سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ملير کان مالمو

الطاف شيخ

صفحو :16

نانگ جهڙو نالو

اسانکي ڳالهائيندو ٻڌي ڪئپٽن سليم به اچي ڀر ۾ ويٺو.

”يار ويٽنامي ٻئي ڄڻا: ذنح زئان ۽ تران ٽائپنگ ۾ ڏاڍا تکا آهن.“ سليم چيو.

”تکا آهن! اهي درويشKeyboard کي ڏسي هڪ آڱر سان ويٺا ٺڪ ٺڪ ڪن، جڏهن ته ٽائپنگ سکڻ واري کي پني ڏي ڏسڻ کپي“.

ٽائپنگ جو هي اسڪول چار ماڙ آهي. هر ماڙ تي ڪيترائي ڪلاس روم آهن جن مان ڪن ۾ ٽائيپ سکڻ جو بندوبست آهي ته ڪن ۾ شارٽ هئنڊ جو، ته ڪن ۾ وري هتي جي ماڻهن لاءِ ڌاريون ٻوليون: انگريزي، جرمن، فرينچ سکڻ جو ته ڪن ۾ڌارين کي هتي جي زبان سئيڊش سکڻ جو.

هڪ ڏينهن اسان جو ڪلاس ميٽ وچ آمريڪا جي ملڪ نڪراگئا جو گونزاليز، ٽئاليٽ مان ٿي اچي انيلي کان پڇيو:

”اسان مردن جو ڪهڙو ڪاڪوس آهي؟ جنهن جي ٻاهران H لکيو پيو آهي يا D وارو.“

H واروسيڊش زبان ۾ Herr مرد کي سڏجي ٿو ۽ Dame عورت کي.“ انيلي ٻڌايو.

”صحيح ٿي چوين.. گونزاليز وراڻيو “ آئون ايڇ Herr وارو، عورتن جو سمجهي ڊي واري ڪاڪوس ۾ هليو ويس. پر پوءِ چوڌاري ڀتين تي انگريزيءَ ۾ لکيل ٻه چار جملا پڙهي سمجهي ويس ته هي عورتن جو ڪاڪوس آهي. ڀتين تي لکيو پيو هو I Love Charles ۽ “My Boy Friend is Sexy.”.

انيليءَ کان هڪ ڏينهن پڇيم ته،سئيڊش زبان سکڻ سولو ڪم يا ڏکيو؟“

”جن کي انگريزي اچي ٿي انهن لاءِ ته سولي ڳالهه آهي جو ڪيترائي لفظ ۽ گرامر انگريزيءَ جا آهن يا انهن سان ملن ٿا. بس ڪجهه زبان کي ٿورو گهڻو موڙڻو پوي ٿو.“

”اها ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي.“ مون چيومانس، ”اسڪول ۾ خبر ناهي ته ڪيترا دفعا She Sells Sea Shells in a Sea Shore ورجائي ويندا هئاسين.“

”چڱو ڀلا ست هزار ست سؤ ستهتر جو سئيڊش لفظ Sujstsensjuhundra Sjuttiosju ته چئي ڏيکار!“

”انيلي اهو ته ڪجهه به ناهي. سنڌي زبان جا ڪي ڪي لفظ ته چينيءَ کان به ڏکيا آهن.“ مون چيومانس ۽ دل ۾ آيو ته کيس مائي ڀاڳي جي راڳ جا هيٺيان ٻول ورجائڻ لاءِ چوانسِ:

”هونءَ تنان پچان، ڇيل ڀمريا هيڪلي،

تارڙو مناڙو جاني، ڇاني ماني، ڏيکلي.“

پر پوءِ سوچيم ته انيلي لاءِ اهو اچارڻ ڏکيو ٿيندو. سوچيومانس:

”انيلي ذرا هي جملو ته مون کي چئي ٻڌاءِ.“

“Rasolomampionona Lalao of Anatananarivo

”اهو ڇا آهي؟“ پڇيو.

