سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ملير کان مالمو

الطاف شيخ

صفحو :2

  

پيش لفظ

پنهنجي سفر جو ٿورو گهڻو احوال ته سڀڪو لکي سگهي ٿو، پر ’سفرنامو‘اهو جو ڪو رنگ ڍنگ سان لکي. الطاف شيخ هڪ ته اعليٰ تعليم يافته نوجوان، ۽ ٻيو وري ’مَئرين انجنيئر‘ جي حيثيت ۾ سامونڊي سفر جي سهوليتن کيس نت نَوَن ڏيهن جا نوان ڏيک ڏيکاريا، سو وڏي چاهه ۽ ذوق سان سان سفر ناما لکيائين. سندس سفرناما ادبي توڙي فني اعتبار سان معياري آهن.

الطاف نه رڳو پاڻ دنيا گهمي آهي پر ٻين کي به گهمائي آهي. ’سيئي جوڀن ڏينهن‘ ۽ ’سانباهو سمونڊ جو‘، ’خبرون کيڙائن جون‘، ’جت جَرُ وَهي ٿو جال‘، هڪ ’بندر بازاريون‘، ٻيو ’وايون وڻجارن جون‘، جي ’اوهريا عميق ڏي‘، تن لاءِ ’بندر ديسان ديس‘!

پر الطاف جي سفرنامن جون ’ڳالهيون آهن ڳيچ‘، سمنڊ سان سندس ناتو ۽ سمنڊ کي هن سڃاتو! بس پوءِ ’منهنجو ساگر، منهنجو ساحل‘!هڪ طرف ’مڪلي کان ملاڪا تائين‘ ته ٻئي طرف ’سينگاپور کان ڪوالالمپور‘ ۽ بعضي ’لنڊن تائين لفٽ‘ ته بعَضي ’جرمني کان ٺَڪ ٿائلينڊ، اهي سڀ سندس سفرنامن جا موضوع، ۽ اهي سڀ ’بهترين سفرناما‘.

الطاف منهنجي پياري دوست  گل محمد شيخ جو لائق فرزند آهي، پر سفر نامن جي حوالي سان به هو مون کي ويجهو آهي. جيئن جواني واري وقت کان وٺي کيس ٻاهرين ملڪن ڏسڻ جو موقعو مليو جنهن کيس سفرنامن لکڻ تي آماده ڪيو. تيئن 1946ع ۾ اعليَ تعليم لاءِ جڏهن آءٌ آمريڪا ويس ته سنڌ کان سمنڊ رستي سئن فرئنسسڪو ويندي مون سفر نامو لکيو، جيڪو ان وقت جي رسالي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيو. مون واري ان سفرنامي ۽ الطاف جي ڪن سفرنامن ۾ چڱي خاصي هڪجهڙائي آهي.

الطاف هن وقت تائين ٽن ڊزنن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن.جن مان ٽيهارو کن سفرناما آهن. سندس هيءَ تازو ڪتاب ’نيوفيلڊس پبليڪيشن‘ ادارو شايع ڪري رهيو آهي. جيڪو گذريل 17 سالن ۾ پوڻن ٻن سَوَن کان وڌيڪ ڪتاب ڇاپي چڪو آهي. هن اداري جو باني ۽ هلائيندڙ ادو فيروز احمد هڪ جفاڪش ۽ اڻٿڪ پبلشر آهي ۽ هر وقت انهيءَ ڳولا ۾ هوندو آهي ته معياري ڪتاب ملي ته هو ڇپائي. نيو فيلڊس ادارو الطاف شيخ جو خاص الخاص پبلشر ٿو ڏسجي، جنهن هن وقت تائين سندس پنجويهه کان مٿي ڪتاب ڇاپيا آهن، هيءَ ڪتاب ان سلسلي جو هڪ اڳتي قدم آهي ۽ اميد ته اڃا به اڳتي قدم، وارو سلسلو جاري رهندو.

مخلص

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

حيدرآباد

18 آگسٽ 1994ع

نوٽ: هي پيش لفظ پهرئين ڇاپي لاءِ لکيو ويو هو. جڏهن ته هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ”روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو“ پاران ڇپرائي پڌرو  ڪيو پيو وڃي.

 

ٽُ ڪئري ڪول...

