سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ملير کان مالمو

الطاف شيخ

صفحو :14

 

عمان جو سلطان ۽ آغا خاني

زئنزيبار جو ٻيٽ دنيا جي خوشحال جاين مان هڪ هو. هانگ ڪانگ، سينگاپور، دبئي وغيره ته ڄڻ ڪالهه واپار وڙي ۾ ڀڙ ٿيا آهن. نه ته لونگن جو واپار هجي يا ناريل، عاج يا غلامن جو، زنجبار جا واپاري سڀ ۾ اڳ هوندا هئا ۽ سڄي اوڀر آفريڪا ۾ سندن خوشحاليءَ جي هاڪ هئي. عرب توڙي انگريز، ڊچ پورچوگالي پري پري کان ڪهي هتي ايندا هئا. واپار وڙي لاءِ، گهمڻ ڦرڻ لاءِ، آرام ۽ عياشي لاءِ ۽ مختلف هنڌن تي آيل ماڻهن سان ملڻ جلڻ لاءِ.

عمان جي سلطان جون ته هن ٻيٽ تي ايڏيون دلچسپيون هيون جو 1832ع ۾ هن پنهنجي سڄي حويلي کي زنجبار ۾ اچي رهايو. عمان جي سلطان جي محلات ٺهڻ بعد يڪدم آمريڪا زنجبار ۾ پنهنجو قونصل خانو کوليو. گڏيل ننڍي کنڊ جي واپارين (خاص ڪري هندو سنڌي، گجراتي، آغا خاني ۽ بوهرين) کان وٺي چيني، ملئي، گورکا هتي نظر ايندا هئا. پر زنجبار جي خوشحاليءَ جو ستارو عدن، ڪولمبو ۽ بيروت جيان هڪ ڏينهن گردش ۾ اچي ويو. سندس رونقون ان وقت کان اجهامڻ لڳيون، جڏهن هتي جي ماڻهن 1964ع ۾عماني سلطنت جي خلاف انقلاب آندو. (عماني سلطان هاڻ پورٽس مائوٿ- انگلينڊ ۾ رهي ٿو) ۽ ٽانگانيڪا سان شامل ٿي سوشلسٽ حڪومت وارو ملڪ تنزانيا ٺاهيو.

اهو زنجبار ٻيٽ جنهن جا پٿر جا ٺهيل گهر ۽ چوڌاري اڇي پوچي ڏنل چمڪندڙ ڀتيون ۽ سوڙهين گهٽين ۾ واپارين، خريدارن، تماشائين ۽ سير سپاٽو ڪندڙن جي چهل پهل، خوشبو، آواز ۽ خوشيون هيون، هاڻ سڀ خاموشيءَ ۾ تبديل ٿيل نظر اچن ٿيون. رات  جو دير تائين هي جاڳندڙ بندرگاهه اڄ ڏينهن جو به ڄڻ ستو پيو آهي. نه اهي ديس ديس جون شيون ۽سوکڙيون آهن ۽ نه ان جا قدردان ۽ خريدار. دڪاندار دڪانن جي ڏاڪڻين وٽ ويٺل نظر ايندا. پنهنجي وکر جو وڪرو ڪرڻ بدران هتان هُتان جو اوڀاريون لهواريون ڪندي نظر ايندا. شل نه ڪو توهان کي فون ڪرڻ جي ضرورت پوي. هر ٽيليفون توهان کي مرمت هيٺ ملندو. جڏهن ته گهاري کان ڳاڙهي يا جوهي کان ڇني وارن زبون حال رستن تي به ڪا ٽريفڪ نظر اچي ٿر پر زنجبار جي سڄي ٻيٽ تي آکرين تي ڳڻن جيتريون موٽر ڪارون نظر اينديون. نه ته اڄ جيڪو سنگاپور جو اؤج آهي اهو زنجبار جو هجڻ کپي ها. پر ملڪ جا حاڪم ملڪن جون اجهو ائين قسمتون ڦيرايو ڇڏين. ڪو زمانو هو جو هن سلطنت ۾ لونگن جو فصل ايڏو ٿيندو هو جو دنيا جي اڌ ضرورت پوري ٿيندي هئي. ان ڏينهن انگ اکر پئي پڙهيم ته زنجبار ۾ جتي پهرين ويهه هزار ٽن لونگن جو فصل لهندو هو. Nationalization بعد هاڻ ڏيڍ هزار ٽن مس لهي ٿو. انڊونيشيا برازيل جهڙن ملڪن، دنيا جي لونگ مارڪيٽ تي قبضو ڪري ورتو- جهڙي طرح عدن ڪولمبو زنجبار ممباسا جهڙن بندرگاهن (جيڪي ڪنهن زماني ۾ خريدارن جي جنت سڏبا هئا) جي ڪسر سنگاپور دبئي جهڙا بندرگاهه پوري ڪري رهيا آهن. تنزانيا جي حڪومت وڏي ڪوشش ۾لڳي پئي آهي ته ڪنهن نموني سان زنجبار جو اوج موٽي اچي. هوءَ ڌارين کي واپار ڪرڻ ۽ پئسو لڳائڻ لاءِ دعوتون ڏيئي رهي آهي. پر سيٺ ماڻهو پئسو لڳائيندي ڊڄن ٿا جو آفريڪي ملڪن جو ڪو خاص ڀروسو ناهي. ڪنهن وقت به ڪو عقيدي امين، ڪو ملٽري جو جنرل يا ڪو سياسي ڊڪٽيٽر موڊ بگڙڻ تي کين تڙي ڪڍي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هاڻ آغا خان دلچسپي وٺي رهيو آهي. عمان حڪومت به تحفي طور هوائي اڏو ٺاهيو پئي ڏئين، جنهن جي خاندان جا اڃا ڪيترائي ماڻهو زنجبار ۾ رهن ٿا. ڪجهه وڏيون هوٽلون ۽ ڊيوٽي فري علائقا(Zones) پڻ ٺهي رهيا آهن. هن ننڍڙي ٻيٽ جي چيف منسٽر جو اهوئي خواب آهي ته زنجبار کي اوڀر آفريڪا جو سنگاپور بڻايو وڃي. پر ان جي حصي تائين پهچڻ ۾ به ظاهري طرح کيس وڏي منزل طئه ڪرڻي آهي. جو هتي نه ماڊرن ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم آهي نه بئنڪاري، نه آفيسون آهن ۽ نه سواري جو بهتر سسٽم، جيڪو ٻيٽ کي تنزانيا جي مين لئنڊ سان ملائي- جيئن سينگاپور، ملائيشيا سان ملي ٿو يا هانگ ڪانگ چين سان.

