سمنڊ تي ڪيترن جو ئي واسطو آهي
هن صديءَ جي اڌ بعد- خاص ڪري آخري چوٿي ۾ سامونڊي دنيا ۾ هر طرف
تمام گهڻيون تبديليون آيون آهن. پهرين فقط مال
بردار ۽ مسافر جهاز هئا پر هاڻ تيل جا ٽئنڪر، گئس
۽ ڪارون کڻڻ لاءِ مختلف جهاز، مسافر ۽ سندن ڪارون
ڍوئيندڙ رو رو
(Ro Ro)
فيريون ۽ ڪنٽينر ڪئريڪر
(Container Carrier) اڌ هوا ۽ اڌ پاڻي ۾ هلندڙ هوور ڪرافٽ
(Hoover- Craft)
مڇيون ڦاسائڻ ۽ سمنڊ تي ئي صاف ڪري دٻن ۾ بند ڪرڻ
واري فئڪٽرين وارا جهاز- مطلب ته ڪئين قسمن جا
جهاز نڪري پيا آهن. ويهه پنجويهه هزار ٽن جي جهازن
کان وٺي لک ڏيڍ ٽن، چئن لک ٽنن جا سپر ٽئنڪر، ويري
لارج ۽ الٽرا لارج جهاز نڪري پيا آهن. اهڙيءَ طرح
بندرگاهن جا نمونا به جهازن مطابق تبديل ٿي ويا
آهن. ڇو جو هڪ ڪنٽينر جهاز يا رورو فيري عام ڌڪي
(جيٽيءَ) تي ته بيهي نه سگهندي. بندرگاهه کان
علاوه جهاز سازي جا ڪارخانا ۽ سمنڊ تي هلڻ جا
مختلف رستا اختيار ڪيا ويا آهن. گهڻي آزادي به سٺي
ناهي. قاعدو قانون نه هجڻ ڪري ڪيترائي شپ يارڊ ردي
سامان استعمال ڪري سگهن ٿا يا پنهنجي مرضي تي سمنڊ
تي رستا ٺاهي هلڻ ۽ ٻين لاءِ رستو نه ڇڏڻ تي حادثا
ٿي سگهن ٿا ۽ نه فقط جهاز جو سامان ۽ ماڻهن جي جان
تباهه ٿي سگهي ٿي پر انهن جهازن ۾ کنيل ڏامر جهڙو
تيل، يا ٻيا زهريلا ڌاتو سمنڊ جي سوين ميلن جون
ساهواريون شيون ماري يا کاري سگهن ٿا.
سمنڊ تي اڄڪلهه فقط ٻيڙين وارن جو واسطو ناهي جيڪي ٻين کي اهو
چئي ڀڄائي ڪڍن ته هي دنيا هنن جي آهي ٻيا ڀڄي پاسو
ڪن. پر هاڻ ته آئل گئس وارا اهو چئي سگهن ٿا ته
ملڪ جي معاشيات سڌارڻ لاءِ گئس ۽ تيل ضروري آهي
جنهن جي کوجنا ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾
Oil Rings ۽ ٻيو ريسرچ ورڪ ڪرڻ لاءِ اسان کي کلو کاتو ڏنو وڃي. باقي ٻيا
مڙيئي ماڻهو مهاڻو ٽيهه قدم پري ٿي بيهن. فشريز
(مڇيون ڦاسائڻ ۽ ان جو ڪاروبار هلائڻ) وارا پنهنجي
اداري جي اهميت مڃائي سگهن ٿا. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾
ئي فشريز جو ادارو مڇين، گانگٽن مان ملڪ کي ڪروڙين
ڊالر ڪمائي ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح بحري فوج وارا
پنهنجن جهازن ۽ ملٽري ڪمن لاءِ سمنڊ تي پنهنجو
ديرو ڄمائڻ جي حق جو اظهار ڪري سگهن ٿا.