”تون واقعي نالا پڙهي نه پر شڪليون ڏسي حاضري هڻين ٿي. اهو نالو آهي مئڊاگاسڪر کان آيل شاگردياڻيءَ جو. ’رسولومام پينانونا لالائو! سندس نالو آهي ۽ ’اناتاناناريوو‘سندس شهر جو نالو آهي جيڪو مئڊاگاسڪر جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي.“

 

 

نيپالي گورکا يا شيدي غلام

اسان جا پاڪستاني فائينل ايئر جا شاگرد: قاضي حميد ۽ عاشق خان هتي جي يونيورسٽي W.M.U طرفان فيلڊ ٽرپ تي لنڊن ويا هئا، جتي کين I.M.O جون هلندڙ ڪانفرنسون ڏسڻيون هيون ته ڪيئن دنيا جي ملڪن جا ميمبر سامونڊي مسئلن تي بحث مباحثو ڪن ٿا. سندن غير حاضريءَ وارو اهو سڄو هفتو سئيڊن ۾ موسم سٺي رهي. جيتوڻيڪ سئيڊن جا ماڻهو ان کي اونهارو چئي رهيا هئا پر اسان جهڙا ايشيائي ۽ آفريڪائي ڪجهه سيءَ محسوس ڪري ڪجهه وڌيڪ سيءَ جي اچڻ جي ڊپ کان سئيٽر پائي پئي هلياسين. پر هتي جا يورپي ڇوڪرا ڇوڪريون، مرد عورتون شهر ۾ فقط گنجين ۽ چڍين ۾ پئي هليا. پارڪن ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ته عورتون گنجين ۽ باڊين کي به لاهي اس جو سيڪ وٺنديون رهيون. ههڙن ڏينهن۾ هتي جي عورتن جوسمنڊ جي ڪناري تي اگهاڙو ليٽي پوڻ ڪو عيب يا خراب ڳالهه نه سمجهيو ويندو آهي.

عاشق جيئن ئي ڪالهه لنڊن کان موٽيو ته هتي (مالمو- سئيڊن) جي موسم جو حال پڇيائين.

”هي سڄو هفتو سيءُ نه برابر رهيو. ٽيمپريچر پندرهن ۽ ويهن جي وچ ۾ رهيو. اوڏانهن لنڊن جو ڇا حال هو؟“ اسان پڇيس.

”لنڊن ۾ ڏاڍي گرمي هئي. ڏينهن جو ٽيمپريچر 25 کان به مٿي چڙهي ويو ٿي.“ عاشق ٻڌايو.

”ابوه! پوءِ ته انگريزن جي حالت هوندي! جڏهن هتي جي موسم ۾ ئي ماڻهو ڪڇن ۾ پئي هليا.“ اسان رڙ ڪري چيو.

”نه.“ عاشق جواب ڏنو، ”اهائي ته انگريز جي خوبي آهي جو هو ويس وڳي توڙي عادتن جو بي افعالو نه آهي. فرينچ، جرمن، اسپينش، سئيڊش ڀلي ڇا به پيا ڪن پر هي هر وقت ۽ هر حال ۾ پُرتڪلف رهندو. انگلينڊ جي گرمي ته ڪجهه به نه آهي. انگريز ته هندستان، ڪينيا ۽ نائيجيريا جي گرميءَ ۾ به ڪمپليٽ سوٽ پائي ٽپ ٽاپ ٿي پوءِ ٻاهر نڪرندا هئا. هنن کي يورپين جون اهي ٽرڙپائيون هرگز نٿيون وڻن.“

”واقعي.“ اسان سندس تائيد ڪئي، ”انگريز ان ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن. جهنگ جبل هجي، بر بيابان هجي، انگريز ٽاءِ سوٽ ۾ نڪرندو. ڪانٽي ڇريءَ سان کائيندو ۽ ڪموٽ تي ويهي هنگندو- پوءِ ان ڪموٽ کي شڪار توڙي سير سفر تي کڻي هلڻ لاءِ ڀلي هن کي چار گورکا نوڪر يا شيدي غلام رکڻا پون.“