ايڪانامڪس جي پروفيسر پئٽرڪ الڊرٽن ڪلاس ۾ ٻڌايو: پاڻيءَ جي جهازن جي مستقبل جي ڪا خبر نٿي پوي. ڪو زمانو هو ماڻهو پاڻيءَ جي جهاز ۾ سفر ڪندا هئا. پر هاڻ غريب غربو هوائي جهاز کي پسند ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح قيمتي ۽ اهم سامان، جنهن جو گهڻو ڀاڙو ٿئي ٿو، هاڻ هوائي جهاز رستي اچي وڃي ٿو. اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته ويهه پنجويهه هزار ٽنن جو جهاز وڏي ڳالهه سمجهيو ويندو هو. سئيز ڪئنال بند ٿيڻ تي جهازن جي مالڪنEconomies of Scale جي تحت وڏي کان وڏا ٽئنڪر جهاز شروع ڪيا، جو پنجويهه هزار ٽنن واري جهاز کان هڪ لک ٽن واري جهاز چئوڻو سامان ڍوئيو ٿي، پر سندس تيل پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙ جي پگهار تي ڪو ٻيڻو خرچ مس آيو ٿي. يعني تيل (سامان) جو ٽن في ڍوئڻ تي گهٽ خرچ آيو ٿي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻن لکن، ٽن لکن ۽ چئن پنجن لکن ٽنن جا جهاز ٺهڻ لڳا. پوءِ سئيز ڪئنال کلڻ تي سڀني کي احساس ٿيو ته هي وڏا جهاز سئيز ڪئنال اڪري نه سگهندا جو انهن لاءِ هي سوڙهو آهي.

”سائين هڪ دفعو وري ننڍا جهاز مشهور ٿيڻ لڳا، جيڪي سئيز ڪئنال مان لنگهي سگهن. وڏن جهازن جا مالڪ انهن کي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. پر ڪنهن لوهه جي اگهه تي به نٿي ورتا. آئون هڪ جهازران ڪمپنيءَ جو ايڪانامڪ ائڊوائيزر هوس. اهي هڪ وڏي جهاز ٺاهڻ جو آرڊر جرمن شپ يارڊ کي ڏئي چڪا هئا. سئيز ڪئنال کلڻ جو ٻڌي پهريون ڪيم اهو ڪم جو ڀڳس ان جهاز ٺاهڻ واري ڪارخاني (شپ يارڊ) ڏي. جيئن آرڊر ڪئنسل ڪرائي سگهان. جهاز جو اڃا ترو(Keel) ٺاهيو هئائون. پڇيو مان اسانجي ڪمپني جو هي آرڊر ڪئنسل ڪري سگهندؤ؟“

”ضرور ڪنداسين. نو پرابلم.“ شپ يارڊ وارن وراڻيو.

”ڇا کاڌ  (Compensation) ڏيڻي پوندي؟“ مون پڇيو مان.

”سڄي جهاز جي قيمت!“ شپ يارڊ وارن چيو.

پوءِ سڄي جهاز جي قيمت ته نه ڏنيسين پر چڱو خاصو معاوضو ۽ منٿ ميڙ سان ان جهاز مان جند ڇڏائيسين. نه ته ايڏو وڏو جهاز ڪنگال ڪري ڇڏي ها. ننڍن جهازن وارا سئيز ڪئنال مان شارٽ ڪٽ ڪرڻ تي هڪ ٽن جي ڍوئرائڻي پنج ڊالر وٺن ته به ڪمائين، اسين اٺ وٺون ها ته به گهران چٽي ڀري ڏيون ها. ان وقت جاڪيترائي وڏا جهاز اڄ بار کڻڻ بدران هڪ هنڌ بيٺا آهن ۽ کين ڪٽ لڳي رهي آهي.“

وري هڪ دؤر آيو جنهن ۾ هرڪو ”ڪارون ڍوئڻ جا جهاز“ ٺهرائڻ لڳو، جو تيل جي مهنگائيءَ ڪري يورپ توڙي آمريڪا ۾ جپاني ننڍڙيون ڪارون وڌيڪ کپڻ لڳيون. جپان کان ڪارون کڻڻ لاءِ هن قسم جا جهاز مشهور ٿيڻ لڳا جن ۾ ڪار کي کڻي رکڻ بدران ڊرائيو ڪري اندر جهاز ۾ بيهاريو ويو ٿي. پر هاڻ ڪجهه سالن کان اهڙو دؤر اچي ويو آهي جو جپان ۾ پورهيتن جي وڏن پگهارن ڪري اهي جپاني ڪارون جپان ۾ ٺهڻ بدران ايشيا جي مختلف ملڪن ۽ يورپ آمريڪا ۾ ٺهڻ لڳيون آهن. هاڻ ڪار کڻندڙ جهاز (Car Carriers) جي ڪا ضرورت ئي نه رهي آهي.

