يو جسٽ ويٽ ائنڊ سي
هونءَ رڌ پچاءُ ۾ اسان پاڪستانين ۾ قاضي عبدالمجيد ۽ راحت عزيز
سٺا آهن يعني اسان باقي پاڪستانين ۾، ٻڌجي پيو ته
پاڪستان کان ٻئي سال ايندڙ ٽن ڄڻن ۾، ڪئپٽن اشرف
اڃا به سٺو آهي. بهرحال اها ته ٿي پوءِ جي ڳالهه،
في الحال هن سال موڪلن ۾ راحت ۽ قاضيءَ نه فقط
اسان کي پنهنجن هٿن جا رڌل کاڌا چکايا ۽ کارايا
آهن پر ڪيترائي ڊش سيکاريا پڻ آهن. جيئن ته صحيح
طرح چانور ٺاهڻ، گوبي، پٽاٽن جي ڀاڄي، واڱڻ ۽
ٽماٽن جو ڀرتو، اسپاگهيٽي ۽ مٺاڻ ۾ سستو ۽ تمام
جهٽ پٽ ٺاهڻ وارو چلو (مٺي پوري)، ڀُڳل اٽي ۾ کير
بيضو، کنڊ ۽ ٿورو مکڻ وجهي ان کي چڱي طرح مڪس ڪري
۽ پوءِ فرائنگ پئن ۾ گيهه گرم ڪري مٿان اهو مڪسچر
وجهڻ سان چلو ٺهي ٿو جيڪو بسڪٽ ۽ ڪيڪ پيسٽري کان
لذيذ ٿئي ٿو.
واندڪائي ۾ راحت ٻه چار ڪوپ اٽي جا هلڪي باهه تي ڀُڃي رکندو آهي
جيئن پوءِ ضرورت وقت چلي جهڙي شيءِ ٺاهي سگهجي. ان
ڀڳل اٽي مان ڪڏهن ڪڏهن سيرو به ٺاهيندو آهي. اٽي
کي وڌيڪ ڳاڙهو ڪري، ٻيءَ ديڳڙي ۾ گيهه کنڊ ۽ پاڻي
گرم ڪري چاش ٺاهيندو آهي. پوءِ ٻئي ملائي هلڪي
باهه تي رکي چمچي سان ڪجهه دير گهمائيندو آهي
جيسين اهو گيهه ڇڏي. منجهس پستا، بادام ۽ ڪشمش به
وجهندو آهي. انهن مالن مکڻن وجهڻ بعد سيرو يا جيڪا
به شيءِ تيارٿيندي سا بهتر ئي ٿيندي. خاص ڪري چلهه
تي ڪو ٻيو سڙي، ٺاهي کارائي ته کائڻ واري کي اڃا
به لذيذ لڳي ٿو.
هتي رڌ پچاءَ ۾ ڪا تڪليف نه آهي. وقت سو ضايع ٿئي ٿو پر چلهه تي
سڙڻ وارو اصطلاح هتي جي رڌ پچاءَ سان لاڳو نٿو ڪري
سگهجي. ڇاڪاڻ جو هن ملڪ ۾ ايڏو ته سيءَ آهي جوسال
جا نو مهينا ته ڪمري جي هيٽنگ آن رهڻ بعد به سيءَ
محسوس ٿئي ٿو، سو اهڙي رڌڻ پچائڻ ۾ تڪليف نه پر
فرحت ئي محسوس ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي جو هتي جي
هاسٽل ۾ توڙي ٻين ننڍن گهرن ۾ هڪئي ڪمري يا بيڊروم
۾ رڌ پچاءَ لاءِ چلهه جو ڪنڊ ۾ بندوبست ڏنل آهي ۽
ساڳي ڪمري ۾ ريفريجريٽر به رکيل آهي. اها ڳالهه
اسان جهڙن ملڪن ۾ ناممڪن آهي جو ويندي سياري ۾ به
ايترو سيءِ نٿوپوي جيڪو چلهه يا ريفريجريٽر مان
نڪرندڙ گرميءَ کي ماري سگهي.
مختلف ملڪن جا رهندڙ شاگرد پنهنجي ملڪ جا مختلف کاڌا تيار ڪندا
آهن. گهڻو ڪري اهي کاڌا جيڪي جهٽ پٽ تيار ٿي سگهن.
پر اها حقيقت سڀ مڃيندا آهن ته مڙني ۾ پاڪستان،
هندستان جي رهاڪن جاکاڌا وڌيڪ لذيذ آهن.
آفريڪا جي شاگردن جو ته گهڻو زور لاهوري گجرن
(Sweet Potatoes)
۽ مڱن چونئرن
(Beans)
تي هوندو آهي. چيني، فلپينو، ڪورين ۽ ويٽنامي
شاگردن جو دلپسند کاڌو مي
(Mee)
۽ نوڊل
(Noodles)
هوندو آهي، جيڪو ڇڊڙي رس ۾ سنهيون ڪڻڪ يا چانورن
جي اٽي مان ٺهيل سيون وجهي ٺاهين.
