جنهن کي رستي جي خبر نه
۽ هڪ انڊين پروفيسر- ڪئپٽن وانچيسور پڻ آهي. پاڻ پي ايڇ ڊي هجڻ
ڪري ڊاڪٽر پڻ سڏجي ٿو. يعني ڊاڪٽر پروفيسر ڪئپٽن
وانچيسور. پاڻ ڏهن سالن کان هن يونيورسٽيءَ ۾ آهي.
اسان کي بين الاقوامي معاهدا
(Conventions)
۽ شپنگ ائڪٽ پڙهائيندو آهي. وچ وچ ۾ پنهنجي
سامونڊي زندگيءَ جا قصا ۽ حادثا ٻڌائي پنهنجو خاص
جملو ورجائيندو آهي.
There is no favourable wind for some one who doesn’t know
what course to steer.
ڪليم ڪوڙو قبضو سچو
ڀونوچ سمنڊ
(Mediterranean Sea) ۾ مالٽا نالي هڪ ٻيٽ آهي جتي دنيا جي واحد انٽرنيشنل مئريٽائيم
لا اڪيڊمي آهي. هر سال وانگر هن سال به اتان جو
پروفيسر مڪرجي هفتي لاءِ اسان کي ’مئريٽائيم لا’
پڙهائڻ آيو آهي. پاڻ قد بت ۽ ذات مان ئي بنگالي
لڳي ٿو. پروفيسر ڪئپٽن مڪرجي ڪلڪتي ۾ ڄائو. اتي جي
ئي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ بنيادي تعليم وٺڻ بعد بمبئي جي
ڊفرن اڪيڊمي مان ڪئڊٽ ٿي سال ٻه هندستان جي جهازن
تي نوڪري ڪئي. ان بعد 1968ع کان 1973ع تائين جرمني
۽ هالينڊ جي جهازن تي
Sail
ڪيو. 1973ع ۾ ڪئناڊا هليوويو جتي آمريڪن ’بلڪ
ڪئريئر‘
(Bulk- Carrier) جهازن تي
Sail
ڪيو. ڪئپٽن جو امتحان به اتان ڏنائين. ان بعد
ڊالهوس يونيورسٽي ڪئناڊا مان 1970ع ۾ ايل ايل بي
ڪيائين ۽ 1980ع ۾ اونٽاريو مان بار ڪيائين. 1989ع
کان وٺي
IMLA
(انٽرنيشنل مئريٽائيم لا اڪيڊمي) ۾ پروفيسر آهي
جيڪو ادارو پڻ هن اسان جي يونيورسٽي
W.M.U
سئيڊن وانگر بين الاقوامي آهي ۽
I.M.O
طرفان ٺهرايل آهي. پاڪستان جا ٻه ڄڻا: مئڊم ربينا
خرم ۽ ڪمانڊر محمد يار گذريل سالن ۾ هن اڪيڊميءَ
مان
LL.M ڪري چڪا آهن.
پروفيسر مڪرجي بيحد هوشيار ۽ کلمک آهي. پاڻ سٺو ڪئپٽن ۽ وڪيل پڻ
رهي چڪو آهي. کيس پڙهائڻ جو اهڙو ته ڏانءُ آهي جو
وچ ۾ سموڪنگ جا ڏهه منٽ نه ڏيندو آهي ته به ڪو
ڪڇندو نه آهي. چارٽرنگ جي عنوان تي پڙهائيندي
ٻڌايائين ته چارٽنگ (يعني مقاطي تي کنيل جهازن) جو
ڌنڌو ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڦڏا فساد ۽ قانوني
مسئلا ايترو ته پيچيده ٿين ٿا جو ان لاءِ سڀ وڪيل
اهوئي چوندا آهن ته چارٽرنگ هڪ منجهائيندڙ شيءِ
آهي. جنهن کي سمجهڻ هرهڪ جي وس جي ڳالهه ناهي.
