سيڪشن: سفرنامه

ڪتاب: وايون وڻجارن جون

باب:

صفحو:1

وايون وڻجارن جون

(سفرنامو)

الطاف شيخ

گذارش

نيو فيلڊس پبليڪيشنس جو هي تيرهون ڪتاب آهي. انهيءَ کان اڳ وارا ڪتاب اسان اٺين رپين ۾ ڏنا آهن، پر هاڻ مهانگائي سبب اٺين رپين ۾ ٻه سؤ صفحا ڏيڻ ممڪن نه رهيو آهي، تنهن ڪري لاچار هن دفعي ٻن رپين جو واڌارو ڪيو ويو آهي.

"وايون وڻجارن جون...." جو هيءُ ٻيو ايڊيشن آهي، پهريون اڄ کان ڇهه سال کن اڳ شايع ٿيو هو، ۽ جڏهن الطاف اهي سفرناما لکيا هئا، تڏهن ٿرڊ ۽ سينئر ٿرڊ انجنيئر هو، ۽ هاڻ چيف انجنيئر آهي.

اهو سفر نامو جڏهن ڇپيو هو، تڏهن به تمام گهڻو مقبول ٿيو هو، هن وقت به انهيءَ ڪتاب جي تمام گهڻي گُهرَ آهي. اميد ته پڙهندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب دلچسپ ثابت ٿيندو.

- ادارو

سفرنامو - جيل نامو

(پهرئين ايڊيشن جو پيش لفظ)

الطاف جي هن سفرنامي جو جيل سان فقط ايترو تعلق آهي جو هن سفرنامي جو پيش لفظ مان پيو لکان ۽ مان هن وقت جيل(ٿاڻي) ۾ آهيان. الطاف جي سفرنامي ۾ هانگ ڪانگ جو احوال آهي، ۽ مون وٽ جيل جو احوال. البت اها ڳالهه مڃان ٿو ته الطاف جي سفرنامي ۾ هانگ ڪانگ جو رنگين ماحول، ڪارائتي معلومات ۽ دلچسپي آهي، پر منهنجي پيش لفظ ۾ اونداهي کولي ۽ ٿاڻي ۾ پهرئين ڏينهن پيش آيل واقعي جو مختصر احوال.

عجيب اتفاق آهي ته الطاف جي سفرنامن جو پهريون مجموعو منهنجو ساگر، منهنجو ساحل به مون ڇپرايو هو ۽ پيش لفظ به مون لکيو هو ۽ هيءُ مجموعو به مون ڇپيو آهي ۽ پيش لفظ به مان لکي رهيو آهيان. فرق فقط اهو آهي ته پهريون پيش لفظ الطاف جي خواهش ۽ زور ڀرڻ تي لکيو هوم، ۽ هي پيش لفظ، الطاف جي خواهش بنا، پنهنجي خواهش تي لکيو اٿم. پهريون پيش لفظ آزاد فضا ۾ ۽ ٻيو جيل جي کوليءَ جي ٻوساٽيل ماحول ۾.

7- اپريل 1974ع تي صبح جو مان پنهنجي دوست فيروز وٽ وڃڻ لاءِ گهران نڪتس ته سادي لباس ۾ پوليس جو هڪ اي ايس آءِ ۽ پوليس وارو آيو. سندن شڪلن مان سڃاڻي ورتم ته پوليس جا ماڻهو آهن. آفيس کولي ويهاريم. انهن جي ويهندي ئي ٻه اي ايس آءِ ۽ ٽي پوليس وارا ٻيا به ڪمري ۾ گهڙي آيا. هنن ٻڌايو ته ٿاڻي تي سڏ ٿيو آهي، سمجهي ورتم ته گرفتار ڪرڻ آيا آهن. سٽي ٿاڻي تي آيس ته ايف آءِ آر ڏيکاريائون. مون تي ٻه ڪيس هئا. جن ۾ هڪ ڊي پي آر جو هو. انهيءَ ۾ ضمانت نه ورتائون، باقي ٻئي تي غلام نبي مغل جي ضمانت ورتائون، ٿوري دير ۾ ڪجهه دوست ٿاڻي تي پهتا، جن ۾ هڪڙو منهنجو ويجهو دوست ارشاد قاضي به هو. ڪجهه دير کان پوءِ مغل وڪيل وٽ ويو ۽ مون کي لاڪ اپ ۾ بند ڪيائون. ارشاد گڏ هو، ٿوري دير بيٺو ۽ پوءِ منهنجي لاءِ هنڌ ۽ ضروري سامان کڻڻ لاءِ ويو.