هڪ ڏينهن گهانا جي شاگرد پيٽر جو ڪمرو کليل ڏسي آئون ۽ راحت
اندر گهڙي وياسين. پيٽر چلهه اڳيان بيهي بازار مان
آندل اڌ اڌ پاءُ کن تور جا ٻه پاڪيٽ کولي رهيو هو.
”پيٽر ڇا پيو ڪرين؟“ راحت پڇيس.
”ڊنر پيو تيار ڪريان.“ وراڻيائين.
”پر هي اڇي پائوڊر جهڙي کير مان ڇا ٿو ٺاهين.“
”فوفو ٿو ٺاهيان.“
”فوفو! اها ڇا بلا آهي؟“ اسان تعجب مان پڇيس.
”يو ڊونٽ نو فوفو؟ توهانکي فوفوءَ جي خبر ناهي؟“ هن جواب بدران
اسان کان سوال ڪيو.
”نه. بلڪل نه. اسان ته اڄ پيا ٻڌون.“ مون چيومانس.
”اوهه! پو ته توهان ترسو
Just Wait and See
ته آئون ٺاهي ٿوڏيکاريان بيحد لذيذ ٿئي ٿو.“ پيٽر
چيو.
”ٺهڻ لاءِ هاڻ ڪير ترسندو، جلدي ۾ آهيون ائين زباني ٻڌاءِ.“
پيٽر تيسين ٻيو دٻو کولي ان مان به اڇي هيڊي رنگ جو پائوڊر ڪڍي
پهرين پائوڊر پاڻيءَ ۾ ملائيندي چيو.
”مون چيو نه ته بس رڳو ٿوري ساعت لاءِ ترسو اجهو ته تيار ٿي
ويو.“
مون خالي دٻا کڻي ان تي سئيڊش زبان ۾لکيل پڙهڻ جي ڪوشس ڪئي ته
ڪهڙي شيءِ آهي. هڪ تي
(Potato Mos)
وغيره لکيل هو، جنهن مان اندازو لڳايوسين ته پٽاٽن
جو اٽو آهي ۽ ملائڻ سان رڌل پٽاٽا
(Meshed Potatoes)
ٿي پوندا. ٻيءَ ۾ چانورن يا مڪئي جو اٽو هو يا
کير.
”هن ۾ ڀلا ڇا آهي؟“ اسان پيٽر کان پڇيو.
”مون کي پاڻ خبر ناهي.“ پيٽر چيو، ”پر هنن ٻنهي پائوڊرن ۾ تمام
گهڻو وٽامن ۽ ڪاربو هيڊريٽ آهي. روز روز چانورکائي
کائي بيزار ٿي پيا آهيون.“
”ڀلا قيمت ڇا اٿن؟“ اسان پڇيس.
”هي دٻو سورهين ڪروناجو آهي ۽ هي چوڏهين ڪرونا جو.“
راحت اردو ۾چيو ته عجيب بيوقوف آهي هي پيٽر به. جڏهن شهر ۾ تازا
پٽاٽا توڙي مڪئي هن کان سستي اگهه تي ملي رهي آهي
ته پوءِ ٿيهه ڪرونا (سوا سؤ رپيا کن) خرچ ڪري هي
دٻا آڻڻ جو ڪهڙو ضرور. بهرحال اسان به تجسس مان
بيهي پيٽر کي ڏسڻ لڳاسين ته اهو فوفو ڇا آهي ۽
ڪيئن ٿو ٺاهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو ڪيڪ پيسٽري
ٺهي پوي جيڪو بيحد لذيذ هجي ۽ جنهن ٺهيل ٺڪيل جي
قيمت شهر ۾ ٽيهن ڪرونائن کان تمام گهڻي هجي.
پيٽر هاڻ انهن ٻنهي پائوڊرن ۽ پاڻي جي مسڪچر کي ديڳڙي ۾ وجهي
چلهه تي رکيو.
”پيٽرکنڊ مکڻ ته وجهه.“ مون ڪيڪ پيسٽري يا سيري جو سوچي کيس ياد
ڏياريو.
“You Just wait and see”، پيٽر اهو مڪسچر ڪاٺ جي ڏوئيءَ سان گهمائيندي مونکي صبر سان
بيهڻ لاءِ چيو. ”بس هاڻ ٻن منٽن ۾ فوفو تيار ٿي
ويندو. ويري ٽيسٽي ائنڊ رچ ان وٽامنس.“
راحت ۽ آئون هڪ ٻئي جومنهن ڏسي وري پيٽر کي ڏوئي گهمائندو ڏسڻ
لڳاسين.