ايتري قدر جو اڄ جا ماڊرن مال بردار جهاز به هن بندرگاهه ۾بيهي نٿا سگهن. جيڪو ڪاٺ ٻيڙن ۽ ڌائو (Dhow) ٻيڙي جي لحاظ سان ٺاهيو ويو هو. جن ٻيڙين جو هن علائقي ۾ صديون راڄ رهيو.

 

 

گلوبل وارمنگ

مالمو ۾ ريلوي اسٽيشن وٽ هوٽل Savoy ۾ روٽري ڪلب جي ميٽنگ اٽينڊ ڪري نڪتس ته سامهون ويهون نمبر بس نظر آئي. يڪدم اچي چڙهيس. پارڪ وٽان ٿيندي هتي جي اهم اسٽاپ گستاوو اڊولف ٽورگ تي ڪافي دير اچي بيٺي. ٻين ماڻهن سان گڏ ليسا (Lisa) به چڙهي. ليسا فلپين پورٽ اٿارٽيءَ ۾ آفيسر آهي. پاڻ سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي آهي. گذريل سال سندس مڱڻو هتي پڙهندڙ هڪ ٻئي فلپيني شاگرد سان ٿيو هو. پاڻ راندين ۽ پڙهائي ۾ ڪافي هوشيار آهي.بس ۾ منهنجي ڀرسان اچي ويٺي ۽ تازو اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي ٿيل اليڪشن جون مون کي مبارڪون ڏنائين. وائيس پريزيڊنٽ جي پوسٽ لاءِ مون کي جن ملڪن جي شاگردن ووٽ ڏنو انهن ۾سعودي عرب، ايران، ملائيشيا، مصر ۽ چين سان گڏ فلپين اڳيان اڳيان هو. منهنجي مقابلي ۾ ٻه ٻيا اميدوار ڏکڻ آمريڪا جا هئا. هڪ وينزوئلا جو ۽ ٻيو ڪئبين سمنڊ جي ڪنهن ٻيٽ جو هو.

مون سندس ووٽ لاءِ ٿورو مڃيو. بس آهستي آهستي چرڻ لڳي. اڄ صحيح معنى ۾ سيءَ ناهي. گرمي ته نٿي چئي سگهجي. جيتوڻيڪ هتي جا ماڻهو هن کي اونهارو چون ٿا پر اسان اڃا ڪوٽ پايو هلون. بس سئيٽر ۽ اوورڪوٽ  جو بار ضرور لاٿو اٿئون ۽ ٻي ڳالهه ته اس نظر آئي آهي ۽ منجهند جو ويهه ڊگريون ٽيمپريچر ته اسان وٽ سياري ۾ ٿيندو آهي پر هتي جي حساب سان گرمي آهي. ليسا ۽ آئون رستي تي ۽ بس ۾چڙهندڙ اڌ اگهاڙن ڇوڪرن۽ ڇوڪرين کي ڏسون ٿا.

”رات ٽي وي جي خبرن۾ آيو هو ته ويهن سالن ۾ هتي اهڙي گرمي نه ٿي. اسڪاٽلينڊ ۾ڪالهه 25 ڊگريون ٽيمپريچر هو. ايترو گهڻو هن کان اڳ اتي پنجيتاليهه سال اڳ ٿيو هو. ”ليسا ٻڌايو.