ان تي مونکي هميشه پنهنجو ڳوٺائي ڪئپٽن رشيد ابڙو ياد ايندو آهي
جيڪو چارٽرنگ جو ذهين مئنيجر سمجهيو وڃي ٿو ۽ سالن
کان ان فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ جيتوڻيڪ اسان جي
حساب ۾ هيستائين هر ڳالهه جو ايڪسپرٽ چئي سگهجي ٿو
پر بقول سندس:
”چارٽرنگ جو واپار ايڏو اونهو آهي جو ان کي سمجهڻ لاءِ ڏهه
زندگيون به ٿوريون آهن.“
مٿيون پروفيسر هڪ ٻيو سبجيڪٽ
Salvage
(ٻڏل جهاز کي بچائڻ) جي عنوان تي پڙهائيندي
No Cure No pay
جملو ڏاڍو استعمال ڪندو آهي. جهازن جي ٻڏڻ يا
حادثي وقت ڀرپاسي ۾ سال ويج ڪمپنيين وارا جهاز کي
بچائڻ لاءِ اچي نڪرندا آهن، جن جو ڪم ئي اهو هوندو
آهي. هو صبح جو اٿڻ سان اهائي دعا گهرندا هوندا ته
ڪو طوفان لڳي جهاز ٻڏي يا ٽٽي ته ان کي بچائڻي
انعام اڪرام حاصل ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن نقصان رسيل جهازن
کي بچائي ڪناري تائين آڻيندي اهو ٻڏي ويندو آهي ۽
پوءِ بچائڻ وارا
(Salvor)
جهاز جي مالڪ کي چوندا آهن ته ڪجهه ته خرچي ڪراءِ
اسان ٻه ٽي ڏينهن جهاز کي ڇڪي ڇڪي هيستائين ته
آندو، هاڻ اها ٻي ڳالهه آهي ته آخر ۾ اچي ٻڏي ويو
۽ صحيح سلامت نه پهتو. هاڻ غريب مالڪ هڪ جهاز ۽
غرق ٿيل ڪارگو جي ڏک ۾ بي حال ٻيو هنن کي ٺل تي
انعام ڏئي، نه ته وڃن ٿا ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ.
سو ان ڳالهه کي مدنظر رکي بين الاقوامي طرح اهو قاعدو ٺاهيو ويو
آهي ته بچائڻ واري کي انعام تڏهن ملندو جڏهن هو
ڪاميابيءَ سان بچائي ايندو. پوءِ سڄو جهاز ۽ سڀ
سامان ته نه پر ڪجهه حصو پتي انهن مان کيس خرچي
ڪرائي سگهجي ٿي.، يعني جيسين مريض کي تندرستي حاصل
نٿي ٿئي تيسين في ته ڏبي
NO Cure No pay
بهرحال اها خرچي يا چانهه پاڻي به لکن ۾ ٿئي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ته اڌو اڌ سالويج
Salvage
وارن کي ملي ٿي.
مٿئين جملي کان علاوه ڪئپٽن مڪرجي جي زبان تي هڪ ٻيو جملو پڻ
هوندو آهي:
Finders Keepers Loosers Weepers.
جن لڌو سي ڦٻيا جن وڃايو سي رڙيا.
خطري جي حالت ۾ جيڪڏهن خلاصي ۽ ڪئپٽن جهاز ڇڏي
Abandon
ڪري ڇڏين ته ان بعد ان تي جنهن به قبضو ڪيو ته اهو
جهاز ان جو ٿيو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽ ۾ ان
مالڪيءَ جي سلسلي ۾ عجيب نوعيت جا ڪيس اچن ٿا.
جيئن اڄڪلهه هتي هڪ اهڙي جهاز جو مالڪ 25 سالن بعد
ڪيس ڪري رهيو آهي. يا اڄ کان اسي سال کن اڳ ٻڏل
ٽائيٽينڪ جهاز جو ٻڏل سامان سمنڊ جي تري مان ملڻ
تي، جهاز جي مسافرن جا پوٽا پوٽيون ڪيس ڪري رهيون
آهن ته ان مال ۾ کين به حصو ڏنو وڃي.
”توهان جو ڇا خيال آهي ته ٻڏي ويل/ ڇڏي ڏنل شيءِ تي ڪنهن جو حق
آهي. جنهن کي ملي ان جو يا جنهن هڪ وار ان کي ڇڏي
ڏنو، ان کي موٽائي ڏجي.“ ڪنهن شاگرد وڪيل پروفيسر
ڪئپٽن مڪرجي کان پڇيو.
ڪئپٽن مڪرجي کلي چيو، ”آئون ته اهوئي چوندس
Finder Keepers Loosers Weepers. “ ۽ اسان سڀ کلڻ لڳاسين.
منهنجي خيال ۾ ان جملي جو نعم البدل جملو: ”ڪليم ڪوڙو قبضو سچو“
چئي سگهجي ٿو.
ماجرا ڇا آهي
خط استوا
Equator
اهو خيالي ليڪو آهي جو هن ڌرتيءَ جي گولي کي، اتر
اڌ گول
Northern Hemisphere
۽ ڏکڻ اڌ گول
Southern Hemisphere ورهائي ٿو.
اهي ملڪ جيڪي خط استوا تي يا ان جي ويجهو ويجهو آهن انهن تي سج
جا ڪرڻا سڌا پون ٿا. اونهاري توڙي سياري ۾ سخت
گرمي ٿئي ٿي. انهن ملڪن ۾ ٻارهوئي ڏينهن رات هڪ
جيڏا ٿين ٿا. سج اڀرڻ سان تکي روشني ٿي ويندي آهي
۽ لهڻ شرط اونداهه ڪانڀار، پرهه ڦٽي، باک ڦٽڻ يا
سج لهڻ بعد شفق جي لالائي ۽ منهن اونداهي جهڙيون
شيون ٿين ئي ڪونه. ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور،
ڪينيا، زائر، اڪيڊار ۽ ڪولمبيا وغيره جي اها موسم
۽ ڏينهن رات جو حساب ان ريت آهي.