لاڪ اپ جي اها کولي ننڍي ۽ انتهائي گندي هئي. ڌپ کان مٿو ٿي ڦاٽو. جڏهن ارشاد هليو ويو ته مون کوليءَ جو جائزو ورتو: هڪ تڏي تي، بلائينڪيٽ وڇائي هڪ پنجاهه پنجونجاهه سالن جو پوڙهو ويٺو هو. مان سندس ڀرسان ئي ويهي رهيس. هڪ ٻئي کان خبرون پڇيونسين. هو ٺيڪيدار هو، ۽ ذاتي دشمني ڪري(بقول سندس) هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاٿو هو. سندس ڪيس صادق آباد(پنجاب) ۾ داخل ٿيو هو. رات جو وڃڻو هوس. ڳالهين ۾ جڏهن خبر پيس ته مان رسالي جو ايڊيٽر آهيان ته ٻڌايائين: "رات اوهان جو هڪڙو اديب، جنهن ٻڌايو هو ته هو وڪيل آهي، هتي ڪجهه ڪلاڪ هو." مان سمجهي ويس ته اهو رسول بخش پليجو هو، جنهن جي ضمانت ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿي ويئي هئي، ڇاڪاڻ ته هن تي D-P-R جو ڪيس نه هو.

ٿوري دير کان پوءِ ارشاد هنڌ، بيگ ۽ ماني کڻي آيو. پوليس هنڌ ۽ ماني مون کي ڏني پر بيگ لاءِ ٿاڻي وارن چيو ته في الحال ٻاهر رکو. پيٽ ۾ تڪليف ۽ نرالي جاءِ ڪري ماني کائڻ تي دل نه ٿيم، سا موٽائي ڇڏيم. ارشاد کي چيم ته هو دوست وڪيل عبدالحليم بروهيءَ کي ڏسي، ۽ منهنجي هڪ ويجهي دوست فيروز کي ٻڌاءِ.

مان هنڌ وڇائي، ميري ۽ گندي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيس. کوليءَ جي ڀت جديد آرٽ جي، آرٽ گئلري ٿي لڳي. ڪٿي شعر، ڪٿي تصويرون ۽ ڪٿي ائڊريسون لکيل هيون. اوچتو ٽن نالن منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. اهي نالا هئا: يوسف جکراڻي، اسرار احمد سرڪي ۽ شاهنواز شاهه. هر هنڌ نالي جي هيٺيان 5-11-73 جي تاريخ به لکيل هئي اهي ٽئي نالا ٻن ٽن هنڌن تي ڳاڙهي رنگ سان لکيل هئا. پوءِ خبر پئي ته اهي، هن ئي کوليءَ ۾ هئا، اڄ کان چار ڏينهن اڳ سينٽرل جيل ويا آهن. اهي ٽئي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ٻن شاگردن جي قتل ۾ جهليل هئا.

شام ٿي ته پهرين فيروز ۽ ارشاد انهيءَ کان پوءِ غلام نبي مغل، ڪجهه مائٽ ۽ دوست آيا. ارشاد سامان کڻي آيو هو. ڪجهه دير بيهي وري منهنجي ئي ڪم سان هليو ويو. ٻيا به سڀ آهستي آهستي موٽي ويا، فيروز ڪافي دير ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ پوءِ هو به ويو. ارشاد رات جي ماني کڻي آيو، پر مون ماني موٽائي فقط بسڪيٽن جو دٻو ۽ مڇرن لاءِ گلوب وٺي رکيو. ارشاد در وٽ ئي پٽ تي ويهي رهيو ۽ مان ٻئي پاسي هنڌ سيري ان تي ويٺس. وچ ۾ لوهي شيخون هيون. آزادي ۽ قيد جي وچ جي ديوار. ڪافي دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ارشاد مون کي گهڙي گهڙي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ مون مرڪي ٿي ڏنو، نه ڄاڻ پاڻمرادو يا زوري، پوءِ رات جو دير دير سان منهنجي مجبور ڪرڻ تي ارشاد صبح جو اچڻ جو چئي اٿيو.