 

هتي جي بائبلوٽيڪ

يورپ جي ڪيترين زبانن ۾ لئبرريءَ کي بائبلوٽيڪ سڏجي ٿو. آئون نٿو سمجهان ته يورپ جي ڪنهن ايڏي ننڍڙي شهر کي ايڏي وڏي، سهڻي ۽ ڪتابن سان ڀرپور لئبرري هوندي، جيڏي سئيڊن جي هن شهر مالمو کي آهي. جپان، ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ ڏور اوڀر جي هن کان وڏن شهرن ۾ به ايڏي وڏي لئبرري مونکي نظر نه آئي. هندستان، پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ بيشڪ وڏيون لئبرريون آهن پر منجهن ڪتابن جي ايڏي ورائٽي ناهي. جيڏي هتي آهي.

 مالمو شهر ۾ ٽي چار لئبرريون آهن جن مان مُک ۽ وڏي لئبرري هيءَ ”مالمو اسٽئڊس بائبلوٽيڪ“ نالي شهر جي وچ ۾ آهي. اها هتي جي اهم بس اسٽاپ ”گستائو اڊولف ٽورگ“ وٽ آهي. منجهس سئيڊش ڪتابن کان علاوه عربي، ايراني، اڙدو ۽ ٻين ڪيترين زبانن جا ڪتاب آهن. پر سڀ کان خاص ڳالهه جيڪا هن لئبرري کي دنيا جي ٻين ڪيترين لئبررين کان اهم حيثيت ڏئي ٿي اها آهي رسالن ۽ اخبارن جي گهڻائي. هن لئبرري ۾ نه فقط سئيڊن ۽ ڀروارن يورپي ملڪن جا مڙيئي رسالا ۽ اخبارون آهن پر دنيا جي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ زبانن جا رسالا ۽ اخبارون هتي اچن ٿيون. پاڪستان کان ڪراچيءَ جي روزنامه اخبار ’جنگ‘، ’ڊان‘ ۽ هفتيوار’اخبار جهان‘ رسالو باقاعدي اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو. لنڊن، نيويارڪ جهڙن شهرن جي ڪن لئبررين ۾ به ايتريون اخبارون ۽ رسالا ايندا هجن. پر سئيڊن جو ملڪ جنهن جو ڪو ايشيا آفريڪا ۽ عرب ملڪن سان نه ماضيءَ ۾ اهڙو واسطو رهيو ۽ نه هينئر آهي، ان جي هڪ ٽنڊوآدم جيڏي شهر جي هڪ لئبرريءَ ۾ انگلينڊ، فرانس، اسپين، پورچوگال، جرمني  وغيره جون اخبارون ته ملن پر بنگلاديش جي روزاني بنگالي اخبار ”اتفاق“ کان وٺي مصر ۽ سعودي عرب جون عربي اخبارون، ايران جون ايراني، ڪولمبيا، برازيل، چليءَ جون اسپيني اخبارون. نائيجير، گهانا، گنيءَ جون فرينچ اخبارون هن لئبرريءَ ۾ اچن ٿيون. ساڳيو حال رسالن جو آهي. ڪتابن ۽ رسالن کان علاوه هن لئبرريءَ ۾ وڊيو ۽ آڊيوڪيسٽ پڻ ملن ٿا.

مزي جي ڳالهه اها ته هن لئبرري (بائبلوٽيڪ) جو ميمبر ٿيڻ جي ڪابه في ناهي ۽ ڪتابن کڻڻ جو به تعداد مقرر ناهي. پهرين ڏينهن ئي ڀر ۾ بيٺل هڪ همراهه کان پڇيم:

”هڪ ئي وقت ڪيترا ڪتاب وٺي سگهجن ٿا.“ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته وري پڇيومانس:

”منهنجو مطلب آهي هڪ کڻي سگهجي ٿو يا ٻه يا ٽي.