جيئن جيئن خط استواکان پري اتر ڏي يا ڏکڻ ڏي وڃبو ته اونهاري ۾
ڏينهن ويندا وڏا ٿيندا راتيون ننڍيون ٿينديون
وينديون. تان جو اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب ۾ هڪ هيڪاندو
وڏو ته ٻي بنهه ننڍي نه برابر. مثال طور اونهاري ۾
اتر قطب جي ويجهو ملڪ ۾ ڏينهن ذري گهٽ چوويهه
ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ رات نه برابر. بلڪه لڳندو ائين
ئي ته يڪو ڏينهن ئي ڏينهن لڳو پيو آهي ۽ سياري جو
مهينو کن وري يڪي رات (اونداهه) پئي هلندي آهي.
پاڪستان خط استوا کان ڪو تمام گهڻو پري ناهي پر تڏهن به ايترو
آهي جو اونهاري ۾ ڏينهن چوڏهن ڪلاڪن جو وڃيو ٿئي ۽
رات ڏهن ڪلاڪن کن جي. ڪجهه مٿڀرو اتر ۾ يعني
افغانستان، تاجڪستان، ازبڪستان، ڪزاخستان ۽ ترڪي
يونان بلغاريه ڏي هلبو ته ڏينهن رات ۾ اڃا به وڏو
فرق ايندو ۽ موسم ويندي ٿڌي ٿيندي. هي ملڪ سئيڊن،
جتان هي مضمون لکي رهيو آهيان خط استوا کان تمام
گهڻو پري اتر ۾ آهي. بلڪه ائين سمجهڻ کپي ته آخري
اسٽاپ آهي. ان بعد اتر قطب- دنيا جي چوٽي اچي ٿي
جتي ٻارهوئي برف لڳي پئي آهي. هتي سئيڊن ۾ ڏينهن
رات جو تمام وڏو فرق آهي. اڄڪلهه وچ اونهارو آهي ۽
ڏينهن ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾
سوا ستين بجي ڌارين لهندو هوندو ۽ ماڻهو رات جي
ماني اٺين تائين کائيندا هوندا. هتي به رات جي
ماني ائين ئي نائين بجي ڌاري کائون ٿا پر سج لهڻ
جو نالو نه وٺندو آهي. ٻئي ڏينهن ملڪل نه هوندي
آهي ته دريءَ تي ٿلها پردا ڏئي خيالي رات جو سوچي
سمهي رهندا آهيون. پر ٻيو ڏينهن جي موڪل جو هوندو
آهي ته ماني بعد وري والي بال يا فٽ بال راند لاءِ
نڪري ويندا آهيون. ڏهين يارهين موٽڻ تي به روشني
هوندي آهي. ڇو جو اڄڪلهه هتي سج رات جو يارهين سوا
يارهين لهي ٿو. سانجهي نماز بعد به ڪافي روشني
هوندي آهي. جيتوڻيڪ سج لهي چڪو هوندو آهي. ٻارهين
هڪ بجي ڌاري تارا ڪتيون ٽيڙو آسمان تي نظر ايندا
آهن پر سگهوئي ڪلاڪ اندر سڀ غائب ٿي ويندا آهن ۽
صبح جو ٻي بجي تائين سج اڀري ايندو آهي.يعني سمهڻي
نماز جو وقت هڪ وڳو ته فجر جو پوڻا ٻه هوندو آهي.
هتي رهندڙ مسلمانن جو صحيح طرح امتحان هوندو آهي
جن کي ڪلاڪ به سمهڻ بعد فجر لاءِ اٿڻو پوي ٿو ۽
انهن لاءِ فجر ائين آهي جيئن تهجد.
سو هتي سئيڊن ۾ اڄڪلهه اونهارو آهي. سج يارهين کانپوءِ لهندو
آهي. اوندهه ٻارهين بجي ڌاري ٿيندي آهي. سج ٻين
بجي ڌاري اڀري پر ان کان اڳ ئي روشني ٿي ويندي
آهي. يعني صحيح معنيَ ۾ اونداهه ڪانڀار ڪا ڪلاڪ اڌ
مس ٿي ٿئي. آئون ڪوشش ڪري ڏهين بجي سمهي رهندو
آهيان. جلدي اک کلڻ تي، بنا واچ ڏسڻ جي، سمجهه ۾
نه ايندو آهي ته آيا رات جا يارهن کن ٿيا آهن ۽ سج
اڃا غروب ئي نه ٿيو آهي يا صبح جا ٽي ٿي ويا ۽ سج
اڀري به چڪو آهي. ڇو جو ٽين چئين بجي ڌاري سج ڪافي
مٿي چڙهي ايندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ ڏينهن جا
ڏهه يارهن ٿي ويا آهن. پر چوڌاري ماٺ، دڪان بند ۽
رستا سنسان ڏسي وري سمهي رهندو آهيان. هنن ملڪن ۾
ماڻهو سج اڀرڻ لهڻ تي نه پر واچ ۾ ٽائيم ڏسي هر ڪم
ڪن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته خط استوائي ملڪن مان- يا ويندي اسان
جي ملڪ مان ڪنهن ماڻهوءَ جون اکيون بند ڪري رات جو
ٽين بجي هتي آڻي پوءِ کيس ان وقت بنا گهڙيال ڏسڻ
جي شهر ۾ ڇڏجي ته هوته وائڙو ٿي ويندو ته هن شهر
کي ڇا ٿي ويو آهي جو هيڏو سج اڀري آيو آهي پر ڪو
ماڻهو ڇيڻو نظر نه پيو اچي. رستي تي لاري موٽر
ناهي. دڪان بند ٿيا پيا آهن ۽ ڪتا ٻلا توڙي پکي
پکڻ اکيون پوري ڇپ هڻيو ويٺا آهن. ماجرا ڇا آهي.