”اڳ ۾ دنيا جي سمنڊن تي رڳو برطانيا جو راڄ هو. پر هاڻ ته هر هڪ ملڪ کي جهازران ڪمپنيون آهن. پر هڪ عمل اڃا تائين ساڳيو آهي ته غير ترقي يافته ملڪن مان ڪچو مال يورپ ۾ ۽ آمريڪا ڏي وڃي ٿو ۽ اتان ٺهيل ٺڪيل مال واپس اچي ٿو. پر ان ڏينهن کان يورپ جا ترقي يافته ۽ ڪارخانيدار ملڪ ڊڄي رهيا آهن جڏهن آفريڪا ۽ ايشيا جو ڪچو مال موڪليندڙ ملڪ انڊسٽري/ ڪارخانن ۾ اڳتي وڌي ويندا ۽ پنهنجي ڪچي مال، مثال طور، ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند، لوهي پٿر مان پنهنجي ئي ملڪن جي ڪارخانن ذريعي ڍاڳو، ڪپڙو، بسڪٽ، کنڊ ۽ لوهه ٽامو ٺاهي وٺندا. ان صورت ۾ نه فقط جهازن جي وڏي تعداد جي ضرورت گهٽجي ويندي پر جهازن جي عمل دخل تي انهن ملڪن جي گهڻي هلندي جن وٽ ڪچو مال پيدا ٿئي. انهن ڳالهين کان علاوه مزدورن جي وڏين پگهارن ۽ يونين بازين به مال جي آمد رفت جو نقشو ڦيرائي ڇڏيو آهي.“

۽ پوءِ اسان کان پڇيو: ”توهان ننڍي هوندي ته اهو پهاڪو پڙهيو هوندو ته To Carry Coal to New Castle يعني ان جاءِ تي اها شيءِ کڻي وڃڻ جيڪا اُتي اڳهين گهڻي ۾ موجود آهي ۽ سستي ملي ٿي. ٻين لفظن ۾ بيوقوفي جو ڪم ڪرڻ. پر هاڻ توهان کي تعجب لڳندو ته نيوڪئسل ۾ آسٽريليا کان ڪوئلو گهرايو وڃي ٿو. ان ڪري نه ته ڪو انگلينڊ ۾ ڪوئلي جون کاڻيون خالي ٿي ويون آهن پر ان ڪري ته ڪوئلي جي کوٽائي ڪندڙ مزدورن جون وڏيون پگهارون ۽ ٻيون گهرجون پوريون ڪرڻ تي خرچ اچي ٿو جو آسٽريليا جو ڪوئلو سستو پوي ٿو.


 

 

 

سر ڪپيو وڃي

اسان جو هي پروفيسر الڊرٽن انگريز آهي. سندس آمريڪن سان هرگز نٿي پوي. ڳالهه ڳالهه ۾ کين ٽوڪيندو آهي پر پنهنجن انگريزن کي به نه بخشيندو آهي. ٽائٽئنڪ جهاز جيڪو اڄ کان مني صدي اڳ ٻڏي ويو ان بابت چيائين:

”ٽائٽئنڪ جهڙا ٻيا جهاز به ٻڏندا رهيا آهن ۽ رهن پيا، پر پريس جي گهڻي گوڙ شور ڪري ٽائٽئنڪ جهاز کي مشهوري ملي ۽ ان بعد جهاز جي سلامتي بابت بين الاقوامي قانون SOLASٺهيو.“

هڪ ڏينهن اڳ انگلينڊ جي اليڪشن جي نتيجي تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي چيائين: ”جان ميجر هرگز نه کٽي ها ۽ نه کٽڻ کپيس. سندس مخالف کائنس تمام وڌيڪ بهتر آهي.“ پر جان ميجر فقط ان ڪري انگلينڊ جو وزير اعظم ٿي ويو جو کيس ٽي وي تي ڳالهائڻ جو ڍنگ اچي ٿو. ماڻهو امپريس ٿي ويا ۽ اکيون پوري کيس ووٽ ڏنائون.“

