اسانجي ٽي وي کِلَ ۽ خواري
هتي سئيڊن ۾ جيڪي ويهارو کن ٽي ويءَ جا چئنل نظر اچن ٿا انهن ۾
ٽي سئيڊن جا پنهنجا آهن، ٻه ڀرواري ملڪ ڊئنمارڪ جا
۽ چار پنج ٻين پرڀرن ملڪن: ناروي، فنلئنڊ، جرمني،
فرانس ۽ اسپين جا آهن، ڪجهه
C.N.N،
ڊسڪوري، چلڊرين،
Euro Sport، سپر چئنل،
Sky News،
لائيف اسٽائيل، اسڪرين اسپورٽ ۽
M.T.V
جهڙا عالمي ۽ مشهور چئنل آهن، جيڪي سڄي يورپ ۾ نظر
اچن ٿا. ان کان علاوه ڪجهه مختلف ملڪن ۽ ايجنسين
جا مختلف زبانن جاچئنل نظر اچن ٿا. جيئن ته بي بي
سي جو چئنل ون وارو انگريزي پروگرام. (بي بي سي
چئنل ٽو وارو پروگرام ڊش اينٽينا سان ئي نظر اچي
ٿو.) انهن ملڪن جا ماڻهو جن جي ملڪن تي انگريزن جي
حڪومت رهي- جيئن ته ملائيشيا، انڊيا، سنگاپور،
پاڪستان، ڪينيا، نائيجيريا وغيره ۽ اهي جيڪي
انگريزي سمجهن ٿا انهن جو بي بي سي دلپسند چئنل
آهي.
هڪ چئنل تان ته ڪجهه ڪلاڪن لاءِ جپاني پروگرام ايندو آهي. اها
خبر ناهي ته اهو پروگرام يورپ جي ڪهڙي ملڪ مان
ٽيليڪاسٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ ڏنو وڃي ٿو.
اهڙيءَ طرح هڪ چئنل تان سڄو وقت ترڪي زبان ۾
پروگرام ايندو آهي. اهو ترڪي طرفان يورپ ۾ رهندڙ
ترڪن ۽ ترڪي سمجهندڙن لاءِ آهي. سڄو ڏينهن گانا،
خبرون، ڊراما، حال احوال، فلمون۽ اشتهار هلندا
آهن. اسان جي ڪلاس ميٽن ترڪيءَ جي حسن بقا ۽
عدنان، آذربائيجان جي چنگيز تيمورلو ۽ رومانيا
بلغاريا جي همراهن لاءِ (جن کي ترڪي زبان اچي ٿي)
اهو ترڪي زبان وارو چئنل دلپسند آهي. اهڙيءَ طرح
هڪ چئنل تان هر وقت عربيءَ ۾ پروگرام اچي ٿو. اهو
پروگرام انگلينڊ کان براڊ ڪاسٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي
مالڪ هڪ پرائيويٽ ڪمپني آهي، جنهن ۾سعودي عرب جي
ڪنهن شهزادي جو وڏو حصو چيو وڃي ٿو. ڪن جو چوڻ آهي
ته چار عرب ملڪن (سعودي عرب، ڪويت، لبيا ۽ دبئي
جهڙن) گڏجي پئسو ڪڍيو آهي، ۽ پروگرام ۾ عقل مصر،
موراڪو ۽ اردن وارن جوآهي. ان پروگرام جو نالو
M.B.C
آهي.
مصر جو ڪئپٽن حنفي، ٽيونيشيا جو چيف انجنيئر اياز، نائيجير جو
علي جمبا، موراڪو جو امين، سوڊان جو عبدالهادي ۽
ٻيا عرب هر وقت هن چنل جي اڳيان پٿل ماريوويٺا
هوندا آهن. ترڪي يا عربي زبان مون کي نٿي اچي پر
اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته انهن چئنلن جا پروگرام
ضرور بلند معيار جا آهن تڏهن ته شوقين شوقين ان کي
ڏسن ٿا، نه ته يورپ جي هنن ملڪن ۾ جتي هر چئنل تي
خبر ناهي ڪهڙا اعلى کان اعلى پروگرام اچن ٿا اتي
ماڻهو اهي ڇڏي هي ترڪي يا عربيءَ جا پروگرام ڏسن.
اها انهن پروگرامن جي ساک جي نشاني آهي.
ان ڏينهن هڪ محفل ۾ اسين پاڪستاني ويٺا هئاسين، ڪنهن لنڊن مان
شروع ٿيندڙ هڪ نئين نڪرندڙ چئنل جي ڳالهه ڪڍي جنهن
تان پاڪستاني پروگرام ڏيکاريو ويندو ته جيئن يورپ
۾ رهندڙ پاڪستاني اهي پروگرام ڏسي سگهن. هن شايد
اهوچيو ته اهڙو پروگرام شروع ٿي ويو آهي ۽
Trial
تي فقط انگلينڊ ۾ ڏيکاريو پيو وڃي ۽ هو گذريل هفتي
لنڊن م اهڙي پروگرام تان اڙدو جو هڪ ڊرامو ڏسي به
آيو آهي.
”تنهن جي معنى ته جيڪي پاڪستان وارا پاڪستان ۾ رهي پنهنجي
PTV
ٽي ويءَ تان پيا ڏسن اهوئي سڄو ڏينهن اسين به ڏسي
سگهون ٿا.“ ٻئي چيو.