”پيٽر ڀلا اهو فوفو ٺاهڻ توکي ڪنهن سيکاريو؟“
”مون کي سيڪنڊ ايئر جي شاگرد حاجي جمعا ٻڌايو. هو گهانا بليڪ
اسٽار جهاز تي چيف انجنيئر هو ته ان جهاز تي
فلپينو بورچي اهو فوفو ٺاهيندو هو.“
راحت کي چيم ته الله خير ڪري. هڪ گهانا جو هن جو هم وطني حاجي
جمعو درويش ماڻهو، ٻيو گهانا جو ڏکڻ آمريڪا ڏي
هلندڙ جهاز جيڪو سڄو وقت يا سمنڊ تي هوندو يا چلي
۽ برازيل جهڙن ڪنگلن ملڪن ۾ ۽ ٽيون ان مٿان فلپيني
بورچي! جهاز هلائيندڙ واقعي فوفو کائيندا هوندا.“
ايتري ۾ اٽي ۾ملايل پاڻي سڪي ويو ۽ ديڳڙي کي هيٺ لاهي ان مان هٿ
سان اٽو کرڙي مٺين سان ڳوهڻ لڳو.
”بس. ٺهي ويو فوفو؟“ مون پيٽر کان پڇيو.
”بس، ٺهي ويو فوفو، هاڻ هن ۾ ڪڪڙ جو ٻوڙ ملايان ته پوءِ چکي
ڏسجو.“
ٻوڙ جي ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڏٺم ته ڦنگي پاڻيءَ ۾مرغيءَ جا ٻه وڏا
ٽڪرا تري رهيا هئا. جيڪي پيٽر ان پاڻي جهڙي رس
سميت ان اٽي ۾ ملائي وري مٺين سان ڳوهڻ لڳو. راحت
آهستي آهستي ٿي سرڪڻ لڳو. در جي ٻاهر پهچي هن مون
کي به سڏيو.
”ڪمنگ ڪمنگ“ راحت کي سندس سڏ جي ورندي ڏيندي ٻاهرنڪتس.
”ڇو ڀلا هليو آئين؟“ مون راحت کان پڇيو.
”يار منهنجي ته اچي دل ڪچي ٿي. هاڻ پيٽر پڪ چوي ها ته اهو فوفو
توهان به کائو ۽ پوءِ انڪار ڪريون ها ته دل۾ڪري
ها. سوشرافت ۾ فوفوءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري
آيس.“
”واهه جي ڳالهه ڪئي. هل ته هلون جيڏانهن وياسين پئي.“
عالم برزخ ۾
هڪ دفعي ڊئنمارڪ جي بندرگاهه ڪوپن هيگن کان فيري (ننڍڙي پئسينجر
جهاز) رستي سئيڊن جي هن شهر مالمو ڏي اچي رهيو هوس
ته مون واري ٽيبل تي مون کان علاوه ٻه ڄڻا ٻيا به
ويٺا هئا جيڪي سئيڊش ۽ ايراني زبان ۾ ڳالهائي رهيا
هئا.
“Are you an Iranian?” مون ڀر ۾ ويٺل نوجوان کان انگريزيءَ ۾ پڇيو.
”نه، آئون ايراني نه پر عراقي آهيان.“ هن وراڻيو.
”۽ تون؟“ مون ٻئي کان پڇيو.
”آئون ايراني آهيان. اسان ٻئي ٻن ٽن سالن کان هتي رهون ٿا. هي
صدام جي ظالم حڪومت کان ڀڄي آيو آهي ۽ آئون
خمينيءَ جي حڪومت کان.“
”پوءِ هتي سئيڊش ۾ رهڻ ڪيئن ٿو لڳي.“ مون پڇيومان.
”پنهنجي ملڪ کان ته بهتر آهيون. پر اسان کي سال اڌ بعد جيئن ئي
پڪي رهائش ۽ هتي جو پاسپورٽ ملندو ته پوءِ آمريڪا
ڀڄي وينداسين. اُتي سڀ ۾ بهتر آهي. وڏو ملڪ آهي.
هر قسم جو موسم ۽ ماڻهو آهن“.
”پوءِ هينئر ئي ڇو نٿا وڃو؟.“ مون پڇيو مان.
”ان ڪري جو هينئر ايراني يا عراقي پاسپورٽ تي اسان کي آمريڪا يا
ٻئي ڪنهن ملڪ جا لفٽ نه ڪرائيندا.“ هڪ چيو.
”هڪ دفعو سئيڊن جو پاسپورٽ هٿ اچي ويندو ته پوءِ اسان ٻي ملڪ ۾
سئيڊش يعني يورپي ليبل سان ڄاتا وينداسين.“ ٻئي
چيو.