مون وارو کولي پارٽنر صادق آباد لاءِ روانو ٿي ويو هو. هاڻ هن کوليءَ ۾ مان هوس ۽ تنهائي هئي. عام حالتن ۾، اهڙي گندي ڪمري ۾، مان شايد پير رکڻ به پسند نه ڪريان، پر اتي رهڻ ۽ سمهڻو هو. منهنجو ڏوهه؟ - مون ڇو سچ لکيو، مون ڇو سچ ڇپيو.

کوليءَ جي گـُـهٽ، ٻوسٽ ۽ اندر جي بيچينيءَ ۾ ننڊ ڪٿي ٿي آئي. اٿي ويهي رهيس. پڙهڻ لاءِ ڪتاب هئا، پر ڪمري ۾ اوندهه سبب پڙهي به نٿي سگهيس، نيٺ سوچيم: پڙهي نٿو سگهان، اوندهه ۾ لکي ته سگهان ٿو. پوءِ ياد آيم الطاف جو ڪتاب ڪڏهن کان تيار پيو آهي، سوچيو هوم ته ڪنهن وڏي اديب کان پيش لفظ لکرائيندس. آغا سليم سان ڳالهه به ڪيم، پر سندس اسلام آباد وڃڻ ڪري، ڳالهه اڌ ۾ رهي. سوچيم، هن اوندهه کان فائدو وٺان، ڪجهه الطاف تي، ڪجهه پاڻ تي لکي، اهو بار لاهيان.

الطاف کان اڳ، سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ سفرناما لکيا ويا آهن، قاضي عابد ۽ ڪريمڏني راڄپر يورپ ۽ آمريڪا جا سفرناما لکيا هئا ۽ اهي ڪتابي شڪل ۾ ڇپيا به هئا، پر انهن سفرنامن کي اها شهرت حاصل نه ٿي سگهي، جيڪا الطاف جي سفرنامن کي حاصل ٿي آهي. الطاف بحيثيت هڪ ڪهاڻيڪار، ناڪام ڪهاڻيڪار آهي، پر سفرنامن جي ڪري سندس مقام سنڌي ادب ۾ تمام مٿي آهي. جيترا پڙهندڙ ۽ چاهيندڙ الطاف جا آهن، سنڌيءَ ۾ گهٽ اديبن جا ايترا پرستار هوندا. مان جڏهن به الطاف کي اها ڳالهه چوندو آهيان ته الطاف مذاق سمجهندو آهي ۽ چوندو آهي: "ڇو ٿو هرو ڀرو منهنجو دماغ خراب ڪرين."

مان هڪ رسالي جو ايڊيٽر آهيان، مون وٽ سوين هزارين خط ايندا آهن. ڪيترا پڙهندڙ ملڻ به ايندا آهن. اڪثر الطاف جي باري ۾ پڇندا آهن، شڪل جو ڪيئن آهي. عمر گهڻي اٿس، قد ڪيڏو اٿس، مغرور ته ڪونهي، ڀلا خط لکون ته جواب ڏيندو ۽ مون کي هر ڳالهه جو جواب ڏيڻو پوندو آهي.  پوءِ وري چوندا: ڀلا الطاف جي ڪا تصوير هجي ته ڏيو. چوندو آهيان: آهي ته سهي، پر اِها پنهنجي لاءِ رکي اٿم. وري چوندا: چڱو فقط ڏکاريو. الطاف جي تصوير ڏسي، ائين خوش ٿيندا، ڄڻ روبرو مليا هجن ۽ ڪجهه ته وري سندس هٿ اکر ڏسڻ جي خواهش ڪندا.

ڪنهن اديب جي ڪاميابي انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟

الطاف جي سفرنامن ۾ ڪي وڏيون خوبيون آهن. پهرين ڳالهه ته هو سفرنامن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن، ملڪن جي مشهور بندر گاهن جو سير ٿو ڪرائي، سير سان گڏوگڏ، اتي جي تهذيب، ثقافت ۽ انهن جي مسئلن کان واقف ڪرائي ٿو. سندس سفرنامن ۾ ڪارائتي معلومات هوندي آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ننڍيون ننڍيون دلچسپ ۽ اڻ وسرندڙ جيئريون جاڳنديون ڪهاڻيون، دلچسپ واقعا ۽ وڏي ڳالهه ته مناسب هنڌن تي هنڌائتا لطيفا ٻڌائي، پڙهندڙ کي تفريح جو پورو موقعو ميسر ڪري ڏئي ٿو. الطاف هڪ جادوگر آهي، پڙهندڙ سندس لکڻيءَ جي منڊ ۾ منڊ جيو پوي ۽ جادو تڏهين ٿو ٽٽي جڏهن لکڻي پوري ٿي ٿئي.