”اڃا فل پروگرام ته نه ڏيندا، ڪلاڪ ڪلاڪ ڪري وڌائيندا جنهن جو
مدار ڏسڻ وارن ۽ اشتهارن ڏيڻ وارن تي آهي.
ان تي هڪ چيو؛ ”پاڪستان واروهوبهو ٽي وي پروگرام هلائين ته جيڪر
اسين پاڪستاني به نه ڏسون. هندستان، بنگلاديش ۽
ٻين ملڪن جا- جيڪي اڙدو سمجهي سگهن ٿا اهي ته ٿيا
پري. وڌ ۾ وڌ ڊرامو کڻي ڏسنداسين. باقي پاڪستاني
خبرون يا حالات حاضره تي هر هر حڪومت جي شان ۾ پيش
ٿيندڙ ڪوڙ ڪير ويهي ٻڌندو. اها ٽي وي جيڪا هڪ
گهڙيءَ ڏيکاري ٿي ته ٽنڊوبهاول ۾ نَو دهشتگرد
ماريا ويا آهن ۽ کانئن کسيل خطرناڪ هٿيار ڏيکاريا
به وڃن ٿا ۽ ٻي گهڙي ان ٽي وي تان اها خبر ته اهي
نو ڄڻا دهشتگرد نه پر غريب ڳوٺاڻا هاري هئا جن جي
زخميل هٿن زمين جي ڌرتيءَ تي ان سلا اڀارڻ لاءِ
ڪوڏر، هر ۽ ڏاٽي کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ نه جهلي
آهي.“ اهڙي ڪوڙي ميڊيا کي يورپ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪنهن
جي معلومات ۾واڌاو ته نه ايندو، پر ملڪ لاءِ کل ۽
خواري جو سبب ٿيندو“.
ڇا هي اسلام آهي
”منهنجي خيال ۾“، سئيڊن ۾ رهندڙ هڪ ٻئي پاڪستانيءَ
پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو، ”ان ڪم لاءِ سرڪاري ٽي
ويءَ وارن کي ته نه پر
P.T.N
يا ڪنهن خانگي اداري کي ٺيڪو ڏنو وڃي ته سٺو.“
”ان جو سڄو دارومدار حڪومت تي آهي هوءَ سچ کي ڪيترو پسند ڪري
ٿي.“ ٻئي چيو.
ڳالهه ترڪي ۽ عربي زبانن جي ٽي وي چئنلن جي هلي رهي هئي جيڪي
هتي يورپ جي ملڪن ۾ تمام گهڻو مشهور آهن. ترڪي ۽
عربي زبان ڄاڻندڙن کان علاه هتي جا مڪاني ماڻهو پڻ
اهڙي نئين زبان، نئين ڪلچر، نئين ويس وڳن ۾ ملبوس
ماڻهن کي ڏسي
Enjoy
ڪن ٿا. ترڪي ته بقول اسان جي هڪ ايراني دوست جي ته
ماشاءَ الله آهي جنهن جي هڪ ٽنگ ايشيا ۾ آهي ته ٻي
يورپ ۾، پر گهٽ عربي پروگرام به نه هوندا آهن ۽
ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ڪڻا ڏسندا آهيون ان مان ديڳ جي
ناماچار جي خبر اسان کي به پوندي آهي.
T.V
روم ۾ رڳو عربي يا ترڪي ڄاڻندڙ شاگرد هوندا آهن ته
هو پنهنجو ئي پروگرام ڏسن. جهڙوئي اسين پاڪستاني،
بنگالي، انڊين، فلپينو يا آفريڪا جي ٻين ملڪن جا
پهچندا آهيون ته پوءِ سڀني کي اهڙي چئنل لاءِ راضي
ٿيڻو پوندو آهي، جنهن جي زبان سڀني کي سمجهه ۾ اچي
۽ جنهن جو پروگرام سڀني کي وڻي. عيد جي ٻيءَ رات
بي بي سي تان اسين نائين بجي واريون خبرون ٻڌڻ
لاءِ ٽي وي روم ۾ آياسين ته ڪجهه عرب ملڪن جا
شاگرد ايم ايس سي چئنل تان پنهنجو عربي پروگرام
ڏسي رهيا هئا. اسان جي گهڙن سان جارڊن جي عايد هٿ
ٻڌي چيو: ”پليز چئنل چئنج نه ڪجو هن عربي چئنل تان
عيد جو پروگرام هلي رهيو آهي. اڄ نيوز کڻي ٺهيو.
يا توهان مٿين يا هيٺين فلور واري ٽي وي روم ۾ بي
بي سي وڃي ڏسو.“
اسان به اچي هاڻ موٽڻ نٿي چاهيو ۽ ڪجهه دير لاءِ هنن جو عربي
پروگرام ڏسڻ لاءِ ويهي رهياسين. عرب دنيا جا مشهور
آرٽسٽ ڳائڻ وڄائڻ، ناچ ۽ کل خوشيءَ جو مظاهرو ڪري
رهيا هئا. اسان وٽ به عيد جي موقعي تي هن قسم جا
روايتي پروگرام ٿيندا آهن جن ۾ اهي آرٽسٽ جن جي
”پي آر“ سٺي ۽ لابي مضبوط هوندي آهي انهن کي
نمايان حصو ڏنو ويندو آهي. جهڳ مڳ جهڳ مڳ ويس وڳا
۽ منهن چپن تي لالين سرخن جا ٿلها تهه هڻي پنهنجي
فن جي مظاهري سان گڏ ڏسندڙن کي عيد جي دلي مبارڪ
ڏيندا آهن ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ دعائون گهرندا آهن.