حادثن جي پاليسي بابت چيائين؛ ”جهازن جي مالڪن جي ڪنجوسيءَ ڪري سندن خراب جهازن کي هلائيندڙ موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. اهڙن حادثن لاءِ دنيا جا ملڪ ڪوشش ۾ آهن ته ڪو آفيسر يا خلاصي سمنڊ تي حادثي جو شڪار ٿي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ هن فئملي کي ٻه ٽي لک رپيا ته ملن.“ ۽ پوءِ ساهه کڻي چيائين،“ ۽ جي اهو آمريڪن آهي ته پوءِ پڪ ويهه ٽيهه لک.“

آسٽريليا وارن لاءِ هڪ ڏينهن چيائين:”آئون نٿو سمجهان ته ڪي اهي وري شريفن جا پٽ آهن. اڳئين زماني ۾ اسان جي انگلينڊ جيلن جي کوٽ ڪري، جيڪو چوري چڪاري ڪندي پڪڙبوهو ان کي آسٽريليا موڪلبو هو.“ ۽ پوءِ ڪجهه سوچي چيائين: ”اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ڏينهن ۾ پنهنجو قائدو قانون هو. ننڍي ننڍي ڳالهه لاءِ به عجيب سزائون هيون. ڪنهن پاڙي واري جي ڪڪڙ چورائي ته حاڪم اهو فيصلوڏيندو هو ته هن جو سر ڪپيو وڃي، يا آسٽريليا موڪليو وڃيس يا رايل نيويءَ جي جهاز تي اٺن مهينن لاءِ سفر ڪرايو وڃيس. ۽ ڪيترا دفعا چور پنهنجي لاءِ اهوئي بهتر سمجهندو هو ته هن سر جو ڪپيو وڃي.“


 

 

 

تون مذهب کي وچ ۾ آڻيندين

مئنجمينٽ جو پروفيسر هڪ ستر اسي سالن جو پوڙهو فرينچ ڪئپٽن حوسن نالي آهي. هڪ ڏينهن جهازي ڪمپنين جي نقصانن بابت ٻڌائيندي اسان کان سوال ڪيائين:

”جهاز کي نفعي ۾ هلائڻ لاءِ ڪهڙيون شيون ضروري آهن؟“

”سائين سٺا جهاز.“ اڳئين ڪرسيءَ تي ويٺل ٽيونيشيا جي شاگرد اياز جواب ڏنس.

”ٻيو ڇا ضروري آهي؟“ پروفيسر پڇيو.

”ڍوئڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو سامان.“ ڪنهن ٻئي شاگرد وراڻيو. پر پروفيسر جواب مان اڃا مطمئن نٿي لڳو.

”سائين آئون ٻڌايانوَ؟“ نائيجرجي آفريڪن شاگرد علي جمبا پڇيو.

”ها. ڪوبه ٻڌائي.“ پروفيسر چيو.

”سر! ان ملڪ جا خلاصي ۽ آفيسر جيڪي گهٽ پگهار وٺن.“

پروفيسر کي اڃا سٺي جواب جي ضرورت هئي. هو هال جي ٻي ڪنڊ ڏي نظر ڊوڙائڻ لڳو. اتان ملاوي (آفريڪا) جي شاگرد مسٽر چيزاليءَ اٿي چيو:

”اهڙا بندر گاهه جتي جهاز کي گهڻو ترسڻو نه پوي.“

”مثال: ملاويءَ جا بندرگاهه.“ ترڪيءَ جي حسن بقال زور سان چيو ۽ سڀ کلڻ لڳا ڇو جو آفريڪا جو ملڪ ملاوي افغانستان وانگر آهي. جنهن کي پنهنجو بندرگاهه يا سمنڊ ناهي.

پروفيسر اسان کي ماٺ ڪرائي ۽ پوءِ نيٺ پاڻ ئي ٻڌايائين. ”جهازن توڙي ڪنهن هوٽل، ڪارخاني يا واپار وڙي کي سٺي طرح هلائڻ لاءِ سٺي مئنيجمينٽ پڻ ضروري آهي. سٺي مئنيجر تي خرچ ڪرڻ ڪڏهن به نه گهٻرائجي.“

”سائين ايمانداري ۽ خدا جو خوف به ته ضروري آهي.“ هڪ ايراني شاگرد اٿي چيو.

”ايمانداري، نيڪ نيتي، انصاف، محنت، ڪم جي ڄاڻ، وقت جي پابندي، اهي سڀ هڪ سٺي مئنيجر جي خوبين مان ڪجهه آهن.“ پروفيسر وڌيڪ بحث ۾ پوڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ايراني شاگردن کي ويهاري چيو.