”جيترا وڻنوَ؟“ هن وراڻيو جواب مان مطمئن نه ٿيڻ ڪري لئبررين عورت کان اچي پڇيم. جنهن سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي.

”جيترا کڻي سگهو مهيني لاءِ بارو ڪري سگهو ٿا. اڃا به گهڻا کپنوَ ۽ هٿن ۾ نٿا کڻي سگهو ته هڪ ڪرونا (چئن رپين) جي، اسٽال تان پلاسٽڪ جي ٿيلهي وٺي ان ۾ ڀري سگهو ٿا.“

اها ڳالهه مون کي وڻي. يعني اڌارو ورتل ڪو ڪتاب گهر اچي پسند نه اچي يا ڏينهن اڌ ۾ پڙهي پورو ڪري ڇڏجي ته مٽائڻ لاءِ ذري ذري اچڻ جي ضرورت ناهي. جو هڪ ئي وقت مهيني جو راشن ڏهه  ٻارهن کن ڪتاب کڻي سگهجن ٿا. اها ٻي ڳالهه ته لئبرري وچ شهر ۾ آهي جتان اسان کي يونيورسٽي ويندي ۽ موٽندي بس بدلائڻي پوندي آهي ۽ هر ٻئي ٽئين ڏينهن اڌ ڪلاڪ کن لائبرري هليا ويندا آهيون ۽ فرحت جي فرحت به ڪندا آهيون ته ’ڊان‘، ’جنگ‘ ۽ ’اخبار جهان‘ به پڙهي وٺندا آهيون ۽ هاڻ ڳوٺان اهي اخبارون هتي گهرائڻ جي خرچ جي بچت آهي ۽ فقط سنڌي اخبار ’جاڳو‘ گهرائڻي پوي ٿي.

’جاڳو‘ يا ڪنهن ٻي سنڌي اخبار جي هيڏانهن ڏورانهن ڏيهه جي لئبرري ۾اچڻ جي اميد نٿي رکي سگهجي، جو ڪا سنڌي اخبار پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ئي ڪانه ٿي اچي. سفارتخانا ته پري جي ڳالهه آهي ملڪي هوائي ڪمپني پي آءِ اي جي هوائي جهازن ۾ئي نظر نٿي اچي!

هتي جي لئبرري جي اها به سٺي ڳالهه آهي جو اندر گهڙڻ وقت پاڻ سان آندل ٿيلهو، بئگ، ڪتاب يا ڪو ٻيو سامان ٻاهر رکڻو نٿو پوي. پاڻس ان کڏ کڻي سگهجي ٿو. اڄڪلهه جي ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺي هنن لئببريءَ جو هر ڪتاب چقمقي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو وٺڻ مهل Demagnetized ڪري ڏين ٿا. ان ڪري لئبرري وارا ڪتاب جي چوريءَ جي ڊپ کان آجا آهن. ڪو ڀُل ۾ يا ڄاڻي واڻي چوريءَ جي نيت سان ڪتاب لڪائي ٻاهر نڪرڻ جي ڪندو ته گيٽ وٽ لڳل چڪاس ڪندڙ اوزار Scannerيڪدم آن ٿيو وڃي ۽ الارم وڄي ٿو.  هن قسم جو حفاظتي اوزار اڄڪلهه تمام عام ٿي ويو آهي ۽ هر دڪان ۽ آفيس ۾ ان جو استعمال ٿئي ٿو. ڪوبه چور، اڻ خريد ڪيل يا بنا موڪل جي ڪابه شيءِ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪيڏي به ڪوش ڪري ڪامياب نٿو ٿي سگهي.