خاص مهمان انعام ڏيندي ڪنهن خاتون آرٽسٽ کي ڀُل ۾
هٿ ڏيندو آهي ته هو هٿ ملائڻ بدران قدم پٺتي ٿي
پنهنجي پرهيزگاري ۽ پاڪدامني جو مظاهرو ڪندي آهي.
ڪي ڪي آرٽسٽ حضرات مبارڪن سان گڏ ملڪ جي ترقي،
موجوده حڪومت جي سٺاين ۽ ملڪ کي اسلامي بنائي ڇڏڻ
جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيتوڻيڪ
اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪيترين کي مون نشي ۾
ٿڙندي ٿاٻڙندي ڏٺو آهي ۽ دنيا کانئن ۽ سندن اهڙي
کوکلي پرچار کان نه فقط واقف آهي پر بيزار آهي. پر
هي اسان جي ماحول ۾ هلندڙ ڪوڙي ساراهه، کوکلي شان،
ٺلهي لئه واري مرض ۾ نه فقط اسان جو سياستدان ۽
بيورو ڪريٽ پر اديب، آرٽسٽ، بزنس مين، زميندار پڻ
مبتلا ٿيندو وڃي. هرڪو پنهنجي منهن غير اسلامي ۽
غير اخلاقي ڪم پيو ڪري پر ٻاهريون دهل پنهنجي
مولوي ۽ متقي هجڻ جو پيو وڄائي. نتيجي ۾ هڪ عام
ماڻهو منجهي پيو آهي ته ڇا هيءُ آهي اسلام.
ڇا
واپڊا جو ڏوهه آهي
هتي مسلمان عرب ملڪن جي گڏيل هن پروگرام ۾ ڪابه اهڙي ڪهاڻي نه
هئي. اسان جي ڀائر مسلمان ملڪن ۾ مذهب تي واعظ
ضرور ٿيندو هوندو پر مسجدن، ٽي ويءَ کي هنن وندر
لاءِ وقف ڪيو آهي. عرب دنيا جا راڳ روپ ۽ ساز
سرندا ڏسندا رهياسين. عربي سمجهه ۾ نٿي آئي ته به
ڪنهن ڪنهن ڳائڻي يا ڳائڻي جي گلي ۾ اهڙو سوز هو جو
لڳو ٿي ته هي خوشيءَ جو يا درد ۽ پيڙا جو قصو
ٻڌائي رهي آهي. هڪ نوجوان ڳائڻيءَ جبي ٽائيپ ڪاري
مئڪسيءَ ۾ اسٽيج تي اچي ڳايو. سندس سونهن، آواز ۽
سوز سڀني کي مسحُور ڪري ڇڏيو. سندس مئڪسي جا چاڪ
چيلهه کان وٺي هيٺ تائين کليل هئا. مصراعن جي وچ ۾
ميوزڪ تي نچڻ مهل جڏهن جهمري هنيائين ٿي ته مئڪسي
مٿي کڄي ويئي ٿي ۽ سٿرن تائين سندس اگهاڙيون ٽنگون
نظر آيون ٿي. اسان جي اڳيان ويٺل سعودي عرب جي
صالح ۽ ساڄي کان ويٺل سوڊان جي عبدالهاديءَ ان وقت
تاڙيون ۽ سيٽون وڄائي سرتال ملايو ٿي. پر منهنجي
کاٻي پاسي ويٺل اسان جي قاضي حميد عادت موجب اهڙي
موقعي تي مون کي هر وقت ٺونٺيون هڻي ٽي وي وارن
تي ڇوهه ڇنڊيا ٿي. چي ڪجهه شرم نه اٿن. جهڙي بي
حيا اها عرب ڳائڻي آهي تهڙائي ٽي وي وارا. ههڙا
واحيات پروگرام ڏبا آهن. چئنل چئنج ڪجي.“
”قاضي صاحب ٻين چئنلن تي الف اگهاڙا پروگرام اچن ٿا.“ رکي رکي
راحت ورندي ڏنس ٿي جنهن کي پڻ مون وانگر هي
پروگرام وڻيو پئي. پر قاضيءَ جي اها ئي ٺونٺ ۽
منهنجيون پاسراٽيون.
آخر جيئن .ئي گانو ختم ٿيو ته قاضي کي چيم: ”يار تو ته منهنجون
پاسراٽيون ئي ڀڃي ڇڏيون آهن.“
”مسلمان ٿي ڪري ههڙا پروگرام ڏبا آهن؟“ قاضي چيو.
”قاضي صاحب! تنهنجو ڏوهه ڪونهي. رڳو پاڪستاني ٽي وي ڏسڻ بعد هر
هڪ جو اهو حال ٿيو وڃي. هو سڄي دنيا کي اگهاڙو
سمجهي ٿو. رستي تي ڪنهن عورت جو ڪڇو يا باڊي سڪندي
ڏسي ٿوته ان کي به غير اسلامي قرار ڏيئي سڪائڻ
واري تي ڪفر جي فتوى ڏئي ٿو. ماٺ ڪري ويهي ٽي وي
ڏس. آخر اهي پروگرام ڏيڻ وارا عرب ته اسان جهڙا
مسلمان آهن ۽ هي سڄو ٽي وي روم اردن، سعودي عرب،
الجيريا، مصر، جبوتي ۽ سوڊان ٽيونيشيا جي همراهن
سان ڀريو پيو آهي اهي به ته مسلمان آهن. يا اسين
ننڍي کنڊ جا اسپيشل مسلمان آهيون. پر ننڍي کنڊ جا
بنگالي ته اهڙي تهڙي ڳالهه کي لکين ئي ڪونه ٿا“.