ڏينهن رات جو فرق هجڻ ڪري مجبورن هتي هر ڪم واچ جي ڪانٽن مطابق
ڪرڻو پوي ٿو. اسان جي مرحوم ڏاڏي جيڪا اصولن جي
سخت هئي ۽ سج لهڻ تي ڏيو ٻاري ڪلمو پڙهي اسان کي
مانيءَ تي ويهاريندي هئي ۽ سج لٿي کانپوءِ گهٽيءَ
۾ هرگز کيڏڻ نه ڏيندي هئي. هن جو فرمان هوندو هو
ته سج لهڻ جو جيئن ئي وقت ٿئي گهر موٽو ۽ سانجهي
نماز کانپوءِ يڪدم ماني کائي سمهي رهو. هن کي واچ
جا ڪانٽا ۽ انگ سمجهه ۾ نه ايندا هئا پر ڏينهن جو
سج جي ۽ رات جو تارن جي چرپر مان صحيح وقت جو
اندازو لڳائي وٺندي هئي. مرحومه جي هتي هجي ها ته
ڪڏهن فائدي ۾ ڪڏهن نقصان ۾ هجون ها. اونهاري ۾
راند لاءِ سو وقت ئي وقت هجي ها. پر ماني ضرور دير
سان ملي ها جو جيسين سج لهي ۽ رات جو ٻه ڪلاڪ کن
مس سمهون ها ته فجر لاءِ اٿاري ها. اها ٻي ڳالهه
آهي ته سياري ۾ سمهڻ لاءِ ڪافي ملي ها جو سيارو
ٿيڻ سان ڏينهن تکو تکو سسڻ لڳي ٿو ۽ رات انگهي
انگهي ٻاويهه ڪلاڪن جي ٿيو پوي.
سيارو ۽ خودڪشي
اڃا به سئيڊن جا شهر مالمو ۽ اسٽا ڪهوم ايترو اتر ۾ نه آهن
جيترو سنڊوال
(Sundsvall)
يا ترنابي
(Tarnaby)
آهن. ڪرونا
(Kiruna)
يا ڪاريسئاڊو شهر ته بنهه اتر ۾ آرڪٽڪ سرڪل کان به
گهڻو مٿي ستر کن ڊگرين تي آهن. انهن شهرن ۾
اونهاري جو مهينو ٻه، ته ڏينهن ئي ڏينهن لڳو پيو
هوندو آهي رات ڪا نالي ماتر ٿئي. (ڪرونا کان آيل
هڪ پاڪستاني رمضان مهيني لاءِ دانهون ڪري رهيو هو
ته اونهاري ۾ڏينهن ٽيويهه ڪلاڪن جو ٿيڻ ڪري هن کي
وڏا روزا رکڻا پيا هئا) چي: ”الله تعاليَ کي روزي
جووقت مقرر ڪرڻ کان اڳ ڪرونا جي ماڻهن جو سوچڻ کپي
ها.“
هو اڄڪلهه اسان واري شهر مالمو ۾ رهي ٿو جتي وري به ڪجهه ننڍو
روزو ٿئي ٿو. بهرحال رمضان جو مهينو ڦرندو رهي ٿو.
اونهاري ۾ جي ڏينهن وڏا ٿا ٿين ته ڪجهه سالن بعد
سياري ۾ جڏهن ٿئي ٿو ته پوءِ تمام ننڍا روزا ٿين
ٿا. هن پاسي جي ماڻهن کي اهو شڪر ڪرڻ کپي ته
اونهاري ۾ به سخت سيءَ هجڻ ڪري روزي ۾ اها اُڃ نٿي
لڳي جيڪا اسان وٽ سياري ۾ به لڳي ٿي. باقي بک جون
ڪيترائي دانهون ڪن ٿا جو سيءِ ۾ هونءَ به بک لڳي
ٿي.