سو انهن ڳالهين کي منهن ڏيڻ ۽ بين الاقوامي نموني جا قاعدا
قانون ٺاهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ
I.M.O
وارن هي اسان جي
(W.M.U)
ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ٺاهي آهي جيئن دنيا جي
ملڪن جي اهم سامونڊي ادارن سان واسطو رکندڙ آفيسر
پنهنجي ڪم ۾ وڌيڪ ماهر ٿيڻ لاءِ ٻن سالن لاءِ هتي
اعلى تعليم حاصل ڪن. هر ملڪ جي سامونڊي ڪاروبار،
آدمشماري ۽ بندرگاهن جي حساب موجب ان ملڪن مان
شاگردن جو تعداد اچي ٿو. مثال طور پاڪستان،
بنگلاديش، انڊيا مان هر سال ٻه ٽي اچن ٿا. فلپين ۽
ايران مان چار کن، سريلنڪا، برما، بلغاريا،
ويٽنام، رومانيا مان هڪ هڪ. اسپين پورچوگال، سئيڊن
جهڙا يورپي ملڪ جيتوڻيڪ وڏا آهن پر ترقي يافته
(Developed)
آهن ان ڪري اُتان هڪ شاگرد به ڪافي آهي. هن
يونيورسٽيءَ مان اهو فائدو ٿي رهيو آهي ته دنيا جي
ملڪن ۾ سمنڊ جي قاعدن ۽ قانونن ۾ هڪجهڙائي اچي رهي
آهي. جهاز ۽ ان ۾ سفر ڪندڙ انسان جي سلامتي ۽
سمنڊن کي صاف رکڻ جا اپاءَ ورتا پيا وڃن. مثال طور
جهاز جي بناوت جي سلامتي چيڪ ڪرڻ لاءِ نه فقط فلئگ
اسٽيٽ (جنهن ۾ اهو جهاز رجسٽرڊ ٿئي ٿو ۽ ان ملڪ جو
جهنڊو ڦڙڪائي ٿو) دخل اندازي ڪري سگهي ٿو پر پورٽ
اسٽيٽ (جنهن جنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ جهاز وڃي ٿو)
پڻ چڪاس ڪري سگهي ٿو. مثال طور آفريڪا جي ڪنهن ملڪ
جي جهاز تي باهه وسائڻ جو ايمرجنسي فائر پمپ ڪم
نٿو ڪري، جيڪا خطرناڪ ڳالهه آهي. ڪنهن وقت به باهه
لڳڻ تي ان کي وسائڻ لاءِ ان پمپ جو هجڻ ضروري آهي
پر جهاز جو مالڪ اهو سوچي ته جهاز پراڻو ٿي ويو
آهي سال ڏيڍ بعد هونءَ ئي جهاز وڪڻي ڇڏيندس يا ڀڃي
ڀوري لوهه ڪري هلائيندس، ان ۾هن وقت لک ڏيڍ خرچ
ڪري نئون پمپ ڇو وجهان ۽ ٻيو ته باهه الائي لڳي به
يا نه به. اهڙي طرح هو اثر رسوخ ۽ دوستي ياري ۽
پئسو ڏوڪڙ رشوت طور ڏيئي پنهنجي ملڪ جي قانو
هلائيندڙ اداري جون اکيون ڍڪي جهازين جي جان سان
کيڏي سگهي ٿو، پر ٻئي ملڪ ۾ ڦاسي سگهي ٿو. بين
الاقوامي قائدن موجب هاڻ پورٽ اسٽيٽ کي به اٿارٽي
آهي ته جهاز تي ڪا خامي ڏسن ته جهاز کي بندرگاهه
۾ اندر گهڙڻ يا ٻاهرنڪرڻ کان سوگهو ڪري ڇڏين پوءِ
جهاز ڪهڙي به ملڪ جو هجي. يعني جيسين رب ڏنو ميهار
چاليهه رپيا قاسم علي ڍڪ منشي وٽ سرڪاري کاتي لاءِ
جمع نه ڪرائي تيسين کيس سندس رولاڪ ڍور جو رسو نه
ملندو. ان وانگر جهاز جو مالڪ پنهنجي ملڪ ۾ ته ڀلي
بچي سگهي ٿو پر ٻي ملڪ جي بندرگاهه ۾ پهچڻ سان اتي
جي پورٽ اٿارٽي يا مئرين ايڊمنسٽريشن ان کي سوگهو
ڪري سگهي ٿي، ۽ جيسين پمپ نه ٺهرائي ۽ ڏنڊ نه ڀري
تيسين جهاز چري نٿو سگهي. ۽ اڄڪلهه جي مهانگائيءَ
۾ جهاز هلندو ئي رهي ٿو ته ڪمائي سگهي ٿو. جو
بندرگاهه ۾ هڪ ڏينهن بيهڻ جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڍائي
لک رپيا کن جملي خرچ آهي. (بندرگاهه جي ڌڪي جي
مسواڙ، جهازين جو کاڌو پيتو، پگهار، جهاز تي
بجليءَ پاڻيءَ جو بندوبست وغيره.)