پوءِ سنهي
See Through
ٽائيپ پهريل ڊريسن ۾ چئن مصري يا موراڪو جي
عربياڻين جيڪا ڊانس ۽ ناچ نچڪو ڪيو ان کي هتي جا
يورپي به ڏسي ٺري پيا هوندا. بهرحال ٻيو ڪو ٺريو
هجي يا نه پر اسان پاڪستانين لاءِ سڄي عمر
پاڪستاني ٽي ويءَ تان پوتيءَ ۾ ڍڪيل ۽ بت ٿي هڪ
هنڌ بيٺل چهرا ڏسڻ بعد هر ملڪ جي ٽي ويءَ تان هر
پروگرام ڏسي ٺري پوڻ لازمي ڳالهه آهي.
ڪلاڪ ڏيڍ جي پروگرام بعد جڏهن سڀ ٽي وي روم مان نڪتاسين ته
ڪنهن به- آفريڪا توڙي عرب جي مسلمان ان تي ٽيڪا
ٽپڻي نه ڪئي. لڳو پئي ته هنن لاءِ ان قسم جا اهي
پروگرام نارمل آهن ۽ پنهنجي ملڪ ۾ به ڏسندا رهن
ٿا. بقول ملائيشيا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ جي ته
اسين پاڪستاني به عجيب آهيون. ڪنهن جي اگهاڙي سٿر
يا ڪڇ ڏسيو آپي کان ٻاهر نڪريو وڃون ۽ پوءِ پنهنجي
ذهنيت کي ڏوهه ڏيڻ بدران وتون ٽي وي وارن ۽ ٻين تي
ڏوهه مڙهيندا. اسان کي پنهنجي ڇڙواڳ ۽ ڀٽڪيل خيالن
کي واڳ وجهڻ کپي.
ڪراچي آفيس ۾ منهنجي هڪ دوست چيو: ”اليڪٽرڪ جو ٿنڀو ڏسي ڪنهن
عورت جا جيڪڏهن جذبات مشتعل ٿي وڃن ته خرابي ان
عورت ۾ سمجهڻ کپي ۽ نه واپڊا وارن ۾ ته هنن اهي
ٿنڀا ڇو هڻايا آهن يا ٿنڀن جي موجوده شڪل غير
اخلاقي آهي.“
پڙهندڙ چڱي ريت پروڙ رکندا هوندا ته اسان جي ملڪ ۾ ٽي ويءَ کي
مسلمان بنائڻ جي چڪر ۾ جيتروپوتي ۽ برقعي کي
آندوپيو وڃي اوترو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روزانو وي سي آر،
ڪئسٽن جا نوان دڪان کلي رهيا آهن يا ڄاڻ ته ڊش
ائنٽينا عام ٿي.
جن ملڪن ۾ ٽي وي پروگرام وندرائيندڙ آهن انهن ۾ ماڻهو وي سي آر
ئي نٿا وٺن بقول هڪ عربي دوست جي؛ ”خبرون پڙهندڙن
جي اڌ مٿي تي زوريءَ پوتي رکائڻ سان خبرون پڙهڻ
واري يا ٻڌڻ وارا مسلمان ٿي ويندا ڇا. سڀ کان وڏي
ڳالهه ته جي عورت کي مٿو ڍڪڻو آهي ته چڱي طرح
عربن، ايرانين يا ملائيشين، انڊونيشين وانگر حجاب
(روسري) ٻڌي جنهن مان هڪ وار به نظر نه اچي باقي
اڌ اگهاڙي دوپٽي سان پاڪستان جي مسلمان عورتن کي
سِکڻيون بنائڻ سان اسلام جي ڪهڙي خدمت ادا ٿي رهي
آهي. سي به ڪا صحيح ڳالهه اچي ٻڌائين. اڌ کان وڌيڪ
پاڪستاني خبرون حڪومت جي تعريف ۽ ڪوڙ تي ٻڌل
هونديون آهن. ڇا مسلمانن کي اها خبر ناهي ته ڪوڙ
ڳالهائڻ واري تي ڪيڏو عذاب آهي؟“
رڌ بچاءَ ۽ زور ڏيڻ لاءِ
مائي رکان ها
سئيڊن ۾ جيڪي هوٽلون آهن سي پُرتڪلف ۽ وڏي معيار جون ضرور آهن
پر آهن ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون. اسان جي ايشيائي
ملڪن وانگر گهٽيءَ گهٽي ۾ ٻي نه ته ملباري يا
ايرانيءَ جي چانهه بسڪيٽن جي هوٽل آهي ئي آهي ۽
اهڙين ايرانين جي هوٽلن ۾ بن ۽ چانهه کائي نيرن
ڪرڻ يا گهر ۾ نيرڻ ڪرڻ واري خرچ ۾ ڪو وڏو فرق نٿو
اچي.