هنن قطبي ملڪن ۾ اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ۽ چٽي روشني وارو ٿئي ٿو ۽
سياري ۾ ڏينهن ننڍو سو به ڪڪر سان ڀريل هجڻ ڪري
اوندهه انڌوڪار هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو هتي
جي گهرن کي ٻن قسن جا پڙدا ٿين ٿا. هڪ تمام ٿلها
جيڪي اونهاري ۾ ڏئي اوندهه ڪري سمهڻو پوي ٿو ۽ ٻيا
ڄاري
(Lace)
جا سنها جيڪي سياري ۾ ڏنا وڃن ٿا. جيئن پڙدو به
رهي ته ٿوري گهڻي روشني به اچي. اونهاري جي اس ۾
گرمائش کڻي نه هوندي آهي پر برف تي پوڻ ڪري اکين
تي گهڻي روشني لڳي ٿي. ان ڪري اونهاري ۾ هتي هرڪو
ڪوشش ڪري ٻاهر نڪرڻ وقت اس جو چشمو
(Sun Glasses)
پائي ٿو ۽ ان چشمي ۾ اهي شيشا استعمال ڪيا وڃن ٿا
جيڪي سج جا الٽرا وائليٽ
(Ultra Violet)
ڪرڻا واپس ڪن. هونءَ ته پاڪستان ۾ به اس لاءِ اها
عينڪ پائجي جيڪا
(Ultra Violet) ڪرڻن کان بچائي، جو اهي ڪرڻا اکين توڙي جسم لاءِ نقصانڪار آهن.
بهرحال اها ٿي هڪ سائنسي ڳالهه. ان تي هروڀرو گهڻو
سندرو ٻڌڻ ضروري ناهي. خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن جي
ماڻهن کي جيڪي زهر مار دوائن جي ڇڻڪار واري ڀاڄي ۽
ميوو به کايو وڃن. ولائتي ڀاڻ تي پوکيل ڪڻڪ کائين
ٿا. جراثيمن سان ڀرپور پاڻي پيئن ٿا. دونهاٽيل هوا
جو ساهه کڻن ٿا،. سو ظاهر آهي انهن اهم ڳالهين جو
ته خيال نه ڪريون باقي رڳو وتون عينڪن لاءِ
Ultra Violet Protection
وارا شيشا ڳوليندا، عجيب بيوقوفي چئبي.
هتي سئيڊن ۾ سياري جون راتيون نه فقط وڏيون پر اونداهيون ۽
ٿڌيون ٿين ٿيون. ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهو ڪنهن غار
۾ پيو آهي. اونداهه ڪري گهٽيءَ ۾ ٻار ٻچو به نظر
نه ايندو آهي. اونهاري ۾ رات جو دير دير تائين سج
جي هجڻ ڪري ٻارن جو گوڙ گهمسان لڳو رهي ٿو ۽
مائرون کين شام جو اٺين کان وٺي ڇڪڻ شروع ڪنديون
آهن ته هلي ماني کائي سمهو جو ٻئي ڏينهن اسڪول
لاءِ اٿڻو اٿوَ، پر ڪيترا ٻار رات جا يارهن ڪريو
ڇڏين. جيسين سج غروب ٿي وڃي.
سياري ۾ ڪيترن کي ڊپريشن به ٿئي ٿي. خاص ڪري عورتن کي. هتي جي
يورپين جو پوءِ گهڻو زور شراب تي هوندو آهي. ٽي وي
وارا ڪوشش ڪري سياري ۾ ٽي وي تي سٺا پروگرام ڏيندا
آهن جيئن ماڻهو- خاص ڪري اڪيلا، گهرن ۾ سوچي سوچي
مايوسيءَ جو شڪار ٿيڻ بدران پاڻ کي ٽي وي ڏسڻ ۾
مشغول رکن. اونداهي، سيءَ ۽ ڊگهيون راتيون
مايوسيءَ جون سبب آهن يا نه پر اها حقيقت آهي ته
هتي سئيڊن ۾ خودڪشيءَ جا گهڻا واقعا سياري ۾ ٿين
ٿا.
ٿرماميٽر ڏسڻ بنا گهران نه نڪرجي
سئيڊن ۾ 19 جون تي مڊسمر هاليڊي ٿئي ٿو. اها موڪل وچ اونهاري جي
موڪل سڏبي آهي. سئيڊن جو اونهارو ڇا ٿيندو آهي؟ بس
ائين سمجهو ته ٻه چار هفتا سيءَ ڪجهه گهٽبو آهي ۽
ڪڏهن ڪڏهن سج نڪرندو آهي. اهي ٻه ٽي هفتا ڪوٽن
سئيٽرن مان جان ڇٽندي آهي- سو به فقط منجهند ڌاري،
صبح جو ۽ رات جو پنهنجي سياري واري سردي هوندي
آهي. نالي ماتر ان اونهاري جي ٻن ٽن هفتن ۾ به ڪو
ڪو سڄو ڏينهن جهڙ ۽ سيءُ پڻ ٿي ويندو آهي ۽ هڪ
دفعو وري ٿلهن اوور ڪوٽن ۽ سوڙين جهڙين جئڪيٽن جي
ضرورت پوندي آهي.