هتي رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ به ڪجهه اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو:
”مون کي سئيڊن ملڪ جي آبهوا ۽ نه وري ماحول وڻي ٿو پر هن ملڪ جي
Citizenship
ملڻ بعد آئون پاڪستاني نه پر سئيڊش سڏيو ويندس. ۽
پوءِ سئيڊن جي ليبل سان آئون سعودي عرب، ڪويت،
دبئي ۽ برونائي توڙي انگلينڊ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ
جهڙن ملڪن ۾ بنا ويزا جي ائين اچي وڃي پيو سگهندس.
جيئن چيچه وطني کان ميانوالي- يعني جيئن ڪو هڪ ڳوٺ
کان ٻئي ڳوٺ اچي وڃي. هينئر هڪ پاڪستانيءَ جي
حيثيت ۾ مون کي ڪو عرب ملڪ هڪ ڏينهن لاءِ به
پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ نه ڏيندو. ڀلي کڻي آئون
پنج وقت نمازي، پرهيزگار متقي مسلمان هجان. ڀلي
کڻي آئون ڊاڪٽر، انجنيئر يا ڪو قابل سائسندان
هجان. عرب، پاڪستاني، هندستانيءَ بنگلاديشي کي
ڀنگي، باگڙي، ڀيل کان به ڪمتر سمجهن ٿا. پر يورپ
جي ڪنهن ملڪ جي پاسپورٽ سان کڻي ڪو ڪارو چور هجي،
هن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون وڃن ٿيون“.
عراقي نوجوان کان پڇيم: ”توهان ڪهڙي زبان ۾ گفتگو ڪري رهيا
هئائو؟“
”هتي جي زبان سئيڊش ۽ فارسيءَ ۾.“ هن وراڻيو.
”عربي ۾ نه؟“ مون پڇيومانس.
”نه، ان ڪري جو هن ٻئي همراهه (ايرانيءَ) کي عربي نٿي اچي.“
”تون ايراني ڪٿان سکئين؟“ مون پڇيو مانس.
”هتي اچڻ کان اڳ ايران جي هوٽلن ۾ مون پنج سال کن بئرو ٿي ڪم
ڪيو آهي. ايراني اتي سکيس.“
”عراق ڇو ڇڏيئي؟“
”بس پنهنجو وطن ڇڏڻ ڪنهن کي وڻي ٿو. حاڪم صحيح قسم جا هجن ته رب
پاڪ سک ۽ آرام لاءِ سڀ ڪجهه ڏنو آهي، جيڪو ورهائي
ونڊي کائي سگهجي ٿو. پر قدرت جتي سڀ ڪجهه عطا ڪيو
اتي جيڪر اسان جا حاڪم به صحيح هجن ها ته عرب ملڪ
سينگاپور، سئيڊن، جپان، آسٽريليا کان وڌيڪ خوشحال
۽ باعزت هجن ها. پر اسان جي حڪمرانن جي ڪڌن
ڪرتوتن، انڌي حوس، عزت جو سوال سمجهي ڀر وارن ملڪن
سان جهيڙا فساد ڪرڻ ۾ اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
لکين مرد انهن جهيڙن جنگين ۾ مارجي ويا. منهنجي
ماءُ نٿي چاهيو ته مون کي ان آرمي لاءِ ڀرتي ڪيو
وڃي جيڪا هڪ بي مقصد جنگ وڙهي رهي آهي. ساڳيو حال
هن ايراني نوجوان جو آهي. انڪار ڪرڻ تي اسان کي
ماريو ڪٽيو ويو. جيلن ۾ وجهڻ جا دڙڪا ڏنا ويا. آخر
واهه ڏسي ڀڄي پياسين ۽ ڌڪڙ کائي اچي هتان نڪتا
آهيون.“
”ڀلا هاڻ ايران ۽ عراق جا تعلقات ڪٿي پهتا آهن؟“ مون پڇيو.
”عالم برزخ ۾.“ ايراني وراڻيو.
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو.
”بس اهوئي ته نه سٺا آهن نه خراب. انسان مرڻ بعد يڪدم دوزخ يا
جنت ۾ ته نه ويندو آهي. ان جي فيصلي ٿيڻ ۽ وڃڻ کان
اڳ انسان جو جتي روح ٽنگيل هوندو آهي ان کي عالم
برزخ چئي سگهجي ٿو. سو ساڳيو حال اسانجو آهي“.
سنڌ ۾ رهڻ جنجال ڪيو پيو وڃي
سئيڊن جو هي شهر مالمو چون ٿا ته پارڪن کان مشهور آهي. بلڪل
صحيح آهي. جڳهه جڳهه تي هتي پارڪ، باغ بستان ۽
ساوڪ نظر اچي ٿي. سڄو شهر گل ۽ گلڪارين سان ڀريو
پيو آهي جنهن تي هن شهر جي ميونسپالٽيءَ جو چڱو
خاصو خرچ ايندو هوندو. پر مالمو
City of Parks
کان وڌيڪ بدڪن جو شهر به چئي سگهجي ٿو، جو جتي ڪٿي
قسمين قسمين بدڪون آزادي سان ائين گهمندي ڦرندي
نظر اچن ٿيون جيئن پاڻ وٽ ڪانگ ڪٻرون.