پر هتي يورپ ۾ خاص ڪري سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ جتي کاڌي پيتي جون شيون
اڻلڀ آهن ٻيو مٿان وري انهن تي حڪومت طرفان ڳرو
ٽئڪس لڳل آهي، اتي هوٽلن ۾ ماڻهو ائين وڃي ٿو جيئن
شاديءَ لاءِ ڪليسا گهر ۾- يعني گهڻو ڪري زندگي ۾
ڪو هڪ يا ٻه دفعا مس. هتي جي مهنگائي جو اهو عالم
آهي جو ڪوڪا جي هڪ لٽر واري بوتل جنهن جو پاڻي
پاڪستان ۾ يارهين رپئي ملي ٿوپر هتي جڏهن
Sale
لڳندي آهي يعني دڪاندار سستو ڪري وڪڻندا آهن تڏهن
به ارڙهن ڪرونا هوندو آهي يعني ٻاهتر رپين جو، بصر
پٽاٽن جو ساڳيو اگهه ڏهه ڪرونا (چاليهين رپئي) ڪلو
آهي.ڪيلي ۽ عام صوفن جو به اهو اگهه آهي. انب في
داڻو ويهين رپئي آهي. سستي شيءِ بيضو آهي جيڪو تور
جي حساب سان ملي ٿو ۽ ڇهين رپئي کن ۾ هڪ ملي.
ٿورووڏو هوندو ته ستين رپئي.
سئيڊن يورپ جو ڏورانهون ملڪ آهي، جتي برف ۽ ٿڌ ڪري هر قسم جو
اناج يا ڀاڄي ميوو نٿو ٿئي ۽ جي ٿئي به ٿو ته ڪٿي
ڪٿي ڪو ٿورو گهڻو. ماڻهن جي ضرورت لاءِ ٻاهران
شيون اچن ٿيون. سنگتڙا ۽ گريپ فروٽ اسرائيل کان،
انگور فرانس کان، صوف اسپين کان، چانور ۽ داليون
پاڪستان، هندستان کان ۽ ڪيڪ بسڪيٽ انگلينڊ کان، ڪي
شيون ته تمام ڏورانهين ديسن کان اچن ٿيون. جهڙوڪ:
ڪيلو فلپين ۽ اڪيڊار کان، اڪيڊار ڏکڻ آمريڪا جو
ملڪ آهي جتان ڪيلا ۽ آمريڪا کان گوبي روزانو هوائي
جهاز رستي هتي پهچي ٿي. سو ظاهر آهي ته هر شيءِ جو
اگهه ان حساب سان آهي. سرڪار کي به حڪومت جو
ڪاروبار هلائڻ لاءِ ملڪ جي بهبوديءَ لاءِ پئسو کپي
جيڪو هوءَ هر شيءِ تي ٽئڪس هڻي ان مان اوڳڙ ڪري
ٿي. ان ڪري هر شيءِ کاڌي پيتي کان ڪپڙي گندي، جوتي
سپاتي جي قيمت چوٽ چڙهيل آهي. سو جتي دڪان تي ئي
ڪوڪا ڪولا، پيپسي ڪولا جي قيمت ايتري ڳري آهي اتي
هوٽل ۾ويهي ڪوڪا ڪولا جو آرڊر ڪري پيئڻ معنى
پنهنجي کل لهرائڻي آهي. چڱو جو اسان جي ماني ٽڪيءَ
جو بندوبست يونائيٽيڊ نيشن وارن جي طرفان آهي- اها
هتي جي ميس ۾ ملي ٿي، سواءِ موڪل جي ڏينهن جي، نه
ته ههڙي سيءَ ۽ مهنگائيءَ ۾ ڪير هوٽلن ڏي نڪرندو.
هر هفتي ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿئي ۽ موڪل جي ڏينهن تي ميس بند رهي
ٿي. اسان کي سؤ ڪرونا هر ڏينهن جي حساب سان ملندا
آهن ته ماني هوٽل ۾کائون. بس ظاهري نالو هوٽل
جوهوندو آهي پر مطلب اهوهوندو آهي ته پاڻهي رڌي
پچائي کائو ڇو جو اهو ڊبل روٽي وارو پٽاٽن يا قيمي
جو بن (برگر) جيڪو گذري ڪراچي ۾ چئين رپئي ملي ٿو
سو به هتي جي سستي ۾ سستي هوٽل/ دڪان مئڪڊونالڊ ۾
ويهين ڪرونا (يعني اسي رپئي) جو آهي. سو اتي سؤ
ڪرونا (پنج سؤ رپين ۾ ڪهڙي هوٽل ۾ ڪير ٽي ويلا
کائي سگهندو. آفريڪا ۽ ايشيا جي غريب ملڪن جا اسين
جڏهن ان بابت ٽيڪاٽپڻي ڪندا آهيون ته چوندا آهيون
ته هي يونيورسٽي ڪراچي، بمبئي يا ڪينيا جبوتي ۾
هجي ها ته پوءِ هڪ ڏينهن جي ايترن پئسن مان ٻه
ڏينهن هوٽل ۾ ماني کائون ها. سريلنڪا جو مسٽر
پريرا ته چوندو آهي ته ڪولمبو ۾ ته هزار ڪرونائن
(چئن هزارن رپين) ۾، جيڪي مهيني جي پنجن ڇنڇرن ۽
پنجن آچرن جا ملن ٿا، سڄي مهيني جو راشن ۽
بورچياڻي جو پگهار نڪري سگهي ٿو. بئنڪاڪ جو سوتي