هڪ ڇوڪري بنا برئزيئر جي ٻانهن کانسواءِ واري گنجي ۾ چيغم کائيندي چڙهي. ان تي مونکي تعجب لڳو. يعني چيغم کائڻ تي نه پر، سندس اوگهڙ نمايان ٿيڻ تي. پر کيس گهٽ ۾ گهٽ پتلون ته هئي. ان جي پٺيان چڙهندڙ ساهيڙيءَ جو هيٺيون حصو به اڌ اگهاڙو هو. هو فقط فٽ کن ڊگھي چڍيءَ ۾ هئي. اڳئين کي چڏي پوئينءَ جي سفيد ۽ شفاف جسم کي ڏسڻ لڳس. يڪدم خيال آيو ته بس ۾ ويٺل ٻيا ڇا سوچيندا.مون ڇوڪريءَ مان نظرون ڪڍي ٽيڏي اک سان پاسي وارين سيٽن تي ويٺل مسافرن کي ڏٺو. مرد حضرات اهوئي ڪي ڪجهه ڪري هئا جيڪوآئون ڪري رهيو هوس. يعني اکيون ٺاري رهيا هئا. باقي پوڙهيون پنهنجيون هڙون ۽ بجڪا ڪڇ ۾ رکي پنڪيون کائي رهيون هيون. نوجوان مرد ۽ ڇوڪرا ته نه برابر بس ۾چڙهن. هو سائيڪل تي اچن وڃن يا پنڌ.

ٻئي ڇوڪريون ٽڪيٽ وٺي اسان جي ڀر واري سيٽ تي اچي ويٺيون ۽ اخبار ڪڍي پاڻ کي وڃڻي هڻي اهو حساس ڏياريو ته ظلم جي گرمي آهي.

ليسا هنن جي ان ادا کي چتائي ڏسڻ بعد مون ڏي سوالي نگاهن سان ڏٺو ته ڇا واقعي اهڙي گرمي آهي!

”هاڻ ايتري به گرمي ناهي. هتي جي ماڻهن کي ڪجهه نخرو به آهي.“ مون ليسا کي انگريزي ۾ پر آهستي چيو. متان ذڪر ۾ آيل ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريون ٻڌي وٺن جو انگريزي زبان گهڻو تڻو هر سئيڊش سمجهي ٿو.

”نه هنن کي گرمي واقعي لڳي ٿي. سوير يونيورسٽيءَ جي ڀر واري بيچ (سامونڊي ڪناري) تان آئون واڪ ڪري پئي لنگهيس ته ڪيتريون ڇوڪريون ۽ وڏي عمر جون زالون چولا ۽ باڊيون لاهي ڇٻر تي ليٽيون پيون هيون.“ ليسا ٻڌايو.

”اهو گرمي ڪري نٿيون ڪن پر اهو سج نڪرڻ ڪري ان جي خاص ڪرڻن Ultra Violet)) سان پنهنجي جسم کي سيڪ ٿيون ڏين.“ مون ٻڌايومانس.

”نه گرمي به آهي ۽ گذريل سال هن کان اڃا گهٽ گرمي هئي ته اسڪول جي ٻارن کي موڪل ڏيئي ڇڏيائون. ڇو جو هتي جي عمارت جون دريون پنهنجي ملڪن جي درين وانگر نٿيون کلن ۽ نه وري ڇتين ۾ پکا لڳل آهن جيڪي هلائي هوا کائجي“. ليسا ٻڌايو ۽ پوءِ ٿورو ساهه کڻي، سنجيده ٿي چيو: ”دراصل Global Warming جو به ته اثر آهي. سڄي ڌرتي جو گولو گرم ٿي رهيو آهي.“

هن جواب لاءِ مون ڏي نهاريو. سندس ڳالهه مون کي به دلسان لڳي. ترقي يافته ملڪن فئڪٽرين، ڪارخانن، لارين موٽرن جي ايڏي ڌم لڳائي آهي جو فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس وڌي ويئي آهي ۽ ان گئس کي هضم ڪرڻ واري سڀ کان بهتر شيءِ وڻ وڻڪار آهي جيڪا خط استوا جي اوس پاس وارن غريب ايشيائي، آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ آهي. هو اهي قدرتي جهنگل ۽ ٻيلا وڍي عمارتي ڪاٺ جو وڪرو ڪري پنهنجي ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ دنيا جا اڌ کان وڌيڪ جهنگل ٻيلا نابود ٿي ويا آهن ۽ هڪ طرف دونهون ئي دونهون (CO2) وڌي رهيوآهي ته ٻئي طرف ان کي منهن ڏيڻ وارو ساهوارو- وڻ ٽڻ ختم ٿي رهيوآهي.

 

قيامت ۾ يقين رکين ٿو

”گرين هائوس جي اثرات بابت تنهنجا ڇا خيال آهن؟“ مون کي ماٺ ۾ ڏسي ليسا وري سوال ڪيو.

دراصل ليسا ڪجهه وڌيڪ ئي منڌل لڳي رهي هئي ۽ ان عالمي مسئلي بابت مون کي به پريشان ٿيڻ کپي، جيڪو اسانجي هڪ سبجيڪٽ Environmental Pollution جو هڪ حصو آهي ۽ ان بابت جيئن ئي ليسا ياد ڏياريو ته ساعت ٻن لاءِ آئون به غمگين ٿي ويس. پر مون جهڙي هڪ پاڪستاني  لاءِ خاص ڪري سنڌ جي رهاڪوءَ لاءِ ٻيا روزمره جا سر تي سوار ويجها ۽ مستقبل قريب جامسئلا ڪي گهٽ آهن جو ڏور  آئيندي جي (سو به الائي اچي يا نه) هڪ عالمي مسئلي جي هينئر کان ئي ڳڻتي ڪريان. اسين ماڻهو سوين مونجهارن ۽ مسئلن ۾ وڪوڙيل، هر پل تي جيئڻ لاءِ جس ڪندڙن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون عالمي آفتون رحمت ثابت ٿينديون آهن، جيڪي اسان کي لاتعداد ڏکن غمن کان  نجات ڏياريو ڇڏين. هو ڇا چوندا آهن ته ڏک غم ته سڀني وٽ آهن پر اسان سنڌي ماڻهن وٽ وٿاڻين آهن. هيڪاندا گهڻا آهن.