الطاف جي هنن سفرنامن جي وڏي خوبي اها آهي ته انهن ۾ الطاف نصيحتون نه ڪيون آهن، نه ته هن کان اڳ جڏهن به سفرناما لکيا اٿس، انهيءَ ۾ هو اديب کان وڌ مبلغ نظر آيو آهي. منهنجو ساڻس انهيءَ ڳالهه تي سدائين اختلاف رهيو آهي ته: سفرناما هڪ معلومات هوندي آهي، مختلف ملڪن جو دلچسپ احوال هوندو آهي. پڙهندڙ مختلف ملڪن جا حالات ۽ واقعات پڙهڻ چاهين ٿا. تون ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي نصيحتون نه ڪندو ڪر. اهڙي طرح تسلسل ٽٽيو پوي ۽ پڙهندڙ ڪڪ ٿيو پوي. پر الطاف تي منهنجي ڳالهين جو اثر گهٽ ٿئي ٿو، هن دفعي مان سمجهان ٿو، گنجائش نه هئي نصيحتن ڪرڻ جي، نه ته ضرور ڪري ها.

طارق اشرف

ڪجهه پاڻ بابت، ڪجهه ڪتاب بابت.....

 

ڪتاب"وايون وڻجهارن جون" توهان جي هٿن ۾ آهي، اهو سڄي بڪ(توهان پڙهندڙن لاءِ) لکڻ  کان پوءِ به، مٿين عنوان هيٺ اڃان به لکڻ چاهيان ٿو- ڪجهه ضرورت محسوس ڪري، ڪجهه هلندڙ روايت ڪري.

منهنجي زندگي نرالي آهي. انجڻين جي گوڙ، شور، مترڪن، پانن ۽ نٽ بولٽن جي دنيا مان جڏهن واندڪائي ملندي آهي (۽ سمنڊ کي سانت ۾ ڏسندو آهيان (ته پنهنجي ٿڪل سرير کي ڪرسيءَ منجهه قيد ڪري ويهي. رنڍا روڙيندو آهيان.

لکڻ منهنجي هڪ وندر(Hobby) آهي. ان ڪري باوجود سنڌي ڇپائي جي مشڪلاتن، پني جي مهانگائي ۽ ڪميشن ايجنٽن جي سورن جي(فقط سنڌي رسالن جا ايڊيٽر ۽ اهي اديب، جن سنڌي ڪتاب ڇپايا هوندا، سي چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهن ٿا)، ڇپائيندو اچان - اهوئي سوچي ته سنڌيءَ ۾ سفرناما تمام گهٽ ڇپيل آهن ۽ جيئن سنڌي سٻاجهڙن کي ٻاهر جي دنيا جي ٿوري گهڻي ڄاڻ هن مان به پئجي سگهي.

پهريون دفعو هانگ ڪانگ اچڻ سان هي سفرناما(هانگ ڪانگ ۽ ان جي پسگردائي جا) لکڻ شروع ڪيا هئم آخري مضمون پورو ڪرڻ تائين ڇهه ست دفعا هانگ ڪانگ ۾ اچي چڪو آهيان. ان وچ وچ ۾ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن جهڙوڪ: جپان، چين، ملايا، سينگاپور، ٿائيلينڊ ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ به وچ ۾ وڃڻ ٿيندو پئي رهيو آهي.