هڪ ڏينهن ’پورهيت کي ڪم ۾ دلچسپي ڏيارڻ‘ (Motivation) جي عنوان تي مٿيون پروفيسر ڳالهائي رهيو هو ته ’موٽيويشن‘ڇا آهي. ”انسان جي گهرج وارين شين جو پورائو ڪرڻ“ هن ٻڌايو.

”مسلو Maslow نالي هڪ عالم جي ٿيوري مطابق انسان جي سڀ کان اول گهرج کاڌو آهي. بکئي پيٽ تي انسان گل گلڪارين، باغ بستانن جو نٿو سوچي. ان بعد سلامتي آهي. ان بعد سماجي ضرورتون آهن. ان بعد سوسائٽي ۾ عزت وغيره وغيره.“

موراڪو جي شاگرد اڪوح عبدالوهاب هٿ مٿي کنيو..

”آئون ان ٿيوريءَ سان Agree نٿو ڪريان.“

”ڇو ڀلا؟“ پروفيسر سبب پڇيس.

”هينئر نٿو ٻڌائي سگهان جو هن وقت هال ۾ ڪجهه Lady- Students (عورتون) به ويٺيون آهن.“

”چڱو هاڻ ويهه. مون تنهنجي ڳالهه سمجهي.“ پروفيسر بيزاريءَ مان، هٿ جي اشاري سان کيس ويهڻ لاءِ چيو.

پروفيسر هن کي ويهاريو ئي مس ته ايراني شاگردن مان هڪ هٿ مٿي کنيو.

”سائين! انسان لاءِ کاڌو، سلامتي، يا عزت کان به وڌيڪ ٻي شيءِ آهي.“ ايرانيءَ چيو.

پروفيسر پنهنجي واچ ۾ وقت ڏٺو. سندس پيرڊ ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو ۽ اڃا ته کيس ٻه ٽي ٻيون ڳالهيون به ٻڌائڻيون هيون ۽ هي وقت ڪو بحث مباحثي جو نه هو. هن ايراني کان سندس فلسفو پڇڻ بدران هٿ جي اشاري سان کيس ويهڻ لاءِ چيو.

”ويهي رهه. هاڻ تون وري مذهب کي وچ ۾ آڻيندين.“

ساڳئي مٿين پروفيسر هڪ ڏينهن واهه جي ڳالهه ڪئي. چيائين: ”ڪيترن ايشيائي ۽ آفريڪي ترقي پذير ملڪن ۾ پڙهيل ڳڙهيل يا هوشيار ماڻهن مان فائدو نٿو ورتو وڃي. گهڻو ڪري سرڪاري ادارن ۾ ڪيترا صاحب پنهنجي هيٺان ڪم ڪندڙن کي اعليَ تعليم يا هنر سکڻ لاءِ موقعا نٿا ڏين. يونائيٽيڊ نئشن جي ڪيترن ادارن جون مفت جون اسڪالرون ائين ضايع ٿيو وڃن پر صاحب جونيئرن کي ان ڪري نٿا موڪلين ته متان هو وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ ڪري کانئن وڌيڪ پڙهيل لکيل نه سڏجن ۽ نه وري پاڻ اهڙي موقعي مان فائدووٺن ٿا جو کين ڊپ آهي ته سندن غير حاضري ۾ متان سندن ڪرسي کانئن کسجي وڃي يا متان ڪو جونيئر کانئن مٿانهون ٿي وڃي.

خوش قسمتيءَ سان ڪو نوجوان اعلى تعليم يا هنر سکي اچي ٿو ته هن جي قابليت اداري جي فائدي لاءِ ڪم ۾ آڻڻ بدران ضايع ڪئي وڃي ٿي. هن کي جوڳي Post ڏيڻ بدران ڪا اهڙي ڪنڊ پاسي واري پوسٽ ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ هو پنهنجي حاصل ڪيل علم ۽ قابليت استعمال ڪري نٿو سگهي. هو نمايان ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن گمنام ٿيو وڃي ۽ آهستي آهستي سکيل ڪم وساريو ڇڏي. يا اهڙي قابل ماڻهو کي ڪم ۾ اوور لوڊيڊ يا انڊر لوڊيڊ رکي خوار ڪيو وڃي ٿو. اهو هن ريت: پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڄاڻو نوجوان کي حد کان وڌيڪ ۽ ڳولي ڳولي اهو اهڙو ڏکيو ڪم ڏنو وڃي ٿو جو هو پورو ڪري نه سگهي ۽ پوءِ هر وقت هن کي خوار ڪيو وڃي ٿو ته ڪجهه نٿو اچيس. ٿورو ڪم به نٿو پڄيس، يا وري هن کي ڪجهه به ڪم نٿو ڏنو وڃي. ويٺو مکيون ماري. ماٺ ماٺ ۾ ويهي نيٺ اُٻاسيون ۽ جهوٽا کائڻ لڳي ٿو يا آفيس ڇڏي هيڏانهن هوڏانهن ڦيريون پائي ٿو ۽ پوءِ سندس صاحب هر هڪ کي اهوئي چوي ٿو ته همراهه پنهنجي سيٽ تي نظر نٿو اچي کيس ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ ڌوڙ ڏجي.


