شاه لطيف جي:
کيڙائن کارو، سنجهيئي ساريو،
آيل! امارو، آهين پرئين پار جو.
۽ جن
جو ڏينهن رات جو واهپو سمنڊ جي کاري ۽ ککي بوءِ
واري پاڻيءَ سان رهي ٿو، تن لاءِ هي پيئڻ جو پاڻي
جيڪو ٻين لاءِ کڻي عام هجي، وڏي حيثيت رکي ٿو ۽
خوشبودار ۽ مٺو لڳي ٿو. اڄ جي ماڊرن زماني ۾ جڏهن
هر هڪ جهاز ننڍڙو شهر آهي، ۽ سندن تيز رفتاريءَ
دنيا جي بندرگاهن کي ڳنڍي ڇڏيو آهي، ۽ هر جهاز تي
پاڻي ٺاهڻ جي(Evaporator) ٺاهي.
جيتوڻيڪ ڪربلا جو قضيو ۽ عليءَ جي اولاد جي شهادت
جو سختيون، اڄ جي سامونڊي ۽ وڻجاري کي وسري ويون
آهن، ته به ايترو آهي جو پيئڻ جي عام پاڻيءَ کي
فقط پاڻي نه پر عزت سان تازو پاڻي Fresh
Water سڏجي
ٿو. ۽
اڪثر هر جهاز تي نون آيلن کي نصيحت ڪئي ويندي آهي
ته: جهاز تي تازو پاڻي ضايع نه ڪريو. ۽ ڪيترن
بندرگاهن (مثال طور دبئي، دوحا، قطر، بيروت ۽ ٻيا
اهڙا جن ۾ درياءَ يا کوه
ناهن ۽ سمنڊ جي کاري پاڻي مان مشينن ذريعي مٺو
پاڻي ٺاهيو ويندو آهي، يا بارش جو پاڻي گڏ ڪيو
ويندو آهي)، جهاز لاءِ پاڻي وٺبو آهي ته تمام گهڻي
قيمت ڏيڻي پوندي آهي، ۽ تمام خيال سان پاڻي خرچ
ڪرڻو پوندو آهي. هار- وير يا ڌوپ لاءِ ته سمنڊ جو
پاڻي استعمال ڪبو آهي. ساڳي طرح اوسي پاسي ۾ پاڻي
نه هجڻ ڪري هانگ ڪانگ جي ان چشمي جو وڏو قدر ڪيو
ويندو هو. آفيمي جنگ (Opium
War) جي
چڪرن ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي فتح ٿي ۽ انهيءَ چڪر ۾
انگريزن کي 1842ع ۾ هانگ ڪانگ ٻيٽ ملي ويو.
(فرينچن ۽ انگريزن زوريءَ چينين کي آفيم کائڻ تي
هيرايو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويا ۽ سڄو چين، نشئي
۽ آفيمي بنجي ويو هو ۽ ڌارين کي جيئن ٿي وڻيو تيئن
ٿي لٽيو، اڏايو ۽ عيش ڪيو. عوامي چين جا شهر
شنگهائي، ڪئنٽن، پيڪنگ وغيره جي هينئر هڪ مسجد يا
ڪليس وانگر پاڪ ۽ خشڪ ٿا لڳن، سي ڪنهن زماني ۾
دنيا جي مشهور عياشيءَ جا اڏا
هئا. ۽ هيءَ چيني قوم جنهن کان هاڻ سڄي دنيا ڏڪي
ٿي موالي ۽ چرسين جي روپ ۾ فٽ پاٿن تي پئي هوندي ۽
لولي ٽڪر لاءِ پئي واجهائيندي هئي. ڇاڪاڻ جو ڌارين
کي سندس ڏکندڙ نس جي خبر پئجي وئي هئي، سي چينين
کي آفيمن جا مڻن جا مڻ ڏئي ٻي دولت پيا ڇڪيندا
هئا. نيپولين ته پنهنجي ڪتاب Memoirs
of Napoleon ۾
هڪ هنڌ چيني باشندن بابت لکيو آهي ته:
Do not awake the yellow lion; otherwise there
will be peril for whole world. ۽
اڄ جڏهن اهو پيلو شينهن (چيني) سجاڳ ٿي ويا آهن ته
آمريڪا جهڙو ملڪ (جنهن چين کي تسليم ئي ڪونه ٿي
ڪيو) سو دوستي لاءِ پاڻ هليو پيو اچي! 1949ع ۾
مائوزي تنگ ملڪ ۾ انقلاب آڻي پهرين ته لکين چيني
عادي آفيمين کي سر عام گولين سان مارايو،
ان بعد هن نشي تي بندش وجهي ڇڏي ۽ اڄ اسي ڪروڙ
چيني آفيم ڇڪڻ بدران ملڪ جي بچاءُ لاءِ ائٽم بم،
هئڊروجن بم، ميزائل، ائٽمي ميزائل، توبون، بارود،
جنگي جهاز ۽ رائفلون ٺاهي رهيا آهن!