هي سمورا مضمون ڌار ڌار وقتن تي ۽ الڳ الڳ ملڪن ۽ هنڌن تان قسطن ۾(وقت ملڻ سارو) ٽڪرا ٽڪرا لکي پورا ڪيا اٿم. سو ٿي سگهي ٿو(اڃان به ممڪن آهي) ته پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي تسلسل ٽٽل به لڳي، جنهن لاءِ معافي جو طلبگار آهيان ۽ ساڳي وقت هڪ ٻي ڳالهه لاءِ پڻ پڙهندڙن آڏو اڻ مڃيندس ۽ معافي گهرندس ته منهنجا سال جا سمورا ڏينهن مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن سان گذرن ٿا، جيڪي ولائت ۾ ملن ٿا انهن جي به ٻولي گاڏڙ ساڏڙ آهي. ۽ ساڳيو اثر مون تي به ٿيو آهي ۽ باوجود بي انت تمنا ۽ چاهت جي ته سادي ۽ سلوڻي سنڌي ڪم آڻيان، ڪامياب ٿي نه سگهيو آهيان. پنهنجي پر ۾ ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم، پر پڪ اٿم ته ڪيتريون ئي چڪون هونديون- ٻولي ۽ گرامر ٻنهي جون.

ان کان سواءِ منهنجي لکڻين ۾ ٻيون به ڪئين اوڻايون رهجي ويون هونديون، ڇو جو پنهنجي پوڻاين جو پاڻ کي پتو نٿو پوي.

انهن خير خواهه پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان، جي وقت بوقت منهنجي لکڻين تي تنقيد لکي منهنجي رهنمائي ڪندا رهن ٿا. هتي اهو بحث ڪرڻ اجايو ٿو سمجهان ته آيا سفر مان فائدا آهن يا نقصان، ۽ ان بابت مون ڪونه سوچيو آهي. جو منهنجا سفر هڪ قسم جي نوڪريءَ جو سلسلو رهندا اچن. چاهي پسند ڪريان يا نه، پر سفر ڪرڻو پوندو. هونءَ مون ٻڌو آهي ته سفر زندگيءَ ۾ مفيد معلومات ميسر ٿو ڪري. شايد اهائي ته توهان پئسا ڪيئن جلد ختم ڪري سگهو ٿا!

(۽ اڃان به جي بچي پون ته انهن جو انت هيئن آڻي سگهو ٿا. يعني سنڌي ڪتاب ڇپائڻ جهڙو ڪو Adventure ڪري.)

- الطاف

سرنامو:

ALTAF SHAIKH

Chief Engineer

National Shipping Corporation

P.Box No. 5350

Karachi

ننگر ۽ ناڙيون پڳهه کڻي پنڌ پيا

 

هانگ ڪانگ اسان جو جهاز صبح جو ڇهين ڌاري پهتو، ان وقت منهنجي ڊيوٽي ڪو نه هئي، آئون رات جو ٻارهين کان چئين تائين جهاز هلائي اچي سمهي رهيو هوس، صبح جو نائين وڳي اک کلي ۽ ماني لاءِ ڊائننگ هال ڏي وڃڻ کان اڳ دستور موجب عرشي جي مٿئين حصي (Boat-Deck) تي اچي بيٺس ۽ نئين ملڪ جو نڪ چپ ڏسڻ لڳس، سڄي دنيا گهمڻ کانپوءِ هن مشهور جڳهه تي پهريون دفعو آيو هوس. هانگ ڪانگ، جنهن بابت عرصي کان ٻڌندو آيو هوس. فلمن ۾ ڏٺو هوم ۽ ان بابت قصا، ڪهاڻيون ۽ سفرناما پڙهيا هئم. هانگ ڪانگ جي حسينه! هانگ ڪانگ هاٽ هاربر (Hongkong Hot Harbour)، هانگ ڪانگ هيرن جواهرن جو ٻيٽ! هانگ ڪانگ جيڪو دنيا جي هر برائيءَ کان مشهور آهي. هانگ ڪانگ واپارين اسمگلرن ۽ سي آءِ ڊي جو اَڏو. اڄ ان هانگ ڪانگ ٻيٽ جون ڊگهيون عمارتون منهنجي سامهون ڪر کنيو بيٺيون هيون. ۽ اسان جو جهاز ڪنهن باادب پوڄاري جيئان پري کان مندر اڳيان سمنڊ، جي ڇولين ڪري نئڙي ۽ نمي رهيو هيو. اسان جي جهاز کان سواءِ ٻين به ڪئين ملڪن ۽ قومن جا جهاز سامان ۽ مسافر لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ آس پاس سمنڊ ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا.