 

 

 

هيڪاندي ماٺ مايوس ڪري ٿي

هڪ ٻئي عنوان تي ساڳئي پروفيسر ڳالهائيندي، هڪ ڏينهن چيو ته جهاز اور لوڊ ۽ انڊر لوڊ ڪميونيڪيشن ڪري نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿين ٿا.

جهاز ٻن بندرگاهن جي وچ ۾ ڪيترائي ڏينهن سمنڊ تي جڏهن هوندو آهي ته جهازيءَ کي نه برابر خبر چار ملي ٿي. پهريون ڏينهن اڌ سندس ڏاڍو سڪون سان گذري ٿو. ڊيوٽي ۽ ننڊون ڪندو رهي ٿو. پر پوءِ ذهن ڪجهه ڳالهائڻ ٻولهائڻ بدران، ٻڌڻ سڻڻ، فيصلو ڪرڻ جو سوچي ٿو. پر ڪجهه آهي. ائٽلانٽڪ پئسفڪ جهڙن سمنڊ ۾ ٽي وي، نه اخبار نه ريڊيو گذريل بندرگاهه ۾ درپيش آيل ڳالهين جو هڪ ٻئي سان هڪ ٻه دفعا ذڪر ورجائي ورجائي ماٺ ٿيو وڃي ۽ پوءِ هن جو دماغ عجيب ڪيفيت هيٺ رهي ٿو جيڪا ڪيفيت جيل جي تنهائي يا لڳاتار ڊگهيون ننڊون ڪرڻ ڪري به محسوس ٿئي ٿي. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن جيئن ئي بندرگاهه اچي ٿو ته هنجي هڪ نارمل ماڻهوءَ جيان وري به زندگي نٿي رهي. هو بندرگاهه وارا سمورا ڏينهن اوور لوڊ ڪميونيڪيشن (گفتگو ۽ ڄاڻ) جو شۡڪار رهي ٿو. جهاز جو جيٽيءَ سان لڳڻ سان جهاز جو ايجنٽ ٽپال کڻي ايندو جنهن ۾ گهرو ڳالهيون ۽ مسئلا هڪ طرف هوندا ته هيڊ آفيس طرفان آيل حڪم احڪام ۽ مسئلا ٻئي طرف. جهاز جي انشورنس ڪمپنيءَ ۾ سروي سان واسطو رکندڙ الڳ اچي نڪرندا، جهاز جي مشينري جو نقص ٺاهڻ لاءِ ورڪشاپ وارا الڳ پنهنجي پنهنجي فلاسافي ٻڌائڻ ۾ لڳي ويندا۽ فيصلي لاءِ تري تي بهشت وارو حساب گهرندا. جهاز جي اڳتي سفر لاءِ گهربل تيل پاڻي وغيره جي ضرورت جو حساب ڪتاب معلوم ڪرڻ لاءِ آئل ڪمپنيءَ وارا بحث مباحثو ڪرڻ لاءِ بيٺا هوندا. مطلب ته هڪ منٽ ۾ ساهه کڻڻ جي فرصت نه پئي ملندي آهي ۽ آهستي آهستي مٿي ۾ سور ۽ دماغ مائوف ٿيڻ لڳندو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ جهازيءَ جو اهڙو حال ٿي ويندو آهي جو دعا گهرندو آهي ته ههڙي بندرگاهه جي زندگيءَ کان سمنڊ ڀلو. پر سمنڊ تي به سندس حال نارمل نه هوندو آهي. اتي وري هيڪاندي ماٺ کيس مايوس ڪندي آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org