هن لئبرري جو ميمبر ٿيڻ تمام سولو ڪم آهي. ڇا جا ڊگها فارم ڇا جا فوٽو، بس رڳو سندن ٽن انچن جي ڪارڊ تي پنهنجو نالو ۽ سئيڊن ۾ رهائش جو نمبر لکي ڏيو. ان ئي وقت توهان کي ڪارڊ ملي ويندو. ڪارڊ تي هڪ ڪوڊ نمبر (جيئن منهنجي تي 9247907120956) لکيل ٿئي ٿو.

ان کان علاوه ڪارڊ تي ڪجهه ٿلهيون سنهيون ليڪون ڇپيل ٿين، جيڪي فقط اسڪئنگ مشين پڙهي اندازو لڳائي سگهي ٿي ته هي ڪارڊ ڪنهن جو آهي ۽ سندس اتو پتو ڇاهي. ليڪن جي ڊهڻ يا خراب ٿيڻ تي يا اسڪئنگ مشين جي ڪم نه ڪرڻ تي لئبررين مٿيون نمبر ڪمپيوٽر ۾ وجهي مون بابت معلومات حاصل ڪري سگهي ٿي ته ڪٿي رهان ٿو. ڪيترا ڪتاب لئبرري مان اڌارا ورتا اٿم ۽ ڪڏهن واپس ڪرڻا اٿم وغيره. مٿيون نمبر منهنجي پرسنل نمبر سان واسطو رکي ٿو. جيڪو هتي جي اميگريشن ۽ رجسٽريشن آفيس طرفان مليو اٿم- جن کي منهنجي چرپر جو رڪارڊ ۽ علم رهي ٿو.

ان ئي قسم جون ليڪون ۽ نمبر هر ڪتاب جي آخري صفي تي به ٿين. جن مان ڪتاب جي نالي ۽ قيمت جي خبر پوي ٿي. ڪتاب اڌارا وٺڻ مهل لئبررين هڪ هڪ ڪتاب جونالو لکڻ بدران ميمبر جوڪارڊ وٺي مشين ۾ وجهندو آهي ۽ پوءِ مشين سان ڳنڍيل ٽارچ نما پين کڻي هڪ هڪ ڪتاب جي ليڪن مٿان گهمائيندي آهي. ان بعد ڪتاب ۽ ڪارڊ موٽائي ڏيندي آهي. ائين ڪرڻ سان مشين ذريعي آٽوميٽيڪلي منهنجي نالي تي اهي ڪتاب اچيو وڃن ۽ ساڳي وقت انهن ڪتابن جي چقمقي خاصيت ضايع ٿيو وڃي ۽ بنا الارم وڄڻ جي، ميمبر اهي ڪتاب لئبرري کان ٻاهر کڻي وڃي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح واپسيءَ تي مشين چيڪ ڪري ٿي ته ڪٿي مهيني کان وڌيڪ دير ته نه ڪيائين ڇو جو مهيني کان مٿي هر روز جو رپيو ٻه کن ڏنڊ آهي.

ان ڏينهن ڪجهه ڪمپيوٽر ۽ ڪجهه ڪئلڪيولس (مئٿس) جا ضروري ڪتاب چونڊي، دخل وٽ ويٺل هڪ ٻي انچارج آفيسر ڇوڪريءَ کي چيم:

”آئون ته نٿو سمجهان ته توهانجي زبان (سئيڊش ۾ ڪو گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري آهي پر جيڪي ڪجهه هوندو سو سئيڊش زبان ۾ ئي هوندو.“

”نه ڪجهه ترجما به آهن جيڪي پڙهي سگهو ٿا.“ هن وراڻيو ۽ ترجمن جي سيڪشن مان ڪجهه شاعريءَ جاڪتاب ڪڍي ڏنائين.