ليسا کي ته نه ڀائرن ڀينرن جي پڙهائيءَ جو فڪر آهي، نه انهن جي نوڪرين جو، نه مٽن مائٽن جي بيماري ۽ علاج جو ۽ نه گهر ۽ مسواڙ جو. سندس ڪو مٽ مائٽ اغوا ٿئي ٿو، نه ڪنهن سندس عزيز ۽ پاڙي واري جي گهر ۾ کاٽ لڳي ٿو. نه مٿانئن پوليس جي پٽ آهي ۽ نه ملٽري جو مار موچڙو. نه اٽي لٽي جي کوٽ جو مسئلو آهي نه ڪوڙن ڪيسن ۾ڪورٽن جا چڪر آهن. نه ڪنهن ڌاڙيل، پير وڏيري جا ظلم آهن نه هنن کي ڊاڪٽر مدي خارج دوائون ڏئي وڌيڪ اگهو ڪري ٿو. هوءَ ڀلي اڄ کان پنجويهه سالن بعد اچڻ وارن مسئلن تي اڄ ئي سوچي ڪجهه وڌيڪ سنهي ٿئي.

”ڇا پيو سوچين؟“ دريءَ جي ٻاهران مون کي ٽڪ ٻڌي گهوريندو ڏسي هن پڇيو.

پارڪ واري بس اسٽاپ وٽ وڻ هيٺان هڪ ڇوڪر ۽ ڇوڪري ڀاڪر پائي ويٺا هئا. ان اسٽاپ کي جيئن بس ڇڏيو ته ليسا کي سندس سوال جو جواب ڏنم. دراصل ولايت ۾ اڪيلو رهندڙ عورت توڙي مرد تي ڪڏهن ڪڏهن رکي رکي سخت قسم جي Depression حاوي ٿيندي آهي. ليسا تي هن وقت شايد ان دوري جو اثر هو، جنهن ڪري هن کي هر ڳالهه ۾ مايوسي نظر اچي رهي هئي. ۽ ان ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ هن ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائي پاڻ کي بزي ۽ Occupied رکڻ چاهيو ٿي.

”ليسا! آئون سوچي رهيو آهيان ته ان ڌرتيءَ جي گرمائش ۾ به سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڻ ايشيائي ماڻهن کي ٿيندو ۽ خط استوا جي ويجهڙائي وارن ملڪن جي ماڻهن جو گهڻو موت ٿيندو. ڏس پاڻ وٽ اڳهين سخت گرمي ٿئي ٿي. ويتر جي ٽي چار ڊگريون وڌيڪ گرمي ٿي ته معنى قيامت ئي ٿي. خبر اٿئي گذريل سال سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن ايڏي سخت گرمي ٿي جو ڪيترا اڏمندڙ پکي Dehydration ڪري بيهوش ٿي ڪري پيا هئا. آفريڪا ۾ ته هينئر ئي ان گرميءَ جا اثر سوڪڙ Draught جي صورت ۾ نظر اچڻ لڳا آهن. اٿوپيا، صوماليا، سوڊان ۽ چاڊ سان گڏ هي پهريون دفعو موزمبق ۽ هاڻ ڪينيا ۾ به مينهن نه پوڻ ڪري اهو ملڪ به ڏڪاري حالت ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ توهان فلپيني ماڻهن سان جيڪي ننڍن ننڍن ٻيٽن تي رهو ٿا گرميءَ سان گڏ سامونڊي ٻوڏ جو به مسئلو ٿيندو. گرميءَ ڪري اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب جي برف ڳرندي ۽ سمنڊ جي وڌندڙ ليول خط استوائي ملڪن جا ڪنارا ۽ ٻيٽ ٻوڙي ڇڏيندي.“

۽ هاڻ ليسا وڌيڪ گنڀير ٿي ويئي ۽ هاسٽل جي بس اسٽاپ تائين، چپ چاپ، چيچ سان پنهنجي هڏن سان ڀريل مٿي کي کنگهندي رهي. بس مان لهي هاسٽل جي در تائين به ماٺ مٺوڙي ۾ سوچيندي آئي ۽ پوءِ لفٽ ۾ پنهنجي ڇهين ماڙ ڏي روانو ٿيڻ کان اڳ پڇڻ لڳيِ:

”الطاف! هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ. قيامت ۾ڇا تنهنجو يقين آهي؟“

”هائو. بلڪل. آئون مسلمان آهيان ۽ هر مسلمان جو قيامت جي ڏينهن تي يقين هجڻ ضروري آهي.“ مون وراڻيو مانس.

”مون کي ته ائين لڳندو آهي ته قيامت ڄاڻ ته آئي.“ ليسا چيو.