اسان جو پاڪستاني شاگرد احمد ڪمال علوي، جنهن کي شڪار جو تمام
گهڻو شوق آهي تنهنجو بدڪن، ڪونجن، آڙين کي ائين
هلندو ڏسي وات پاڻي ٿيندو آهي ۽ چوندو آهي: ”دل ٿي
چوي ته ڪنهن ڏينهن ٿيلهي ۾ لڪائي ڪمري ۾ اچي مٿن
سير ڦيرجي“.
پر کين ڦاسائڻ ايترو سولو به نه آهي. ڪبوترن وانگر هي بدڪون بس
اسٽاپن، پارڪن، دڪانن ۽ ڪئنالن جي ڪناري وٽ توهان
جي اڳيان پيون هلنديون ۽ چڳنديون. پر جيئن ئي کين
جهلڻ لاءِ هٿ اڳيان ڪندؤ ته ڦڙڪو ڏيئي اڏامي
وينديون. ان کان علاوه حڪومت طرفان پڻ کين ڦاسائڻ
جي سخت بندش آهي. انڪري هن ملڪ جي قانوني جي عزت
ڪندڙ شهري کين هٿ لائڻ ته پري جي ڳالهه آهي بري
نيت سان به نٿا ڏسن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان
ايشيائي ۽ آفريڪن کي هي شڪار جا پکي ڏسي اکين
اڳيان يڪدم ديڳڙا ۽ رڌ پچاءَ جوسامان ڦري ٿو. پر
هتي جا ماڻهو هنن پکين کي پنهنجي شهر جو مهمان ڪري
سمجهن ٿا. جيڪي ٿڌ گهٽ ٿيڻ سان ڏاکڻن علائقن کان
هتي اچن ٿا.
هڪ ڏينهن قاضي چيو: ”هي ملڪ ڪيڏا خوش نصيب آهن جو هنن وٽ ههڙا
پکي پيا هلن.“
”دراصل ان کان وڌيڪ ته خوش نصيب پنهنجو ملڪ آهي.“ مون چيومانس،
”خاص ڪري سنڌ جو علائقو جتي هر سال سياري جي موسم
۾ هن کان به وڌيڪ قسم جا هجرتي پکي هنن اتراهين
ملڪن (ويندي سائبيريا کان) اچن ٿا. سو اهو نٿو چئي
سگهجي ته هي ملڪ خوش نصيب آهن. اڃا به اهو چئي
سگهجي ٿو ته اسان جا ماڻهو يا حڪومت بدنصيب آهن،
جيڪي ههڙن پکين جو قدر نٿيون ڪن ۽ نه فقط پاڻ هنن
پکين کي بي دردي سان ماريندا وتون پر اوسي پاسي جي
امير عربن کي دعوتون ڏيندا وتون ته اچو ۽ اچي ڀينگ
ڪريو.“
علوي چوڻ لڳو: ”مون کي يقين آهي ته اهي پکي جيڪڏهن دبئي، دوحا
يا سعودي عرب، ڪويت پاسي وڃن ها ته اتي جا ڄٽ عرب
به انهن کي نه مارين ها. پر هنن جي بچاءَ ۽ وڌڻ
ويجهڻ جا اپاءُ وٺن ها. پر اسان وٽ اهو وڃي حال
ٿيو آهي جو انهن مهمان پکين کي به سک جو ساهه کڻڻ
نٿا ڏيون“.
”گذريل ٻن ٽن سالن کان ته انهن ۾ اهڙو ٽاڪوڙو وڌو ويو آهي جو
ڪيترن پکين سنڌ ۾ لهڻ گهٽائي بمبئي ۽ هندستان جي
ٻين ڪنارن ڏي وڃڻ شروع ڪيو آهي.“ مون کين ڪجهه
عرصو اڳ جي هيرالڊ رسالي ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ڏي ڌيان
ڇڪايو.
”ڪيڏو ڏک ٿو ٿئي.“ قاضيءَ افسوس جو اظهار ڪيو، ”اسانجي ملڪ- خاص
ڪري سنڌ جي حالت ڏينهون ڏينهن ڇا ٿي رهي آهي. سندس
درياءَ سڪندا وڃن، نتيجي ۾اهي مڇيون پلا نظر نٿا
اچن. واٽر ٽيبل مٿي کڄڻ ڪري زمينن جي سم ۽ ڪلر
ستياناس ڪري ڇڏي آهي. هيرن جهڙن ماڻهن کي ڊاڪو ۽
ڌاڙيل سمجهي ماريو پيو وڃي ۽ ڌاڙيلن کي تاتي هن
پُر سڪون ڌرتي تي ناحق ٻاريو پيو وڃي. جيئن ڪو سک
چين سان نه رهي سگهي ويندي پکي پکڻ لاءِ به سنڌ ۾
رهڻ جنجال ڪيو پيو وڃي.