دنيا جي ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ
سڀ کان وڏو فائدو هن قسم جي بين الاقوامي يونيورسٽي جو اهو آهي
ته مختلف ملڪن (ننڍن توڙي وڏن)، مذهبن، ادارن،
ڪلچرن، زبانن ۽ رنگ روپ جي ماڻهن سان يڪا سارا ٻه سال چڱي طرح ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي. هيترا سال هيڏي
دنيا ڏسڻ بعد به مالاوي
(Malawi)
گرينڊا، ڪوٽا ڊي آوري ۽ مارشل آئلينڊس جهڙن ملڪن ۾
بندرگاهن جا ماڻهو مون ڏٺا هئا.“ ۽ ڪيترا ملڪ
جيتوڻيڪ وڏا آهن پر هتي اچي خبر پيئي ته انهن ۾ڪو
چاڙهو ناهي ۽ ساڳي وقت گرينڊا ۽ سينگاپور جهڙن
ننڍن ٻيٽن جو سامونڊي قائدو قانون سخت آهي ۽
ايران، سعودي عرب جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي دنيا کڻي
ڇا به سمجهي ته هو جاهل ۽ عياش آهن پر هتي اچي
معلوم ٿيو آهي ته اهو ڪيڏو غلط آهي. هنن کي تعليم
حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ جي جهاز راني، جهاز سازي ۽
قاعدي قانون کي باسلامت ۽ سخت بنائڻ لاءِ بيحد
گهڻي اڻ تڻ آهي.
۽ هڪ اديب جي حيثيت ۾مون کي هڪ هنڌ ويهي مختلف ملڪن جي ماڻهن ۽
انهن جي رسم رواج، مذهب، پوشاڪ، زبان بابت ڄاڻ پوي
ٿي. گهانا مون لاءِ ڄڻ ٻڻ قدمن تي آهي، ترڪي ستن
قدمن تي جو ترڪي جو عدنان ٽن ڪمرن بعد واري ڪمري ۾
رهي ٿو. فلپين، نائيجريا ۽ موراڪو وغيره گرائونڊ
فلور تي ته مئڊاگاسڪر، روس، آذربائيجان، ڪانگو
ڇهين فلور تي آهي. لفٽ ذريعي ٻن ٽن منٽن ۾ پهچيو
وڃجي، نه ته ڏاڪڻين رستي پنجن منٽن ۾. ان کان
علاوه ڏينهن ۾ ٻه دفعا ماني تي، ٽي وي روم ۾،
ڪمپيوٽر روم ۾، بس ۾، يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾،
تقريباَ هر ملڪ جي، هر ماڻهوءَ سان سلام دعا ٿيو
وڃي ۽ هفتي سوا ۾ هڪ دفعو هر هڪ سان پندرهن ويهه
منٽ ڪچهري ٿيو وڃي.
هتي (سئيڊن) ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترا دفعا انهن پاڪستاني دوستن کان
پڇيو هوم جن کي يونائيٽيڊ نئشنس جي مختلف ادارن
جون انٽرنيشنل ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ جو نيويارڪ، لنڊن
يا جنيوا ۾ موقعو مليو هو:
”ٻه هفتا کن نيويارڪ۾رهڻ دوران آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا يا عرب ملڪن
کان آيل نمائندن سان ڪچهري ٿي هوندي؟“
”نه. ڪنهن به قسم جي ذاتي ملاقات ڪنهن سان نه ٿي سگهي. ڇو جو
اتي ايندڙن مان سڀني کي انگريزي نٿي اڇي جو ساڻن
ڳالهائي سگهجي. ميٽنگ دوران ترجمي جون سهوليتون
هجڻ ڪري ڪم جي ڳالهه تي ته ضرور بحث مباحثو هلي
ٿو. ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد، ٻاهر نڪرڻ تي سڀئي جهڙا
گونگا ٻوڙا، ٻيو ته لنڊن، پئرس، نيويارڪ اهڙا شهر
آهن جتي نه فقط اسانجا پاڪستاني سفارخاني وارا ۽
دوست يار، مٽ مائٽ موجود آهن پر ٻين ملڪن کان آيل
همراهن جا پڻ. نتيجي ۾ ميٽنگ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڳالهه
پوري ٿيڻ تي هرڪو پنهنجن سان ملڻ لاءِ وٺيو ڀڄي.
ڪنهن کي به ٻئي جي ملڪ جي ماڻهوءَ سان ملڻ يا ڄاڻ
سڃاڻ وڌائڻ جو شوق نٿو ٿئي.“ هن ٻڌايو.