هن دفعي ٻه چار ڏينهن لڳاتار اس نڪرڻ ۽ سيءُ گهٽجڻ تي اسان
سمجهيو ته هاڻ ڪوٽ سئيٽرن جي ضرورت نه پوندي- يعني
گهٽ ۾ گهٽ اونهاري جا هي ٻه ٽي هفتا، پر ڇنڇر آچر
هاسٽل اندر ئي موڪل گذارڻ بعد سومر ڏينهن ڪو سيءَ
ٿي پيو، جنهن جو اندازو گرم هاسٽل ۾ اندر ويهي نه
لڳائي سگهيس. يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ کان
اڳ، نيرن تي هاسٽل ميس ۾ ڪئپٽن عاشق ۽ چيف انجنيئر
حميد قاضيءَ کي ٽائي ڪوٽ ۾ڏسي پڇيومان:
”ابا خير ته آهي. طبيعت صحيح ناهي ڇا؟“
”ڇو ڀلا؟“ جواب بدران هنن سوال ڪيو.
”اڄ ڪوٽ پائي پيا وڃو؟“ مون پڇيو مان ۽ هو ويچارا ان جو صحيح
جواب ڏين ته ”موسم جي تازي رپورٽ موجب اڄ ٻاهر
سيءُ آهي.“ ان کان اڳ مون ٽوڪيو مان:
”ڪو سيمينار يا نوڪريءَ لاءِ انٽرويو آهي ڇا؟“ ۽ اهو چئي کانئن
پري خالي ٽيبل تي نيرن وڃي ڪيم.
ميس ۾ نيرن تي اچڻ مهل، يونيورسٽي وڃڻ لاءِ ڪتابن جو ٿيلهو يا
بريف ڪيس کڻي ايندا آهيون جيئن نيرن بعد وري ڪمري
۾ اچڻ بدران اتان ئي يونيورسٽي هليا وڃون. سو ان
ڏينهن نيرن بعد جهڙو هاسٽل کان ٻاهر نڪتس ته ٿڌين
هوائن پنهنجو اثر ڏيکاريو. پر هاسٽل کان ايترو پري
۽ بس اسٽاپ جي ايترو ويجهو اچي پهتو هوس جو هاسٽل
ڏي موٽي گرم ڪپڙا پائڻ لاءِ فيصلو نه ڪري سگهيس.
پٺيان پٺيان علوي پئي آيو. اهو به ڪوٽ مفلر ۾ هو.
کيس چيم:
”يار اڄ ڏاڍو ڪچو ڪم ڪيو اٿم. هتي جي موسم جي نخري جو ته سوچيو
ئي نه هوم.“
”اڪثر ائين ٿيندو آهي،“ علوي چيو، ”موڪل وارن ڏينهن بعد موسم کي
ڌيان ۾ رکڻ وسري ويندو آهي. هتي يورپ ۾ هر وقت
موسم کي ڌيان ۾ رکجي ته هن وقت ٻاهر ڪيترو سيءُ
آهي ۽ هوا جي ڇا رفتار آهي ۽ مينهن پوڻ جا آثار
آهن يا نه.“
آئون ٻڏتر ۾ بس اسٽاپ ڏي وڌندو رهيس. سمجهه ۾ نه آيو ته گرم
ڪپڙن لاءِ هاسٽل موٽي وڃان يا سيءَ ۾ائين ئي ڏڪندو
ڏڪندو يونيورسٽي پهچان. اهو ضروري آهي ته هاسٽل يا
يونيورسٽي جي بلڊنگ- توڙي هتي جون آفيسون،دڪان،
بسون، ريل گاڏيون ايترو ته گرم رهن ٿيون جو اندر
ڀلي چڍي ۽ گنجي ۾ پيو هل پر ٻاهر جي سيءِ جي خبر
نٿي پوي پر اڄ جيڪو سيءَ هو اهو ڪو سياري جهڙو
سخت، زيرو ڊگرين کان به ڪو هيٺ نه هو ته به چڱو
خاصو هو. بلڪ سيءَ لاءِ ته اهوئي چيو ويندو آهي ته
سيءَ جو مدار توهان جي ڪپڙن تي آهي. ڀلي ڪيڏو به
سخت سيءَ هجي پر جي توهان پنهنجي جسم کي چڱي طرح
گرم ڪپڙن سان ڍڪي هلندؤ ته توهان کي گرمي محسوس
ٿيندي. پر جي جسم تي پورا پنا ڪپڙا نه آهن ته ٿورو
سيءَ به گهڻو آهي جيئن ان ڏينهن مونسان ٿي رهيو
هو.
الله الله ڪري بس اسٽاپ تي پهتس ۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس.