”اسان جي مذهب موجب قيامت جي مقرر ڏينهن جي ڪنهن کي خبر ناهي. پر اهو ڏينهن اچڻو ضرور آهي. ان جا آثار نموندار ٿيڻ لڳا آهن. ٿي سگهي ٿو ههڙيون گرميون اڳتي هلي قيامت آڻين.“

”ڪيئن ڀلا؟“ ليسا حيرت مان پڇيو.

”آئون ننڍو هوس ته آمريڪا جي هڪ شهر فلڊ لفيا ۾ هڪ عيسائي سائسندان مون کي ٻڌايو هو. هو تازو مسلمان ٿيو هو ۽ هيءَ ڳالهه اڄ کان ويهه ٻاويهه سال اڳ جي آهي، جڏهن هي Green House Effect ۽ گلوبل وارمنگ جهڙيون ڳالهيون اڃا عام ماڻهوءَ جي خواب خيال ۾ به نه هيون. هن چيوته ڌرتي اڳتي هلي ٿڌي ٿيڻ بدران گرم ٿيندي ۽ اها گرمائش هڪ حد کان پوءِ تيزي سان Geometrical Progression ۾ ايڏو وڌي ويندي جو هي دنيا جو گولو جيڪو چقمق وانگر هر شيءِ کي پاڻ وٽ ڇڪي بيهاريو ويٺو آهي سو ڪشش وڃا.ئي ويهندو. ڇو جو گرمائش ۾ Magnetic Properties (حقمقي خاصيتون) ختم ٿيو وڃن. لوهه جي ذرڙن کي چقمق سان چنبڙائي ۽ پوءِ چقمق کي موم بتيءَ سان گرم ڪيو. هو ڇڪڻ جي خاصيت وڃائي ويهندو ۽ لوهي ذرڙا وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪندا. ان ريت جڏهن ڌرتي گرمائش ڪري پنهنجي ڪشش وڃائي ويهندي ته انسان جانور ته ڇا پر وڏيون وڏيون عمارتون ۽ جبل ٽڪر ڌرتيءَ جي گولي کان اڇلجي پري هليا ويندا.“

منهنجي ڳالهه پوري ٿيڻ تي ليسا ڪو ٻيوسوال ڪري ان کان اڳ لفٽ جو دروازو کولي کيس اندر گهڙڻ لاءِ چيو ۽ سندس ماڙ جو ڇهون نمبر بٽڻ دٻائي کيس لفٽ ذريعي روانو ڪيو ۽ آئون پاڻ ڏاڪڻيون چڙهي پنهنجي ڪمري جي ٽين ماڙ تي پهتس.

 

ڪجهه عيدي امين ۽ يوگنڊا بابت

1972ع ۾ عيدي امين يوگنڊا ۾ ٽيهه هزار کان مٿي رهندڙ ايشين کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي. . ڪينيا، تنزانيا ۽ يوگنڊا ۾رهندڙ ننڍي کنڊ جي واپارين لاءِ مڪاني ماڻهن کي ائين نفرت ٿي پيئي جيئن صديءَ جي شروع ۾ اوڀر يورپ وارن کي يهودين لاءِ هئي.

آفريڪا ۾ رهندڙ ’ايشيائي‘ مڪاني (آفريڪن ڪارن) ۽ ’يورپي گوڙن‘ جي وچ ۾سئنڊ وچ وانگر هئا. انگريز ۽ يورپين هنن جي ڪا حيثيت نٿي مڃي ۽ ڪارن کي هنن جي پئسي ۽ ترقيءَ تي ساڙ هو، جيڪي هنن سخت محنت، سادگي، بچت ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سندن مائٽن ذريعي واپار ڪري حاصل ڪيو هو. (ڪجهه ٺڳي ۽ اٽڪل بازيءَ ذريعي پڻ.)

يوگنڊا مان تڙجڻ بعد ننڍي کنڊي جا ماڻهو سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا. ڪي هندستان، پاڪستان هليا ويا ته ڪي انگلينڊ، آمريڪا. پٺيان ڇڏيل سندن مال ملڪيت تي عيدي امين جي ڇاڙتن قبضو ڪري ورتو. ڪجهه وقت ٿيو ته يوگنڊا جو هاڻوڪو صدر يوويري مسيوني انگلينڊ جي دوري تي آيو. هن ڪيترن پاڪستاني، هندستاني همراهن کي يوگنڊا واپس هلي پنهنجو واپار سنڀالڻ لاءِ چيو، جيئن سندس ملڪ جي تباهه ٿيل ناڻي ڏوڪڙ جي حالت ڪجهه سڌري پوي. ڪجهه همراهه ته وڃڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن. انهن ۾ گهڻا اسماعيلي فرقي جا آهن. يوگنڊا جي حڪومت مسلمانن توڙي هندن کي سندن ڇڏيل ملڪيت توڙي زمين ۽ مندر مسجدون واپس ڪرڻ جوواعدو ڪيو آهي. آغا خان يوگنڊا ۾وڏي پئماني Investment ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو آهي. مازمو ويراني- هڪ امير کوجو پاڻ سان گڏ ڪيترن ئي انگريز واپارين کي يوگنڊا جو دورو ڪرائي ڪجهه واپار شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي.