انگريزن کي جن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ جو ٻيٽ مليو،
انهن ڏينهن ۾ چين ۾ چينگ(Ching) سلطنت
جي حڪومت هئي. پاٽنجر برٽش حڪومت طرفان سولجر ۽
ڊپلوميٽ جي حيثيت ۾ ان آفيمي جنگ جي خاتمي جو صلح
نامون ڪرائي، هانگ ڪانگ جو پهريون گورنر ٿيو، ۽
چينين جي سرزمين تي ڏور ڏيهه کان آيل انگريز ڄمائي
ويهي رهيا. يعني اهو ئي ڪجهه ٿيو ۽ ٿيڻ لڳو جو ان
کان اڳ نائجيريا، ڪينيا (آفريڪا)، هندستان ۽ سلون
وغيره ۾ ٿي چڪو هو.
1860ع ۾ هانگ ڪانگ ٻيٽ سان ڪولون Kowloon جا
ٽي ميل پڻ ڳنڍيا ويا ۽ 1898ع ۾ چين جي سرزمين جا
وڌيڪ تي سو پنجهٺ ميل، نوانوي سالن لاءِ انگريزن
ليز (Lease)تي
کنيا بلڪه انگريزن جي گهر تي چين کي ڏيڻا ئي پيا،
جو انهن ڏينهن
۾ چين هڪ سنڌي وڏيري وانگر هو هڪ رات هيرامنڊيءَ ۾
يا ڪراچي جي سوسائٽي ۾ اتر کان يا ولايت کان
امپورٽ ٿيل حسينا سان گذري، باقي ٻني ٻارو وڪامجي
وڃي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. پنهنجا هاري غريب
دربدر ٿين ۽ ڌاريان اچن، ته کيس ڪهڙو الڪو: بهرحال
هاڻوڪو چين اڄ جي سنڌي شاگرد ۽ اديب وانگر سجاڳ،
مضبوط، ڏکن جو ڏڌل ۽ هر مشڪل کي منهن ڏيڻ وارو
آهي. ڪن مصلحتن ڪري هانگ ڪانگ واري معاملي ۾ في
الحال ماٺ ڪري ويٺو آهي، تيسين هانگ ڪانگ جهرڪي جي
ٻچي جيترو هڪ راڪاس جي پاڇي
هيٺ
پلجي رهيو آهي. هانگ ڪانگ جو وڏو حصو New
Territories جيڪو
نوانوي سالن جي (Lease) تي
آهي ڇويهه سالن بعد اهو مدو ختم ٿي ويندو، ان بعد
ٿي سگهي ٿو ته جاڙي خان کي چوڻو پوي ته: ”ادا،
مونکي پاڻ ئي ڪتو ٿو کائي!“ ۽ انگريزن ۽ ڌارين کا
هانگ ڪانگ مان نڪرڻو پوي. في الحال ته هتي جا
ڌاريان رهاڪو اوڌر جي وقت تي رهي رهيا آهن.
هانگ ڪانگ ۾ ڳالهائڻ ۾ ايندڙ چيني زبان جا ٻيا
ڪيترائي قسم آهن. پر عام طرح ڪئنٽونيز (Cantonese) ڳالهائي
ٿي وڃي جا سرڪاري زبان پڻ آهي. چين ۽ تائيوان ۾ پڻ
اها ٿي
هلي. |