يونيورسٽي جلدي پهچڻ کان وڌيڪ سيءَ کان نجات حاصل
ڪرڻ لاءِ اڄ بس جو انتظار هوم. چوڌاري نظر ڊوڙايم
ته ويندي هتي جا رهاڪو جيڪي ٻه چار ڏينهن اڳ قميصن
۽ بشرٽن ۾ نظر اچي رهيا هئا سي ڪوٽن سئيٽرن ۾ ڍڪيل
هئا. اسان جهڙن ڌارين کي ته هونءَ به سيءَ گهڻو ٿو
لڳي ۽ مڪاني ماڻهن کان هڪ اڌ وڌيڪ ئي آٿر پاڻ تي
چاڙهيندا آهيون پر اڄ ته مڪاني ماڻهو به ڪوٽ پائي
پئي هليا. هڪڙو آئون چرين وانگر بنا ڪوٽ سئيٽر جي
فقط قميص ۾ ڪن ڪڍيو بيٺو هوس، ايتري ۾ بس آئي ۽ سڀ
کان اڳ آئون اندر گهڙي ويس ۽ شڪر ڪيم ته هاسٽل کان
بس تائين جي اڌ منزل تي پوري ٿي باقي هاڻ
يونيورسٽي بس اسٽاپ کان يونيورسٽيءَ جي عمارت
تائين جو فرلانگ ٻه کن پنڌ. علويءَ کي چيم: ”بس اڄ
رڳو خير سان شام جو گهر پهچان. باقي آئيندي مجال
آهي جو بنا ٿرماميٽر ڏسڻ يا ٽي وي تان
Weather Report
ٻڌڻ جي ٻاهر نڪران.“ بهرحال يونيورسٽيءَ کان شام
جو موٽندي خير هو جو منجهند تائين آسمان ڪڪرن کان
خالي ٿي ويو ۽ سج ڌرتيءَ کي چڱي تپش ڏني ۽ صبح
وارو سيارو اونهاري ۾ بدلجي چڪو هو.
سو ان قسم جي مهيني کن جي اونهاري جو اڌ 19 جون تي ٿيندو آهي.
اهو ڏينهن موڪل ٿيندو آهي ۽ هتي جا ماڻهو مائٽن،
مٽن، دوستن سان گڏ گهڻو ڪري پڪنڪ يا پارٽيون
ملهائيندا آهن. هفتو کن اڳ ذوالحج جي عيد ٿي هئي
سو هن موڪل مان فائدو وٺندي پاڪستان ايسوسيئيشن
وارن ”عيد ملن پارٽي“ به هن تاريخ يعني 19 جون تي
رکي. ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري سرتاج ان قسم جي لکت
۾ دعوت ٻه چار ڏينهن اڳ ڏئي ويو هو. گذريل عيد
واري دعوت ۾ آئون وڃي نه سگهيو هوس پر هن ڀيري،
مسعود پنهنجي ڪار ۾ هتي رهندڙ پاڪستاني شاگردن کي
وٺڻ لاءِ آيو ته آئون به ساڻن روانو ٿيس. مسعود
هتي جي چند پڙهيل ڳڙهيل پاڪستانين مان هڪ آهي ۽
شهر ۾ ٻه دڪان اٿس. پاڻ هتي ويهن سالن کان رهي ٿو
۽ سندس زال سئيڊس آهي.
پنجابي ضرور سکي وينداسين
سئيڊن جي هن شهر مالمو جي ميونسپالٽي جي قبضي ۾ ڪجهه گهر آهن،
جيڪي هوءَ مسواڙ تي ههڙن ملاقاتن ۽ شادين مرادين
لاءِ ڏيندي آهي. جاگير سرو روڊ تي اهڙي ئي هڪڙي
گهر ۾ شام جو چئين بجي گڏجاڻي رکي وئي هئي.جتي
گذريل عيد جي ملاقات پڻ ٿي هئي.
اسان کي مسعود چئين بجاءِ پنجين وٺڻ آيو پر اتي ساڍين پنجين
پهچڻ تي به اڃا ’ڪڪڙوتو‘ لڳي پئي هئي. پوءِ آهستي
آهستي سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني اچڻ شروع
ٿيا ته ايندا ئي رهيا. نائين بجي ڌاري ماني ٿي ۽
ان بعد ڏهين بجي ڌاري جڏهن وڃڻ لڳاسين ته انوقت به
ڪي اچي رهيا هئا ۽ ايسوسيئيشن جا مڙيئي عهديدار
سندن مانيءَ جي بندوبست لاءِ ڀڄ ڊڪ ۾ آخر تائين
لڳا رهيا. وقت تي نه اچڻ هونءَ ته اسان پاڪستانين
لاءِ ڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه ناهي پر ههڙي ملڪ ۾
جتي ٻيون شيون ته ٺهيو پر سرڪاري بس به جيڪڏهن هڪ
منٽ دير ڪري ٿي ته عجب جهڙي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي،
اتي چئين بجي اچڻ بدران اٺين نائين اڃا به ڏهين
اچڻ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. وقت جي پابندي ته
اڄڪلهه محرابپور ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ ٿيندڙ دعوتن ۾
به ڪافي حد تائين قائم رکي وڃي ٿي. هي ته يورپ جي
سڌريل ملڪ سئيڊن جو مثالي شهر مالمو آهي!