هانگ ڪانگ جي بندر گاهه ۾ ڌڪا (Jetties)  گهٽ هئڻ ڪري جهاز Buoy  سان ٻڌا ويندا آهن، جي لوه جي پليٽن جا ٺهيل، اندران پورا، گول، چورس ۽ ٻين شڪلين جا ٿين ۽ سمنڊ جي مٿان هڪ ئي هنڌ ترندا رهندا آهن. کين هيڏانهن هوڏانهن سمنڊ ۾ لڙهي وڃڻ کان بچائڻ لاءِ ٿلهي زنجير به ٻڌي ويندي آهي، جنهنجو ٻيو ڇيڙو سمنڊ جي تري ۾ کوڙيو ويندو آهي. هر جهاز جي اڳيان ٻه لنگر ٿين، جن مان هڪ لنگر سندس زنجير Anchor-Chain  کان ڌار ڪري، اها زنجير (پڳهه) بئاءُ جي ڪنڍي ۾ سوگهي ڪئي ويندي آهي يا ته سنئون سڌو لنگر هيٺ تري تائين ڪيرائي ڇڏبو آهي، جو زمين ۾ کپي پوندو آهي ۽ جهاز کي ٻوڙڻ نه ڏيندو آهي. پوءِ اسرڻ وقت ڪئپسٽن مشين ذريعي (اڳئين زماني ۾ ننڍا ٻيڙا هئا، نه ته هٿ سان ئي) لنگر ۽ پڳهه ڇڪي وٺبيون آهن. ان ئي نظاري بابت شاهه صاحب پڻ سر سامونڊي ۾ ذڪر ڪيو آهي.

”ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا.“

اسانجو جهاز به هڪ بئاءُ (سمنڊ ۾ کڻي ڪلو سمجهجي) سان پڳهه ذريعي ٻڌل هو.

هانگ ڪانگ جا در اصل ٻه حصا آهن (هڪ هانگ ٻيو ڪانگ نه) پر هڪ ڪولون، جيڪو چين جي سرزمين جي پڇڙي جو حصو آهي ۽ ٻيو ننڍو ٻيٽ، جنهنکي وڪٽوريا سڏجي ٿو ۽ عام طرح ان کي هانگ ڪانگ سڏيو وڃي ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ ٻه فرلانگ کن سمنڊ جو وهڪرو آهي. ۽ ٻنهي حصن کي عام آمدرفت ذريعي ڳنڍڻ لاءِ تازو هن سال 1972ع ۾ سرنگهه ٺاهي وئي آهي، جا سمنڊ هيٺان ٿي لنگهي. ان کانسواءِ ٻيڙين ۽ لانچن جو سلسلو ڏينهن رات ماڻهن ۽ موٽر ڪارن کي هانگ ڪانگ کان ڪولون ۽ ڪولون کان هانگ ڪانگ نيندو رهي ٿو.

اسانجي جهازن تان سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان وڏيون ويڪريون ٻيڙيون (جهمٽيون) اچي بيٺيون. هانگ ڪانگ جي آدم شماري به ايتري گهڻي آهي، جو ماڻهو گهر ٻار سميت ٻيڙين تي رهن. انهن ٻيڙين (Barges) ۾ هر هڪ جي پٺيان ان وقت عورتون ناشتو تيار ڪري رهيون هيون. ڪا ڪپڙا ڌوئي رسيءَ تي سڪائي رهي هئي، ڪا هٿ منهن ڌوئي وار ٺاهي رهي هئي. سندن مڙس ماڻهو جهاز جي ڪرينن (Derricks) ذريعي جهاز مان لهندڙ سامان پنهنجين ٻيڙين ۾ سٿي رهيا هئا.

اهي ٻيڙيون (Barges) ايڏيون وڏيون سمجهڻ گهرجن جو جيڪر ٻئي سامان بدران انهن ۾ موٽرون رکڻيون هجن ته ”ٽويوٽا“ يا ”واڪس وئگن“ جهڙيون ايڪيهه ڪارون، ۽ ست ست هڪ هڪ قطار جي حساب سان بيهي سگهن ۽ اونهي ايتري ٿئي، جو هڪ ٻئي مٿان چار قطارون موٽرن جون بيهي سگهن. يعني هڪ هڪ بارج ۾ اٽڪل چوراسي کن موٽرون اچي سگهن. سو ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهندا ته ايڏي وڏي ٻيڙيءَ ۾ ٻه چار ڪمرا، بورچيخانو ۽ ورانڊو وغيره آساني سان نڪري سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org