ڇائي چوندو آهي. ”هيءَ يونيورسٽي ٿائيلينڊ جي ڪنهن
شهر ۾ هجي ها ته آئون جيڪر هڪ پرمننٽ مائي ماني
پچائڻ ۽ زور ڏيڻ لاءِ رکان ها.“
ڪڪڙ ۽ واڱڻ جي دعوت
نائيجيريا (آفريڪا) جي شاگردياڻي جوليانا چيو: ”توهان مردن کي
هر وقت فقط اهي واحيات ڳالهيون آهن. توهان مرد وري
به خوشنصيب آهيو جو توهان جون زالون اچن ٿيون ته
گهٽ ۾ گهٽ رڌ پچاءَ کان بچيو وڃو. اسان جا مڙس اچن
ٿا ته اسان لاءِ ٻيڻو ڪم وڌيو وڃي.“
موڪل جي ڏينهن تي هاسٽل جي ڪمرن مان کاڌي پچڻ جي مختلف خوشبوئن
۽ تيل ۽ مرچ مسالا سڙڻ جي بوءِ ايندي آهي. هر ڪمري
۾ رڌ پچاءَ جو هڪ ننڍڙو ڪمپارٽمينٽ آهي، جنهن ۾
فرج، چلهه، اوون، ٿانوَن جو ڪٻٽ آهي. مختلف قسم جا
ديڳڙا، ڪڻڇيون، چمچا، ڪانٽا ڇريون، پليٽون، ڪوپ
ساسرون هر هڪ کي مليل آهن جنهن جو هر هڪ پورو پورو
فائدووٺي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي هٿن جو رڌل کاڌو
ٻين کي به ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڏيندا آهيون. بنگلاديش جو
ڪئپٽن معين، ملائيشيا جو ڪئپٽن لي ۽ ايران جو
ايماد ته هر مهيني ڏيڍ بعد ٻن ٽن ڪلاس ميٽن کي
ڪمري ۾ گهرائي دعوت به ڪندو آهي.
هڪ دفعي مون به پنهنجي ٻن هم وطنين: عاشق ۽ راحت جي دعوت ڪئي.
اڳواٽ جو پروگرام نه رٿيو هوم. صبح جو اڌ ڪڪڙ جو
وڌيڪ اڌ ڪرڻ بدران سڄو اڌ ديڳڙي ۾ رڌڻ لاءِ وڌم.
اهو سوچي ته سڀاڻ تائين ان جو ٻوڙ هلي ويندو يا
ٻئي هفتي کائڻ لاءِ فريزر ۾ رکي ڇڏيندس. پر پوءِ
جڏهن اڌ گابرو تيار ٿي ويو ته سوچيم، ته عاشق ۽
راحت کي مانيءَ تي گهرائي وٺان جيئن هنن کي رڌ
بچاءَ جي اڄ تڪليف نه ڪرڻي پوي.
”ڀلا اڄ منجهند جي ماني جوڇا سوچيو اٿوَ؟“ ٻئي ڄڻا ٽي وي روم ۾
ملي ويا، سو کانئن پڇيم.
”اڄ بيضا ترڻ جو پروگرام آهي.“ راحت چيو.
”منهنجو اڄ گوبي ۽ پٽاٽا رڌڻ جو پروگرام آهي.“ عاشق چيو، ”پٽاٽا
ڇلي به آيو آهيان.“
”بس ته پوءِ هينئن ڪجو اڄ لنچ مون وٽ اچي کائجو. مون پاران
توهان ٻنهي کي دعوت آهي.“ مون چيو مان.
پهرين هو نه نه ڪندا رهيا. آخر ٻئي ڄڻا راضي ٿي ويا. ”ڀلا ڪيڏي
مهل اچون“ هنن پڇيو.
”بس اهوئي ٻارهين هڪ جي وچ ۾، هر شيءِ ريڊي ڪري اچي
سڏيندوسانوَ.“ مو چيومان.
ڪمري ۾ پهچي، ڪڪڙ جي ٻوڙ کان علاوه ڪا ٻي شيءِ ٺاهڻ جو سوچيم.
فرج کولي ان مان ٻه واڱڻ، پاڪستان، هندستان ۾ کڻي
وائي باديءَ جي بيماري ڏيندو هجي ۽ ان کي سستي نيچ
ڀاڄين ۾ شمار ڪيو ويندو هجي. پر هتي ته سائين واڱڻ
جي ڇا ڳالهه ڪجي. سڀني ڀاڄين ۾ مهنگو واڱڻ ۽ سڀني
ميون ۽ مهنگو گدرو آهي. سبزي مارڪيٽ ۾ اسي رپئي
ڪلو ملي ٿو. ڊپارٽمينٽ اسٽور يا عام ريزڪي دڪان ته
اڃا به مهنگو آهي.
ڪڪڙ جو ٻوڙ لاهي، هڪ چلهه تي مصالحو لڳل واڱڻ رکيم ۽ ٻيءَ تي
چانور چاڙهيم.
ٻارهين سوا ٻارهين تائين سڀ ڪم ٺيڪ ٿي ويو. واڱڻ ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ
ته واهه جو ٿيو. نيرن به نه ڪئي هيم سو بک ۾ هڪ
وار دل ۾ آيو ته آئون ته کائي ٿو ڇڏيان مهمان جڏهن
هڪ بجي ايندا ته اهي پاڻ اچي کائيندا. پر پوءِ چيم
ته ٿورو ٻيو انتظار ڪجي. بس ڀت رڌجي وڃي ته عاشق ۽
راحت ٻنهي کي وٺي ٿو اچان.