جتي اسان اچي ويٺاسين اهو انگريزي اکر ’ايل‘ جي شڪل جو وڏو حال
هو، ساڳئي هال ۾ مردن لاءِ الڳ ته عورتن لاءِ الڳ
ويهڻ جو بندوبست هو. اسان جي پهچڻ سان ايسوسيئيشن
جو سيڪريٽري سرتاج حسين، صدر عابد محمود ۽ ميمبرن
مان محمد شبير آيل هئا ۽ پوءِ جيئن جيئن مهمان
ايندا ويا- جن ۾ ميمبرن جو تعداد گهٽ سندن ٻارن جو
وڌيڪ هو، تيئن تيئن گوڙ وڌندو ويو. ٻارن جون ٻاهر
ڇٻر تي پهرين ڊوڙون هيون ۽ پوءِ دانهون ڪوڪون،
پوءِ جهيڙا جهٽا ۽ پوءِ ٻارن جي فيصلن لاءِ مائرن
پيئرن وٽ اندر ڊوڙ ڊڪ هئي. فلاڻو هيئن ٿو مون کي
چوي. فلاڻو منهنجي هيءَ شيءِ کڻي ويو آهي. پهرين
هن مون کي ڌڪ هنيو ان بعد مون ڀتر هنيومانس. وغيره
وغيره. بس وڏن ٻارن جون ڊوڙون ۽ دانهون هيون ته ٿڃ
تي آيل ٻارن جو روڄ رانڀاٽ هو. بقول هڪ عام جائزي
جي ايشيا جي ملڪن۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جا
ماڻهو وڏن جي دعوت ۾ ٻارن کي به پاڻ سان وٺيو هلن
ٿا. پر پاڪستانين جو به ڏوهه ناهي. ڪنهن وٽ ننڍا
ٻار ڇڏين؟ماءُ، پيءُ، سس، سهرو، پڦيون، ماسيون
ڳوٺن ۾ هتان کان هزارين ميل ڏور. آخر هو ڪن سو ڪن
ڇا. ۽ پوءِ آهستي آهستي (شايد ٿڪاوٽ ڪري) ٻارن جي
ڊوڙڻ ۽ انهن ۾ ڪجهه ڪجهه ڍرائي ايندي وئي ۽ هاڻ
ڊوڙڻ، ڀتر هڻن ۽ دانهون ڪرڻ بدران سٺو مارو
پاڻيءَجي ڪولر ۽ ڪاڪوس تي شروع ٿي ويو. هر ٻار
پهرين ۽ ذري ذري پاڻي پيئڻ چاهيو ٿي. ڪوڪا ڪولا ۽
سيون اپ جو دٻو هتي بيئر کان به مهنگو آهي ۽
ڪوڪاڪولا جي وڏي بوتل جيڪا پاڻ وٽ پاڪستان ۾
ٻارهين رپئي ملي ٿي سا هتي سئيڊن ۾ ويهين ڪروني-
يعني اسي رپئي ملي ٿي. ههڙي مهنگي ملڪ ۾ ڪوڪا ڪولا
جهڙو شربت اميرن جي دعوتن ۾ئي نظر اچي ٿو. پر اهو
به سٺو جو ممنون ۽ مسعود جهڙن دورانديش ماڻهن هڪ
وڏو شاهي ڪولر پاڻيءَ سان ڀري اچي رکيو هو جنهن جي
چوڌاري ٻارن جو گهيرو هو يا وري هن بلڊنگ جي اڪيلي
ڪاڪوس اڳيان قطار ۾، ٻار هنگڻ، مٽڻ يا الٽيون ڪرڻ
۾ پورا هئا ته سندن مائرون وري کين مارڻ ڪٽڻ يا
نئپيون بدلائڻ ۾ بزم بزي هيون. پر سرسري طور سڀ
خوش هئا جو سڄو وقت آفيس يا پاڙي وارن سان سئيڊش
زبان ڳالهائڻ بدران اڄ کين اڙدو يا پنجابيءَ ۾
گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو هو.
هتي رهندڙ پاڪستانين جو اسي سيڪڙو پنجاب پاسي جو آهي ۽ جيئن
لاهور ۾ پنجابي عام ڳالهائي وڃي ٿي تيئن هتي به
گهڻو پنجابي هلي ٿي ۽ پنجاب پاسي وارا هي مئجارٽي
۾ همراهه ڪراچيءَ جي اڙدو ڳالهائيندڙن توڙي مون
سان رکي رکي پنجابي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. قاضيءَ کي
چيم ته سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ بعد هتي جي زبان سئيڊش
اچي يا نه پر پنجابي ضرور سکي وينداسين. |