يوگنڊا ۾ رهندڙ هڪ بوهريءَ سان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊئنمارڪ ۾ ملاقات ٿي. هو عيدي امين جي ڪڍڻ تي بمبئي هليو ويو هو ۽ هاڻ واپس يوگنڊا جي شهر ڪمپالا وڃي رهيو آهي جتي هن جو ننڍپڻ گذريو. مون کائنس پڇيو:

”ڇا توهان سمجهو ٿا ته هڪ دفعو واپار تي وري توهان جو قبضو ۽ اوج ٿيندي؟“

”نه مون جهڙن ڪيترن جي دل ۾واپار ۽ ان مان نفعو حاصل ڪرڻ جي مول مقصد ناهي.“ هن ٻڌايو، ”هيترا سال بمبئي ۾ رهيس. سڀ سک هوندي به مون کي اهو سڪون نه ملي سگهيو جيڪو مون کي ڪمپالا (يوگنڊا) ۾ حاصل هو. يوگنڊا اهو ملڪ آهي جتي منهنجو ڏاڏو ننڍي عمر ۾ آيو. جتي منهنجو پيءُ ڄائو ۽ جتي مون جنم ورتو. جنهن جي گهٽين ۾مون ننڍپڻ جا ڏينهن گذاريا. آئون انهن وڃايل يادن ۾ ٽٽل خوابن جي ڳولا ۾ آفريڪا جي هن ”هاڻ- ويران- ٿيل“ ملڪ ڏي وڃي رهيو آهيان.“

 

هوم ميڊ هيئرڪٽ

سئيڊن ۾ نه فقط موچي کل ٿولاهي پر حجام پڻ. شهر جي چڱي خاصي علائقي ۾ته وار ٺهرائڻ تمام گهڻي آهي. پر مالمو جي چاڪيوڙي ۽ محمود آباد اخترڪالوني جهڙن علائقن به، هيئرڪٽ سستي سستي ته به هڪ سؤ ڪرونا يعني چار سؤ رپيا آهي.

راحت عزيز خبر ناهي ڪهڙي ملڪ جو نالو وٺي پئي ٻڌايوته اتي جا حجام جهاز جي خلاصين جي اڌ قيمت ۾ سنوارت لاهين ٿا. سو جڏهن به هنن (انجنيئرن) ۽ نيويگيشن آفيسرن کي وار ٺهرائڻا هوندا هئا ته حجامن سان ڪوڙ ڳالهائي ته هو آفيسر نه پر خلاصي آهن، اڌ قيمت ادا ڪندا هئا.

ڪئپٽن سليم وري جپان جي ڪنهن شهر جو نالي پئي ٻڌايو ته هونءَ ته جپان ۾ڏاڙهي لهرائڻ جا ٽي سؤ رپيا ۽ وار ٺهرائڻ جا ساڍا ٽي سؤ رپيا آهن پر ان شهر ۾ جتي حجامڪو ڌنڌو سکڻ جا ڪيترائي اسڪول آهن، سيکڙاٽ حجام اڌ قيمت ۾وار لاهين.

”پوءِ اسان جو جهاز جڏهن به ان بندرگاهه ۾ويندو هو ته اهڙا خٿابي (Apprentices) ڳوليندا وتندا هئاسين جيڪي اڌ قيمت تي وار ڪتري اسان کي وڏي خرچ کان ڪجهه بچائين ۽ پاڻ اعليٰ حجام بنجڻ لاءِ پرئڪٽس ڪن. يعني اسانجو مٿو هنن جي لاءِ ٽريننگ گرائونڊ هو.“

راحت چيوِ: ”ڪراچيءَ ۾ ظهير بابر ۽ اشرف ازور جن (جيڪي هتي سئيڊن ۾ ٻه ٻه سال رهي ايم ايس سي ڪري ويا آهن) مونکي حجام،موچي ۽ Dentist جي اگهه کان اڳهين خبردار ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري سئيڊن اچڻ کان اڳ بوٽ جي تري تي رٻڙ جو ٿلهو سول هڻائي ڇڏيم. ٻن ڏاٺن ۾ ڪيڙو لڳڻ جا آثار هئا انهن جي فلنگ (ڀرائي) ڪرائي ورتم ۽ وار ضرورت کان وڌيڪ ڪٽائي پوءِ مالمو پهتس. پر هاڻ ٻه ٽي مهينا گذرن بعد وارن جي ڪٽائي ڪرائڻ ضروري پيو سمجهان.

سيڪنڊ ايئر جي شاگرد ڪمال علويءَ صلاح ڏني ته هڪ دفعو پاڻ ئي ڪئنچيءَ سان Trim ڪجن ۽ ٻئي دفعي ڪنهن ”سستي حجام“ کان هيئرڪٽ ڪرائن سان ڪم صحيح پيو هلندو ۽ ٻن سالن ۾ فقط پنج يا ڇهه دفعا اهو ڦاهو ڦڪڻو پوندو.

”پر اهو ’سستو حجام‘ سؤ ڪرونا وارو آهي يا ان کان به ڪو گهٽ آهي؟“ اسان پڇيس.