 

سئيڊن جو ادب ۽ شاعري

گهر اچي پڙهيم پر ڪو خاص مزو نه آيو. ٿي سگهي ٿو ته مون کي شاعري پڙهڻ جو ايڏو شوق ناهي ان ڪري هن شاعريءَ ۾ لڪيل اونها راز (جيڪڏهن ڪي آهن ته) سمجهي نه سگهيس، جيڪي قمر شهباز، تاجل بيوس ۽ عنايت بلوچ جهڙا پڙهي واهه واهه ڪن ها ۽ ڪنڌ ڌوڻين ها. يا ٿي سگهي ٿو ترجمي ڪري سئيڊش شاعريءَ جي اصل سرهاڻ سڪي وئي آهي.

نموني خاطر هتي ڪجهه شعر ڏيان ٿو. هڪ ته هن شهر مالمو جي شاعر هيالمار گلبرگ جو آهي ۽ ٻيو هتي جي مشهور عورت شاعره ايڊٿ سوڊرگران جو آهي.

هيالمار 1898ع ۾ مالمو ۾ ڄائو ۽ 1961ع ۾ گذاري ويو. هن يوناني لاطيني Scandinavian ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪئي. 1927ع ۾ کيس ادب ۾ پي ايڇ ڊي ملي. 1941ع ۾ هو سئيڊش ڊراماٽسٽ يونين جو چيئرمين ٿيو.

هيٺ ”دي جنرل وارڊ“ جي عنوان سان سندس مشهور سئيڊش شعر جو انگريزي ترجمو آهي.

THE GENERAL WARD

Do not be afraid

The Doctor has arrived

Soon, you will see

It will all be over

That the sweet nurse

Put a Screen around your bed

Is only as things should be;

You can take it calmly.

Do not Tremble, do not

Cry; this is only

The way things are done

When you die, you see.

ايڊٿ سوڊرگران 1882ع ۾ روس جي شهر سينٽ پيٽرسبرگ ۾ ڄائي ۽ 1923ع ۾ گذاري وئي. روس مان پاڻ فئمليءَ سان گڏ فنلئنڊ اچي رهي، جيڪو ان وقت سئيڊن جو حصو هو. (اڄ به فنلئنڊ جي ڪيترن حصن ۾ سئيڊش زبان هلي ٿي.) 1908ع کيس ٽي بي ٿي پيئي ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينهن سئٽزرلئنڊ ۾ گذاريائين.

سئيڊش زبان م ايڊٿ جو شعر ۽ پوءِ ترجمو

DAGEN SVALNAR

Dagen svalnar mot kvallen….

Drick varmen ur min hand,

Min handhar samma blood som varen

Tag min hand, tag min vita arm,

Tag mina smala axalrs langtan…..

Det vore underligt att kanna,

En enda natt, en natt som denna.

Ditt tunga huvud mo mitt brost.

انگريزي ترجمو:

THE DAY COOLS

The day cools toward evening….

Drink the warmth from my hand,

It throbs with spring’s own blood,

Take my hand, take my white arm,

Take the longing of my slender shoulders…..

How strange if I could feel,

one single night, a night like this.

your heavy head against my breast.

ايڊٿ جو هڪ ٻيوسئيڊش زبان جو شعر:

LANDET SOM ICKE AR

Jag langtar till lander som icke ar,

Ty allting som, ar, ar jag trott att gegara.

Menen berattar mig I silverne runor

Am landet som icke r.

Landet, dar all varaonskan klit under bart supplylled,

Landet, dorall avara kedijor falla,,

Landet, dar vi svaklka var sargade panna

I manerns dagg.

Mitt liv var en het villa.

Men ett har jag funnit och ett har jag verkligen vunit.

Vagen till landet som icke ar.

انگريزي ترجمو:

THE LAND THAT IS NOT

I Long for the land that is not,

Because all that exists, I’m too weary to want.

The moon tells me in silvery runes

About the land tha is not.

The land where all our dreams are wondrously fulfilled,

The land where all our chains fall,

The land where we cool our bleeding brow

in the dew of the moon.

My life was a hot illustion.

But one thing I have found and one thing I have really won,

The way to the land that is not.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org