کڏ ۾ هڻ انهن ڳالهين
کي
سئيڊن، فنلئنڊ،ناروي ۽ آئيس لئنڊ اهي اتر قطب وارا ملڪ آهن جتي
سخت ٿڌ ڪري ماڻهوءَ جو جياپو ايڏو سولو نه آهي
جيترو انگلينڊ، آمريڪا، جرمني، فرانس يا جپان ۽
سنگاپور پاسي. اسان جا پاڪستاني دنيا جي هر ڪنڊ ۾
نظر ايندا پر هنن ملڪن ۾ سڀ کان آخر ۾ آيا ۽ اڃا
تائين سندن تعداد ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي
مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. موسم کان علاوه زبان جي
پڻ ڏکيائي آهي جو هتي انگريزي زبان نٿي هلي.
سئيڊش، ڊئنش، فنشن ۽ نارويجن زبانون اسپيني،
جپاني، فرينچ ۽ ملئي جهڙين زبانن کان تمام ڏکيون
آهن. بهرحال جن پاڪستانين همت ڪئي ۽ ڪشالا ڪري
هيستائين پهتا ۽ ٽڪي پيا انهن ۾ نوي کان مٿي
سيڪڙوپنجاب پاسي جي رهاڪن جو آهي. باقي اٺ نوَ
سيڪڙو ۾ مهاجر، پٺاڻ، بلوچ ۽ سنڌي اچي وڃن ٿا ۽
اهي به عام طرح عيد جي گڏجاڻين يا ٻين اهڙين محفلن
۾ ورلي نظر اچن ٿا.
هڪ ڏينهن ڪنهن گڏجاڻي ۾ ناروي ۽ فنلئنڊ جا رهندڙ ڪجهه پاڪستاني
پڻ شامل هئا. تقريباَ سڀ پنجاب پاسي جا هئا ان ڪري
سڄي گفتگو پنجابيءَ ۾ هلي رهي هئي.مون جهڙو ٿي
سگهي ٿو ڪو هڪ ٻه غير پنجابي به هجي جيڪو مون
وانگر ڪنڊ پاسي ۾ ويهي خاموشيءَ سان ٻين جون
ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. ڳالهين ڪندي اها ڳالهه نڪتي
ته سنڌ ۾ پنجاب جي ماڻهن کي ايترو هٿ چراند نه ڪرڻ
کپي. بهرحال سڀ نيڪ نيتي سان ڳالهه ڪري رهيا هئا.
ڪنهن کي خوش ڪرڻ بدران سڀ نيوٽرل جي حيثيت ۾ ٽيڪا
ٽپڻي ڪري رهيا هئا. جنهن ۾ڪافي حقيقت لڳي رهي هئي.
هونءَ به کين ملڪ ڇڏي ڪي سال ٿي ويا ۽ هاڻ سندن
مرڻ جيئڻ مٽيون مائٽيون هنن ملڪن سان آهن. انڪري
سندن تنقيد يا ڇيد ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي طرفداري نه هئي ۽
آئون به وچ ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ يا سندن ڳالهه قبول
ڪرڻ يا نه ڪرڻ بدران ماٺ ڪري ٻڌڻ لڳس ته آخر ٻين
ماڻهن کي پاڪستان جي رهاڪن ۽ خاص ڪري سنڌين بابت
ڇا
Views
آهن.
”سنڌ جي زمين، نوڪرين، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ڪارخانن فئڪٽرين تي
پنجابين جو روزانووڃي قبضو ٿيندو. هاڻ ته ماڳهين
ڪراچيءَ جون فئڪٽريون ئي پنجاب ڏي شفٽ ٿي رهيون
آهن.“ هڪ چيو.
”پنجاب جي رهاڪن کي ائين ڪرڻ نه کپي.“ ٻئي چيو، ”ان سان خواه
مخواه ٻين جي دلين۾ اسان لاءِ نفرت وڌندي. اسان کي
سنڌ ۽ ان جي عوام جي خدمت به ڪرڻ کپي.“
”دراصل ان ۾ سنڌي وڏيرن، وزيرن ۽ پير ميرن کان علاوه سنڌي
ڪامورن جو پڻ ڏوهه آهي جن کي رڳو پنهنجو فڪر آهي،
مقامي ماڻهن جي ڀلي جو نٿا سوچين.“ هڪ چيو.