ڪجهه دير بعد ڍڪڻ کڻي چانور ڏٺم. پاڻي سڀ سڪي ويو هو پر چانور
اڃا ڪچا هئا. سو اڌ ڪري کن پاڻيءَ جي ٻي وجهي،
ديڳڙي کي ڍڪي اچي لکڻ پڙهڻ تي ويٺس. پندرهن ويهن
منٽن بعد جڏهن اٿي ڍڪ کوليم ته اهو چوڻ ته اجايو
هو ته ڀت ڪيئن ٿيو هو. پر اها سا ڄاڻ ٿي وئي ته
لئي يا پيڻ ڪيئن ٺاهبو آهي. گهڙيال ۾ ڏٺم ته منو
ٿي رهيو هو. يعني مهمان مانيءَ جي انتظار ۾ هوندا.
ان کان وڌيڪ مون کي به بک لڳي هئي. هاڻ وري ٻيا
چانور چاڙهڻ بدران ڊبل روٽي آڻڻ جو سوچيم. اسان جي
هاسٽل جي سامهون ڪنڊ تي هڪ عرب جو ننڍڙو دڪان آهي
جنهن تي هر شيءِ مهنگي ملي ٿي پر موڪل واري ڏينهن
تي توڙي رات جو دير تائين کولڻ ڪري، ايمرجنسي ۾
اسان هن وٽ ڦاهو کائڻ ويندا آهيون.
هاڻ پنهنجي حساب سان عقل جي ڊوڙ مون هن ريت ڪئي ته ڪڪڙ جي ٻوڙ
۽ واڱڻن کي الڳ الڳ چلهين تي رکي انهن جا اليڪٽرڪ
سئيچ ڇهن نمبر تي رکيم. جيڪو سڀ کان گهڻي گرمائش
وارو ڏاڪو آهي. ڊبل روٽي وٺڻ لاءِ پرس کيسي ۾ وڌم
۽ بوٽ پائڻ لڳس. ارادو اهو ڪيم ته ڪمري مان نڪرڻ
تائين ڀلي فل رينج تي چلهه
On
رهي. پوءِ ڪمري مان نڪرڻ مهل
Off
ڪري ويندس. موٽندي مهل عاشق ۽ راحت کي سندن ڪمرن
مان سڏيندو ايندس ته اچي گرم گرم کائين.
ڇاواپڊا جو ڏوهه آهي
هاڻ ڇا ٿيو جو ڪمري مان نڪرڻ وقت مون کان چلهين جا سئيچ آف ڪرڻ
وسري ويا. جيتوڻيڪ ان معاملي ۾ آئون وڌيڪ خبردار
آهيان ۽ هر هڪ کي چوندو آهيان ته گهر ڇڏڻ مهل ٽي
شيون هلندڙ نه ڇڏجن. گئس، اليڪٽرڪ ۽ پاڻيءَ جو
نلڪو، پر اتفاق سان چئجي جو ائين ٿي ويو ۽ وري ڊبل
روٽي وٺي سڌو اچان ها ته به ڪم ايترو خراب نه ٿئي
ها. پر ڊبل روٽي وٺي جيئن هاسٽل جي هيٺين ماڙ تي
پهتس ته فلپين جي شاگردياڻي ڊيزي ملي ويئي جيڪا
مون کي منهنجي ڪمري ۾ ڳوليندي هيٺان اچي نڪتي.
ڊيزي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري آفيس ۾ جهازن جي نيول
آرڪيٽيڪٽ انجنيئر آهي ۽ هتي ”بندرگاهن جي
مئنجمينٽ“ ۾
M.Sc
ڪري رهي آهي. کيس ڪمپيوٽر جو ڪجهه پڇڻو هو جنهن
لاءِ واندڪائي نه هجڻ ڪري کيس ٻه دفعا نٽائي چڪو
هوس. هينئر هوءَ هر صورت ۾ معلوم ڪرڻ لاءِ آئي
هئي.
”بس ٻه منٽ ته لڳندا. مون کي ورڊ پرفيڪٽ جي اها ڪمانڊ ٻڌائي ڇڏ
ته باقي اسپيلنگ چيڪ آئون پاڻ ئي ڪنديس.“ هن چيو.
”چڱو ڀلا هل.“ ڪمپيوٽر روم ڇهين فلور تي آهي. اسان لفٽ ۾ مٿي
چڙهڻ بدران ڏاڪڻيون استعمال ڪرڻ لڳاسين. ٻي ماڙ
تان جڏهن ٽيءَ ماڙ ڏي مٿي وڌي رهياهئاسين جنهن تي
منهنجو ڪمرو آهي ته مرچن ۽ مسالن جي سڙڻ جي بوءِ
آئي. پر منهنجو ان ڏي ڌيان ئي نه ويو ته اهي
منهنجا ٻوڙ سڙي رهيا آهن. بلڪه ڊيزي جڏهن ان بوءِ
ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته مون چيومانس:
”اسان جي فلور تي ڪجهه چيني رهن ٿا، اهي ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇا
پچائيندا آهن.“
”اسان جي سيڪنڊ فلور تي به ويٽنامين ڪافي گند ڪيو آهي. الائي
ڪئا ٿا پچائين يا ڏيڏر نوريئڙا.“ ڊيزيءَ چيو ۽
پوءِ هين هين ڪري کلڻ لڳي ۽ آئون به ساٿ ڏيڻ لاءِ
هين هين ڪرڻ لڳس. ڄڻ اسان ٻئي پاڪستاني ۽ فلپيني
سڄي دنيا ۾ اهم ماڻهو هجون ۽ باقي ٻيا چيني،
ويٽنامي، ٿائي، برمي گرا گنجا ڪولهي باگڙي هجن.