پر هتي، هن يونيورسٽيءَ ۾ اها مٿين ڳالهه ناهي جنهن جا ڪيترائي
سبب آهن. سڀ کان وڏو اهو ته هر هڪ کي انگريزي
ڳالهائڻ اچي ٿي ۽ اهو سوچڻو نٿو پوي ته آيا هو
منهنجي ۽ آئون هن جي زبان سمجهي سگهندس يا نه. ۽
ٻيو ته سئيڊن جو هي شهر مالمو نه گاديءَ جو هنڌ
آهي نه هتي ڌارين ملڪن جا سفارتخانا ۽ انهن سان
وابسته هم وطني آهن. نه وري ڪو تمام وڏو شهر آهي
جتي اسان جي ملڪن جون هوائي ڪمپنيون، بئنڪون ۽ ٻيا
تجارتي ادارا هجن جن ۾ڪم ڪندڙ پنهنجن ماڻهن سان ئي
ملاقات ڪجي. جيئن دبئي، ڪويت، سينگاپور، لنڊن،
جهڙن هنڌن تي ڪيترا ماڻهو چار چار سال رهي ايندا
آهن پر کين پاڙي ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي
ماڻهوءَ سان ملڻ جو وقت نه ملندو آهي، جو پنهنجي
ئي ملڪ جا ايترا هوندا آهن جو سٺو وقت انهن سان
ملڻ ۾ گذري ويندو آهي. پر هتي اها ڳالهه ناهي.
ٽين ڳالهه ته سڄو ڏينهن يونيورسٽي ۾ گڏ آهيون پر
شام جو رهائش به هڪ ئي هنڌ هاسٽل ۾ آهي. اسان مان
جيڪي هاسٽل ۾ رهڻ بدران الڳ فيلٽ وٺي رهيل آهن سي
به سڀ هڪ ئي علائقي ۾ آهن. ان کان علاوه هر هڪ جو
ڌار ڌار ڌنڌو ڌاڙي هجڻ بدران ساڳيو ئي آهي. يعني
سڀ شاگرد آهيون ۽ روز جي هوم ورڪ کان وٺي امتحان
جي تياريءَ تائين هڪ ٻئي ۾ ڪم پوندو رهي ٿو. ڪنهن
کان ٻئي ڏينهن پيرڊن جو پڇڻ، ڪنهن کان امتحان لاءِ
اهم سوالن جو پڇڻ. پروجيڪٽ (ٿيسز) لکندي ڪمپيوٽر ۾
ايندڙ مسئلي بابت ڪنهن کان پڇڻ، ٻٽون وساري اچڻ
تي، ڪئنٽن ۾ ڪنهن کان اڌارا پئسا وٺڻ ته ڪنهن کان
پينسل، سانچو، رٻڙ گهرڻ، مثال طور اڄ رسيس ۾
ٽرنيڊاڊ (ويسٽ انڊيز) جو شاگرد (چيف انجنيئر
ڊئوڊسن) اچي ويهي رهيو. کيس جهاز جو ٻاهريون حصو
ماپڻ لاءِ
Simpsons Rule
سمجهه ۾ نه پئي آيو. پوءِ ظاهر آهي ڪجهه پڙهائيءَ
جون ڳالهيون ته ڪجهه دنيا جهان جون ٻيون ڳالهيون
ڪندا رهياسين.
”يار ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ ۾ (ويسٽ انڊيز) نه کٽيو پر ان جو افسوس نه
اٿم پر اها خوشي اٿم ته، پاڪستان کٽيو ۽ انگلينڊ
وارن کي شڪست ملي.“ ڊئوڊسن چيو.
”هونءَ پاڪستانين کي ڪئريبن
(Carribean)
سمنڊ جي ٻين ٻيٽنِ: ڪيوبا، هائتي، ڊومنين ريپبلڪ
کان وٺي اڪيڊار، گايانا، سري نام جي ڄاڻ هجي يا نه
پر ڪرڪيٽ جي ڪري ويسٽ انڊيز جي نالي کان هر هڪ
واقفڪار آهي.“ مون ٻڌايومانس.
”آئون ڪيترا دفعا جهاز کي ڪراچي وٺي آيو آهيان اتان صدر مان پٿر
(Onax)
جون ڪافي شيون وٺي پنهنجي نئين گهر کي سينگاريو
اٿم.“ هن چيو.
”آئون به ڪنهن زماني ۾ ٽرنيڊاڊ ٻيٽ جي بندرگاهه ’پورٽ آف اسپين‘
۾ ڏاڍو ويو آهيان. توهان جو هڪ ليکڪ جيڪو جيتوڻيڪ
انڊين نسل جو آهي. منهنجو بيحد دلپسند آهي. سندس
نالو وي. ايس نائيپال
(V.S. Naipaul) آهي.“ مون ٻڌايومانس.
”واقعي سٺو رائيٽر آهي. مون کي پڙهڻ جو شوق ناهي پر مون سندس هڪ
ٻه ڪتاب ڪنهن زماني ۾ پڙهيو هو.“
اهڙيءَ طرح سان هڪ ٻئي سان ڪچهري ۽ ڏيٺ ويٺ ٿيندي رهي ٿي.
|