”سنڌ جي فلاڻي ڳوٺ ۾ اسان جي هڪ بزنس مين اهو سوچي فيڪٽري هڻن
ٿي چاهي ته ڀلي ان ڳوٺ جا سنڌي بي روزگار هنر به
سکن ته روزگار به ڪمائين. پر ڳوٺ جي وڏيري (سندس
نالو وٺي ٻڌايائين) نياپي ذريعي چتاءُ موڪليو ته
خبردار جو هن جي ڳوٺ ۾ ڪا فئڪٽري يا ڪارخانو هڻي
سندس ماڻهو کاريا اٿس. هن لاءِ اهي ائين بکيا، بي
روزگار ڀلا آهن. سنڌ جي وڏيري جي اهائي ذهنيت آهي
ته ڳوٺ جو غريب نه سڌري نه خوشحال زندگي گذاري. هر
وقت سندس موچڙي مار جي منهن ۾ هجي ۽ کيس سائين
سائين ڪندو رهي.“
”منهنجا مائٽ ٽنڊو محمد خان پاسي هڪ پنجابين جي ڳوٺ ۾ رهن ٿا.“
هڪ ٻئي ڳالهه ڪئي، ”سندن ننڍڙو ڳوٺ هوندي به
اسڪول، اسپتال، پارڪ سڀ ڪجهه آهي. سندس ڀر ۾ سنڌين
جو وڏو ڳوٺ آهي، جنهن جو وڏيرو اسيمبليءَ جوميمبر
به آهي. اسڪول اسپتال ڏي ته ڌيان نه اٿس پر ڳوٺ جي
جيڪا چنگي ناڪو ملي ٿو سان به هو پنهنجين عياشين ۾
خرچ ڪريو ڇڏي. ڪڏهن پنهنجي بنگلي کان ٻاهر نڪري
ڳوٺ جو چڪر نه هنيو اٿس ته سندس ڳوٺ جي غريب سنڌين
جو ڇا حال آهي.“
”سنڌي پير، مير، وڏيري کان پوءِ ٻئي نمبر تي سنڌين جو دشمن رشوت
خور سنڌي ڪامورو پڻ آهي، جنهن پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ
سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.“ هڪ چيو ۽ ٻئي
کلندي چيو: ”اسان وٽ پنجاب ۾ مشهور آهي ته ڪراچي
يا سنڌ ۾ ڪو ڪم پوي ته پهرين معلوم ڪجي ته ڪو سنڌي
بابا آفيسر آهي. جي سنڌي سائين آفيسر آهي ته پئون
ٻارهن. جيڪو کين رشوت ڏيندو ان جو ڪم ڪندو. توهان
کي ڪوڙو ڊوميسائل کپي، زمين جي لکائي ۾ هير ڦير
ڪرائڻي هجي، ڪٿي نوڪري کپي، توهان سنڌي ڪاموري جي
هٿ تي ڏوڪڙ وڃي رکو. پوءِ جيڪو گهڻا ڏيندس ان جو
ڪم پڪو. پر آهي مڙس جوپٽ، پئسو وٺي پوءِ ڀلي سندس
نوڪري هلي وڃي پر توهان جو ڪم ڪري ڏيندو. پوءِ ان
جي مقابلي ۾ ڀلي ڪو سندس سنڌي ڀائو هجي، ڀلي ڪو
سندس سڳو سؤٽ، ماسات هجي،کين گشاپتا هڻي چپڙي
ڪرائي ڇڏيندو. سنڌي ڪاموري لاءِ وڏو پير پئسو
آهي.“
سڀ کلڻ لڳا، کلي بس ڪيائون ته هڪ پڇيو: ”يار سنڌي ڪامورو يا
پير، مير، وڏيرو ايڏو پئسو ڪري ڪيڏانهن ٿو. نظر ته
اهي ئي غريب جا غريب اچن ٿا.“
ان کانپوءِ آئون پنهنجي خيالي دنيا ۾ هليو ويس ان ڪري وڌيڪ ٻڌي
نه سگهيس ته ڪڏهن اهو عنوان ختم ٿيو ۽ ڪڏهن ٻيو
شروع ٿيو. ان ۾ کڻي ڪيتري به ڪڙاڻ هجي پر ان ۾
جيڪو حقيقت جو پهلو هجي ان کان اسان سنڌين کي اٺ
پکي وانگر اک ٻوٽ نه ڪرڻ کپي. ان ئي وقت آئون هڪ
سنڌي وزير جو سوچي رهيو هوس جنهن مون کان سندس هڪ
ڀائٽي/ ڀاڻيجي جي مستقبل لاءِ صلاح ورتي هئي.
”يارهن انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي آهي هاڻ ڪٿي لڳايانس.“
”ڳالهه ٻڌ.“ مون کيس صلاح ڏني، ”تون وڏيرو زميندار ماڻهو آهين.
الله جي فضل سان توکي پئسي جي ڪا کوٽ ناهي. هيئن
ڪر جو هن کي آرمي ۾ موڪلي ڇڏ. اڄڪلهه آرمي ۾
انجنيئرن جي چونڊ هلي رهي آهي. اتي هڪ سٺو آفيسر
ٿي رهندو.“
”نه يار! سول ۾ انجنيئرنگ ان لاءِ ڪانه ڪئي اٿس.“ هن وراڻيو.