”جنهن مارڪيٽ ۾ اربع ۽ ڇنڇر ڏينهن سيڪنڊ هئنڊ شيون وڪامن ٿيون، اتي اهي ٻه ڏينهن هڪ حجام عورت ويهي ٿي ۽ فقط اسي ڪرونا وٺي ٿي. اڄ هڪ جارڊن جو شاگرد عايد خلف به ان کان وار ٺهرائي آيو آهي.“

”هاڻ جي پئٽرول ۽ ڊيزل تيل جا مالڪ يعني عرب به اهڙن حجامن وٽ ويندا ته پوءِ هتي جا اوچا حجام ته بک مرندا.“

دراصل لڳاتار چار ڏينهن موڪل هجڻ ڪري هرڪو وارن جي گس ۾لڳو پيو آهي. ملائيشيا جي ڪئپٽن لي جيڪو هپي ٿي هتي آيو هو، تنهن شايد پاڻهي پاڻ يا سندس زال ائنا کان اهڙي ته خراب هيئرڪٽ ڪرائي آهي جو پري کان پڌري آهي. پاڻ به شڪي ٿي رهيو آهي انڪري ناشتي تي ٻين جي وڃڻ کانپوءِ دير سان آيو. پر سندس قسمت خراب هئي جو سيڪنڊ ايئر جو ايراني شاگرد محمد علي شاهبا اڃا ويٺوهو. ٻيا ڏهه ويٺا هجن ها ته لي جي اها خوفناڪ هيئرڪٽ ڌيان ۾ ئي نه آڻين ها يا گهٽ ۾ گهٽ رمارڪ نه ڏين ها. پر علي جيڪو ڪافي چرچائي آهي (۽ لي پاڻ به سڀني سان چرچا ڪري ٿو) تنهن لي جي ڀرسان بيهي کائنس پڇيو:

”هيءَ ڪٿان جي هيئرڪٽ آهي؟“

”هوم ميڊ Home Made آهي.“ لي مختصر جواب ڏنو ۽ ان کان اڳ علي ڪا ٻي ٽيڪاٽپڻي ڪري. لي ڪارن فليڪس کائڻ ۾لڳي ويو.

 

ڪهڙو مٿو ڪنهنجو آهي

ملائيشيا ۾ حجامن سان ڪچهري دوران هنن کي وار ڪتريندو ڏسي اهو اندازو لڳايو هوم ته وار ٺاهڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. اهو راحت وارن کي به ٻڌايم ته ضرورت پوي ته مون وٽ هليا اچو. شام ڌاري راحت ڪئنچي ۽ سيفٽي کڻي آيو ته وار ٿورا ننڍا ڪري سگهندين.

”بلڪل.“ مون وڏي اعتماد سان چيو ۽ پوءِ سندس پٺن تي ٽوال رکي وارن ۾ ڦڻي گهمائي سندن مڏي پنن ڪترڻ واري ڪئنچيءَ سان ٿورا ٿورا ڪري وار ڪتريندو ويس. تمام سٺي طرح ڪم هلي رهيو هو. مون کي پاڻ تي تعجب لڳو ته پهرين دفعي ئي سٺي حجامت ڪري رهيو آهيان. پر پوءِ الائي ڇو پاڻ کي ايڪسپرٽ سمجهي تکو تکو ڪترڻ لڳس. ان تکائي ۾ به ٻه ٽي اهڙا لابارا هڻي ويس جو راحت جي مٿي جي ڪن حصن جا وار باگڙين جي ٻارن جهڙا ٿي پيا. ڏاڍوپريشان ٿيس ته هاڻ ته ڏاڍي ڳالهه ٿي. راحت کي ڪا خبر نه ته پٺيان ڇا پيو وهي واپري. هو خوش ته وار سٺا پيا لهن ۽ پئسا پيا بچن. پهرين سوچيم ته کيس حادثي جواطلاع ڪيان . پر پوءِ اهو سوچي ته وٺي رڙيون ڪندو ۽ مون کي وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ نه ڏيندو. سوآهستي آهستي ڪري ڪياڙيءَ کان وڌيڪ وار ڪترڻ شروع ڪيم جيئن ساڄي پاسي جا وار کاٻي پاسي گهڻ ڪتريلن سان هڪجهڙائي ظاهر ڪن. بهرحال ڪجهه حد تائين ڪامياب ٿيس پر ايترو به نه جو ٻئي کي محسوس نه ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن کل به پئي آئي ته راحت جي مٿي سان ڇا ته ويڌن ٿي ٿي وئي. ڪيترائي ڌيان ۾ خيال آيا. هڪ ته اڄ موڪل جو آخري ڏينهن نه هجي ها ته به خير ٿي وڃي ها. ٽي چار ڏينهن موڪل جا ڪمري ۾ ئي گذارڻ سان وار ڪجهه وڏا ٿيڻ تي سنوت ۾ اچي وڃن ها. جو هونءَ به ڪهڙي به ايڪسپرٽ حجام کان وار ٺهرائبا آهن ته هڪ ڏينهن مٿو کٿريل نظر ايندو آهي. ٻيو Alternative اهو هو ته راحت کي صلاح ڏيان ته جتي هي ٽي چار ڏينهن موڪل ڪئي اٿئي اتي ٽي چار ڏينهن ٻيا به کڻي موڪل ڪر. پر پڪ هيم ته هو اها ڳالهه نه مڃيندو جو ٻئي ڏينهن کان اهم سبجيڪٽن جا ليڪچر هئا. هڪ اهو به اپاءَ هو ته جيڪو ٿيو سو ٿيو. هاڻ ڏنڊ خاطر آئون سؤ ڪرونا (چار سؤ رپيا) ڀريان ۽ ڪنهن سٺي حجام کان هلي Finishing صحيح ڪرائجي. جيتوڻيڪ اهو به وڏن وارن کي ته ڪتري ننڍا ڪري سگهندو پر ننڍا ٿي ويلن کي وڏا ڪيئن ڪندو. هتي ته Wig  نقلي وار به مهنگا ملن ٿا. بهرحال سٺن لفظن ۾ راحت کي خطري جو سگنل ڏنم.