ٽين ماڙ تان چوٿين تي پهتاسين ته ٻمڀ وٽ ئي رکيل بليرڊ ٽيبل تي
عاشق ۽ راحت بليرڊ راند کيڏي رهيا هئا. مون کي ڏسي
عاشق پنهنجي مخصوص چرچائي انداز ۾چيو:
”ڀئي ڇوڪري ڪو ڪهان ليڪي جا رهي هو؟ ۽ مانيءَ جو ڇا پروگرام
آهي.“
”بس ٻن منٽن ۾ ماني لاءِ سڏيانوَ ٿو،رڳو هن کي ٿورو ڪمپيوٽر جو
ڪم ڏسي اچان.“ مون وراڻيومانس.
ڇهين ماڙ تي ڪمپيوٽر روم ۾ پهچي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڪيم ته
ڏهن ڪمپيوٽرن مان من ڪنهن هڪ تي ڪو
Word Perfect
تي ڪم ڪري رهيو هجي ته ڊيزيءَ کي ان جي ئي حوالي
ڪيان پر هتي گهڻا تڻا فرسٽ چئائيس
First Choice پروگرام ذريعي ٽائيپ ڪري رهيا هئا ۽ جلدي جلدي ته به ٻن بدران
ڏهه منٽ کن لڳي ويا. ان بعد لفٽ ذريعي پنهنجي ٽين
ماڙ تي پهتس. سڙڻ جي ڌپ پهرين کان به تيز ٿي وئي
هئي. پر منهنجي دماغ ۾ اڃا نه پئي آيو ته هي
منهنجو ئي ڪُنو سڙي رهيو آهي. مون سمجهيو ته مون
چلهيون آف ڪري ڇڏيون آهن. بلڪه هينئر ڊبل روٽي ڪٽي
چلهيون آن ڪري پوءِ عاشق جن کي سڏڻ جو سوچيندو
ڪمري ڏي وڌي رهيو هوس. پر ڪمري جو تالو جهڙو ئي
ڪوليم ته دونهن ئي دونهن آڌر ڀاءُ ڪئي. يڪدم
معاملو سمجهي ويس. جهٽ جهٽ دريون کوليم پر دونهن
جي ڪري کنگهه ورائي وئي. چلهيون جهٽ پٽ آف ڪري
ٽوال سان دونهين کي ڪمري مان ڪڍيم. (باقي دونهين
جي ڌپ شام تائين سڄي ماڙ تي موجود رهي.) ديڳڙن جا
ڍڪڻ لاهي ڏٺم ته سڀ ڪجهه سڙي ڪارو ڪوئلو ٿي چڪو
هو، جيڪو ديڳڙي سان اهڙو ته سخت چنبڙيل رهيو جو
ٻئي ڏينهن بازار مان سئنڊ پيپر وٺي ان سان کرڙي
ديڳڙا صاف ڪيا هئم.
راحت ۽ عاشق جن کي دعوت ڏيڻ مهل جڏهن پڇيو هوم ته هنن ٻڌايو ته
سندن بيضي يا پٽاٽن ٺاهڻ جو پروگرام آهي. سو هاڻ
هنن وٽ پهچي ڌيرج سان چيم:
”يار توهان پنهنجي پراڻي پروگرام تي رهي سگهندئو؟“
”ڇا مطلب؟“ عاشق پڇيو.
”مطلب اهوئي ته دعوت ڪئنسل. جهڙا ميرا جت تهرا ميرا تت.“ مون
چيو.
”ڪمال ٿو ڪرين. هاڻ ڪنهن کان رڌيو ٿيندو ۽ هي جو تون ٻه ٻه
ديڳڙا اسان لاءِ پچائي رهيو هئين اهي پاڻ کائي
ڇڏئي ڇا؟“
”بس افسوس ته اهو آهي، جيڪر پاڻ ئي کان ها. پر کائڻ جو ارادو
ڪري به ڇڏي ڏنم. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ٽن مان هڪ جي ته
لنچ ٿي وڃي ها.“ مون چيو.
”سچ ٻڌاءِ ٻوڙ ڪيڏانهن ويو؟“ عاشق کي اڃا به دعوت ڪئنسل ٿيڻ تي
يقين نه پئي آيو ۽ کلندي چيائن، ”ڊيزيءَ کي ڏئي
ڇڏئي ڇا؟“
”بهرحال ڪنهن کي به ڏئي ڇڏيم پر هينئر نه آهن.“
”تڏهن به ڪجهه ته بچيو هوندو نه؟“ عاشق زور ڀريو.
”بچي فقط اها سڙڻ جي ڌپ آهي“ مون کين اصل ماجرا ڏي ڌيان
ڇڪائيندي چيو.
حقيقت معلوم ڪري عاشق ۽ راحت کان ٽهڪ نڪري ويا. ٻنهي چيو:
”اسان به گاريون وري چينين کي پيا ڏيون ته الاهي ڪهڙي ٿوم ادرڪ
پيا ساڙين.“
”هاڻ اچو ته ٽئي ڄڻا بيضا تري کائون، ڊبل روٽي ته جام آهي.“ مون
چيومان. |