”چڱو ڀلا هيئن ڪر، کيس انگلينڊ يا آمريڪا موڪلي ڇڏ ايم اي ڪري
يا اڃا به وڌيڪ پڙهي قابل انجنيئر ٿي ان بعد
پنهنجو فرم اچي کولي، جنهن۾ ٻين به محنتي نوجوان
انجنيئرن کي رکي. ائين ڪرڻ سان سندس نالو هڪ طرف
پيدا ٿيندو ته ٻين کي روزگار ڏئي خوشي الڳ محسوس
ٿيندي.“ مون کيس صلاح ڏني، پرهن خبر ناهي ڇا پسند
ڪيو ٿي جو منهنجي ڳالهه کيس ايتري نه وڻي.
سال سوا لاءِ منهنجو ٻاهر وڃڻ ٿي ويو. ان بعد آيس ته ان وزير
صاحب ٻڌايو ته هن پنهنجي ان مائٽ کي ڪسٽم ۾ لڳرائي
ڇڏيو آهي. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو.
”هڪ انجنيئر ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهوکي ڪسٽم جي غير ٽيڪنيڪل ۽ گهٽ پگهار
واري نوڪري ڏياري تو ته هن جي سڄي تعليم، علم ۽
Creativeness
ختم ڪري ڇڏي.“ مون چيومانس.
وزير صاحب وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو.
”ميان کڏ ۾ هڻ انهن ڳالهين کي. هتي مهيني ۾ ٽيهه چاليهه هزار
رپيا گهر ويٺي ڪمايو ويٺو آهي. ان کان وڏو ٻيو
ڪهڙو عيش کپي.“ هن چيو ۽ مونکي معلوم ٿيو ته ڪسٽم
جي نوڪريءَ بعد همراهه واقعي عيش ۾ آهي. شراب ڪواب
جو دور رات تائين پيو هلي. آلي موالي دوستن جي
واهه واهه لڳي پئي آهي. همراهه خوش ته وڏو ڪارنامو
ٿي رهيو آهي.
سال ٻن لاءِ وري مونکي ٻاهر وڃڻو پيو ۽ جڏهن موٽي آيس ته ان
وزير صاحب جي هاڻ حڪومت ئي نه رهي هئي. خبرپئي ته
سندس وزارت وڃڻ کانپوءِ سندس ڀائٽي/ ڀاڻيجي جي
نوڪري به هلي ويئي. نوڪري ته هلي ويئي پر سال ٻه
ههڙي وڏي پيماني تي عياشيءَ هن نوجوان جي صحت ۽
عادتون ئي خراب ڪري ڇڏيون. ڪسٽم جي رشوت جي نوڪري
هئي جنهن مان پئسو پئي آيو. عياشي پئي هلي. يار
دوست ساراهه ڪندي نه پئي ڍاپيا. هاڻ رهجي وئي آهي
ابي ڏاڏي جي زمينداري. ۽ سنڌ جي زمينن جي پوري
ساري حال جي سڀني کي خبر آهي. ان عياشي لاءِ پورو
پئسونه ملڻ ڪري همراهه کي هر وقت ڇتائي آهي يا وتي
چورن ڌاڙيلن سان سنگتون رکندو جيئن سندس خرچ جو
پورائو ٿئي. ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي هر عام سنڌيءَ
کي ڏک ٿيندو هوندو ته ٻين ملڪن ۾ ته ماڻهو پڙهي
ڳڙهي ڪٿان جو ڪٿان وڃيو نڪرن. رشوت جي پئسن مان به
ڪارخانا فئڪٽريون هڻي پاڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ جي غريبن
کي سکيو بنايو ڇڏين. ڪٿي اسان جو وڏيرو ۽ ڪامورو
آهي جو پاڻ ته پنهنجي تباهي آڻي ٿو پر ٻين لاءِ به
ڏچو بنجيو پوي.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻئي جي واتان پنهنجي سنڌيءَ لاءِ ان قسم
جون حقيقتون ٻڌي ان تي چڙ ڪجي ۽ هميشه وانگر هن جو
ڍڪ ڍڪجي. ان ڪري جو هو سنڌي آهي. ڀلي پيو ڀينگ
ڪري. يا ان جي حق ۾ هن جي سڌرڻ لاءِ دعا گهرجي
جيئن هو سنئين راهه تي اچي ۽ ساڳي وقت غريب عوام
کي به سندس ڪڌن ڪرتوتن کان نجات ملي. يا شاندار
ماضي جا گيت ۽ لوليون ڳائي گهاٽي ننڊ ۾ غرق ٿي
وڃجي. يا کڏ ۾ هڻجي اهڙين ڳالهين کي |