”يار ڪي خاص نه ٿيا آهن پر مڙيئي ڪم هلي ويندو. جهڙا پاڻ واري چيني همراهه ڪئپٽن ليءَ جا لڳي رهيا آهن ڪجهه اهڙائي آهن.“

آرسي ته ڪنهن وٽ به نه هئي جو پويان جهلي ڊريسنگ ٽيبل ۾لڳل آرسي ۾پنهنجي پٺ ڏسي سگهجي. سو شريف انسان راحت، بنا هيئر اسٽائيل ڏسڻ جي راضي ٿي ويو.

ان بعد يڪدم سليم وٽ ڀڳس ۽ کيس ٻڌايم ته هيءَ ڳالهه ٿي آهي. هاڻ مهرباني ڪري راحت کي ڏسڻ سان هيئين ڦاڙ رڙ نه ڪجانءِ. بلڪه راحت جي خوفناڪ هيئر ڪٽ ڏسي ڪو به ڏندڻ جي وڃي ته به پاڻيءَجا ڇنڊا راحت کي هڻجانءِ ته هن جو هيئون سڌير رهي.

ان بعد آئون اچي سمهي رهيس. شام جو وهنجي سهنجي راحت ٻين پاڪستانين سان گڏ ويٺو هو. وهنجڻ ۽ تيل هڻن بعد ڪجهه بهتر لڳي رهيو هو. پڪ هيم ته کيس ڪنهن نه ڪنهن ته ضرور ٽوڪيو هوندو. سو مون غلطيءَ جو اعتراف ڪندي چيو:

”يار هڪ ٻه اونها ڪٽ لڳي ويا ان ڪري ليول تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه وڌيڪ وار ڪترڻا پيا.“

”نه نه ٺيڪ آهي. ڏينهن ٻن ۾ سڀ صحيح ٿي ويندو.“ راحت بردباريءَ سان جواب ڏنو، جنهن مون کي ڪافي راحت ڏني. انهيءَ دوران علوي مون لاءِ Trimmer کڻي آيو جيڪو ڦڻيءَ وانگر آهي ۽ منجهس ٻه بليڊ پون ٿا.

”واهه! واهه! بس راحت خان هاڻ ڀلا منهنجا وار تون هن سان ڪجهه ننڍا ڪري وٺ. ڪو خاص وقت نه لڳندءِ. تنهنجي مقابلي ۾ منهنجي مٿي تي ڪو ڇوٿون حصو وارن جو به مس آهي.“ مون چيو.

”نه يار! اهو جوکم جو ڪم آئون نه ڪري سگهندس. خاص ڪري تنهنجي هيئرڪٽنگ جو. تنهنجي مٿي تي وار ئي ڇا آهن. جي خراب ڪٽنگ ٿي پئي ته سواءِ پاڪي ڏيارڻ جي ڪو ٻيو Alternative باقي نه رهندو.“ راحت وراڻيو.

”ٻيلي ائين ته نه ڪريو. مونکي به ته چار سؤ رپيا بچائڻ ڏيو. ڇو ٿا مون کي حجام ڏي موڪليو.“

”اهڙي منهن بلڪ مٿي سان تون حجام وٽ وڃين ئي ڇو ٿو. ههڙي سيءَ ۾ اهي مختصر وار به لهرائڻ بدران ڪا بجڪي واري ٽوپي پائي ڇڏ.“ علويءَ چيو.

پوءِ ڪئپٽن سليم جي صلاح سان آرسيءَ اڳيان بيهي هر هڪ Trimmer ذريعي پنهنجي پنهنجي هيئرڪٽ ڪئي. حجام جهڙي سٺي هيئر ڪٽ ته نه ٿي پر سٺي هوم ميڊ هيئرڪٽ ٿي وئي.

”هڪڙي صلاح ڏيانوَ“ ان وقت آيل ڪئپٽن عاشق اسان کي صلاح ڏني. ”ٻه ڏينهن ٻيا به موڪل ڪري ڪمري ۾ ويهڻ سان هڪ ته رهيل هوم ورڪ پورو ٿي ويندو ۽ ٻيو ته ڪنهن کي محسوس نه ٿيندو ته اسان ڪاهوم ميڊ هيئرڪٽنگ ڪئي آهي. پر اها صلاح توهان مڃينداؤ ڪونه. ان ڪري ٻي صلاح اها اٿوَ ته ايندڙ ٻه ڏينهن نائيجريا ۽ گهانا جي شيدي شاگردن سان گڏ گڏ هلجو. ڪنهن تي شڪ به نه پوندو ته ڪهڙو مٿو ڪنهن جو آهي. اڃا به پنهنجو وڌيڪ سٺو لڳندو“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org